صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس دنيا اندر ايڏو ته ٿرٿلو مچايو آهي جو مختلف
ملڪن جا حڪمران عهدا ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا
آهن. نيوزيلينڊ کان ويندي برازيل تائين
سياستدانن خلاف عوام روڊن تي نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب انهن حڪمرانن جون ننڊون
حرام ٿي ويون آهن، افسوس جو پاناما ليڪس پيپرز جي انڪشافن کان پوءِ پاڪستان جو
عوام خاموش آهي، جنهن مان لڳي پيو ته عوام حڪمرانن جو احتساب ڪرڻ نه ٿو چاهي ۽ نه
ئي حڪمرانن کان پاناما پيپرز بابت ڪا
وضاحت نه گهري وئي آهي، پر حڪومتي پارٽي جون مخالف جماعتون وڏا وڏا
جلسا ۽ ريليون ڪڍي وزيراعظم کان استعفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن،
جنهن مان لڳي پيو ته عوام نه پر پارٽيون پنهنجو سياسي بدلو وٺڻ لاءِ اهي احتجاج ڪري رهيون آهن. آمريڪا ۾ به ٻن
سياستدانن کي جيل اماڻي ويو آهي، جن مٿان عدالت ڏنڊ به وڌو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻين ملڪن
۾ عوام بنا ڪنهن پارٽي جي چوڻ ته حڪمرانن جي احتساب لاءِ روڊن تي نڪتو آهي،
پر هن ملڪ ۾ سياسي ڌريون هڪ ٻئي جون
ڄنگهون ڇڪڻ لاءِ سوين ماڻهن کي گڏ ڪري
جلسا ۽ جلسيون ڪري رهيون آهن. جنهن سان ڏينهون ڏينهن ملڪي معشيت خراب ٿي رهي
آهي.
جيتوڻيڪ حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ کي پاناماليڪس بابت جاچ
بابت چيو ويو آهي پر ان باوجود جيڪو حڪومت
۽ اپوزيشن جو رويو آهي، اهو به ڪنهن حد
تائين ڪنهن منزل تائين پهچڻ ڏانهن اشارو نه ڏئي رهيو آهي. چيف جسٽس به نالن ۽
الزامن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، هاڻ
سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته ڇا حڪومت ۽ اپوزيشن
ان ڳالهه تي متفق ٿي ويندا يا وري اهو معاملو وري تڪرار جي ور چڙهي ويندو. ڇاڪاڻ
ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان به پاناما
پيپرز ۾ وزيراعظم جي اولاد جي نالن جي شامل هجڻ سبب وڏا وڏا احتجاج ڪري رهيو هو، جنهن جو موقف اهو هو ته
وزيراعظم جي اولاد جون آف شور ڪمپنيون آهن،
جنهن سبب وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، پر هاڻ حالتون تبديل ٿي چڪيو
آهن، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ سربراهه سميت سندس مائيٽن ۽ پارٽي اڳواڻن جون به آف شور
ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن. جنهن مان نه پيو
لڳي ته اپوزيشن ۽ حڪومت متفق هڪ هنڌ متفق ٿين، چيف جسٽس پاران گهريل نالا ۽ الزام
پيش ڪيا ويا وڃن.
تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان آف شور ڪمپنين
جي مالڪن خلاف گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو ۽
سندس بيان هو ته آف شور ڪمپنيون رکندڙ
ٽيڪس چور آهن، انهن کي سزا ملڻ گهرجي ۽
انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هاڻ جڏهن سندس آف شور ڪمپني جو انڪشاف ٿيو تڏهن هن پاڻ به ان ڪمپني جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو
آهي ته هنءَ اها ڪمپني برطانوي شهريت نه
هجڻ سبب کولي هئي ۽ کيس ٽيڪس کان به ڇوٽ ملي هئي. جيتوڻيڪ هن ٽيڪس کان بچڻ جو اعتراف به ڪيو آهي پر سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته عمران خان جڏهن ٻين سياستدانن جي آف شور ڪمپنين
خلاف ڳالهائي رهيو هو ته سڀ کيس تمام سٺو
۽ احتساب پسند سمجهي رهيا هئا. جڏهن هاڻ سندس آف شور ڪمپني به ظاهر ٿي آهي، جنهن
بابت سوڄڻ تي مجبور ڪيو آهي ته ڇا عمران خان پنهجي پاڻ به ڪو فيصلو ڪندو يا پاڻ کي
احتساب کان آجو سزا ٻين خلاف واويلا ڪندي نظر ايندو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ شايد
ئي ڪو ماڻهو سندس بيانن ۽ تقريرن تي اعتبار ڪندو. هاڻ بس عوام به ان انتظار ۾ آهي
ته ڇا آف شور ڪمپنيون رکندڙ سياستدانن کي سزا ملندي يا انهن کان پڇاڻو ٿيندو يا
صرف پڇ تي لت ڏيڻ وارو مثال ئي سامهون ايندو، شايد ان جو جواب هاڻ ڪڏهن به نه ملي
سگهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان سميت جن به
اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن جو نالو آف شور
ڪمپنين واري فهرست ۾ ظاهر ٿيو آهي اهي هاڻ ڪڏهن به وزيراعظم جي اولاد جي آف شور
ڪمپنين بابت نه ڳالهائيندي، جيڪڏهن انهن ڳالهايو به ته اهو احتساب جانبدار نه
هوندو، احتساب ٿيڻو آهي ته سڀني جو ٿيڻ گهرجي نه ته مفاهمت واري پاليسي کي
اپنائيندي احتساب جو خامو آندو وڃي ته جئين عوام احتساب بابت سوچي ئي نه.
