صاحب خان ڀٽي
شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ جڏهن کان جمهوريت قائم ٿي
آهي، تنهن ڏينهن کان سنڌ کي ته ڪنهن نڀاڳي جي نظر لڳي وئي آهي، جنهن سبب نه هتي امن
آهي ۽ نه وري ڪي بنيادي سهولتون عوام کي فراهم ڪيون ويون آهن. شهيد محترمه بينظير
ڀٽو جي شهادت بعد ڪنهن سوچيو به نه هو ته ڪو جمهوريت جو اهڙو به ڪو روپ هوندو آهي
جنهن ۾ نه ته ماڻهن کي حق ڏنا ويندا آهن ۽ نه ئي وري کين احتجاج ڪرڻ جي اجازت
هوندي آهي. اڄ به عوام ماضي جي جمهوري دور کي ياد ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي
عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوري دور ۾ تمام گهڻا خوش
هوندا هئا ۽ ان دور ۾ ئي غريب ماڻهن کي
اٽو، لٽو ۽ اجهو فراهم ڪيو ويندو هو، پر افسوس جو هاڻ جيڪا جمهوري حڪومت قائم ٿي
آهي اها سنڌ جي وارثن کان اٽو، لٽو ۽ اجهو کسي رهي آهي، جنهن جو مثال ڪراچي جي
قديم وسندين کي ڊهرائڻ مان ملي سگهي ٿو. هاڻ به ڪراچي جي قديم سنڌي وسندين جي
زمينن تي صوبائي وزيرن جون اکيون آهن ۽ اهي بلڊر مافيا سان ملي ڪري انهن ڳوٺن کي
ڊهرائڻ لاءِ پوليس جي وڏن آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري سازشون ڪري رهيا آهن، ڪجهه ڳوٺن
جو سودو ته وزيرن ڪري به ڇڏيو آهي، ملير جي ڪافي زمين تي حڪومت ۾ ويٺل وزيرن جو
قبضو آهي ۽ ڪيترائي ايڪڙ ڀڳڙن مٺ عيوض وڪرو ڪئي وئي آهي، جنهن جو انڪشاف ايف آءِ
اي سميت مختلف ادارا ڪندا رهيا آهن. ڪالاباغ ڊيم کان ويندي جيڪي به سنڌ دشمن
منصوبا آهن انهن بابت به صوبائي وزيرن جو ڪو به چٽو موقف هن وقت تائين سامهون نه
اچي سگهيو آهي. 2016-2017ع جي جيڪا نئين مالي سال جي بجيٽ منظور ٿي آهي ان ۾ به هن
جمهوري حڪومت تڪراري رٿا لاءِ پئسا رکي ڇڏيا آهن، جنهن تي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي
ساڃاهه وندن ۾ تاءُ پکڙيل آهي. جيڪڏهن ڪو صوبائي حڪومت خلاف احتجاج لاءِ روڊن تي
اچي ٿو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن مٿان لٺبازي ۽ شيلنگ ڪن ٿا ۽ انهن کي احتجاج
ڪرڻ تي يا ته گوليون هڻي زخمي ڪيو وڃي ٿو يا وري انهن کي جيل ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري هاڻ جڏهن به سنڌ حڪومت ڪو سنڌ دشمن
فيصلو ڪندي آهي ته ڪو به احتجاج ڪرڻ جي جرئت نه ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومتي وزير
قانون کي پنهنجي کيسي کڻي گهمي رهيا آهن ۽ عوام جي حفاظت ڪندڙ عوام دشمن ٿي ويندا
آهن، ڇاڪاڻ ته حڪومت پنهنجو ڀڀ ڀرڻ لاءِ
سنڌ جي عوام مٿان ظلم ڪرڻ کان به نه ڪيٻائي رهي آهي.
