صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ مهانگائي رڪڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي، کنڊ، اٽو ۽ ٻين عام واهپي وارين شين جا اگهه وڌي ويا آهن، غريب ماڻهو ڀاڄيون خريد ڪرڻ کان به لاچار ٿي ويا آهن، دال به مهانگي ٿي وئي آهي، زرعي ملڪ هئڻ باوجود غريب ماڻهو اٽو مهانگو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري ڪڏهن اٽي جو بحران ته ڪڏهن وري کنڊ جو بحران پيدا ٿي رهيو آهي، آبادگار توڙي زميندار به اگهه اگهه ملڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن پر ان باوجود وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون هڪٻئي کي ذميوار قرار ڏيڻ ۾ لڳيون پيون آهن، ڪا به حڪومت ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ڪا به حڪمت نه پئي جوڙي، جنهن سبب غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان ٿي ويا آهن، بک بدحالي کي ختم ڪرڻ بدران سياستدان سياسي ڇڪتاڻ ۾ رڌل ۾ آهن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ به آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، سنڌ جا آبادگار پاڻي نه ملڻ جون دانهون ڪري رهيا آهن ته پنجاب ۾ وري آبادگار گهٽ اگهه ملڻ جي ڪري پوليس اهلڪارن جون لٺيون کائي رهيا آهن پر مسئلو حل ڪير ڪندو، ڪا به خبر نه ٿي پئي. بصر، پٽاٽا مرچ ۽ ٻين شين جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، ضلعي انتظاميا توڙي صوبائي حڪومتون پرائس لسٽ تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهيون آهن، رڳو هڪ ٻن دڪانن تي ڏنڊ لاڳو ڪري عوام کي ٻڌايو پيو وڃي ته وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن توڙي واپارين خلاف ڪارروايون جاري آهن، پر ان سان عام واهپي جون شيون گهٽجڻ بدران ويتر مهانگيون ٿي رهيون آهن.
سنڌ ۾ زراعت کاتو هئڻ باوجود هيل تائين ڪا به سڌارو نه اچي سگهيو آهي، آبادگارن توڙي زميندارن جا ساڳيا ئي مسئلا آهن، بااثر زميندار ته پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پر غريب هاري پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهن، پاڻي گهٽ ملڻ جي ڪري سندن خرچ به نڪري نه ٿو سگهي، جيڪڏهن ٽيوب ويلز جو استعمال ڪن ته پاڻي ته کين ملي ويندو آهي پر فصل اوترو ناهي لهي سگهندو، جنهن سان ان جو هو خرچ ڀري سگهن، هن وقت سنڌ جا آبادگار توڙي هاري تمام گهڻو نقصان برداشت ڪري رهيا آهن، پاڻي جون دانهون به ٿي رهيون آهن، اهو دانهون ان ڪري ٿي رهيون آهن جو سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ملي، جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي وڃي ها ته ڪو به پاڻي چوري نه ڪري ها ۽ سڀني آبادگارن ۽ هارين کي پنهنجي ضرورت موجب پاڻي ملي وڃي ها، سنڌو تي ڊيم ته اڏجي رهيا آهن پر انهن جو لاڀ سنڌ جي ماڻهن کي نه پيو ملي، رهندو سنڌ جون سرسبز زميون غير آباد ٿي رهيون آهن، درياهن، واهن ۽ شاخن مان واري اڏامي رهي آهي، سنڌ جا حڪمران ۽ پاڪستان جا حڪمران رڳو پنهنجي سياست ۾ مدهوش نظر اچي رهيا آهن، زراعت تباهه ٿي رهي آهي پر ان باوجود انهن جو ڌيان رڳو سياست تي آهي، ڪنهن کي به زراعت کي هٿي وٺرائڻ يا آبادگارن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جو وقت ئي نه آهي. سنڌ جو زراعت کاتو به نه هئڻ برابر آهي، جيڪو کاتو آبادگارن جا مسئلا حل نه ڪري سگهي، ان جو نه هئڻ بهتر آهي.
