Pages

Thursday, 19 May 2016

آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ

 صاحب خان ڀٽي
 دنيا ۾ هر هڪ ملڪ پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ڏينهون حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن، هر ملڪ جي اها ئي خواهش رهي آهي ته اهو ٻين ملڪن جي ڀيٽ وڌيڪ طاقتور هجي ۽ وٽس اهڙا ته خطرناڪ هٿيارهجن جو ان سان مقابلو ڪرڻ کان اڳ هزار  بار سوچيو وڃي، اهڙن ملڪن ۾ آمريڪا، چين،  جاپان ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن، جيڪي ڏينهن رات خطرناڪ هٿيار ٺاهڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، جن جا تابڪاري اثر اسان جي ماحول تي به پئجي رهيا آهن،  تنهن باوجود گڏيل قومون  به خاموشي تماشائي بڻيل آهن. جڏهن  آمريڪا ۾ نائن اليون جو سانحو پيش آيو هو ته ان وقت لڳ ڀڳ 3 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿي پيا هئا، جن جا ڪيس آمريڪا جي  مختلف عدالتن ۾ هلي رهيا آهن. جن بابت ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته آمريڪي ڪانگريس ۾ 20 صفحن تي ٻڌل هڪ بل پيش ڪيو ويو آهي،  جيڪڏهن اهو بل پاس ٿي ويو ته پوءِ سعودي عرب خلاف به جاچ شروع ڪئي ويندي، جنهن تي سعودي عرب کي پڻ ڳڻتي آهي. سعودي عرب کي پڻ اهو خدشو آهي ته جيڪڏهن سندس خلاف جاچ ٿي ته  کيس زميوار قرار ڏئي ڪارروائي ڪئي وئي ويندي، جنهن جا عرب ملڪن تي به تمام گهڻا خراب اثر پوندا ۽ سعودي عرب جا عرب ملڪن سان گڏ ٻين مسلمان ملڪن سان به لاڳاپا خراب ٿي ويندا. ڪانگريس ۾ جيڪو 20 صفحن تي ٻڌل بل پيش ڪيو  ويو آهي، جيڪڏهن اهو سينيٽ مان پاس ٿي وڃي ٿو پوءِ سعودي عرب کي جاچ ۽ ڪارروائي کان ڪو به بچائي نٿو سگهي. جيتوڻيڪ سعودي عرب آمريڪا کي ان معاملي تي ڌمڪي به ڏني آهي پر  لڳي نٿو ته  ان ڌمڪي جو ڪو اثر آمريڪا تي پوندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما  به بل جي حمايت ۾ نه آهي ۽ نه ئي سندس اهڙي ڪا خواهش آهي ته سعودي عرب کي نائن اليون واقعي ۾ ملوث قرار ڏنو وڃي، جنهن جو اندازو آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي سعودي عرب جي ويجهڙائي وارن دورن مان به لڳائي سگهجي ٿو. پرڏيهي ميڊيا به ان ڳالهه تان پردو کڻي چڪي  آهي ته آمريڪي صدر جي ويجهڙائي ۾ ٿيل  سعودي عرب جي دورن دوران آڌر ڀاءُ  بهتر نموني نه ڪيو ويو ۽ نه  ئي سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز يا ڪيو ٻيو وڏو عهديدار  آمريڪي صدر جو استقبال ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ پهتو. جنهن مان اهو ظاهر ٿيو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڪي اختلاف  ضرور پيدا ٿيل آهن، جنهن سبب ٻنهي ملڪن ۾ ڏينهون ڏينهن ويڇا وڍندا پيا وڃن. جيتوڻيڪ  سعودي عرب نائن اليون سانحي جي جاچ کان بچڻ لاءِ آمريڪا ۾ موجود سعودي اثاثا وڪڻڻ جي ڌمڪي به ڏئي ڇڏي آهي پر ان جو به ڪو آمريڪا تي اثر نه پئجي سگهيو آهي.  سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير به آمريڪي دوري دوران آمريڪي عملدارن کي اهو واضع پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب کي ڪجهه به اڻ وڻندڙ محسوس ٿيو پوءِ سعودي عرب آمريڪا ۾ پنهنجا اثاثا منجمند ڪري ڇڏيندو.  سينير تجزيانگارن جو خيال آهي ته  سعودي عرب  جيڪڏهن ڪيو ته سندس معيشت به ويهجي ويندي ۽ کيس تمام گهڻو نقصان ٿيندو.  جنهن مان لڳي پيو ته سعودي عرب ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا اثاثا منجمند نه ڪندو ۽ اهڙا بيان صرف آمريڪا کي ڌمڪي طور ڏنا پيا وڃن.  