صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، حڪمران ڌر به پنهنجو موقف باربار عدالت ۾ پيش ڪري رهي آهي ته درخواست ڏيندڙ ڌر به پنهنجا ثبوت عدالت ۾پيش ڪري پاناما ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم نظر اچي رهي آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به پاناما ڪيس جي سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي ۾ اچي رهيو آهي ۽ هو سپريم ڪورٽ جي تڪڙي ٻڌڻين کان به مطئمن نظر اچي رهيو آهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس آصف سعيد کوسا پاناما ليڪس ڪيس ۾ سوال اٿاريدني رمارڪس ڏنا ته وزيراعظم پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ناهي ڳالهايو ته ڇوٽ ڇو پئي گهري وڃي، ڇا اسيمبلي ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ تي آرٽيڪل 62 لاڳو نه ٿو ٿئي، پاناماليڪس جي هاڻوڪي ٻڌڻي دوران جماعت اسلامي طرفان درخواست به داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وزيراعظم نوازشڙيف غيرقانوني طور تي قومي ناڻو پرڏيهه منتقل ڪيو ويو، اهڙي درخواست کانپوءِ لڳي رهيو آهي ته هڪ طرف عمران خان ته ٻي طر وري جماعت اسلامي وزيراعظم نوازشريف خلاف پنهنجا پير مضبوط ڪري ڇڏيا آهن . ڇاڪاڻ ته احتجان يا ڌرڻن سان هاڻ ڪم نه هلندو آهي،
وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب جو عدالت ذريعي احتساب ڪيو وڃي، بهرحال هن ڀيري ڪافي ساريون پارٽيون هن ڳالهه تي متفق به ٿي ويون آهن ۽ اهو وڏي يقين سان چئي رهيون آهن ته عدالت جو جيڪو به فيصلو ايندو کين منظور هوندو، هن وقت به ڪجهه سياستدان اهو به چئي رهيا آهن ته هن ملڪ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ موجوده حڪمرانن جو تڪڙو احتساب ضروري آهي، ڪجهه عرصو اڳ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو هو ته هي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب خلاف ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي، اها به دعويٰ ڪئي هئي ته سندس احتجاجن ۽ ڌرڻن سان ماڻهن ۾ وڏو شعور پيدا ٿيو آهي، جنهن سبب هاڻ ماڻهو ڪرپشن جي خاتمو چاهين ٿا ۽ ڪرپٽ ڪامورن خلاف روڊن تي نڪري اچن ٿا، هونءَ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پيپلزپارٽي سميت ٻين ڪيترين ئي پارٽين سان پاناما ليڪس معاملي تي ڳالهيون به ڪري چڪو آهي پر مختلف وقتن تي هو انهن پارٽين خلاف ڳالهائيندو رهيو آهي، بس فرق ايترو هو جو ڪڏهن عمران خان انهن پارٽين جي حق ۾ بيان ڏيندو هو ته ڪڏهن وري انهن پارٽين خلاف بيان ڏيندو هو،
ڪڏهن ڪڏهن ته اڻ سڌي طرح به انهن پارٽين خلاف ڳالهائي ويندو هو. بهرحال هاڻوڪي سپريم ڪورٽ ٻڌڻي جهڙي ريت ٿي آهي، ان مان تحريڪ انصاف سميت ٻيون جماعتون تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو آهي، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو هن ڀيري حڪومتي ڌر پنهنجو موقف تبديل ڪيو آهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪومت هاڻ پريشر ۾ اچي رهي آهي، جنهن سبب بيان تبديل ڪيا پيا وڃن. جماعت اسلامي جيڪا درخواست پاناما ڪيس ۾ داخل ڪرائي آهي، انهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته وزيراعظم پاناما معاملي ۾ ڪوڙ ڳالهايو، جنهن کانپوءِ هو صادق امين ناهي رهيو. ٻڌڻي دوران وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل به مخدوم علي دليل ڏيندي چيو ته وزيراعظم نوازشريف پاناما معاملي تي غلط بياني ناهي ڪئي ۽ نه ڪو ڪوڙ ڳالهايو آهي. ڇوٽ کي پارليامينٽ ئي ختم ڪري سگهي