Pages

Tuesday, 10 January 2017

يهودي وسندين جي اڏاوت ۽ عالمي برادري جو ڪردار

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اسرائيل فلسطين ۾ پنهنجي طاقت ذريعي بي گناهه ۽ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪري رهيو آهي پر کيس روڪڻ لاءِ ڪو به ملڪ پنهنجو خاص ڪردار نه پيو ادا ڪري، جنهن سبب فلسطين ۾ بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، هونءَ ته ڪيترن ئي اسلامي ملڪن ۾ دهشتگردي سبب امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي پر ڪجهه اسلامي ملڪن ۾ هٿ وٺي حالتون خراب ڪيون ويون آهن، انهن مان فلسطين به هڪ آهي، داعش هجي يا وري ڪا ٻي دهشتگرد تنظيم انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪي به شام ۽ عراق ۾ ڪارروايون ٿي رهيون آهن انهن ۾ به ٻنهي پاسن کان معصوم ۽ بي گناهه ماڻهن جو نقصان ٿي رهيو آهي، هڪ طرف عالمي برادري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جون دعوائون ڪري رهي آهي ته ٻي طرف وري دهشتگرد به ان کان وڌيڪ مضبوط ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، جنهن سبب دهشتگردي هڪ عالمي سطح تي خطرو بڻجي وئي آهي پر فلسطين ۾ هڪ ملڪ اندر ٻه رياستون قائم ڪيون ويون آهن جنهن سبب اتان جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن ۽ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهي پر افسوس جو ڪو به اسلامي ملڪ اسرائيل کي اهڙي ڪڌي عمل کان روڪڻ لاءِ اڳتي نه پيو اچي، هڪ طرف اسرائيل غزه جي اولهندي ڪناري ۾ يهودي وسندين جي اڏاوت ۾ رڌل نظر اچي رهيو آهي ته ٻي طرف وري عالمي برادري فلسطين ۾ امن قائم ڪرائڻ بدران اڻ سڌي ريت اسرائيل جو ساٿ ڏئي رهي آهي، جنهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته فلسطين ۾ امن جي قيام لاءِعالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا نه پئي ڪري.
 1967ع جي جنگ ۾ اسرائيل طرفان غزه جي اولهدني ڪناري تي قبضو ڪيو ويو هو، جنهن دوران به فلسطيني ٻارڙن جي پيدائش جي رجسٽريشن کان انڪار ڪيو ويو هو ۽ انهن کي صحت، صاف پاڻي ۽ معياري تعليم کان به محروم ڪيو ويو هو ۽ ان دوران فلسطين ۾ اسرائيل طرفان ٻارڙن کي گرفتار ڪيو ويو هو، ان وقت هڪ پرڏيهي اخبار لکيو هو ته اسرائيل ست هزار ٻارڙن کي حراست ۾ ورتو ۽ ان ئي مهيني ۾ ٻارڙن کي جيلن ۾  رکيو ويو، بعد ۾ انهن کي فوجي عدالتن ۾ به پيش ڪيو ويو هو. جنوري 2010 ۾ هڪ پرڏيهي خابرو اداري رپورٽ جاري ڪئي هئي ته اسرائيل ٻارڙن کي حراست ۾ وٺي انهن کي بچاءُ طور استعمال ڪندو آهي، بهرحال ان کانپوءِ به اسرائيلي فوج غزه سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ به گهرن ۾ داخل ٿي سرچ آپريشن ڪندي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي بي گناهه فلسطيني نوجوانن کي گرفتار به ڪيو آهي، اسرائيلي فوج جي ڪاررواين سبب ڪيترائي فلسطيني نوجوان شهيد به ٿي چڪا آهن، جنهن تي گڏيل قومن طرفان به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو پر افسوس جو اسرائيلي فوج پنهنجي طاقت استعمال ڪرڻ کان  پاسو نه پئي ڪري، 14 آڪٽوبر 2014ع ۾ برطانوي پارليامينٽ ۾ فلسطين کي ڌار رياست تسليم ڪرڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو، ٺهراءُ جي حق ۾ 274 ۽ مخالفت ۾ رڳو 12 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، جيتوڻيڪ هن وقت تائين هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪ فلسطين کي رياست تسليم ڪري چڪا آهن پر آمريڪا، روس ۽ ٻيا ملڪ فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلم تي خاموش آهن ۽ اهي صرف بيان ڏيڻ تائين محدود آهن، آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي به اسرائيل بابت موقف ۾تبديلي ان وقت آئي آهي، جنهن وقت هو اقتدار ڇڏڻ وارو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته بارڪ اوباما ويندي ويندي اهو تصور ڏيڻ چاهي ٿو ته آمريڪا، اسرائيل جي ڪڏهن به حمايت نه ڪئي آهي،
