صاحب خان
ڀٽي
ڪراچي
انٽرنيشنل شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ هن شهر کي ملڪ جي معيشيت جي ڪرنگهي واري هڏي به
چيو ويندو آهي پر افسوس جو هن شهر جون رونقون هن وقت تائين بحال ڪرڻ لاءِ ڪنهن به
سياسي تنظيم ڪي به قدم نه کنيا آهن جنهن سبب ملڪ جي وڏي شهر ۾ هن وقت به صفائي جو
انتظام بهتر نه ٿي سگهي آهي ۽ هي شهر ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ڪراچي
آپريشن کان اڳ هن شهر ۾ صفائي جو ته انتظام بهتر هو پر بدامني چوٽ چڙهيل آهي هر
طرف دهشتگردن ۽ ڀتي خورن جو راڄ قائم هو پر سڪيورٽي ادارن جي ڪاررواين سبب هن شهر
۾ بدامني جي لهر ته ڪافي حد تائين ختم ٿي وئي پر شهر جا ڀنگي (سوئيپر) الائي ته
ڪاڏي ڀڄي هليا ويا جو هن شهر جا گٽر نالا به بند ٿي ويا ۽ گندو پاڻي روڊن تي بيهڻ
لڳو ايتري قدر جو ڪراچي جي صدر جهڙي علائقي ۾ ڪجهه هنڌن تي گندي پاڻي جا تلاءُ نظر
اچڻ لڳا هئا هن وقت به ڪراچي شهر ۾ اهڙا کوڙ سارا علائقا آهن جتي اڃا صفائي جو
انتظام نه ٿي سگهيو آهي.
ڪراچي جو ميئر چئي رهيو آهي ته سندن وٽ وسيلا
گهٽ آهن ۽ کين مڪمل اختيار به ڏنا ويا آهن
جنهن سبب ڪراچي ۾ صفائي جو انتظام فوري طور بهتر ٿيڻ ناممڪن آهي. خبر نه ٿي پئي ته
جڏهن مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جو ناظم هو ته ان وقت هن شهر ۾ صفائي جو انتظام ڪهڙي ريت
بهتر ٿي ويو هو، جڏهن ته ان وقت به اوترا ئي ملازم ڀرتي ڪيل هئا جيڪي اڄ به ڪراچي
شهر ۾ صفائي لاءِ مقرر ٿيل آهن پر ان باوجود اهو چوڻو ته وسيلا گهٽ هجڻ سبب شهر
صفائي جو انتظام بهتر ڪرڻ مشڪل آهي، اهو سمجهڻ کان ٻاهر آهي، بهرحال هن وقت ڪراچي
اندر بجلي، پاڻي ۽ صفائي وارو مسئلو سنگين
ٿيندو پيو وڃي ۽ اها حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته ملڪ جي هن وڏي شهر جي شهرين کي
بنيادي سهولتون فراهم ڪري. مڪاني کاتن واري وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته نعمت الله
خان جي دور ۾ 13 هزار صفائي ڪندڙ عملو
ڀرتي ٿيل هو جيڪو ايم ڪيو ايم جي دور ۾ وڌائي 60 هزار ڪيو ويو هو،
هاڻ سوچڻ
جي ڳالهه آهي ته هيڏي وڏي شهر لاءِ صرف 60
هزار صفائي ڪندڙ عملو ڪافي هوندو، جيڪڏهن اهي ملازم ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ
هن شهر کي صاف سٿرو رکي سگهندا، جيڪڏهن ها ته پوءِ آخر ڇو اڄ ڪراچي شهر گند ڪچري
جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ڪراچي ۾ سڪيورٽي ادارن جي
آپريشن بعد دهشتگرد ۽ ڀتي خور ته وڃي پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويا آهن پر صفائي عملو به
ڪراچي جي ڪهڙي به علائقي نظر نه پيو اچي جنهن سبب صفائي جا انتظام اڻپورا نظر اچي
رهيا آهن. اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي ته
ڪراچي شهر ۾ هر هڪ سياسي پارٽي پنهنجو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿي پر افسوس جو
هن شهر ۾ ڌارين جي لوڌ تمام گهڻي آهي جنهن سبب سموريون پارٽيون هن وقت تائين
پنهنجا پير مضبوط نه ڪري سگهيون آهن،
مشرف دور
۾ هن شهر جون واڳون ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪيون ويون هيون تنهن بعد هن شهر ۾ تمام
گهڻا تعميراتي ڪم ڪرايا ويا هئا پر افسوس جو ان وقت به ڪيترن ئي علائقن کي نظر
انداز به ڪيو ويو هو. بهرحال ان وقت سنڌي آبادي وارن علائقن ۾ نه ته ڪي خاص
ترقياتي ڪم ڪرايا ويا ۽ نه ئي انهن علائقن کي ليز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا، ايتري