هڪ طرف پاڻي جي کوٽ ته ٻئي طرف وري سنڌ ۾ نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جو وڪرو عام ٿي ويو آهي، ڪو به کاتو جعلي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه پيو ڪري، هاري توڙي آبادگار اوڌر تي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون مهانگي اگهه تي خريد ڪندا آهن، جڏهن فصل لهندو آهي ته اهي انهن کي پئسا ڏئي ڇڏيندا آهن پر ڪجهه عرصي کان نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون ملڻ جي ڪري آبادگار توڙي زميندار قرضي ٿيندا پيا وڃن، فصل پاپڙي ٿي لهي رهيو آهي، فصل گهٽ لهڻ سبب سندن قرض ته ڇا پنهنجو پيٽ پالڻ جو به خرچ نه پيو نڪري، جعلي زرعي دوئون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ سان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪومت کي زرعي شعبي سان ڪا به دلچسپي نه آهي ۽ زراعت کاتو رڳو دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، هيل تائين هن کاتي مان آبادگارن کي ٽڪي جو فائدو ناهي ٿيو، پاڻي جي کوٽ به هجي يا نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن وارو معاملي هجي، هن اداري جا عملدار ڪٿي به نظر نه ايندا، نه ئي وري اڄ ڏينهن تائين زراعت کاتي جي وزير آبادگارن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪا ڪميٽي جوڙِي آهي، سنڌ ۾ طوفاني برساتون اچن يا وري ماڪڙ تباهي مچائي، ڪنهن به عملدار آفت سٽيل آبادگارن توڙي هارين جي واهر ناهي ڪئي، روز اخبارون آبادگارن جي احتجاجن جي خبرن سان ڀريل هونديون آهن پر افسوس جو انهن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪو به نه آهي.
جڏهن قرض کڻندڙ آبادگارن جو فصل لهي تيار ٿي ويندو آهي ته سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ توڙي ساريون خريد ڪرڻ لاءِ ڪو به خاص انتظام نه ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب واپاري سستي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري وٺندا آهن ۽ اها ڪڻڪ وري مهانگي اگهه تي وڪرو ڪئي ويندي آهي، آبادگارن کي قرض لاهڻ جي تڪڙ هوندي آهي ۽ حڪومت ان ڳالهه جو انتظار ڪندي آهي ته جڏهن آبادگار فصل کپائي ڇڏيندا ته پوءِ خريداري سينٽر کوليندا، سنڌ جا آبادگار ته بارداڻي لاءِ پريشان هوندا آهن پر ملڪ جي ٻين صوبن ۾ آبادگار خوشحال آهي ۽ سنڌ جو هاري قرضن ۾ ٻڏل آهي، جنهن جي واهر ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر افسوس جو حڪومت هارين جا مسئلا گهٽائڻ بدران وڌائي ڇڏيندي آهي، جيڪڏهن حڪومت پنهنجي طئي ڪيل اگهن تي فصل خريد ڪري ها ته اڄ سنڌ جو آبادگار ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پريشان نه هجي ها، هونئن ته سنڌ جي آبادگارن ڪيترائي ڀيرا سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پنهنجي جائز مطالبن جي حل لاءِ احتجاج ڪيو آهي پر مسئلا حل ناهن ٿيا، جڏهن به آبادگارن پنهنجن ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪيو، انهي سنڌ سرڪار انهن مٿان واٽر ڪينن جو استعمال ڪرايو ۽ لٺبازي ڪرائي پر انهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. هن وقت پنجاب ۾ به آبادگارن سان به اهو ئي حشر ٿي رهيو آهي بس فرق اهو ئي آهي ته هو رڳو اگهن لاءِ احتجاج ڪري رهياآهن ۽ سنڌ جا آباگار، پاڻي، نقلي ٻج ۽ ڀاڻ جي وڪري خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن.
