Pages

Thursday, 17 November 2016

ايم ڪيو ايم ۾ ڌڙابندي ۽ مشرف جي پوزيشن؟

صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ ايندڙ اليڪشن ۾ اڃا تمام گهڻو وقت پيو آهي پر ان باوجود هر هڪ سياسي جماعت پنهنجي پنهنجي سرگرمي ۾ مصروف نظر اچي رهي آهي، پنجاب ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ريليون ۽ احتجاج ڪري رهيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي به پنهنجي طاقت جو مظاهرو به ڪري رهي آهي، ان حوالي سان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ به جلسا ڪيا آهن، ماضي ۾ جيڪا جماعت وڏو مينڊيٽ رکندي هئي اها به ٽي چار ڌڻن ۾ تقسيم ٿي چڪي آهي، جيڪي هاڻ هڪ ٻئي خلاف ئي ڳالهائي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪراچي جي سياست تي نظر وجهنداسين ته ملڪ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ تمام گهڻي خطرناڪ سياست ڪراچي ۾ ئي ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻين شهرن جون حالتون ڪراچي جي ڀيٽ لک ڀيرا بهتر آهن ۽ اتي امن امان جي صورتحال تمام گهڻي بهتر آهي، ان جا به ڪيترائي سبب آهي، جهڙو ڪ ٻين شهرن ۾ دڪاندارن، واپارين کان ڀتو ناهي ورتو ويندو پر هن شهر ۾ ميڊيٽ رکندڙ پارٽيون ڀتي جون پرچيون ڏينديون آهن ان جا اسان کي ماضي ۾ ڪيترائي مثال به ملندا،
ڪراچي کان علاوه ٻين شهرن ۾ هر هڪ سياسي جماعت کي پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو سمورو حق حاصل هوندو آهي پر هن شهر ۾ ماضي جهڙي ريت سياسي اڳواڻن کي نشانو بڻايو ويو ان جو مثال هن پاڪستان ۽ سنڌ جي تاريخ ڪڏهن به نه ملندو، جڏهن مشرف جي حڪومت هئي ته ان وقت به هن نڌڻڪي شهر ۾ دهشتگردن جو راڄ هو ۽ جڏهن مشرف صدارتي عهدي تان هٽيو ته ان وقت مشرف ڪڏهن سوچيو ئي نه هو ته مٿس عدالت ۾ ڪيس هلندو، اهڙي ريت پيپلزپارٽي جي به ڪيترن ئي اڳواڻن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پيو هو، ايتري قدر جو اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به عدالت ۾ پيش ٿيو هو پر جڏهن به مشرف کي عدالت طلب ڪيو ته ڪڏهن سندس طبيعت عدالت ويندي خراب ٿي وئي ته ڪڏهن وري مشرف پنهنجو علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه هليو ويو، هاڻ به اڳوڻو صدر پرويز مشرف علاج ڪرائڻ لاءِ دبئي هليو ويو، جڏهن پرويز مشرف دبئي ويو ته ميڊيا تي صرف اهي ئي خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته پرويز مشرف جي طبيعت خراب هئي جنهن سبب هو پرڏيهه ويو پر جڏهن سندس پارٽي واريون وڊيوز ليڪ ٿيون ته ان وقت ميڊيا ان کي تمام گهڻو ڏيکاريو هو، تنهن باوجود پرويز مشرف ڏيهه واپس نه آيو،
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به علاج  ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه ويٺو آهي ۽ سمورا ڪم دبئي ۽ لنڊن مان ڪري رهيو آهي پر ڏيهه نه پيو اچي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بابت به اهو ئي ٻڌايو پيو وڃي ته سندس طبعيت خراب آهي ۽ هو علاج ڪرائي رهيو آهي، بهرحال اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کانپوءِ  ٻيا به کوڙ سارا سياسي اڳواڻ هن ملڪ کي ڇڏي هليا ويا آهن،  تازو ئي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي جڏهن عهدي تان هٽايو ويو ته هو به  ملڪ ڇڏي دبئي هليو ويو. بهرحال جيڪي به سياسي اڳواڻ هن وقت ملڪ کان ٻاهر آهن، انهن بابت ته صرف اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته اهي چونڊن کان ڪجهه ڏينهن ڏيهه واپس اچي ويندا ۽ باقاعده طور تي پنهنجيون سرگرميون شروع ڪندا ۽ اهو ماحول به پيدا ٿي رهيو آهي، مشرف جي حمايت ۾ به ڪراچي اندر چاڪنگ ڪئي وئي آهي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽  اڳوڻي صدر پرويز مشرف وچ ۾ فاصلا به تمام گهڻو ختم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، ان جو مثال دبئي ٿيل هاڻوڪي ملاقاتن مان به لڳائي سگهي ٿو ۽  ڪراچي سميت مختلف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مشرف جي حمايت ۾ چاڪنگ به ان ڳالهه کي واضع ڪري رهي آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جا سمورا ڌڙا مشرف کي ئي سپورٽ ڪندا، ان جو سڀ کان وڏو سبب مشرف جي اقتدار واري دور ۾ ايم ڪيو ايم کي ڏنل اختيار آهن، ڇاڪاڻ جڏهن پرويز مشرف  نواز سرڪار جو تختو اونڌو ڪيو هو ته ان وقت پرويز مشرف جي ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ سميت مختلف پارٽين حمايت ڪئي هئي ۽ ڪجهه سياسي اڳواڻ ملڪ ڇڏي هليا ويا هئا.
بهرحال هن وقت جڏهن ڪراچي ۾ نامعلوم ماڻهن طرفان  مشرف جي چاڪنگ ڪئي وئي ته اهو محسوس ٿي رهيو هو ته جيڪي اڳ ۾ چاڪنگ ڪئي ويندي هئي ته  منرل نه رهنما کپي، ان ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي، جڏهن هاڻ ايم ڪيو ايم  جا ٽي چار ڌڙا ٿي چڪا آهن ته انهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد طرفان هڪ ٻئي جي خلاف بيان بازي جو به سلسلو هلندو رهيو آهي، فاروق ستار به گذريل ڏينهن عزيز آباد جي شهيد جي يادگار وٽ ٿيل ڇڪتاڻ کي ايم ڪيو ايم پاڪستان لاءِ سازش قرار ڏئي ڇڏيو آهي، بهرحال اها ايم ڪيو ايم جنهن جي قائد جي هڪ اشاري تي سڄو شهر بند ٿي ويندو هو اهي ئي اڳواڻ اڄ پنهنجي قائد جي هڪ به نه ٻڌي رهيا آهن ۽ اهي سمورا اڳوڻ اڄ ڪلهه دبئي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقاتون ڪرڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن ۽ باني ايم ڪيو ايم جو ذڪر به مڪمل ختم ٿي چڪو آهي پر ان باوجود ايم ڪيو ايم لنڊن جا عهديدار هن وقت به سرگرمين ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن،
جيتوڻيڪ هن وقت ايم ڪيو ايم لنڊن جا اهم اڳواڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي نالي سان هڪ ٻيو ڌڙو قائم ڪري ان ۾ هليا ويا آهن، جنهن سبب ايم ڪيو ايم لنڊن پاڪستان جي هڪ يا ٻه اهم اڳواڻن کي ميڊيا تي ڏيکاريو پيو وڃي، باقي ماضي وارهن چهرن کي ته پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. رهي ڳالهه مشرف جي ته هاڻوڪي ملاقاتن کان پوءِ اهو لڳي رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ايس پي ۽ ٻين ڌڙن ۾ اختلاف ڪرڻ لاءِ مشرف اهم ڪردار ادا ڪندو جنهن سان مشرف جي پوزيشن به تمام گهڻو مضبوط ٿيندي ۽ سندس ڪراچي ۾ به ڪجهه ووٽ بينڪ ٿيندو، باقي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ مشرف کي شايد ايڏي سپورٽ نه ملي سگهي جيتري کيس ايم ڪيو ايم جي ڌڙن مان ملي سگهي ٿي، باقي رهي ڳالهه پرويز مشرف تي ڪيسن جي ته شايد اهي هلندا رهندا، جئين ٻين اڳواڻن تي هلندا رهندا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جئين جئين ايم ڪيو ايم جي ڌڙن ۾ اختلاف وڌي رهيا آهن تئين تئين ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ مشرف جي حمايت ۾ چاڪنگ به ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.


No comments:

Post a Comment