Pages

Thursday, 19 January 2017

اسلام آباد ۾ ٿيل سنڌي شاگردن تي وحشياڻو تشدد

صاحب خان ڀٽي
اسلام آباد ملڪ جو راجڌاني شهر آهي، جنهن جي سڪيورٽي جو راڳ حڪمران ڳائيندا رهندا آهن، هن شهر جي سڪيورٽي ايتري ته سخت هوندي آهي جو ڪو دهشتگرد آساني سان داخل به نه ٿي سگهندو آهي پر ڪجهه ڏينهن کان هن شهر مان ماڻهو به گم ٿي رهيا آهن ته يونيورسٽين تي به حملا شروع ٿي ويا آهن پر قانون نالي ڪا شيءَ نظر نه پئي اچي، حڪومت چئي رهي آهي ته هو گم ٿيل ماڻهن واري معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، اها جاچ اڃا مڪمل ئي نه ٿي هئي ته ريڊ زون ۾ قائم علمي اداري جي هاسٽلن تي ڪيترن ئي گدڙن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 16 کان وڌيڪ سنڌي شاگرد زخمي ٿي پيا، پر ان وقت سندن دانهن ٻڌڻ وارو ڪو ئي نه هو،  نه ته يونيورسٽي انتظاميه سنڌي شاگردن کي حملو ڪندڙن کان بچايو ۽ نه ئي وري ڪنهن سڪيورٽي اهلڪار اچي انهن جي مدد ڪئي، هونءَ ته سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ سڪيورٽي اهلڪار بيٺل نظر ايندا آهن پر الائي ڇو جو ريڊ زون ۾ قائم قائداعظم يونيورسٽي ۾ ڪا به سڪيورٽي  نظر  نه اچي رهي آهي، جيڪڏهن سڪيورٽي هجي ها ته يونيورسٽي کان ٻاهران ماڻهو هاسٽل ۾ داخل ٿي سنڌي شاگردن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو نه بڻائن ها. جڏهن اهڙيون خبرون سوشل ميڊيا تي نشر ٿيون ته اها خبر باهه جيان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ پکڙجي وئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ئي سنڌي شاگرد محفوظ نه آهن ته ملڪ جي راجڌاني واري صوبي ۾ ڪهڙي ريت رهي سگهن ٿا،
هر هڪ ساڃاهه وند کي ڳڻتي به ورايو، ڇاڪاڻ ته قائداعظم يونيورسٽي ۾ جن شاگردن حملو ڪيو اهي ٻيا ڪير نه پر پٺاڻ ئي هئا، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته حملو ڪندڙن ۾ ڪجهه شاگرد به شامل هئا جن هاسٽل ۾ داخل ٿي سنڌي شاگردن کي ڳولي ڳولي وحشياڻي جو تشدد بڻايو. کوڙ ساريون اخبارون هاڻ صرف سنڌي شاگردن تي ٿيل حملي وارين خبرن ۾ ئي ڀريل نظر اچي رهيون آهن، جن ۾ لکيل آهي ته  ٻن ٽن ڏينهن کان قائداعظم يونيورسٽي ميدان جنگ بڻيل رهي، مختلف ٽي وي چينلن تي اهي خبرون به نشر ٿيون ته پختون ڪائونسل جي شاگردن سنڌي شاگردن لاءِ يونيورسٽي نوگو ايريا بڻائي ڇڏي آهي، حملي کان پوءِ اسلام آباد سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي قائداعظم يونيورسٽي جي هاسٽل وارڊن ڪيس به داخل ڪرايو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته پختون ڪائونسل جي چيئرمين مراد عادل، ميراعظم سميت ڏيڍ سئو شاگردن ڪمري نمبر 45 ۾ رهندڙ سنڌي ڪائونسل جي چيئرمين کي ڏنڊن ۽ لوهي سيخن سان حملو ڪري کيس رتو رت ڪيو، جنهن بعد ٻين سنڌي شاگردن کي به وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
پختون ڪائونسل جي ڏيڍ سئو کان وڌيڪ شاگردن سنڌي شاگردن عنايت علي، سراج، اسدالله ۽ ٻين کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪري وڌو، جيڪي مدد لاءِ پڪاريندا رهيا پر سندن دانهن ڪنهن به نه ٻڌي، هن وقت به قائداعظم يونيورسٽي ۾ ڏنڊا بردار پختون ڪائونسل جا شاگرد سنڌي شاگردن لاءِ آزار بڻيل آهن، زخمي ٿيل شاگردن ميڊيا کي اهو به ٻڌايو ته حملي کان اڳ منصوبا بندي ڪري مختلف هنڌن کان آئوٽ سائيڊر ۽ يونيورسٽي کان فارغ ٿيل شاگردن کي گهرايو ويو هو، جن حملو ڪيو. تشدد جو شڪار ٿيل سنڌي شاگردن خدشو به ظاهر ڪيو ته ڪجهه شاگردن کي اغوا به ڪيو ويو آهي،  شاگردن اهو به چيو ته کين شڪ آهي ته هاسٽل جو پرووسٽ به حملي ۾ ملوث آهي،  خبر ئي نه پئجي رهي آهي ته آخر ريڊ زون ۾ قائم قائداعظم يونيورسٽي ۾ سڪيورٽي ڇو فراهم نه ڪئي وئي آهي، آخر اهڙا ڪهڙا سبب هئا جو يونيورسٽي انتظاميه حملو ڪندڙ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ گدڙن کي يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني، جيڪڏهن اهي حملي آور يونيورسٽي ۾ داخل ٿي ويا هئا ۽ انهن سنڌي شاگردن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ته ان وقت انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ قدم ڇو نه کنيا ويا، متاثر شاگرد اهي دانهون به ڪري رهيا آهن ته حملي وقت يونيورسٽي انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل رهئي ۽ سندن ڪنهن به مدد نه ڪئي، قومرپست ڌرين طرفان به واقعي جي سخت لفظن ۾مذمت ڪئي وئي،
 قومپرست ڌرين طرفان ته سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو  ويو آهي ته وفاق سان ڳالهائي سنڌي شاگردن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.ڪجهه قومپرستن ته اسلام آباد يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ سنڌي شاگردن تي حملي واري واقعي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسلام آباد ڪنهن به سنڌي شاگرد کي ڪجهه ٿيو ته ان جو سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويندو، قائداعظم يونيورسٽي جي ڊين وسيم احمد هڪ اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ته يونيورسٽي ۾ جوا ۽ منشيات جو وڪرو ٿيندو آهي، ڊين وسيم احمد ته اهو به چيو آهي ته يونيورسٽي جا ملازم ئي شراب وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن. جيڪي ٻاهران شراب خريد ڪري هاسٽل ۾ آڻيندا، جيڪڏهن ائين آهي ته اهو يونيورسٽي انتظاميه لاءِ شرم جوڳو عمل آهي، جيڪڏهن ملڪ جي باني جي نالي ٺهيل يونيورسٽي جو به حال اهڙو هجي ته پوءِ آخر ٻين يونيورستين ۾ ڇا ٿيندو هوندو؟ حڪومت کي اهو سوچڻ گهرجي ته آخر اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪري رهيا آهن، اها وفاقي حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته يونيورسٽي ۾ دهشت پکڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ته جئين شاگردن جو مستقبل بچي سگهي، ٻي صورت ۾ اسلام آباد ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهندا. بهرحال هن وقت وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته سنڌي شاگردن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ پختون ڪائونسل جي  ملوث شاگرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته  جئين سنڌي شاگردن جون حياتيون بچي سگهن ۽ سندن مستقبل به داءٌ تي لڳڻ کان بچي سگهي، جيڪڏهن انتظاميه توڙي وفاقي حڪومت يونيورسٽي ۾ ٿيل واقعي جي جاچ نه ڪئي ته اهڙا واقعا ٻيهر  پيش ايندا رهندا  ۽ يونيورسٽي جو ماحول خراب ٿيندو رهندو، هن وقت جيڪو اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي ان مان اهو لڳي رهيو آهي ته هٿ وٺي اسلام آباد ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيتوڻيڪ هن وقت سڄي سنڌ ۾ سنڌي شاگردن تي ٿيل وحشياڻي تشدد تي احتجاج ٿيو آهي پر حڪومت تي ان جو ڪو به اثر نه پئجي رهيو آهي، هڪ طرف ساڃاهه وند قائداعظم يونيورسٽي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جو مطالبو ڪري رها آهن.ته ٻي طرف وري قومپرست ڌريون به رودن تي نظر اچي رهيون آهن، ڪجهه ڪارڪن  حڪومت کان يونيورسٽي  واري  واقعي تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو به ڪري رهيا آهن.


No comments:

Post a Comment