Pages

Thursday, 12 January 2017

هيڪنگ جو اعتراف ۽ الوداع بارڪ اوباما....!

صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدر بارڪ اوباما صدارتي چونڊن ۾ روس تي هيڪنگ جا الزام لڳايا هئا پر روس اهڙين الزامن جي ترديد ڪئي هئي ۽ چيو هو ته آمريڪا کي اهڙن الزامن لڳائڻ کان پاسو ڪجي ڇاڪاڻ ته هنن آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪا به مداخلت نه ڪئي هئي ۽ نه کين روسي هيڪنگ بابت ڪا ڄاڻ آهي پر ان باوجود آمريڪي صدر بارڪ اوباما روس تي هيڪنگ جو الزام لڳائيندو رهيو، هڪ طرف بارڪ اوباما روسي هيڪنگ جي دعويٰ ڪري رهيو هو ته ٻي طرف وري ڊونالڊ کان ويندي روس تائين سڀني هيڪنگ وارن الزامن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. پر جڏهن آمريڪي صدر پنهنجي الوداعي تقريب کي خطاب ڪيو ته ان بعد آمريڪا جي نئين چونڊجي آيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ روسي هيڪنگ جو اعترف ڪيو ۽ چيو ته 2016ع ۾ روس صدارتي چونڊن بابت هيڪنگ ۾ ملوث هو. جڏهن به بارڪ اوباما روس خلاف ڳالهايو ته ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پر ڪڏهن به روس خلاف ٻڌڻ پسند نه ڪيو. ڊونالڊ ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ هو روزگار فراهم ڪندو، ڊونالڊ ٽرمپ ته پنهنجي بيانن ۾ اهو به چوندو رهيو آهي ته  روس سندس دوست ملڪ آهي ۽ سندس مخالف روس خلاف افواهون پکيڙي رهيا آهن، هڪ طرف ڊونالڊ ٽرمپ  روسي هيڪنگ جو اعتراف ڪيو  ته ٻي طرف وري هن چيو ته هو روس جو قرضي ناهي۽ نه ئي سندس اتي ڪي اثاثا آهن، جيتوڻيڪ هن وقت ڊونالڊ ٽرمپ جو سڄو ڌيان اقتدار جي منتقلي تي آهي، ڊونالڊ ٽرمپ ته انٽيلي جنس رپورٽن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو هو.  پر هاڻ سڀني رپورٽن جو اعتراف ڪري رهيو آهي.
آمريڪي صدر بارڪ اوباما 20 جنوري تي پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو ۽ ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪي صدارت جو عهدو سنڀاليندو، ڪيترن ئي ملڪن جا اڳواڻ ڊونالڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آمريڪا پهچي رهياآهن، آمريڪي صدر بارڪ اوباما بطور صدر پنهنجي الوداعي تقريب کي  خطاب ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪارڪردگي سان گڏ ڊونالڊ ٽرمپ کي اقتدار جي منتقلي بابت به آگاهه ڪيو، آمريڪي صدر بارڪ اوباما جڏهن آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو هو ته  پاڪستان جي لياري سميت دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سندس ڪاميابي تي خوشي ملهائي وئي هئي ۽ اميد ڪئي وئي هئي ته سندس اچڻ بعد خطي ۾ امن امان جي صورتحال سان گڏ معشيت مضبوط ٿيندي پر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو ۽ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو  ۽ ڪيترائي ملڪ جنگ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لڳا، اڄ به عراق، شام ۽ يمن ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، هڪ طرف اتحادي فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مختلف ملڪن ۾ ڪارروايون ڪري رهي آهي ته ٻي طرف وري نيون نيون دهشتگرد  تنظيمون سامهون اچي رهيون آهن، جيڪڏهن اتحادي فوج ڪارروائي ڪري ٿي ته ان جو نقصان عوام کي ئي ٿئي ٿو ، جيڪڏهن دهشتگرد ڪارروايون ڪن ته ان جي به سزا عوام کي ئي ملندي آهي،