اڄ جي صورتحال ڏسي مون
کي برڪت علي جو گانو “ تون منهنجو صنم
آهين، مان تنهنجو صنم آهيان “ ياد
آيو آهي جنهن کي ٻڌڻ مان لڳي پيو ته واقعي
هاڻ هي حڪمران هڪ ٻئي جا صنم ٿي ويا آهن، جنهن بعد هي پاناما پيپرز به پٿر ٿي
ويندو ۽ هن ملڪ ۾ مفاهمت واري پاليسي تي
عمل ڪيو ويندو، جئين ماضي ۾ ٿيندو رهيو
آهي ۽ پاڪستان جا سياستدان به برڪت جي گاني جيان صنم ٿي مفاهمت واري عمل تي گامزن
ٿي ويندا، جتي احتساب جو ڪو به سوال ئي پيدا نٿو ٿي سگهي. برڪت علي جي گاني “ تون منهنجو صنم آهين، مان تنهنجو صنم آهيان جا
ڪجهه ٻول آهن ته “اچ واعدو ڪيون قاصد ڀٽ شاهه جي نگري تي تون منهنجو ڀرم آهين، مان
تنهنجو ڀرم آهيان، اهي ٻڌڻ بعد لڳي ٿو ته گاني جا اهي ٻول صرف اسان جي ملڪ جي
سياستدانن لاءِ ڳايا ويا آهن، جيڪي بلڪل سياستدانن
تي ٺهڪي بيهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان عوام
جون اميدون صرف تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان تي هيون، جنهن جو نعرو ئي صرف
تبديلي هو، هاڻ ان جي به آف شور ڪمپني ظاهر ٿي
آهي، جنهن جي عمران خان تصديق پڻ ڪئي آهي ،
هاڻ ملڪ جي سمورن سياستدانن
کي گهرجي ته اهي ستن ئي آسمانن جو قسم کڻي
مفاهمت جو وچن ڪن ۽ احتساب کي ملڪ
مان مڪمل ختم ڪرڻ جو واعدو ڪن، ڇاڪاڻ ته
هاڻ ڪا به اهڙي اميد نٿي بچي جنهن
مان لڳي ته شايد هن ملڪ اندر احتساب ٿي سگهندو. جنهن
لاءِ هاڻ اهو ضروري ٿي وڃي ٿو
ته ملڪ اندر احتساب جو نانءُ ۽ نشان ختم ڪري ڇڏجي ۽ هر طرف صرف مفاهمت ئي
مفاهمت هجي. ڇاڪاڻ ته هتان جو عوام ڪڏهن به نيوزيلينڊ ۽ برازيل جي عوام جيان ٻاهر
نه نڪرندو، جيڪڏهن ماڻهو نڪتا به ته اهي صرف پارٽين جي چوڻ تي نڪرندا جيڪي
صرف پنهنجا مطالبا ئي منظور ڪرائڻ تي زور ڀريندا ۽ پنهنجا مقصد حاصل ڪندا. جيڪڏهن
دنيا تي وجهنداسين ته ٻاهرن ملڪن جون حالتون تبديل ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن چيو وڃي
ته تبديلي اچي رهي آهي ته صرف انهن ئي ملڪن ۾ اچي رهي آهن جن جي حڪمرانن پاناما
پيپرز ۾ نالو اچڻ بعد اخلاقي طور استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
جيتوڻيڪ برازيلي صدر
دلما روزيف کي به سينيٽ مان ٺهراءُ
منظور ڪري عهدي تان هٽايو ويو آهي
۽ هاڻ سندس جاءِ تي نائب صدر مائيڪل ٽمر
صدر جي عهدي جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.پرڏيهي ميڊيا تي به اهي خبرون نشر
ٿي رهيو آهي ته برازيلي صدر دلما روزيف کي بجيٽ ۾ ڪرپشن سبب عهدي تان هٽايو ويو
آهي، جنهن سبب سندس خلاف مواخذي جي تحريڪ وارو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو. جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته احتساب ٿيو آهي ته صرف انهن ملڪن ۾ ئي ٿيو آهي. باقي رهي اسان جي پياري ملڪ جي اتي ته اهي به واويلا
ڪندي نظر اچي رهيا آهن جن تي به
الزام لڳل آهن، جيوتڻيڪ پاناما پيپرز معاملي ملڪ اندر وزيراعظم
نوازشريف لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن
پر هاڻ جهڙي ريت حالتون تبديل ٿي رهيون آهن
جنهن مان لڳي پيو ته مولانا فضل الرحمان سان گڏ پيپلزپارٽي وزيراعظم جي
حمايت ڪندي ميدان ۾ لهندا ۽ وزيراعظم
کي مشڪلاتن مان نجات ڏيارڻ ۾ ڪامياب
ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت
۾ جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏيندي، ۽ جمهوريت کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي
جئين ماضي ۾ نوازشريف جو ساٿ ڏيندي رهي آهي. جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي جا اڪثر اڳواڻ هن
وقت اپوزيشن سان گڏ آهن، جيڪي وزيراعظم نوازشريف کان پاناما پيپرز بابت جواب گهري
رهيا آهن، جيڪو کين هن وقت تائين ناهي ملي سگهيو ۽ نه ئي شايد انهن کي ملي سگهندو،
ڇاڪاڻ ته هاڻ ملڪ ۾ مفاهمت وارو عمل ئي وڏو
احتساب ٿي ويو آهي.
No comments:
Post a Comment