سنڌ جا وزير، مشير سنڌ ۾ ڌارين جي
آبادڪاري لاءِ ڏينهن رات پتوڙي رهيا آهن، الائي جي کين اهو ٺيڪو ڪنهن ڏنو آهي جو
انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان نوان منصوبا جوڙيا پيا وڃن ۽ سنڌ جي زمين ڀڳڙن مٺ عيوض
وڪرو ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آمرن جي دور ۾ به سنڌ سان ايترو ظلم نه ٿيو هو،
جيترو هن جمهوريت حڪومت ۾ ٿي رهيو آهي. هڪ ته هن جمهوري حڪومت ۾ سنڌي نوجوانن جا
لاش ملي رهيا آهن ته ٻي طرف وري ڪيترن ئي کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي پر ان
باوجود صوبائي وزير پنهنجي حڪومتي طاقت جي نشي ۾ ڌت نظر اچي رهيا
آهن. جن خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. سنڌ ۾ تعليم، صحت سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ
به حڪومت جي ذميواري آهي پر افسوس جو هن وقت تائين نه ڪو تعليم تي ڌيان ڏنو ويو
آهي ۽ نه وري صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن، صوبائي حڪومت
اسپتالن ۾ سهولتون ته فراهم ته نه ڪري سگهي آهي پر انهن مرڪزن کي اين جي اوز حوالي
ڪري رهندو غريب عوام کي پريشاني ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، جڏهن اسپتالن کي اين جي اوز حوالي
ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو تڏهن اها اميد ڪئي وئي هئي ته اتي سموريون سهولتون فراهم
ڪيون وينديون پر هاڻ اها اميد، صرف اميد ئي رهجي وئي آهي. وڏي وزير سيد قائم علي
شاهه به وڏا اعلان ڪيا، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به
وزيرن کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت به جاري ڪئي هئي، پر ان تي به عمل نه ٿي
سگهيو آهي، صحت کاتي کان ويندي آبپاشي کاتي تائين نظر ڦيرائينداسين ته اتي به اهو
ئي ساڳيو حشر نظر ايندو، هر طرف عوام بس اهي ئي دانهون ڪري رهيو آهي ته کين ڪو به
کاتو سهولتون فراهم نه پيو ڪري، اهو سڀ ان ڪري ئي ٿي رهيو آهي ته سنڌ ۾ رڪارڊ
ڪرپشن ٿي رهي آهي، جنهن جون خبرون ميڊيا تي روزانو نشر ٿي رهيون آهن. ان جو سڀ کان
وڏو سبب اهو به آهي جو صوبائي حڪومت ۾ ويٺل وزير پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪري رهيا
آهن جن کي چوڻ وارو ڪير به نه آهي، سنڌ حڪومت به روزانو هر کاتي جو وزير تبديل ڪري
رهي آهي، جنهن سبب ان کاتي سان لاڳاپيل ماڻهو به تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن، پر الائي
جو وزارتون تبديل ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت کي ڪهڙو فائدو ملندو آهي جو اهڙا فيصلا ڪيا
ويندا آهن. جن سان عوام کي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. شهيد بينظير ڀٽو جي
وڇوڙي کان پوءِ پيپلزپارٽي جي جيڪا به حڪومت
آئي آهي ان ۾ سنڌ کي مڪمل طور نظر انداز
ڪيو ويو آهي. جنهن جو چٽو مثال سنڌ جي علائقن جي کنڊرات ۾ تبديل ٿيل صورتحال مان
لڳائي سگهجي ٿو، سنڌ ۾ روز ڪنهن نه ڪنهن شهر مان اهڙيون خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن،
جن کي ٻڌڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم کان ئي جهڪي وڃي ٿو، پر اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ نه ته ڪنهن قومپرست جماعت طرفان ڪو احتجاج
ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي حڪومت ڪو اهڙن معاملن ڏانهن ڌيان ڏئي رهي آهي،
سنڌ جو ڪو قسمت سان اهو شهر بچيو
هجي، جتي بدامني نه هجي، هر طرف ڦرون، ڌاڙا ۽ ٻيون وارداتون معمول بڻيل آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ماڻهن جن کي به ووٽ
ڏنو آهي ۽ انهن کي ڪامياب ڪري ايوانن تائين پهچايو انهن ئي سندن لاءِ هن وقت تائين
ڪجهه به نه ڪيو آهي.جڏهن مشرف جي حڪومت هئي ته ان وقت ٿورڙي عرصي ۾ ڪراچي جو نقشو
