صاحب خان ڀٽي
هڪ طرف سنڌ ٻولي کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن عنصر سرگرم
آهن تي ٻي طرف وري سنڌ جا جوڌا پنهنجي
ڌرتي ۽ ٻولي کي بچائڻ لاءِ پنهنجيون
جانيون قربان ڪرڻ لاءِ به تيار بيٺا آهن. اهو
ئي سبب آهي جو اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترائي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽
درسگاهه قائم ۽ دائم آهن. پر افسوس جو سنڌ جي راجڌاني شهر ۾ به اسڪولن اندر
سنڌي نصاف وارا ڪتاب نٿا پڙهايا وڃن ۽ نه
ئي وري حڪومت انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي لازمي قرار
ڏني وئي آهي پر ان باوجود ڪراچي ۾ ڪنهن به اسڪول به سنڌي نٿي پڙهائي وڃي ايتري قدر
جو نه ئي سرڪار پاران ڪا اهڙي لائبريري
قائم ڪئي وئي آهي، جنهن سان سنڌي نوجوان ۽ ڪتابن سان محبت رکندڙ وڃي ڪو فائدو حاصل ڪري سگهن. شايد ڪا ڪراچي جي اهڙي ڪا سنڌي وسندي هوندي جتي
ڪو اسڪول قائم ڪيو هجي، ڇاڪاڻ ته هونءَ به سنڌي وسنديون وقت جي حاڪمن کي اکين ۾
ڪنڊي جيان لڳي رهيون آهن. جنهن سبب انهن کي سنڌي
ٻولي جي ترقي بابت ڪا به فڪر نه آهي.
جيتوڻيڪ اڄ جو
دور جديد سائينس ۽ ٽينڪنالوجي جو آهي،
جئين جئين وقت گذري رهيو آهي، تئين تئين هر شيءَ ۾ نواڻ ۽ جدت اچي رهي آهي، جنهن
جي ڪري وقت جي رفتار سان هلڻ دور جي اهم ضرورت هجي ٿي، ڏٺو وڃي ته اڄ جي جديد دور ۾ ڪمپيوٽر، ٽيبليٽ، موبائل فون
سميت ٻيون ڪيتريون جديد شيون اچي ويون آهن، جن ذريعي ڪتاب، اخبارون، ميگزين ۽ ٻيو آفيس
جو رڪارڊ آساني سان لکي ۽ پڙهي سنڀالي رکي سگهجي ٿو. ايتري قدر جو ڪو به ماڻهو
ڪنهن به وقت انٽرنيٽ ذريعي ڪتابن جو اڀياس به ڪري سگهي ٿو، پر ان باوجود ماڻهن جو
ڪتابن کي پڙهڻ ڏانهن لاڙو گهٽبو پيو وڃي. ان جو سڀ کان وڏو سبب انٽرنيٽ جو غلط استعمال
به آهي. سنڌ اندر به ڪيترائي اهڙا ناليوارا ليک، اديب ۽ دانشور آهن، جن جا ڪتاب به
ڇپجي رهيا آهن، جڳ مشهور اديب شيڪسپيئر چيو هو ته، ”سٺا ڪتاب سُٺا ماڻهو پيدا ڪن ٿا، سندس
انهن لفظن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سٺي ۽ معياري ڪتابن کي پڙهڻ سان ئي ماڻهن جي علم
اضافو ٿئي ٿو، تنهن جي ڪري شيڪسپيئر جي سٺا
ڪتاب ئي سٺا ماڻهو پيدا ڪن ٿا لفظ وڏي اهميت رکن ٿا.
اڄ جو دور سائينس
۽ ٽيڪنالوجي جو آهي، جنهن جي ڪري جديد ۽ پراڻي نصاب ۾ تمام گهڻو فرق آ هي، پر ان
باوجود ڪتابن جي اهميت هر دور ۾ ساڳي رهي آهي، ناليوارن لکيڪن چيو آهي ته ادب
هميشه ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻيندو آهي ۽ شعور سان گڏ انساني تهذيب جي سڌرڻ ۽ معيار
۾ اضافو به ڪندو آهي ۽ اهو اضافو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن ڪنهن ناليواري،
اديب ۽ دانشور جو ڪتاب پڙهيو وڃي. هونءَ ته ڪتابن جا ڪيترائي قسم آهن پر انهن ۾ علمي، ادبي، سائنسي، تاريخي ۽ ٻين اهم موضوعن
جي ڪتابن کي معياري سمجهيو وڃي ٿو. ڪجهه اهڙا ماڻهو هوندا جن کي ڪتاب جمع ڪرڻ سان تمام
گهڻو شوق هوندو، ڇاڪاڻ ته لائبريريون علمي، ادبي گهر هونديون آهن، ۽ اهو شوق تڏهن
پيدا ٿيندو آهي، جڏهن انسان کي ڪتابن جي قدر ۽ ان جي برڪت جي خبر پوندي آهي، ۽ اهي
ماڻهو ڪتاب جمع ڪري ڪتب خانن ۾ سانڍي رکندا آهن، جتي انهن جي اهي مناسب سار سنڀال
به لهندا آهن. ڇاڪاڻ ته لائبريريون علمي ۽ ادب گهر هونديون آهن، جن جهڙو خزانو
ڏيندڙ ۽ من اندر سڪون پيدا ڪندڙ ٻيو ڪو هنڌ نٿو ٿئي سگهي.