ٿي، آرٽيڪل 62 تحت پارليامينٽ جي ڪارروائي کي چيئلينج نه ٿو ڪري سگهجي، عدالت کي پتو لڳائڻو آهي ته ٻن ماڻهن مان ڪير سچو آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف به رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن چئو ٿا ته وزيراعظم ڪوڙ ناهي ڳالهايو ته پوءِ آرٽيڪل 62 کان ڇوٽ ڇو ٿي گهري پئي وڃي، وزيراعظم پاڻ به ڇوٽ نه وٺڻ جو چئي چڪو آهي پر جيڪ معاملو غلط بيان جو آهي ته پوءِ شايد وزيراعظم کي ڇوٽ نه ملي سگهي. بهرحال هن وقت حڪومتي ڌرجي تبديل ٿيندڙ موقف مان اهو لڳي رهيو آهي ته حڪومت دٻاءُ ۾ اچي وئي آهي، جنهن سبب هاڻ هو مختلف دڳ ڳولي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪڏهن وٺو وڃي ته هن وقت تائين ڪيترين ئي اخبارن ۾ پاناما ليڪس بابت لکيو ويو آهي ۽ ڪافي عرصي کان اهي خبرون ٽي وي چينلن تي به نشر ٿي رهيو آهي ته پاناماپيپرز جو راڳ دنيا ۾ ته ختم ٿي چڪو آهي ته پر هن ملڪ ۾ اهو ختم ئي نه ٿو ٿئي اڳ ۾ جيڪي به احتجاج ٿيا ان تي نه ته مخالف ڌر حڪومت جي بيانن تي اعتبار ڪري رهي هئي ۽ نه ئي وري مخالف ڌر جا حڪومت مطالبا تسليم ڪري رهي هئي، بهرحال هاڻ تمام سٺو سنوڻ ٿيو آهي جو هن ڀيري وڃي پاناما جو بال وڃي عدالت پهتو آهي، جنهن سان هاڻ ماڻهو احتجاجن، ڌرڻن ۽ ڪنٽينر سياست کان ٿورو پري ٿي ويا آهن ۽ انهن جو سمورو ڌيان صرف سپريم ڪورٽ ڏانهن ئي آهي، جيڪي اهو انتظار ڪري رهيا آهن ته جلد کان جلد پاناما پيپرز جو فيصلو اچي ۽ حڪمران ڌر جو احتساب ٿئي ته جئين ملڪ جي تاريخ ۾ اهو لکيو وڃي ته جن به ملڪ کي لٽيو آهي ۽ غيرقانوني طور رقم پرڏيهه موڪلي آهي، اهي انصاف جي ڪٽهڙي کان نه بچي سگهيا آهن،
بهرحال ڏسڻو اهو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس هاڻ ڪهڙو رخ اختيار ڪري ٿو؟ اهو ان ڪري سوال ٿي رهيو آهي جو شروعات ۾ جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي شنوائي ٿي هئي ته حڪومت جو موقف هڪڙو هو ۽ حڪومتي ڌر تي مضبوطي سان بيٺي هئي پر هاڻوڪي ٻڌڻي ۾ حڪومت پنهنجي موقف ۾ تبديلي آندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو جڏهن حڪومتي ڌر طرفان پاناما معاملي تي درست موقف اختيار ڪيو ويو هجي، اڳ به جڏهن وزيراعظم نوازشريف جي اولاد جي ٻاهرن ملڪن ۾ ملڪيت بابت سوال اٿاريا ويا هئا ته ان بابت اهو چيو ويو هو ته انهن جي ڪا به ملڪيت ناهي بعد ۾ جڏهن انهن جي فليٽس ۽ ٻين آف شور ڪمپنين جا سوال اٿيا ته چيو ويو ته ڪجهه ملڪيت وڪرو ڪري ورتا، ته ڪجهه وري تحفي طور ڏنا ويا، هڪ طرف قطري شهزادي جي خط به حڪومت کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن قطري شهزادي جو خط عدالت ۾پيش ڪيو ويو هو ان وقت به حڪومت تي سخت تنقيد ٿي هئي ۽ کوڙ سارا سوال اٿاريا ويا هئا، جنهن بعد حڪومت ٻيهر پنهنجو موقف تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته قطري شهزادي جي خط کي به پاناما ليڪس ڪيس جو حصو بڻائي قطري شهزادي کي ڏيهه گهرائي ساڻس سوال ڪيا وڃن ته اڃا وڌيڪ حڪومت تي دٻاءُ پئجي سگهي ٿو، جيڪو جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف به چاهي ٿي، پيپلزپارٽي هجي يا وري ٻيون پارٽيون، انهن سڀني جو اهو ئي موقف رهيو آهي ته جن به ڪرپشن ڪئي يا ملڪ کي لٽي رقم ٻاهر منتقل ڪئي آهي انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندي وڃي ته جئين ملڪ کي بچايو وڃي ۽ هڪ نئون ملڪ تعمير ڪيو وڃي، جتي هر هڪ خوشحال هجي، بيروزگاري ۽ دهشتگردي جو خاتمو هجي ته جئين عوام جو سک جو ساهه کڻي سگهي.
sahibalisindhi@gmail.com
No comments:
Post a Comment