ئي تبديل ڪيو ويو هو، جنهن دوران رڪارڊ ڪم ڪرايا ويا هئا، پر پيپلزپارٽي جي هن
ڊگهي عرصي واري حڪومت ۾ نه ته گادي واري شهر ڪراچي ۾ ڪو ترقياتي ڪم ٿي سگهيو آهي ۽
نه ئي وري سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪي سهولتون
فراهم ڪيون ويون آهن. وفاقي حڪومت توڙي سنڌ جو عوام به اهي ئي دانهون ڪري رهيو آهي
ته هن جمهوري دور ۾ ڪرپشن جي بازار گرم
ڪئي وئي آهي، ڪک پتي ماڻهو لک پتي بڻجي ويا آهن، جن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي،
جڏهن ايف آءِ اي ۽ نيب ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن جي ڳچين ۾ هٿ وڌا ته اهي ٻيڪاٽ ٻڌڻ ۾
اچي رهيا هئا ته وفاق سنڌ تي حملو ڪري رهيو آهي ۽ ساڻن ناانصافي ٿي رهي آهي، هن وقت تئين ايف آءِ اي به ڪيترن ئي ڪرپشن ۾
ملوث ڪامورن کي گرفتار ڪيو آهي پر ان باوجود هن وقت تائين ڪرپشن ۾ ڪا به گهٽتائي
نه ايندي ڏسڻ ۾ نه اچي رهي آهي. سرڪاري اسپتالن جون دوائون خانگي اسٽورن تي وڪرو
ٿي رهيون آهن پر ان ڏانهن به ڪو ڌيان نه ڏئي رهيو آهي ۽ نه ئي انهن ڪامورن خلاف
ڪارروائي ڪئي پئي وڃي جيڪي اهڙي ڪڌي عمل ملوث آهن. تعليم جو ٻيڙو به ائين ٻوڙو ويو
آهي، استادن کي ڀرتي ته ڪيو ويو آهي پر انهن کي پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن، جنهن
سبب اهي اسڪول نه پيا وڃن ۽ ڪيترائي سنڌ جا ٻارتعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل
آهن. تعليم کاتي ۾ اهڙا ڪيترائي آفيسر آهن، جيڪي بند پيل اسڪولن کي کليل ڏيکاري
فنڊ هڙپ ڪري رهيا آهن، جن جون خبرون به اخبارن ۾ ڇپجنديون رهنديون آهن ته ڪيترائي
اهڙا اسڪول رڪارڊ ۾ آهن، جيڪي هلي رهيا آهن پر ظاهر طور انهن جي عمارت به هن وقت
تائين قائم نه ٿي سگهي آهي. روينيو کاتي جي عملدارن به حد ڪري ڇڏي آهي، زمينن جا
کاتا تبديل ڪري ڪرپشن جو بازار گرم ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجي
زمين کان محروم ٿي چڪا آهن.
هونءَ ته هن سنڌ ڌرتي کي فتح ڪرڻ
جا ته ڪيترن ئي ماڻهن خواب ڏٺا، ڪن ته سنڌ کي فتح ڪري حڪومت به ڪئي ۽ اهي تاريخ جي
ورقن ۾ تاريخ ئي بڻجي ويا، ماضي ۾ به سنڌ
تي قبضوڪرڻ جو خواب برطانيا ۽ ٻين دشمن ملڪن به ڏٺو، جيڪي پنهنجي ناپاڪ
ارادن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هاڻ به سازشون
ڪري رهيا آهن، سڌي طرح ته اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا پر هاڻ انهن جا واٺا انهن جون
سازشون ڪامياب بڻائڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي سامونڊي علائقن کي ڌار
ڪرڻ لاءِ انهن دشمن ملڪن جي وانگار وهي رهيا آهن، انهن ۾ اهي ڪجهه ڪامياب به ٿي ويا
آهن. سنڌ جي وزيرن ۽ مشيرن خلاف به ايف آءِ
اي ڪارروائي ڪئي پر هاڻ اها به بند ٿي چڪي آهي.
سنڌ جي عوام هاڻ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن اميدون رکيون ويٺي آهي، جنهن جي ڪري بلاول
ڀٽو زرداري کي گهرجي ته ٻين صوبن ڏانهن
ڌيان ڏيڻ کان اڳ پنهنجي صوبي جي ترقي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ڪرپٽ وزيرن خلاف
ڪارروائي ڪرڻي پوندي ۽ خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ وزيرن خلاف به نوٽيس وٺڻو پوندو ته جئين سنڌ جي عوام
جي عوام ختم ٿي ويل اعتماد بحال ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري ان رٿا ڏانهن به ٿوري نظر
ثاني ڪري جنهن لاءِ سنڌ حڪومت بجيٽ رکي ڇڏي آهي، جنهن سان هتان جو عوام اقليت ۾
تبديل ٿي ويندو. بلاول ڀٽي زداري کي گهرجي هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد
بينظير ڀٽو جي مشن کي جاري رکي ۽ اٽي، لٽي ۽ اجهي واري ناري کي حقيقي روپ ڏئي ته
جئين عوام شهيدن جو مشن پورو ٿيندي ڏسي سگهي.
No comments:
Post a Comment