قدر جو ان دور ۾ ڪراچي جي سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جو به سلسلو شروع ٿيو هو، ان وقت به
ڪراچي جي ڪچي آبادين ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻي احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ هاڻ به اهي ڌرتي ڌڻي
احتجاج ڪري رهيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته بلڊر مافيا ڪڏهن به نه ٿي
چاهي ته ڪراچي ۾ قديم سنڌي ڳوٺ قائم هجن تنهن جي ڪري اهي مختلف حربا استعمال ڪري
سنڌي وسندين کي ڊاهيندا رهيا آهن، پر نه ته سنڌ حڪومت انهن کي روڪي سگهي آهي ۽ نه
ئي وري وفاق ڌرتي ڌڻين جا اجها بچائي سگهيو آهي،
ڪجهه بلڊر
مافيائن کي ته ڪجهه سياسي اڳواڻن جو آشير وارد به حاصل آهي، جنهن جي ڪري بلڊر
مافيا پوليس جو سهارو وٺي مختلف ڳوٺن تي چڙهايون به ڪندا رهيا آهن. بهرحال هن وقت
جنهن شهر کي روشنين جو شهر چيو ويندو هو ان کي اڄ گند ڪچري جي ڍيرن ۾ تبديل ڪيو
ويو آهي، خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر صفائي عملو ڪاڏي هليو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ
ڪراچي جي ميئر سئو ڏينهن واري صفائي مهم جو اعلان ڪيو هو پر هن وقت تائين ڪراچي ۾
گند ڪچري جا ڍير نظر اچي رهيا آهن، ڪجهه عرصو اڳ سنڌ حڪومت ڪراچي جي ڪجهه علائقن
جي صفائي جو ٺيڪو چائنا جي هڪ ڪمپني کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو پر افسوس جو چائنيز
صفائي ڪندڙ انجنيئر به ڪراچي مان گند ڪچرو کڻي نه سگهيا آهن، لڳي ٿو ته چائينز
انجنيئر به هن شهر ۾ دهشتگردي، ڀتي خور ۽ ڪرپشن جي وڏن ڍيرن سبب پنهنجي طاقت
آزمائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، بهرحال هن وقت ڪراچي جي ميئر چئي رهيو آهي ته سندن مهم
ناڪام نه ٿي آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته
صوبائي حڪومت ۽ ڪراچي جو ميئر شهر ڪهڙي ريت شهر کي صاف سٿرو ڪرڻ لاءِ قدم کڻندو.
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته عدالت به ڪراچي ۾ صفائي سٿرائي بابت فنڊز جي استعمال بابت جواب
طلب ڪري ورتو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بجلي سان گڏ
صفائي سٿرائي جو به وڏو مسئلو رهيو آهي پر
افسوس جو هن وقت تائين انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪومت خاص قدم نه کڻي رهي
آهي، صرف اعلان ته ڪيا ويندا آهن پر انهن کي عملي جامو نه پارايو ويندو آهي،
جيڪڏهن
ڪيل اعلانن تي ئي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ هن شهر ۾گند ڪچري جا ڍير نظر نه اچن ها، هڪ
طرف گند ڪچري تي سياسي بيانبازي ٿي رهي آهي ته ٻي طرف وري صفائي جا ٺيڪا به ٻاهرن
ملڪن جي ڪمپنين کي ڏنا پيا وڃن جنهن مان لڳي رهيو آهي ته هن ملڪ جيڪي دعوائون ڪيون
وينديون آهن ته هن ملڪ جا ماڻهو وڏا محنتي آهن، اهي دعوائون رد ٿي وڃن ٿيون،
بهرحال ڪراچي شهر جي صفائي جو ٺيڪو چين جي ڪمپني کي ڏنو وڃي يا وري جاپان جي ڪمپني
کي ڏنو وڃي عوام کي ڪو به فرق نه ٿو پئي صرف ڪراچي جا شهر صفائي وارو عمل بهتر ڏسڻ
چاهين ٿا تنهن جي ڪري صرف سياسي بيانبازي کان ڪم نه ورتو وڃي، عملي قدم به کنيو
وڃي، جيڪڏهن ماضي ۾ ڪراچي جي شهر جي صفائي سٿرائي جو بندوبست بهتر هو ته هاڻ به ٿي
سگهي ٿو پر شرط اهو آهي تعصب کان مٿانهون ٿي ۽ بنا فرق جي هن شهر کي پنهنجو سمجهي
صاف سٿرو رکڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
No comments:
Post a Comment