Friday, 31 January 2020
Thursday, 30 January 2020
ڪورونا وائرس جو خوف ۽ احتياطي تدبيرون
صاحب خان ڀٽي
چين جي آبادي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي ۽ چين اليڪٽرانڪس جو سامان ٺاهڻ سان گڏ ٻين ڪيترن ئي
شين جو واپار به سڄي دنيا ۾ ڪري رهيو آهي پر نئين سال جي آمد وقت چين ۾ هڪ وائرس
پکڙيو، جنهن سبب حڪومت طرفان ووهان صوبي ۾ نئين سال جي جشن تي ڪورونا وائرس جي
پکڙجڻ جي خدشي سببب پابندي لڳائي وئي، ان کان اڳ مارس ۽ سارس نالي وائرس به پکڙيا
هئا، جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا پر هن وائرس سبب چين ۾ هن وقت
تائين 180 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ هزارين بيڊن تي مشتمل هڪ اسپتال به ٺاهي
وئي آهي، جنهن ۾ ڪورونا وائرس متاثر مريضن کي داخل ڪيو پيو وڃي، هن وقت چين ۾ ماڻهو
خوف ۾ وٺجي ويا آهن، خاص ڪري چين ۾ پڙهڻ لاءِ آيل شاگرد پنهنجي
پنهنجي ملڪن واپس وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن پنهنجن پنهنجن
شهرين کي واپس به گهرائي ورتو آهي ۽ چين جو سفر نه ڪرڻ جون هدايتون به جاري ڪيون
ويون آهن، 180 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ صحت جي عالمي اداري طرفان الرٽ
به جاري ڪيو ويو آهي، عالمي اداري جي الرٽ کانپوءِ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش،
افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ چين مان ايندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ ڪرڻ جو سلسلو به شروع ڪيو
ويو آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته ڪورونا وائرس چين جي صوبي
ووهان مان پکڙيو آهي، انهيءَ صوبي بابت انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انهيءَ صوبي ۾ ماڻهو ڪُئن، چمڙن،
ڪتن، گڏهن جو گوشت کائيندا ۽ سوپ پيندا آهن، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به چيني ماڻهن
کي چمڙن جو سوپ ۽ جيئرن جِيتن ۽ نانگن کي کائڻ واريون وڊيو به شيئر ٿي رهيون آهن، پر هن وقت تائين
اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته ڪورونا وائرس چَمڙي ۽ ڪُئي جو سوپ پيئڻ جي ڪري پکڙيو
آهي يا نه؟ پر ماهر ڊاڪٽرن جو خيال آهي ته ڪورونا وائرس
جانورن مان پکڙيو آهي، جنهن سبب جيترو ٿي سگهي جانورن جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ گوشت ۽ آنن کي
صحيح نموني سان پچائي کائڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته جانورن جو ڪچو گوشت کائڻ سان به ماڻهو
ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو. جنهن سبب جيترو ٿي سگهي احتياط ڪيو وڃي.
چين ۾ 180 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ
ڊاڪٽرن سان گڏ عام ماڻهو به پريشان ٿي ويو آهي، ڊاڪٽر به انهيءَ وائرس جي ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويا آهن، ڊاڪٽرن جو
چوڻ آهي ته ڪورنا وائرس کي پنهنجي فيملي آهي، جنهن جي شڪل سج سان مشاهبت رکي ٿي ،
جنهن جي ڪري ان جو نالو ڪورونا وائرس رکيو ويو آهي. ڊاڪٽرن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته
سڀ کان اڳ اهو وائرس 1960 جي ڏهاڪي ۾ ٿڌ جي ڪري زڪام کان متاثر ڪجهه مريضن کي
ڪڪڙين مان منتقل ٿيو هو، جنهن کي ڪورونا ( ِE229 & OC43 ) جو نالو ڏنو ويو هو. جڏهن ته صحت جي
عالمي اداري کي ڪورونا وائرس جي هڪ نئين وبا جو پتو 31 ڊسمبر 2019ع تي پيو، جنهن کانپوءِ چين ۾ هن وقت تائين 180 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ هن وائرس کي
خطرناڪ وائرس قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ماهرن اڃا تائين هن وائرس جي ويڪسين ناهي
ٺاهي، هن وائرس سبب چين سان گڏ پاڪستان ۽ ڀارت کي به الرٽ ڪيو ويو آهي، چين جي 13 شهرن ۾ ايمرجنسي به لڳائي وئي آهي ۽
ماڻهن کي ماسڪ پائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ماهر
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هن وائرس جي سڃاڻپ يورپ سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿي آهي، هي