آمريڪي صدر بارڪ اوباما جڏهن آمريڪي صدارت جون واڳون سنڀاليون هيون تڏهن هو خطي ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪيون هيون پر افسوس جو امن هن وقت تائين قائم نه ٿي سگهيو آهي، بارڪ اوباما جڏهن به تقرير ڪندو هو، تڏهن چوندو هو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب نه آهي ۽ داعش به مسلمانن جي ترجماني ڪندڙ تنظيم نه آهي، جڏهن به  آمريڪي صدر بارڪ اوباما اوباما خطاب ڪندو هو تڏهن هو مسلمانن جي حمايت ضرور بيان ڏيندو هو، جنهن سبب هر هڪ ماڻهو خوش ٿي ويندو هو پر افسوس جڏهن کان ڊونالڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن  ۾ ڪامياب ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان  هو مسلمان خلاف ئي بيان ڏئي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته بارڪ اوباما جي اچڻ سان خطي ۾ ڪا  به تبديلي نه آهي پر ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ بعد هن خطي ۾ تبديلي ايندي ڇاڪاڻ ته سندس دهشتگردن خلاف رويو سخت نظر اچي رهيو آهي ۽ هو دهشتگردي جي خاتمي   لاءِ  تمام گهڻا قدم کڻندو. هوڏانهن آمريڪي سينيٽر جان مڪ مڪين به  ڊونالڊ ٽرمپ خلاف ايف بي آءِ کي ثبوت ڏيڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، سندس چوڻ اهي ته کيس ڊونالڊ ٽرمپ خلاف ڊوزيئر مليا ۽ اهي سمورا ڊوزيئر ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر جيمز ڪومي  جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا، آمريڪي سينيٽر  مڪ مڪين چيو هو ته هو ان وقت ڊوزيئر جي درست هجڻ يا نه هجڻ بابت راءِ قائم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هو.
ٻي طرف وري وائيٽ هائوس جي ترجمان  جاش ارنيسٽ به اهو واضع ڪري چڪو آهي  ته آمريڪي چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت رپورٽ جو حڪم آمريڪي صدر ڊونالڊ  ٽرمپ  ڏنو هو ۽ اهو به چيو هو ته انٽيلي جنس ايجنسين روسي هيڪنگ بابت گڏيل  رپورٽ تيار ڪئي ۽ اها رپورٽ ڳجهي رکي ويندي آهي ۽ ان کي ڪير به جاري نه ڪري سگهندو آهي، وائيٽ هائوس جي ترجمان جاش انيسٽ اهو به چيو هو ته وائيٽ هائوس هميشه ڳجهي ڄاڻ جو تحفظ ڪندو آهي. انٽيلي جنس ڄاڻ بابت ٽرمپ جي تنقيد گمراهه ڪندڙ آهي. بهرحال هن وقت آمريڪا ۾ ڊونالڊ ٽرمپ خلاف مظاهرن جو سلسلو ختم ٿي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته آمريڪي عوام به هاڻ اهو مطئمن ٿي ويا آهن ته ڊونالڊ ٽرمپ ئي سندن ملڪ کي درست نموني هلائي سگهي ٿو، پر ڏٺو وڃي ته آمريڪي عوام جڏهن ڊونالڊ ٽرمپ ڪامياب ٿيو هو ته بارڪ اوباما جي ڪاميابي جيان خوش نه ٿيو هو ۽ ڊونالڊ ٽرمپ جو استبقال ڌرڻن ۽ احتجاجن سان ڪيو و يو هو. هاڻ جڏهن آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي وڃڻ ۾ ڪجهه ڏينهن بچي ويا آهن ته آمريڪي عوام به ڊونالڊ ٽرمپ کي نئون صدر تسليم ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي،
