Pages

Saturday, 14 January 2017

بلاگرز جون گمشدگيون ۽ حڪومتي رٽ

صاحب خان ڀٽي
سينيٽ چيئرمين رضا رباني جي بيان ته گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي زخمن تي ڄڻ ته ڪو مرهم رکي ڇڏيو آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گم ٿيل ماڻهن بابت اهڙو بيان ڏنو ويو  آهي ته شهرين جي گمشدگي واري معاملي تي اکيون بند نه ٿيون ڪري سگهجن، سينيٽ چيئرمين رضا رباني جي بيان هن ملڪ ۾ ايترو ته بحث ڇيڙي ڇڏيو جو جيڪي حڪمران گم ٿيل ماڻهن بابت ڳالهائڻ کان لنوائي رهيا هئا انهن به ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ سنڌ مان به ماڻهن جي گمشدگين جو به اعتراف ڪيو ويو، ايتري قدر جو رضا رباني، فرحت الله بابر کي هدايت به ڪئي ته هو شهرين جي گمشدگي واري معاملي تي پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ بعد ايوان کي آگاهه ڪري، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو بيان ان وقت ڏنو ويو آهي جڏهن شهرين جي گم ٿيڻ وارو سلسلو وڃي ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد تائين پهتو آهي، جنهن بابت ڪو تصور به نه ٿو ڪري سگهي ٿو ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند ڪنهن اديب، شاعر کي اغوا ڪري وڃن، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي گادي واري سڪيورٽي ايتري ته سخت رکي ويندي آهي جتي ڏوههه نه ٿيڻ جي برابر هوندا آهن پر افسوس جو اڄ اتي به شهري محفوظ نه رهيا آهن، جتي ڪجهه ڏينهن اندر ڪيترائي بلاگرز گم ٿي ويا آهن، جن جو پتو هن وقت تائين نه پئجي سگهيو آهي، حڪومت صرف بيان ڏيڻ ۾ پوري آهي، سينيٽ چيئرمين به چئي  چڪو آهي ته هو شهرين جي گمشدگي واري معاملي تي اکيون بند نه ٿا ڪري سگهن، پهرين سنڌ ۽ پوءِ بلوچستان ۽ هاڻي اسلام آباد مان ماڻهو گم ٿي رهيا آهن، ٻي طرف وري وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو بيان به وڏي معنيٰ رکي ٿو، جنهن ۾ هن چيو هو ته شهرين کي گم ڪرڻ حڪومت جي پاليسي نه آهي، جيڪڏهن وفاقي گهرو وزير جي بيان تي غور ڪريون ته ڪيترائي سوال کڙا ٿيندا، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ مان صرف هي بلاگرز نه پر ٻيا به ڪيترائي ماڻهو گم ٿي چڪا آهن، جن جو پتو هن وقت تائين پئجي نه سگهيو آهي، هڪ طرف شهرين جي گمشدگين سبب پرڏيهه ۾ پاڪستان اندر امن امان جي صورتحال تي سوال اٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري اسلام آباد جهڙي شهر مان ماڻهو گم ٿيڻ سبب ٻاهرن ملڪن ڏانهن خراب تاثر وڃي رهيو آهي، جنهن سبب مختلف ملڪ پاڪستان مان بلاگرز جي گمشدگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن هن وقت به بلاگرز جي بازيابي لاءِ ڪي خاص قدم نه کنيا ويا ته پوءِ هن ملڪ ۾ شهرين جي کنڀجڻ وارا واقعا پيش ايندا رهندا.