وائرس ميملز جانورن ۽ پکين جي ساهه کڻڻ واري سرشتي سان گڏ انسانن کي متاثر ڪري
ٿو، جيڪڏهن ڪو شخص هن وائرس ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ته کيس
زڪام ۽ بخار ٿي ويندو آهي۽ کيس ساهه کڻڻ ۾ به تمام گهڻي
تڪليف ٿي ويندي آهي، ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هن وائرس سبب مٿي ۾ سور ۽ گهڻو ٿڪ
ٿيندو آهي، مطلب ته ڪمزوري به محسوس ٿيندي آهي. هن وائرس سان آنڊن ۽ معدي جي
نمونيا به ٿي ويندي آهي، ڪورونا وائرس خاص طور تي ٿڌ جي سٽيل ماڻهن کي پنهنجي لپيٽ
۾ آڻيندو آهي، جنهن سبب زڪام ۽ بخار ٿي ويندو آهي. هن وائرس جو اندازو لڳائڻ به
تمام گهڻو ڏکيو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٿڌ سبب زڪام لڳڻ ۽ بخار ٿيڻ عام هوندو آهي ۽
ايئن ڪورونا وائرس به پکڙجندو آهي پر فرق ايترو هوندو آهي ته ڪورونا وائرس ۾ ماڻهو ساهه نه کڻي
سگهندو آهي ۽ هيٺ ڪري پوندو آهي، مريض تڙپي تڙپي مري ويندو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي
ته ڪورونا وائرس جو ٻيو ڪارڻ پالتو جانور به ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي سوئر کي
ڪورونا وائرس ٿيندو آ هي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ صابڻ
سان هر ڀيري هٿ ڌوئي کائڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته هي وائرس گهڻو ديرو تائين هوا ۾ رهي
سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي وڃي ته ان شخص کان پري رهڻ گهرجي ۽ سندس استعمال ٿيل شين کي پري رکيو وڃي ۽ هٿن، پيرن ۽ چهري کي خاص طور
تي ڍڪيو وڃي ته جئين وائريس کان بچي سگهجي. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي هي وائرس کير
پياريندڙ جانورن، انسانن ۽ پکين ۾ بيمارين جو ڪارڻ بڻجي ٿو، جئين ته ڪورونا وائرس هن وقت تائين ڪينيڊا،
آسٽريليا، فرانس ۽ جاپان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي متاثر ڪري چڪو آهي، جنهن سبب
هر طرف افراتفري وارو ماحول آهي، چيني اختيارين به تصديق ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا
وائرس سبب 81 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 2700 کان وڌي ويو
آهي، چين ۾ 180 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ سبب ماڻهو وائرس جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته مختلف ملڪن ۾ فوت
ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 50 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، هوڏانهن چين ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر شهر ووهان ۾
موجود پاڪستاني شاگردن وائرس جي خوف ۽ خوراڪ جي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪندي پاڪستاني
اختيارين کي مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، يونيورسٽي ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگرد هڪ ويڊيو بيان
جاري ڪندي چيني ۽ پاڪستاني اختيارين کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.، هنن جو چوڻ آهي ته
وائرس سبب ووهان جو چين سان رابطو ڪٽجي ويو آهي ۽ ووهان ۾ 12 يونيورسٽين جا ٻه
هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، جن کي فوري طور ڏيهه واپس
آڻڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. ڪجهه شاگردن ۾ ته ڪورونا وائرس جي به تصديق ٿي
آهي، وارثن پاران به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ هر ملڪ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي
۽ اسان جي ملڪ جي حڪمرانن طرفان وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون ويون آهن، هڪ طرف چين ۾
پکـڙيل ڪورنا وائس آهي ته ٻئي طرف وري سنڌ ۾ ماڻهو ايڊز جي خوف به آهن، عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس
کان سنڌ ۾ پکڙجندڙ ايڊز تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو
پرسنڌ سرڪار ان وقت به ٻئي هٿ مٿي ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ماڪڙ فصلن کي کائي تباهه ڪري
ڇڏيو هو ته ان وقت به سنڌ سرڪار وفاق کان مدد طلب