آمريڪي صدر بارڪ اوباما به شڪاگو ۾ پنهنجي الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي چيو  ته آمريڪا هاڻ مضبوط ۽ اڳ کان وڌيڪ محفوظ ترين ملڪ بڻجي چڪو آهي. بارڪ  اوباما پنهنجي الوداعي تقريب ۾ آمريڪي عوام جا ٿورا به مڃيا ۽ چيو ته کين دنيا جي امير ۽ قابل قوم رهڻو آهي، کيس آمريڪي عوام تمام گهڻو سيکاريو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي الوداعي تقريب  جي خطاب ۾ تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو آهي ۽ سندس چهري ۾ ڪٿي به مايوسي جو تاثر نظر نه اچي رهيو هو  ۽ هن پنهنجي آخري خطاب ۾ ڪٿي به ڊونالڊ  ٽرمپ خلاف ڪي به لفظ نه ڳالهايا جئين صدارتي چونڊن جي مهم دوران ڳالهايا هئا، هن ته پنهنجي آخري خطاب ۾ اهو به چيو ته جڪيڏهن سندس هيلٿ ڪيئر پلان کان به  وڌيڪ ڪو پلان آندو ويو ته هو ان جي حمايت ڪندو، آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي آخري خطاب ۾  اها دعويٰ به ڪئي ته هن نائن اليون جي ماسٽر مائينڊ کي انجام تائين پهچايو، جنهن جو هن آمريڪي قوم سان واعدو ڪيو هو.
جيڪڏهن آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي ان بيان ڏانهن ٿوڙو غور ڪيو وڃي ته اسان کي سعودي عرب به ياد ايندو ڇاڪاڻ ته آمريڪي سينيٽ ۾ ڪجهه عرصو سعودي عرب خلاف بل به پيش ڪيو ويو هو جيڪو بعد ۾ پاس به ڪيو ويو هو، جنهن  بعد نائن اليون ۾ متاثرن کي سعودي عرب خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو حق ملي ويو هو ، جنهن تي سعودي عرب طرفان ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي هئي، هڪ طرف آمريڪا نائن اليون ۾ سعودي جي ڪجهه ماڻهن کي نائن اليون ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳائي رهيو  ته ٻي طرف وري سعودي عرب سان سٺالاڳاپا هجڻ جون دعوائون به ڪري رهيو هو، بهرحال ان بل تي ته هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته اهو آمريڪا به چڱي ريت ڄاڻائي ٿو ته جيڪڏهن هن سعودي عرب خلاف هڪ قدم به کنيو ته سندس پرڏيهي پاليسي مڪمل ناڪام ٿي ويندي ۽ آمريڪا جي به معيشيت کي به ڪاپاري ڌڪ رسندو. آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي الوداعي تقريب ۾ اهو به چيو ته جيڪڏهن پناهگيرن ۾ فرق ختم نه ڪيو ويو ته ملڪ جي معيشيت لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار هوندو، آمريڪي صدر بارڪ اوباما ايران بابت پنهنجي آخري خطاب ڳالهائيندي چيو ته هنن ايران جي ايٽمي معاملي کي بنا گولي هلائڻ جي حل ڪيو هو. هاڻ جڏهن ڊونالڊ ٽرمپ اقتدار جي منتقلي واري مرحلي جو تمام گهڻو ويجهو مڪمل اچي چڪو آهي تڏهن  هن آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي روسي هڪينگ جي الزامن جو اعتراف به ڪري ورتو آهي ۽ چيو آهي ته روس  آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت ڪئي هئي، هن اهو به چيو ته جيڪڏهن روس کيس پسند ڪري ٿو ته اها سٺي ڳالهه ۽ سندس جا ڪي  روس سان ڪي به اختلاف نه آهن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جئين ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي رويي ۾ تبديلي آندي آهي،ائين هون ءَ پناهگيرن سميت اسلامي ملڪن بابت پنهنجي سوچ تبديل ڪندو ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ۽ جهڙي ريت ڊونالڊ ٽرمپ دهشتگردن کي چٿڻ جون دعوائون ڪري رهيو آهي ان تي پورو لهندو.

No comments:

Post a Comment