جيتوڻيڪ آمريڪي صدر بارڪ اوباما  ڪانگريس جي ڊيموڪريٽڪ  ۽ ريپبلڪن ميمبرن  کي سعودي عرب  خلاف ڪنهن به قانون سازي کان روڪڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچي رهيو آهي پر ان باوجود لڳي نٿو ته آمريڪي صدر  سعودي عرب کي ڪنهن جاچ کان بچائي  سگهندو ، ڇاڪاڻ ته نائن اليون جي جاچ ڪميشن رپوٽ ۾ سعودي عرب جي اهڙن اعليٰ عملدارن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،  جيڪي  ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي وقت  آمريڪا ۾ موجود هئا، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما  جيڪڏهن سعودي عرب خلاف قانونسازي کان بچائڻ جي ڪوشش به ڪندو ته انهن کي بچائي نه سگهندو. هر طرف اهي  ڳالهيون هلي رهيون آهن ته سعودي عرب آمريڪي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ ايندو پر جيڪڏهن ايئين ٿيو ته سعودي عرب سان گڏ پاڪستان خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته رضوان فاروق ۽ تشفين ملڪ جو به تعلق پاڪستان سان آهي ۽ پاڪستان خلاف به آمريڪي عدالتن ۾ ٻڌڻيون ٿينديون، ايتري قدر جو آمريڪا خلاف به سندس ملڪ جي ئي  عدالتن ۾ ڪيس هلندا ڇاڪاڻ ته  افغانستان تي حملو گڏيل قومن جي حمايت کان پوءِ ڪيو ويو هو پر عراق  تي جنهن ريت آمريڪا حملو ڪيو  ان  تي گڏيل قومن طرفان به افسوس جو اظهار ڪيو ويو هو،  هاڻ جڏهن اهو صفحن تي ٻڌل بل پيش ٿئي ٿو ۽ ان کي منظور ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ سعودي عرب سان گڏ آمريڪا  خلاف قانونسازي ٿيڻ جو امڪان وڌي ويندو.  19 اپريل 2016ع ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا جي ڪنهن حڪومت کي  ٻين ملڪن خلاف قانونسازي  جو موقعو مليو ته پوءِ ٻين ملڪن کي به اهڙو موقعو ڏيڻو پوندو ته جئين اهي به آمريڪا خلاف قانونسازي ڪري سگهن. اهڙي بيان بعد 2016ع ۾ آمريڪي صدر شاهه سلمان بن عبدالعزيز  سان به ملاقات ڪئي هئي جنهن بابت ڪا خاص وضاحت جاري نه ڪئي وئي هئي، پر پرڏيهي ميڊيا ۾ ان بابت تمام گهڻو بحث ٿي رهيو هو.  پرڏيهي ميڊيا تي اهي خبرون هيون ته سعودي عرب ۽  آمريڪا وچ ۾ 70 ورهين وارن پراڻن لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌندي پئي وڃي،  جيڪي مشڪل سان ختم ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي به ڪاغذ ظاهر ڪيا ويا هئا ان ۾ سعودي عرب جي ناليواري شخصتن جا نالا به  شامل هئا. جيڪڏهن  سعودي عرب خلاف ڪانگريس ۾ پيش ڪيل 20 صفحن تي مشمل بل سينيٽ ۾ پاس ٿي وڃي ٿو ته پوءِ  نائن اليون سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن کي  سعودي عرب خلاف ڪيس هلائڻ جو مڪمل حق ڏنو ويندو جنهن سان سعودي عرب جي معيار کي تمام گهڻو ڌچڪو پهچندو. جيتوڻيڪ سعودي عرب پاڻ خلاف ٿيندڙ ڪارروائي جي صورت ۾ پنهنجا اثاثا منجمند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي پر ان باوجود لڳي نه پيو ته  اهڙي ڪنهن ڌمڪي جو آمريڪي اختيارين تي ڪو اثر پوندو. ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ چين جي سيڙپڪاري 12.9 ٽريلين آمريڪي ڊالر آهي، چين، 1.3 ٽريلين، جاپان 1.1 ٽريلين ۽  ٻين ملڪن جي سيڙپڪاري 3.8 ٽريلن آهي،  ، جڏهن ته سعودي عرب جو نمبر 13 نمبر تي آهي، جيڪڏهن سعودي عرب سيڙپڪاري ختم به ڪري ڇڏي ٿو ته  پوءِ به ان جا آمريڪا تي ڪي به ناڪاري اثر نه پئجي سگهندا ۽ نه ئي آمريڪا جي معيشيت کي ڪو ڌڪ رسندو، پر بل جي منظوري بعد سعودي خلاف قانسازي جو اختيار ضرور ملي ويندو ۽  سعودي عرب کي آمريڪي عدالتن ۾ پيش ٿيڻو پوندو.  1990ع   ۾ آمريڪي اڳوڻي صدر سينيئر جارج بش پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته  اها ڳالهه واضع آهي ته سعودي عرب جي خودمختياري آمريڪا جي مفاد ۾ آهي. جنهن لاءِ آمريڪا کي  سعودي عرب سان بهتر لاڳاپا قائم رکڻ گهرجن.  29 جنوري 2010ع ۾ به آمريڪا ۽ سعودي عرب  جي  بادشاهه شاهه سلمان بن  عبدالعزيز ۽ اڳواڻن ۾ ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما  انهن کي تاريخي اسٽريٽجڪ لاڳاپا قرار ڏنو هو.  