ڪئي، هاڻي جڏهن سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ته هر طرف ماڻهو وائرس کان بچڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، خدا خير ڪري، جيڪڏهن
ڪورونا وائرس جو هڪ ڪيس به پاڪستان ۾ ظاهر ٿيو ته وفاقي توڙي صوبائي سرڪار طرفان
ضابطو آڻڻ نا ممڪن ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته جيڪا حڪومت ماڪڙ کي ختم نه ٿي ڪري سگهي،
ماڻهن جي اغوائن جون وارداتون روڪرائي نه ٿي سگهي ته پوءِ ڪيئن اها حڪومت آخر
خطرناڪ وائرس ڪورونا جو مقابلو ڪري سگهندي.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ
سرڪار ۽ وفاقي سرڪار آخر ڪيئن پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي اسڪريننگ ڪندي؟ اهو
به هڪ وڏو سوال آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ کوڙ ساريون چيني ڪمپنيون آهن، جن ۾ ڪيترائي
چيني شهري ڪم ڪري رهيا آهن، خاص ڪري سنڌ ۾ تيل، گئس، ڪوئلي سميت ٻين کوڙ سارين ڪمپنين ۾
چيني وڏي انگ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جن جي اسڪريننگ ڪرڻ موجوده حڪومت لاءِ وڏو چيلينج
هوندو، ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت نه ت مهانگائي تي ضابطو آڻي سگهي آهي، نه ئي وري بک بدحالي کي
گهٽائي سگهي آهي، اهري صورتحال ۾ ڪورونا وائرس کي چيني شهرين ۾ ڪهڙي ريت ڳولي
سگهندي، جڏهن ايڊز جون خبرون هلي رهيون هيون ته ان وقت به اهو چيو ويو هو ته ميڊيا غلط انگ اکر
هلائي رهي آهي، آخر ڪار اهي خبرون اچڻ بند ٿي ويون ۽ ايڊيز متاثرن جي نالي ماتر سار لڌي
وئي، پر اها به حقيقت آهي ته حڪومت حقيقت کي مڃڻ کان انڪاري رهي آهي، اهو سبب آهي جو ملڪ ۾ حالتون بهتر ٿيڻ بدران
وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن
سنڌ ۾وڌندڙ اغوا جون وارداتون ۽ هلندڙ ڇڪتاڻ
صاحب خان ڀٽي
تاريخ ۾ پهريون سنڌ جي آءِ جي کي هٽائڻ لاءِ
سنڌ سرڪار ننهن چوٽي جو زور لڳايو آهي، ايتري قدر جو پي ٽي آءِ سرڪار جي هر بل جي
اعليٰ ايوان ۾ حمايت به ڪئي آهي پر حڪومت کي ڪڏهن عدالتي حڪمن ته ڪڏهن وري وفاقي
سرڪار جي حڪمن آڏو گوڏا کوڙڻا پيا ۽ چيو ويو ته اسلام آباد جو آءِ جي هٽي سگهي ٿو
ته پوءِ سنڌ سرڪار آءِ جي کي ڇو نٿي هٽائي سگهي،؟ جڏهن ڇڪتاڻ حد کان وڌي وئي ۽ سنڌ سرڪار پنهنجي
ضد ته نه لٿي ته پوءِ آءِ جي سنڌ جي بدلي جو
اختيار وفاقي ڪابينا حوالي ڪيو ويو، ان کان اڳ سنڌ ڪابينا به آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ
جو فيصلو ڪيو هو ۽ چيو ويو هو ته اسان کي آءِ جي ڪليم امام نه کپي ۽ سندس
ذميواريون وفاق حوالي ڪيون وينديون.بهرحال اهو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي
جو آءِ جي سنڌ جي بدلي جو اختيار وفاقي ڪابينا حوالي ڪيو ويو آهي، اپوزيشن طرفان
به انهيءَ فيصلي جي ڀرپور حمايت ۽ واکاڻ ڪئي وئي آهي، پر سنڌ سرڪار طرفان آءِ جي تبديل ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا مان ٿيڻ تي اعتراض واريو آهي. جيڪڏهن چئني صوبن جي آءِ جي تبديلي
وفاقي ڪابينا ۾ ٿيندي ته ان تي سنڌ سرڪار کي اعتراض ڪرڻ گهرجي،
جيڪڏهن رڳو سنڌ جي آءِ جي تبديلي وفاقي ڪابينا ٿيندي ته اها سراسر ننڍي صوبي سان
زيادتي ٿيندي.
پيپلزپارٽي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته
صوبي جي حق حاڪميت کان انڪار سٺو عمل نه آھي، پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ حليم
عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي پيپلز پارٽي جي اوطاق ناهي، سمورن ميمبرن جو هڪ
جيترو حق آهي.پر
حقيقت ۾ هر هڪ ماڻهو اهو پڇڻ به چاهي پيو ته آخر سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ ڇو
ٿي چاهي؟ ۽ جواب مليو ته آءِ جي سنڌ ڪليم امام پي ٽي آءِ جو آءِ جي آهي، جنهن کي
کيس هٽايو وڃي، پر آءِ جي تبديلي واري معاملي تي ڪجهه پارٽين
اعتراض به ڪيا پر هاڻ خبرون آهن ته وزيراعظم عمران خان آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو
فيصلو ڪيو آهي ۽ کيس سيڪريٽري نارڪو ٽيڪس ڊويزن ۾ مقرر ڪيو ويندو.