 جيتوڻيڪ هن وقت آمريڪا جي بارڪ اوباما انتظاميه فلسطين ۾ ٿيندڙ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري رهي آهي پر اوباما جي اقتدار ڇڏڻ کانپوءِ ڊونالڊ ٽرمپ ٻيهر اسرائيل جي فائدي ۾ ڳالهائيندو ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ غيرقانوني اڏاوتن کي روڪڻ لاءِ به ڪو قدم نه کڻندو،  هر هڪ اهو ئي چئي رهيو آهي هاڻي آمريڪا ان جي اسرائيل بابت پنهنجي رويي کي تبديل ڪيوآهي جو نئون چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ اسرائيل جي اشاري تي ٻيهر هلندو ۽ اسرائيل جي فائدي جي فائدي لاءِ سمورا  قدم کنيا ويندا. جيتوڻيڪ اڄڪلهه اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو تي رشوت جو الزام لڳايو ويو آهي ۽ کائنس پڇا ڳاڇا به ڪئي وئي پر  جاچ جا تفصيل  ميڊيا تي نه آندا ويا، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو بيان به ڏنو ته هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو ۽ سندس مخالف خوش نه ٿين. 11 سيپٽمبر 2015ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ٿيل راءِ شماري ۾ فلسطين جو جهنڊو عالمي اداري تي ٻين ميمبر ملڪن جيان ڦڙڪائڻ تجويز ڏني وئي آهي، جنهن جي ڪيترن ئي ملڪن حمايت به ڪئي هئي. جڏهن ته 30 جولاءِ 2015ع ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو فلسطين جي اولهدني ڪناري يهودي وسندين جي تعيمر جي اجازت ڏني هئي، جنهن دوران 300 کان وڌيڪ تعمير ڪيا ويا هئا، جنهن سبب اسرائيل ۽ فلسطين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي هئي.17 نومبر 2015ع ۾ اسرائيل تحريڪ اسلامي تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي، اسرائيل ان تنظيم تي ڪيترائي الزام به لڳايا هئا. 27
  نومبر 2015 ۾ اسرائيلي فوج  فلسطين جي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي غزه جي اولهندي ڪناري ۾ پنهنجي طاقت جو ڀرپور استعمال ڪيو هو ۽ ڪيترن ئي فلسطينين کي فائرنگ ڪري زخمي به ڪيو  هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد به ٿي ويا هئا. هڪ طرف عالمي برادري فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ته ٻي طرف وري آمريڪا اسرائيل کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي ڪوشش به ڪندو رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل کي آمريڪا سان گڏ ٻين ڪيترين ئي عالمي طاقتن  جو آشيروارد حاصل آهي، جنهن سبب هو فلسطين اندر يهودي وسندين جي تعمير کان  نه پيو رڪجي ۽ هن وقت به فلسطين اندر يهودي آبادڪاري جو سلسلو جاري آهي، گڏيل قومن طرفان به جيڪي به ٺهراءُ پاس ڪيا ويا آهن انهن تي به اسرائيل عمل نه پيو ڪري ۽ نه ئي گڏيل قومون اسرائيل کي عمل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيون آهن. 14 سيپٽمبر 2016ع ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ فوجي امداد جو سڀ کان وڏو معاهدو ٿيو هو، 12 مارچ 2016ع  اسرائيلي پوليس فلسطيني ٽي وي چينل کي به بند ڪري ڇڏيو هو. 9 جون 2016ع ۾ اسرائيل هزارين فلسطيني شهرين جا سفري اجازت نامه به رد ڪري ڇڏيا هئا ۽ ان ئي ڏهاڙي اسرائيل جي گادي واري شهر تل ابيب ۾ ٻن فلسطيني نوجوانن مارڪيٽ ۾ فائرنگ ڪري 4 اسرائيلي شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ 5 ڄڻا زخمي به ٿي پيا هئا. 19 آڪٽوبر 2016ع ۾ گڏيل قومن جي اداري سائينس ۽ ثقافت “ يونيسڪو”  جي ايگزيڪٽو بورڊ هڪ تڪراري ٺهراءُ منظور ڪيو هو، جنهن ۾ يرو شلم ۾ بيت المقدس بابت يهودين جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو، جنهن تي اسرائيل طرفان بيان جاري ڪيو ويو هو ته يروشلم جي تاريخي هنڌ سان يهودين جي تعلق کي هن ٺهراءُ ۾ نظر انداز ڪيو ويو، يونيسڪو جي ان منظور ڪيل ٺهراءُ تي اسرائيلي حڪومت ۽ سڄي دنيا جي يهودين کي ڪاوڙ به لڳي هئي، يروشلم اهو علائقو آهي، جنهن کي يهودي ٽيمپل مائونٽ جو نالو ڏيندا آهن، جڏهن ته مسلمان ان کي مسجد اقصيٰ چوندا آهن.