هاڻ جڏهن آمريڪا ۽  سعودي عرب وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي پئي وڃي  ته اهو خدشو ظاهر ڪيو  پيو وڃي ته جيڪڏهن ته ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي ته ان جا خراب اثر سڄي دنيا تي پئجي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته آمريڪي ڪانگريس ۾ 20 صفحن تي مشتمل جيڪو بل پيش ڪيو ويو آهي ،  اهو صرف ان بنياد تي پيش ڪيو ويو آهي ته جيڪي به ماڻهو نائن اليون ۾ ملوث هئا انهن مان ڪجهه ماڻهن جو تعلق سعودي عرب سان آهي،  جيڪڏهن آمريڪا ان شڪ جي بنياد تي سعودي عرب خلاف ڪارروائي ڪئي ته پوءِ  آمريڪا جا به ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جن افغانستان، عراق، شام ۽ ٻين ملڪن ۾ انساني ڀڃڪڙين وارا ڪم ڪيا آهن، جن خلاف به ڪارروائي ڪرڻ جو انهن ملڪن کي به حق  ملي ويندو ۽ انهن ملڪن جي عدالتن کي به ايترو اختيار ڏنو  ويندو ته جيڪي به  آمريڪي شهري اسلامي ملڪن ۾ قتل عام ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ  ڏني وڃي ته جئين ٻٽي معيار جو تصور پيدا نه ٿئي. تجزيا نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن سعودي خلاف آمريڪا ڪو به قدم کنيو ته پوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي، جنهن کي گهٽائڻ آمريڪا جي وس ۾ نه هوندو. جئين جئين دنيا  ۾ تبديليون اچي رهيون آهن، تئين تئين  دنيا اندر وڏين طاقتن پنهنجا حڪم مڃرائڻ  تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، هڪ طرف سعودي عرب کي يمن ۽ شامل بحران جو به ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي ته ٻي طرف وري سعودي تي ڪويت جون به حالتون خراب ڪرڻ جو الزام لڳندو  رهيو  آهي پر ان باوجود سعودي عرب  اهڙين خبرن جي ترديد ڪندو رهيو آهي.  هاڻ جڏهن آمريڪا ۾  نائن اليون  جو بنياد ڄاڻائي سعودي عرب خلاف ڪارروايون جون تياريون ڪيون پيون وڃن  ته لڳي پيو  سعودي عرب ايران سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ ماضي جي سمورين غلطين کي ويساري دوستي جو هٿ وڌائندو، ڇاڪاڻ ته  سعودي عرب ڪنهن به صورت ۾ دنيا اندر اڪيلو نه ٿيڻ چاهيندو، جنهن لاءِ کيس ايران سان دوستي رکڻ لازمي ٿي ويندو. جهڙيون حالتون آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾  پيدا  ٿيون آهن تنهن مان  اهو ثابت آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ضرور وڌندي، پر ان باوجود آمريڪا ڪنهن به صورت ۾ سعودي عرب خلاف  ڪو غلط قدم نه کڻندو، ڇاڪاڻ ته  سعودي عرب عرب ملڪن سان گڏ اسلامي ملڪن جو قلعو به آهي، جنهن سبب آمريڪا اهڙو ڪو به غلط قدم نه کڻندو. باقي رهي ڳالهه نائن اليون جي ته ان  هڪ دفعو ٻيهر سياست ڪئي ويندي ۽ ان جي آڙ ۾ ڪنهن ٻئي مسلم ملڪ تي حملو به ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ماضي جيان هن ڀيري به ڪنهن اسلامي ملڪ کي نائن اليون  جو ذميوار قرار ڏئي ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جئين هاڻ  نائن اليون جي جيڪا  رپورٽ پڌري ڪئي  وئي آهي جنهن ۾ سعودي عرب  جي اعليٰ عملدارن جا نالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن.  هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي  آهي ته جيڪا به ڇڪتاڻ آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ پيدا ٿي آهي، ان کي گهٽائڻ لاءِ سمورن ملڪن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جئين وري هڪ دفعو ٻيهر هڪ ٻيو اسلامي ملڪ آمريڪا جو شڪار نه بڻجي، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب خلاف ته ڪارروائي نه ٿيندي پر ان جا  خراب اثر پاڪستان تي ضرور پوندا.
 sahibalisindhi@gmail.com   

No comments:

Post a Comment