اديب، شاعر سلمان حيدر جي گمشدگي وارو معاملو ملڪ ۾ شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، انساني حقن جون تنظيمون به روڊن تي نڪري آيون آهن، هر طرف ماڻهن جي گمشدگين جو ذڪر ٿيڻ لڳو آهي، هن وقت تائين ملڪ جي گادي واري شهر مان سلمان حيدر، عاصم سعيد، وقاص گورايه ۽ احمد رضا لاپتا ٿي ويا آهن، جنهن سبب ملڪ ۾ خوف واري لهر  پکڙجي وئي آهي، اڃا سلمان حيدر ۽ ٻين بلاگرز جي گمشدگين واري معاملي ۾ ٺاپر آئي نه هئي ته مٿان وري سماجي ڪارڪن ٽمر عباس به گم ٿي ويو آهي، خبر ئي نه پئجي رهي آهي ته ملڪ جي گادي واري شهر ماڻهو ڪئين گم ٿي رهيا آهن، اهو حڪومت سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ به هڪ سواليه نشان بڻجي ويو  آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ملڪ جي گادي واري شهر مان ئي ماڻهو گم ٿي وڃن ته پوءِ آخر ٻين شهرن جي ڪهڙي حالت هوندي ۽ سڄي ملڪ جو عوام ڪهڙي طرح محفوظ هوندو؟ هڪ طرف حڪمران اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ملڪ ۾ اظهار جي آزادي آهي پر افسوس جو هن وقت تائين حڪومت بلاگرز جي بازيابي لاءِ ڪي خاص قدم نه کنيا آهن، جنهن مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت بلاگرز جي گمشدگين واري معاملي کي سنجيدگي سان نه وٺي رهي آهي، هڪ ٻه ڏينهن اڳ وفاقي گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته وفاقي گادي واري شهر مان بلاگرز جي گمشدگين واري معاملي جي هو جاچ ڪري رهيا آهن ۽ کين ڪجهه ثبوت به مليا  آهن، جن کي وقت کان اڳ ظاهر ڪرڻ سان جاچ تي اثر پوندو. وفاقي گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ اها خاطري به ڪرائي هئي ته هو گمشده ماڻهن جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کڻندو ۽ اهو واضع طرح چيو هو ته ماڻهن کي گم ڪرڻ واري پاليسي حڪومت جي نه آهي ۽ نه ئي اهڙي پاليسي کي برداشت ڪيو ويندو. بهرحال وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنهنجي اهڙي بيان بعد ته خاموش ٿي ويو پر هن وقت تائين به بلاگرز جي گمشدگين خلاف احتجاج ٿي رهيو آهي، آمريڪا ۽ برطانيا به پاڪستان ۾ بلاگرز جي گمشدگين تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، پر افسوس جو هتان جا حڪمران گم ٿيڻ ماڻهن جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهيا آهن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماڻهن جي گم ٿيڻ وارو معاملو ڪو نه آهي پر ماڻهن جي گم ٿيڻ وارو سلسلو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي، اڳ ۾ بلوچستان مان ماڻهو گم ٿيندا هئا پوءِ آهستي آهستي اهو سلسلو سنڌ ۾شروع ٿي ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين رڪجي نه سگهيو آهي پر افسوس جو سنڌجا جيڪي به وزير ۽ مشير آهن انهن کي صرف اقتدار کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه نظر اچي رهيو آهي، اهي صرف پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۾ پورا نظر اچي رهيا آهن، جنهن سبب نوجوانن کان ويندي پوڙها به گم ٿي رهيا آهن، جنهن بابت نه پيپلزپارٽي ڳالهائي رهي هئي ۽ نه ئي وري ٻي ڪي سياسي جماعتون ڳالهائڻ جي همت ڪري رهيون پر هاڻ جڏهن کان بلاگرز  جا لاپتا ٿيا آهن تڏهن کان هتان جون انساني حقن جي تنظيمن توڙي وزيرن ۽ مشيرن جو وات کلي ويو آهي ۽ اهي بلاگرز جي گمشدگين تي ڳڻتي ظاهر ڪري رهيا آهن پر افسوس اهي انساني حقن واريون تنظيمون ان وقت خاموش هيون جڏهن شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ  مقصود قريشي ۽ سلمان وڌي کي باهه ڏئي شهيد ڪري ڇڏيوهو تڏهن نه ته سنڌ جي