Pages

Saturday, 12 November 2016

گورنر جي تبديلي بعد سنڌ ۾ گورننس ۾ بهتري ايندي؟

صاحب خان ڀٽي
وفاقي سرڪار  ڊاڪٽر عشرت العباد کي هٽائي سندس جڳهه تي جسٽس رٽائرد سعيد الزمان صديقي کي نئون گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو حلف به کڻي ورتو آهي، گورنر جي تبدلي بعد هر هڪ اهو ئي سوچي رهيو آهي ته شايد هاڻ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال به ڪجهه تبديلي ايندي، ڇاڪاڻ ته ن ليگ اڳواڻ اهو چئي چڪو آهي ته عشرت العباد  جي وڃڻ سان دهشتگردي جي نشاني کي ختم ڪيو ويو  آهي، تنهن مان اهو لڳي رهيو آهي ته ن ليگ کي خبر هئي ته ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ ٻيو ڪنهن نه پر عشرت العباد جو ئي هٿ هو جو نهال هاشمي کي اهو چوڻو پيو ته عشرت العباد دهشتگردي جي نشاني هو، سندس وڃڻ کانپوءِ الطاف حسين جي دور جو خاتمو اچي ويو، اهڙي بيان تي نواز ليگ به ڦري وئي ۽ اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته نهال هاشمي جو بيان پارٽي جو بيان نه آهي ۽ صرف نهال هاشمي جو ذاتي بيان آهن، ٻي طرف وري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي  چيو ته جيڪڏهن عشرت العباد دهشتگرد هو ته پوءِ آخر نهال هاشمي گورنر سان ڪيترن ئي اجلاسن ۾ گڏ ڇو ويٺو هو، بهرحال هن وقت نواز ليگ نهال هاشمي جي بيان کان لاتعلقي ظاهر ڪري چڪي آهي،  جنهن سبب هاڻ نهال هاشمي پنهنجي بيان جي پاڻ وڌيڪ وضاحت  ڏئي سگهي ٿو.
ملڪ ۾ مختلف پارٽيون تبديلي جو نعرو هڻي رهيون آهن ۽ ان کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پنهنجن احتجاجن ۽ ريلين جي  صورت ۾ سرگرم به نظر اچي رهيون آهن، انهن پارٽين ۾ تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ ٻيون کوڙ ساريون جماعتون آهن، جيڪي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ تبديلي لاءِ  گذريل ڪجهه عرصي کان احتجاج ڪري رهيون آهن پر شايد ڪنهن اهو نه سوچيو هو سال 2016 ع مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ جنهن شخص 14 سال گورنر جو عهدو سنڀاليو هو ان کي ايترو آساني سان عهدي تان لاٿو ويندو. ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر عشرت العباد جڏهن گورنر ٿيو هو ته ان وقت به مٿس ڪيترائي ڪيس داخل هئا، ان بابت سندس مخالف به پريس ڪانفرنس به ڪندا رهيا آهن، پر ڊاڪٽر عشرت العباد کي ڪو به ان ڪري نه هٽائي سگهيو هو جو سندس ان پارٽي سان تعلق هو جنهن کي ڪراچي ۾ وڏو ميڊيٽ حاصل هو ۽ اها پارٽي جڏهن به چاهيندي هئي ته هڪ منٽ ۾ سڄي شهر کي بند ڪرائي ڇڏيندي هئي ۽ هي روشنين جو شهر ائين لڳندو هو جو هي شهر هن ملڪ جو حصو ئي نه  آهي ڪنهن هڪ شخص جي جاگير آهي، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي احتجاج به ڪرڻو هوندو هو يا ريلي ڪڍڻي هوندي هئي ته ان پارٽي جي سربراهه کان اجازت وٺڻ ضروري هوندو هو، جڏهن ته ان پارٽي جو نيٽ ورڪ ايترو ته مضبوط هوندو جو ڪنهن کي به ايتري همت نه ٿيندي هئي جو انهن خلا ف ڳالهائي، جڏهن مشرف جي حڪومت هئي ۽ مشرف آرمي چيف هو ان وقت به هن پارٽي جو ساڳيو ئي حال هو پر ان پارٽي جو زوال ان  وقت شروع ٿيو جڏهن ان پارٽي جي سربراهه پاڪستان مخالف نعرا هنيا ۽ پاڪستاني سڪيورٽي ادارن خلاف به ڳالهايو پوءِ مجبورن هتان جي حڪمرانن کي شرم آيو ۽ ان پارٽي جي سربراهه جي خطابن تي پابندي لڳائي پر ان پارٽي جي اڳواڻن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ نه ئي وري پارٽي تي پابندي لڳائي وئي، بهرحال ان پارٽي جي سربراهه تي پابندي بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت ۾ اچي ويا هئا ۽ عزيز آباد، نائن زيرو، مڪا چوڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي آپريشن ڪيو ۽ وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا، اهڙا هٿيار هٿ ڪري ورتا جيڪي نيٽو جا به ٻڌايا پيا وڃن، مطلب ته جيڪي اسان جي پوليس ۽ رينجرز وٽ هٿيار آهن انهن کان سئو ڀيرا بهتر هٿيار ڪراچي مان هٿ ڪيا ويا ۽ انهن علائقن مان هٿ ڪيا ويا جيڪي ايم ڪيو ايم جي اثر هيٺ هئا بهر حال هن وقت تائين متحده پاڪستان تي سڌي ريت اهو الزام ناهي لڳايو ويو ته اهي هٿيار ڪي انهي پارٽي جا آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن ڪراچي جون حالتون خراب هيون تڏهن به  اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو هو ته ايم ڪيو ايم  وٽ هٿيار آهن ۽ اهي سازش ڪري رهيا آهن پر ان تي ڪنهن به يقين نه ڪيو هو، هاڻ جڏهن ڪراچي ۾ هٿيارن جا انبار  هٿ اچي رهيا آهن ته ائين لڳي رهيو آهي ته شايد اسان جي سڪيورٽي ايتري ته ڪمزور هئي جو اهي دهشتگرد آساني سان  ايڏي وڏي تعداد ۾ هٿيار گڏ ڪرڻ ۾  ڪامياب ٿيا، جيڪڏهن هن وقت به ڪارروائي نه ڪئي وڃي ها ته هن شهر الائي جي ڪيترا بي گناهه ماڻهو ماريا وڃن ها، اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد به ڪجهه ڏينهن اڳ اهو بيان ڏنو هو ته ڪراچي ۾ جيڪي هٿيار هٿ اچي رهيا آهن  اهي ڪنهن عام دهشتگردي لاءِ نه پر فوج سان وڙهڻ لاءِ  گڏ ڪيا ويا هئا، جيڪڏهن گورنر ۽ ٻين سياسي پارٽين جي بيانن  تي نظر وجهجي ته اها خبر پوندي ته سڀني کي خبر هئي ته ڪراچي ۾ دهشتگرد هٿيار گڏ ڪري رهيا هئا پر سوال اهو آهي ته ان وقت ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي هئي، جنهن وقت ڪراچي ۾ دهشتگرد سرعام معصوم شهرين کي ماري رهيا هئا ۽ فيڪٽرين کي باهه ڏئي  مزدورن ۽ پورهيتن کي ساڙيو ماريو ويو هو، بهرحال هاڻ گورنر  ته هليو ويو پر سندس اچانڪ وڃڻ به ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ويو آهي هاڻ انهن سوالن جو جواب ڏيڻ به صرف وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، هڪ طرف اهو چيو پيو وڃي ته ڊاڪٽر عشرت العباد کي عهدي تان هٽايو ويو ته ٻي طرف وري ڊاڪٽرعشرت العباد  طرفان چيو ويو  آهي ته هن استعيفيٰ ڏني آهي، جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڊاڪٽر عشرت العباد پنهنجي مرضي سان استعيفيٰ ناهي ڏني ڇاڪاڻ ته جڏهن ايم ڪيو ايم لنڊن جي باني به ڪجهه عرصو اڳ ڊاڪٽر عشرت العباد ڏانهن اڱريون کنيون هيون ۽ کيس عهدي تان لهڻ جي هدايت ڪئي  هئي پر ان باوجود هن عهدو نه ڇڏيو هو ته آخر هاڻ ڊاڪٽر عشرت العباد کي ڪهڙي ضرورت پئي جو هن پنهنجي گورنر واري عهدي کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو،
بهرحال اها خبر صرف ڊاڪٽر عشرت العباد کي  هوندي ته ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ هن ان بابت اهو چيو به آهي ته هو ڪتاب لکي رهيو آهي، جنهن سڀ ڪجهه هو  بيان ڪندو، اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد اهو به چيو هو ته هو پنهنجي 14 سالن جي گورنريءَ واري دور تي ڪتاب لکي رهيو آهي، جنهن ڪتاب جو نالو ”۽ اهو جيڪو مان چئي نه سگھيس“ هوندو. ان کان اڳ اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال به وڏي جوشيلي انداز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته عشرت العباد جڏهن گورنر وارو عهدو ڇڏيندو تڏهن هو ملڪ به ڇڏي دبئي هليو ويندو پر سندس انڪشاف ڏانهن  ڪير به ڌيان نه ڏنو هو ۽ هاڻ اهو سچ به ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن عشرت العباد استعيفي ڏني ته ان وقت اهو نه پيو لڳي ته هو ڪو ملڪ ڇڏي هليو ويندو پر رات جي اونداهي ۾ ڊاڪٽر عشرت العباد خانگي اڏام ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ کان دبئي روانو ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ مصطفيٰ ڪمال  سميت ٻين ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن بيان به جاري ڪيا پر ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي جي بيان تي تمام گهڻو ٻڙڌڪ مچي ويو ڇاڪاڻ ته هن چيو هو ته گورنر هائوس مان دهشتگردي جي آخري نشاني کي به ختم ڪيو ويو آهي. هاڻ ڏسڻو آهي وفاقي سرڪار جيڪو نئون گورنر مقرر ڪيو آهي اهو اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيان پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريندو يا وري نئين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جيان  مختلف علائقن جا دورا ڪرائي ماڻهن کان حال احوال پچي سيلفيون ٺهرائيندو، هاڻ اهو  وقت ئي ٻڌائندو ته آخر  نئون گورنر سنڌ ۾ گڊ گورننس لاءِ ڪهڙا قدم کڻندو پر اتي اهو به سوچڻ ۾ هر هڪ مجبور ٿي وڃي ٿو ته آخر وفاق سنڌ ۾ ئي اهڙا  عملدار ڇو مقرر ڪندو آهي جيڪي وڏي عمر وارا هوندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن نوجوان کي گورنر مقرر ڪيو وڃي ها ته شايد ڪراچي ۾ هلندڙ آپريشن ۾ اڃا وڌيڪ اهم اڳڀرائي ملڻ جو امڪان وڌي وڃن ها.

No comments:

Post a Comment