15 نومبر 2016 ۾ آمريڪا به فلسطين جي سرزمين تي يهودي آبادڪاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو. جيڪا ڳالهه اسرائيل کي پسند نه آئي هئي، جڏهن سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين ۾ يهودي وسندين جي تعمير کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو ته ان وقت اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اولهندي ڪناري يروشيلم ۾ يهودي بستين کي تعمير واري عمل کي بند ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين ۾ يهودي آباڪاري خلاف ٺهراءُ پيش ڪندڙ ٻن ملڪن نيوزيلينڊ ۽ سينيگال ۾ موجوجود پنهنجي ٻن سفيرن کي واپس طلب ڪري ورتو هو، جنهن سبب  مشاورت ٻڌائي وئي هئي. جڏهن سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ويو هو ته ان وقت آمريڪا ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو هو.بهرحال هن وقت به فلسطين مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ منظور ٿيل ٺهراءُ تي عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب ڏينهون ڏينهن حالتون  ويتر خراب ٿينديون پيون وڃن. ڀلي کڻي آمريڪا هن وقت فلسطين ۾ يهودي وسندين جي اڏاوتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيو آهي پر  اهو صرف وقتي ڏکاءُ آهي، ڇاڪاڻ ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کان سڄي دنيا چڱي ريت واقف آهي ۽ اهي ٻئي ملڪ ڪڏهن به هڪ ٻئي جي خلاف ڪو به اهڙو قدم نه کڻندا جنهن سان ٻنهي جا لاڳاپا خراب ٿين.
جيتوڻيڪ هن وقت اسرائيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل واري ٺهراءُ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيو آهي پر اهو به سندس وقتي عمل آهي ڇاڪاڻ ته سلامتي ڪائونسل جيڪي به ٺهراءُ منظور ڪيا آهن انهن تي عمل ٿيندي نظر نه آيو آهي، هاڻ به جڏهن سلامتي ڪائونسل ۾ يهودي وسندين جي تعمير بابت جيڪو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي ان تي به عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي ۽ نه ئي گڏيل قومن هن وقت تائين اهڙو ڪو خاص قدم کنيو آهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ته واقعي گڏيل قومون به فلسطين ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ سنجيده آهن ۽ گڏيل قومن جيڪو ٺهراءُ منظور ڪيو آهي ان  تي اسرائيل عمل ڪندو. پر افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته اسرائيل فلسطين ۾ يهودي وسندين جي اڏاوتن کي روڪڻ بدران گڏيل قومن جي فنڊنگ ۾ ڪٽوتي جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد شايد اهو ڪڏهن به ممڪن نه ٿيندو ته گڏيل قومون اسرائيل کي ٺهراءُ تي عمل ڪرائي سگهن، ڇاڪاڻ ته جيڪو ملڪ سڀ کان وڌيڪ گڏيل قومن کي فنڊنگ ڪندو هجي، ان ملڪ خلاف ڪهڙي  ريت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟، جيڪڏهن هن وقت عالمي برادري خاص طور تي سعودي عرب جيڪو هن وقت پاڻ به معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي، فلسطين ۾ يهودي آبادڪاري کي روڪرائڻ لاءِ قدم نه کنيا ته فلسطين ۾ حالتون خراب ٿي ويندو، جنهن لاءِ ضروري آهي ته اسلامي ملڪ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي فلسطين مسئلي کي حل ڪن ته جئين فلسطين ۾ ٿيندڙ اسرائيلي جارحيت رڪجي سگهجي.


No comments:

Post a Comment