تازو رڪارڊ برساتون پوڻ سبب آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي پر ان باوجود سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار سنڌ جي آبادگارن کي ڪو رليف فراهم ناهي ڪيو، ماڪڙ اڳ ئي آبادگارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون، مٿان وري تيز برساتن سندن فصل کي تباهه ڪري ڇڏيو، اڃا به آبادگار توڙي ڳوٺاڻا دانهون ڪري رهيا آهن ته سندن علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب سم ۽ ڪلر جو مسئلو وڌي رهيو آهي ۽ سندن فصلن کي به نقصان ٿيو آهي. آخر سنڌ سرڪار زرعي شعبي کي تباهه ٿيڻ کان ڇو نه ٿي بچائي، هي ملڪ هلي ئي زرعي شعبي تي ٿو، جيڪڏهن زرعي شعبو تباهه ٿيو ته ملڪ ۾ خوراڪ جو وڏو بحران ٿيندو، اڳ ئي سنڌ افغانين، بنگالين، بيهارين، برمين، ايرانين جو بار برداشت ڪري رهي آهي، مٿان وري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي لوڌ پنهنجا صوبا ڇڏي اچي سنڌ آباد ٿي رهي آهي، جنهن سبب خوراڪ جي مسئلو سنڌ لاءِ وڌي رهيو آهي، اڳ ئي سنڌ لکين پرڏيهين جو بار برداشت ڪري رهي آهي، مٿان پنهنجا صوبا ڇڏي سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ به سنڌ لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کي به سنڌ کي خوراڪ وري مسئلي تي هٿ ونڊرائڻو پوندو، ٻنهي کي خوراڪ جي امداد سنڌ کي ڏيڻي پوندي، انهن ٻنهي صوبن جا ماڻهو سنڌ ۾ رهن پيا، جنهن سبب خوراڪ جو مسئلو ته پيدا ٿيڻو هو، رڳو سنڌ حڪومت کي ذميوار قرار ڏيڻ وفاقي حڪومت جي بدنيتي ثابت ٿئي ٿي. هن وقت سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو وڏي انگ ۾ رهن ٿا، اهي ئي ماڻهو سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري رهيا آهن ته سنڌ حڪومت مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي،جيڪڏهن انهن کي سنڌ ۾ مسئلا نظر اچن پيا ته اهي پنهنجا صوبا ڇڏي هتي اچي ڇو آباد ٿي رهيا آهن، هن وقت سڀ کان وڌيڪ مسئلن کي منهن سنڌي قوم ڏئي رهي آهي، خوراڪ جو مسئلو به ڌارين جي ڪري ئي وڌي رهيو آهي، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ لکين ماڻهو ٻين صوبن مان اچي ترسيل آهن، جن جي ڪري پاڻي جو استعمال وڌي ويو آهي، خوراڪ جي گهرج به وڌي رهي آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته جيڪي ماڻهو ٻين صوبن مان هتي آهن، انهن جي صوبائي حڪومتن کان خوراڪ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ مدد وٺي ۽ سنڌجي زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا قطب آڻي ۽ ٻيلي کاتي جي جيڪا زمين آهي، ان تي ڪڻڪ ۽ ساريون پوکڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ ختم ٿي سگهي، ٻيلي کاتي جي زمينن تي سوسائيٽون ٺاهڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو ۽ نه ئي وري فصل ڀيلائي سنڌ ۽ پاڪستان کي ڪو فائدو ٿيندو، هن وقت ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ آهي، جيڪڏهن ٻيلي کاتي جي زمين آبادگارن کي آبادڪرڻ لاءِ ڏني وئي تي خوراڪ جو بحران ختم ٿي ويندو ۽ آبادگارن کي ٻيلي کاتي جي زمينن تي وڻ لڳائڻ جي ذميواري ڏني وڃي ته جيئن ماحولياتي گدلاڻ کان بچي سگهجي، باقي فصل ڀيلائڻ سان خوراڪ جا مسئلا وڌندا ۽ انهي ءَ زمين تي ٻيلا ته ڪو نه ٺهندا پر اتي اڏاوتي ڪم شروع ٿيڻ جو خدشو وڌي ويندو. ٻيلي کاتي جي زمين ٻيلو کاتو پاڻ وٽ رکي رڳو زمين هارين کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏني وڃي، جنهن سان انهن جي گهرن جو گاڏو به هلندو، ٻيلي کاتي کي به ان مان فائدو ملندو ۽ پاڪستان ۾ خوراڪ جي کوٽ وارو بحران به ختم ٿيندو.
No comments:
Post a Comment