Pages

Monday, 9 January 2017

ڊاڪٽر فتح محمد برفت

وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي

مادري علمي سنڌ يونيورسٽي جنهن جي خامين توڙي سٺائين بابت ڪو به ساڃاهه وند يا تعليمي ماهر اڻڄاڻ نه هوندو، سفارشن تي مارڪون ملڻ کان ويندي بليڪ ملنگ تحت آس ڪرڻ وار معاملن کان عام ماڻهو به بخوبي به واقف آهي. سنڌ يونيورسٽي جيڪا هڪ ادارو آهي، جنهن جو مستقبل اسان جي ٻارڙن سان واڳيل آهي ۽ اسان جا ٻار جن جو مستقبل ان اداري سان واڳيل آهي، نائلا واقعي کان پوءِ ان اداري مان رت جي ڌپ اچي رهي آهي. اهو ادارو جتان گلن جو واءُ گذرڻ سان ئي محسوس ٿيندو هو پر ان هاءِ پروفائل ڪيس ڪيترائي منجهارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ان واقعي دوران ئي اوهان جي ڪلهن تي وڏي ذميواري رکي وئي آهي، جنهن کي اوهان هڪ چيلنج سمجهي قبول ڪريو ۽ نائلا کي پنهنجي نياڻي سمجهي، ان سان ٿيل وارتات تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ سميت کوڙ سارا سوال اوهان لاءِ چيلينج بڻيل آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اوهان انهن چيلنجز کي ڪهڙي نموني منهن ڏئي رهيا آهيو.


صاحب خان ڀٽي/ڪراچي 

No comments:

Post a Comment