Pages

Friday, 18 November 2016

جرڳائي نظام معاشري کي اڏوهي جيان کائڻ لڳو

صاحب خان ڀٽي
1947ع کان وٺي هن وقت تائين صرف اهو ئي ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته تعليم جي بهتري لاءِ تمام گهڻا قدم کنيا ويا آهن ۽ ملڪ تمام گهڻي ترقي به ڪئي آهي پر افسوس جو روز هن ملڪ ۾ ڪٿي نه ڪٿي اهڙا واقعا پيش ايندا آهن جن کي ٻڌڻ سان انسانيت جو ڪنڌ ئي جهڪي ويندو آهي سنڌ ۽ پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾  جرڳائي نظام سبب هزارين ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن، اڻ پڙهيل جاهيل ماڻهن جي جرڳن سبب انصاف ملڻ ته ٺهيو پر اهڙيون فتوائون جاري ڪيون وينديون آهن جن کي ٻڌڻ سان اهو محسوس ٿيندو آهي ته اڄ به هن ملڪ ۾ قانون تي عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو، هونءَ  ته سنڌ ۾ هزارين اهڙا جرڳا ٿي چڪا آهن جن کي ٻڌڻ سان انسان هجڻ تي به هزارين سوال ٿي وڃن ٿا،  ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي شهر گجرات ۾ هڪ اهڙو جرڳو ٿيو هو جنهن ۾ لڄالٽ جي بدلي لڄالٽ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي جنهن سبب انساني شرمائجي وئي هئي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته گجرات ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي سان لڄالٽ جي الزام هيٺ آيل جوابدار جي ڌيءُ سان لڄالٽ جو فيصلو ٻڌايو ويو. اهو واقعو گجرات جي جلال پور واري علائقي ۾ پيش آيو هو جتي هڪ جرڳي ۾ اهو فيصلو ٻڌايو ويو ۽ ان جرڳي جي فيصلي تي عمل ۾ به ڪيو ويو جڏهن ان ٻارڙي جي پيءُ جوابدار جي ڌيءُ سان لڄالٽ ڪئي ته ان بعد ان متاثر عورت پاڻي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته پوليس طرفان به اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته متاثر عورت پاڻ کي ساڙڻ کان اڳ ٿاڻي تي دانهن به ڏني هئي، جڏهن ته پاڻ کي ساڙي آپگهات ڪندڙ عورت جي ڊي اين ٽيس به ڪرائي وئي هئي ۽ پوليس روايتي طور تي پنهنجو ڪم به جاري رکيو پيو اچي  جنهن مان صرف اها ئي اميد ئي ڪري سگهجي ٿي،  افسوس جي ڳالهه آهي ته جن بااثرن اهو جرڳو ڪيو نه ته انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي ۽ نه ئي وري اهڙن جرڳن جي خاتمي لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن.
جيتوڻيڪ اڄ جي جديد دور ۾ به سنڌ اندر ڪڌي رسمن ۽ جرڳائي نظام عام آهي جنهن سبب روز ڪٿي نه ڪٿي جرڳي ذريعي قتل ۽ ڏنڊ جون فتوائون جاري ڪيون وڃن ٿيون،  ڪڏهن معصوم نياڻين کي ڏنڊ عيوض پرڻايو وڃي ٿو ته ڪٿي وري ڳري رقم ڏنڊ طور مقرر ڪئي وڃي ٿي، ڪارو ڪاري ڪڌي رسم کان ويندي قبيلي جهڙائن تائين جيڪي به واقعا ۽ سانحا ٿين ٿا ان جو به ذميوار اسان جو معاشرو ئي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر ڀوتارڪي، وڏيرڪي ۽ جاگيرداڻو نظام اڄ به قائم دائم آهي صرف تبديل ٿيا ته اهي صرف ماڻهن جا چهرا. جيڪڏهن اسان جو معاشري ۾ تعليم جو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هر هڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ها ته اڄ سنڌ اهڙين ڪڌي رسمن، جاگيرداڻي نظام کان آجي هجي ها ۽ ۽ ڪارو ڪاري ۾ نوجوان ۽ ڇوڪرين کي قتل نه ڪيو وڃي ها ۽ نه اسان جا ويران بڻجي ويل اسڪول بند ٿي وڃن ها ۽ نه اڄ سنڌ ۾ تعليمي نظام تباهه هجي ها، ان سمورن مسئلن جا ذميوار به اسان پاڻ ئي آهيون.
صوفين جي سرزمين کي ته ڪنهن نڀاڳي جي نظر لڳي آهي جو اڄ سنڌ قبيلن جهيڙن۽ ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسمن جي ور چڙهي وئي آهي، ان جو ذميوار به اسان جو بي حس بڻجي ويل معاشرو آهي، جيڪڏهن ڪارو ڪاري ۽ قبيلائي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو اثرائتو قدم کنيو وڃي ها ته اڄ هن صوفين جي ڌرتي تي عورت کي غيرت جي نالي تي قتل نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي وري قبلائي تڪرارن  ۾ ڳڀڀرو نوجوان قتل ٿي وڃن ها. جيڪڏهن اڄ اسان جي معاشري ۾ ڏنڊ چٽي عيوض معصوم نياڻين کي پرڻائڻ واو رواج آهي ته ان جا به ذميوار اسان ئي آهيون. هونءَ سنڌ جو ڪو اهو شهر بچو ئي نه آهي جتي قبيلن جهڙن جي ڪري ڪو گهر اجڙيو نه هجي، جيڪب آباد، شڪارپور، نوابشاهه ۽ ڪچي وارن علائق  ۾ ته قبيلائي جهيڙا باهه جيان ڀڙڪي رهيا آهن، جنهن کي ختم ڪرائڻ ۾ حڪومت به بلڪل بي وس نظر اچي رهي آهي. قبيلائي جهيڙن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ جيڪب آباد، نوابشاهه، شڪارپور ۽ ڪچي وارا علائقن آهن، ڪيتريون ئي اهڙيون برادريون