ڪامورن وات مان ڪو لفظ ڪڍيو هو ۽ نه ئي ڪي انساني حقن واريون تنظيمون روڊن تي آيون هيون، اهي تنظيمون ته ان وقت به غائب هيون جڏهن قومي ڪارڪن استاد راهمون، فياض  ڏاهري، سهيل ڀٽي، ايس يو پي اڳواڻ فياض خميساڻي کي گم ڪيو ويو هو، ايس يو پي اڳواڻ فياض خميساڻيءَ ته وڪيل به هو پر افسوس جو نه انساني حقن واريون تنظيمون ظاهر ٿيو ۽ نه ئي ڪو وڪيل برادري فياض خميساڻيءَ جي گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو، فياض خيمساڻيءَ ته هڪ وڪيل سان گڏ ايس يو پي پارٽي جو اڳواڻ به هو، جيڪو هڪ سياسي تنظيم سان تعلق رکندو هو، اهو به ڪيترن ئي ڏينهن کان گم آهي،جنهن جو پتو هن وقت تائين نه پئجي سگهيو آهي.
جيتوڻيڪ سياسي، سماجي توڙي سندس پارٽي جا ڪارڪن احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه پئي چري، انهن جون اکيون اڄ به بند آهن، جن کي سنڌ مان گم ٿيندڙ ماڻهن جي خبر ئي نه پئجي رهي آهي ۽ سنڌ جا ڪامورا اهڙيون خبرون ٻڌڻ پسندڪري رهيا آهن، باقي اسلام آباد يا افغانستان مان ماڻهن جي گمشدگين وارو معاملو هجي ته بيان ڏيڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ويندي آهي. افسوس ته ان وقت به ٿيو هو جڏهن قومي ڪارڪن مقصود قريشي ۽ سندس ساٿي سلمان وڌي کي ساڙي شهيد ڪيو ويو هو، ان وقت به سنڌ جي ڪامورن خاموشي اختيار ڪئي هئي، سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي به هڪ قومي ڪارڪن کي گم ڪيو ويو هو، جنهن جو لاش وري انساني حق واري عالمي ڏينهن تي اڇلايو ويو هو ۽ لاش اڇلائڻ وقت انساني حقن جو خاص خيال رکيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته انساني حقن واري ڏهاڙي انساني حقن جو خيال رکڻ لازمي هوندو آهي، جنهن سبب نوجوان کي ڪفن ۾ پارائي بعد لاش هڪ ويران جڳهه تي رکيو ويو، بهرحال هن وقت به ڪيترائي سنڌي نوجوان گم آهن، جن جو به پتو هن وقت نه پئجي سگهيو آهي، هڪ طرف بلاگرز گم آهن تي ٻي طرف وري سياسي جماعتن جا ڪارڪن به گم ٿي رهيا آهن، پ پ سينيٽر فرحت الله  بابت پنهنجي بيان چيو آهي ته ڪجهه قوتون اهڙيون آهن، جيڪي سياسي، جماعتن ۽ پارلياميننٽ کي ڪم ڪرڻ نه ٿيون ڏين، هاڻي اسلام آباد مان به ماڻهو کنڀجي رهيا آهن، صورتحال سنگين ٿي رهي آهي، سينيٽر  فرحت الله بابت ته اهو به چيو  هو  ته اظهار راءِ جي آزادي ختم ڪرڻ لاءِ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو، آمنه مسعود جنجوعه به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سلمان حيدر مشهور پروفيسر آهي، هن سميت گهڻا سماجي ورڪر گم ڪيا ويا آهن، هو نظرياتي طور کاٻي ڌر جو آهي، سندس کنڀجڻ جو بنيادي سبب به اهو آهي ته اهو پنهنجي بلاگ ۾ حڪومت جي منافقاڻن روين تي تنقيد ڪندو آهي. بهرحال هن وقت به سنڌ مان ڪيترائي نوجوان گم آهن، جيڪڏهن هن وقت به حڪومت انهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ته حالتون بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿي وينديون، هر هڪ حڪومت جي زميواري هوندي آهي  ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو  وڃي پر هن حڪمران هاڻ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪر۾ ناڪام ٿي ويا آهن.

No comments:

Post a Comment