ڪتاب دنيا جو عظيم
تحفو آهي، جنهن جي ڪري چيو ويندو آهي ته
ڪتاب هڪ بهترين دوست آهي، ڪتاب لفظ اچارڻ
يا ٻڌڻ سان من اندر احساس، فڪر، علم ۽ روحاني طاقت جو وجد طاري ٿئي وڃي ٿو. پر
افسوس جو سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي حڪومتي
بي ڌياني سبب سنڌي نصابي ڪتابن کان محروم ٿيندو پيو وڃي، جس آهي انهن جاکوڙيندڙن
کي جن پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ لائبريريون قائم ڪيون آهن،
جتي سوين ماڻهو روزانو انهن ڪتابن کي پڙهي
من اندر سڪون حاصل ڪن ٿا. انهن
شخصيتن مان جاويد مهر به هڪ آهي. جنهن ان شهر ۾ لائبريري کولي جتي سنڌي
ٻولي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ سنڌ دشمن
تمام گهڻو سرگرم هئا، جيڪي ڪنهن به سنڌي وسندي توڙي سنڌي کي نه سهندا هئا. هن
ان دور ۾ گلستان جوهر بلاڪ 19 ڀٽائي آباد ۾ “ سنڌ پبلڪ لائيبريري قائم ڪئي، جنهن
مان اڄ به هزاري ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. جاويد مهر 1972ع ڪشمور ضلعي جي
بخشاپور ڳوٺ ۾ هڪ ڪتب گهراڻي ۾ جنم ورتو، سندس
والد صاحب پوليس ۾ هو، جتي هن 36 سالن ديانتداري ۽ ايمانداري سان پنهنجا فرض
سرانجام ڏنا. جاويد مهر کي 3 ڀائرن آهن، جنهن مان هڪ ليکڪ آهي، جيڪو ڳچ عرصي کان
ان شعبي سان سلهاڙيل آهي. سندس هڪ ڀاءُ پوليس ۾ ته ٻيو وري اسڪول ٽيچر (استاد) آهي. جڏهن ته جاويد مهر
پاڻ هڪ ناليوارو صحافي، ليکڪ، ڪالم نگار آهي، جيڪو 17 سالن کان اخبارن ۾ لکي رهيو
آهي. ان کان علاوه جاويد مهر مختلف اخبارن، نيوز ايجنسيز ۽ ٽي چينلن تي به ڪم ڪري
چڪو آهي. جڏهن جاويد مهر کان انٽرويو
دوران لائبريري بابت سوال پڇيو ويو ته هن چيو ته کيس تعليم سان گڏ ڪتابن سان ڪو به
لڳاءُ نه هيو ۽ هو اسڪول جو ڪم به ٻين کان ڪرائيندوهو. جاويد مهر انٽرويو دوران
اهو به ٻڌايو ته سندس والد کي پڙهڻ سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، جڏهن سندس والد رٽائر
ٿيو ته نظر به ڪمزور ٿي وئي هئيس، جنهن سبب کيس اها ذميواري ڏني وئي ته هو اخبار
پڙهي پنهنجي والد کي ٻڌائي.
جاويد مهر پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته کيس شروعات اها
ذميواري تمام گهڻو ڏکئي لڳي بعد ۾ هو دل سان ان ذميواري کي نڀائيندو رهيو. جنهن بعد سندس پڙهڻ ڏانهن به لڳاءُ وڌيو. جاويد
مهر چيو ته هن پنهنجي والد جي لاڏاڻي بعد گهر پيل ڪتاب گڏ ڪري لائيبري قائم ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو جنهن کي سندس دوستن به تمام گهڻو ساراهايو. جاويد مهر ٻڌايو ته جڏهن هن
لائيبريري کولي ٽوٽل 3 هزار ڪتاب هئا جيڪي هاڻ وٽس تمام گهڻا ٿي چڪا آهن. جاويد
مهر جي لائيبريري ۾ ناليوارن شاعرن، اديبن، ليکڪن، صحافين، سياستدانن، ڪالم نگارن
۽ مرڪزي وزيرن سميت مختلف شخصيتن تي لکيل ڪتاب پڻ موجود آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي جاويد مهر جهڙي ريت ڪتابن کي
سانڍي رکي رهيو آهي ۽ اهڙي علائقي ۾ لائيبريري کولي اٿس، جتي سنڌي ڪتابن جي تمام گهڻي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته
ڪراچي جي واحد سنڌي وسندي آهي جتي سنڌي ٻولي جي ڪتابن لاءِ لائيبري قائم ڪئي وئي
آهي ۽ اها لائيبريري بنا ڪنهن حڪومتي سهڪار سان ٺاهي وئي آهي، اها سموري جدوجهد
جاويد مهر جي ئي جي آهي، جنهن هڪ ننڍڙي وسندي ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌ ويجهه
لاءِ لائيبريري قائم ڪئي ته جئين ماڻهن جي
ڪتابن سان محبت وڌي ۽ ماڻهو پڙهڻ ڏانهن
مايل ٿين، جاويد مهر جهڙيون شخصيتون هزارن سالن کان پوءِ جنم وٺنديون آهن، جاويد
مهر جي ان قدم جي جيتري ساراهه ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.
No comments:
Post a Comment