آهن جن ۾ هن وقت به قبيلائي جهيڙو هلندڙ آهي، ڪجهه ڪچي جي اهڙا علائقا به آهن جتي ماڻهو قبيلائي جهيڙن سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ انهن جا ٻار تعليم جي زيور کان به محروم بڻيل آهن، ڪجهه عرصو اڳ شهيد سنڌ بشير خان قريشي قبيلن جهيڙن کي ڪرائڻ لاءِ هڪ وک اڳتي وڌائي آهي، جنهن ۾ کيس تمام گهڻي اڳڀرائي به ملي هئي ۽ سنڌ اندر قبيلائي تڪرارن ۾ ٺاپر به آئي هئي پر افسوس جو اڄ هڪ دفعو ٻيهر قبيلائي جهيڙن ۾ واڌ اچي وئي آهي، جنهن لاءِ اڄ هڪ دفعو ٻيهر شهيد بشير خان قريشي جهڙن عظيم اڳواڻ جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي، بهرحال جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته قبيلائي جهيڙن  جو مک ڪارڻ يا ته زمين جي مالڪي جو تڪرار هوندو آهي يا وري ڪارو ڪاري وارا معاملا هوندا آهن. هونءَ ته سنڌ ۾ روز ڪٿي نه ڪٿي غيرت جي نالي تي قتل وارا واقعا پيش ايندا رهندا آهن پر ڪجهه عرصي کان سنڌ اندر پلان وٺڻ لاءِ گهرن تي حملا ڪري معصوم ٻارڙن کي به قتل وارن واقعن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ پوليس توڙي ٻين ادارن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.
هونءَ ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪڌي رسمن سبب عورتن کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جون خبرون به اخبارن جون زينت بڻيل رهيون آهن، خيبرپختونخواهه ۾ به ڪجهه عرصو اڳ عورت کي گاڏي ۾ ساڙيو ويو هو، جنهن بابت اهو ئي ٻڌڻ ۾ آيو هو ته عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو هو، مشهور ماڊل قنديل بلوچ کي به مولوي کي بي نقاب ڪرڻ بعد سندس ڀاءُ غيرت ۾ اچي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي به هن وقت تائين صرف جاچ هلندڙ آهي، ڪجهه دانشورن ۽ اديبن جو خيال آهي ته تعليم جي گهٽتائي سبب جاهل ماڻهو غيرت جي نالي تي عورتن کي قتل ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه جاهليت سبب عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪندا آهن، بهر حال تعليم جي گهٽتائي به جاهليت جو هڪ وڏو سبب آهي پر پڙهيل لکيل طبقي ۾ به عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ وارا واقعا معمول بڻيل آهن، اهڙو  هڪ واقعو پنجاب جي شهر جهلم ۾ به پيش آيو، جتي برطانوي عورت سامعه کي به قتل ڪيو ويو هو، پر افسوس جو انهن جوابدارن کي به هن وقت تائين ڪا عبرتناڪ سزا ناهي ملي سگهي، ڳڙهي خيري ۾ به ڪارنهن الزام هيٺ هڪ عورت کي قتل ڪيو ويو هو، هنڱورجن ۾ به پيار جو پرڻو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ زبردستي گهرائي نوجوان ڪامران ۽ ناري سباس طاهرا کي زهر ڏنو  ويو هو، جن کي ڳڻتي جوڳي ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو هو،جتي نوجوان ڪامران دم ڏئي ڇڏيو هو پر افسوس جو پوليس انهن جوابدارن خلاف به ڪا خاص ڪارروائي ڪري نه سگهي آهي. جنهن مان اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ته قانون جا رکوالا ئي قاتلن کي تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن. هاڻ جڏهن بل به منظور ڪيو ويو  آهي ته هر هڪ جي ذهن تي اهو سوال آهي ته آخر ان بل تي عمل ڪرائيندو ته ڪرائيندو ڪير؟ ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين جيڪي به بل پاس ٿي چڪا آهن ته عمل ٻڙيءَ برابر ٿيو آهي.
هاڻ به وقت نه ويو آهي اسان سڀني کي سنڌ مان قبيلائي جهيڙن ۽ ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ  آواز ٿيڻو پوندو ته جئين مستقبل ۾ ڪنهن کي قبيلائي تڪرار سبب ڪنهن جي گهر تي حملو ڪري معصوم ٻارڙن کي قتل ڪرڻ جي همت نه ٿي ۽ نه اههڙا سانحا سنڌ ٻيهر پيش اچي سگهن جن کي ٻڌڻ سان هر هڪ جو هانءُ ڦاٽي ٿو پئي، سنڌ حڪومت کي به گهرجي جتي به قبيلائي تڪرار هلندڙ آهن، انهن  خلاف ڪارروائي ڪري ته جئين انهن علائقن ۾ امن قائم ٿي سگهي ۽ ويران بڻجي اسڪول ٻيهر آباد ٿي سگهن ۽ انهن علائقن جا به ٻارڙا  تعليم جهڙي زيور کان مالا مال ٿي سگهن ۽ اهو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن قبيلائي جهڙن جي پٺڀرائي ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته اهي جرڳا ڪندڙ بااثرن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪن ته  جئين ڪنهن کي به سنڌ ۽ پاڪستان ۾  جرڳا ڪرڻ جي همت نه ٿئي ۽ گجرات جهڙا انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ سانحا پيش نه اچي سگهن  ۽ عورتون آپگهات ڪرڻ کان بچي سگهن.


No comments:

Post a Comment