جيئن ته سنڌ سرڪار پنهنجو فيصلو مڃرائڻ ۾
ڪامياب ٿي وئي آهي پر هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته سنڌ اندر امن امان جي صورتحال
بهتر ٿيندي يا نه؟ ڇاڪاڻ ته جڏهن کان وفاق ۽ سنڌ سرڪار ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي آهي،
انهيءَ ڏينهن کان سنڌ مان نياڻين جي اغوائن جي وارداتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، اهو سنڌ
اندر گهٽ ئي ٿيو آهي ته ڏوهارين ڪڏهن نياڻين کي اغوا ڪيو هجي، ڪراچي جهڙي شهر مان
به 2 نياڻين کي اغوا ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ڀُنگ وٺي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي
ملڪ جا ادارا انهن ڏوهارين جو پتو لڳائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويا
يا وري ايئن کڻي چئجي ته اسان جي ملڪ اندر عوام جو تحفظ ڪندڙ ادارن وٽ عوام جي
تحفظ لاءِ وقت ئي نه آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌ مان نياڻيون اغوا نه ٿين
ها، اهو به ڪراچي جهڙي شهر مان، جتي ادارا وڏا متحرڪ نظر ايندا آهن، شايد ئي
اهڙوڪو علائقو هجي جتي سيڪيورٽي ادارن جون آفيسون نه هجن، ان باجود به ڏوهاري ايڏا
طاقتو آهن جو ڪراچي جي ڊفينس جهڙي علائقي مان دعا منگي توڙي ٻين کي اغوا ڪري هليا
وڃن ٿا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نياڻين جي اغوا جون وارداتون اسان جي ملڪ جي محافظ جي
ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن پر انهن کان آخر پڇي به ڪير سگهي ٿو؟
هن وقت سنڌ مان ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿي چڪا آهن،
خاص طور تي شڪارپور ۾ هن وقت اغوا جي وارداتن جون خبرون نشر ٿي رهيون آهن، ڪجهه
ماڻهو ڀُنگ ڀري واپس به اچي ويا آهن، ڪجهه اڃا به ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن، اغوا
ٿيل نوجوانن جي وارثن کان 30 کان 50 لک روپيا ڀُنگ به طلب ڪيو وڃي ٿو پر سنڌ سرڪار
توڙي وفاقي سرڪار وٽ سنڌ مان اغوا ٿيندڙ ماڻهن جي ڪا ڳڻتي نه آهي، وفاق توڙي سنڌ
سرڪار کي پنهنجن پنهنجن ماڻهن جي مقرري جي ڳڻتي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ٻين
صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبو وڌيڪ غير محفوظ بڻجي ويو آهي، جتي ڌارين جي لوڌ آهي ۽ اهي
اغوا نه پيا ٿين پر ڌرتي ڌڻي اغوا ٿي رهيا آهن، ڪراچي هجي يا سکر يا وري شڪارپور
گهوٽڪي رڳو ڌرتي ڌڻي اغوا ٿي رهيا آهن ۽ سياسي پارٽيون سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪري
سياست چمڪائي رهيون آهن ۽ سنڌ سرڪار ۾ ويٺل وزير وفاق تي تنقيد ڪري پنهنجي ذميواري
پوري ڪري رهيا آهن، جن ماڻهن جا پيارا ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن، انهن جي گهرن ۾
ماتم ڇانيل آهي پر اسان جي حڪمرانن وٽ ايترو وقت ئي نه آهي ته اهي وڃي انهن متاثرن
جي ڪا سار لهن، نه ئي وري ننڍي عمر ۾ مذهب مٽائڻ خلاف بل تي عمل ٿي رهيو آهي، هن
وقت به هندو نياڻيون اغوا ٿي رهيون آهن، جيڪي نابالغ آهن، پر هن وقت تائين انهن
ماڻهن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي، جيڪي ننڍي عمر وارين نياڻين کي ورغلائي کڻي
هليا وڃن ٿا ۽ عدالتن ۾ فخر سان پيش ٿين ٿا، جيڪڏهن انهن مان ڪنهن به هڪ کي سزا
ملي ته شايد پوءِ ڪو ننڍي عمر ڇوڪري کي ورغلائڻ جي
همت نه ڪندو، انهيءَ فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪابينا سميت سمورن ادارن کي به پنهنجو
ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جيڪا به هندو نياڻي اغوا ٿئي ٿي ته ان کي پوءِ
مذهب مٽائڻ وارو مامرو قرار ڏئي دٻايو ويندو آهي، جنهن سان اصل حقيقتون لڪي
وينديون آهن.
سنڌ سرڪار کي گهرجي ته
ٿورو وقت سياست چمڪائڻ کان پاسو ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ اغوا جي وارداتن تي به ڌيان ڏنو
وڃي، هن وقت ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿيل آهن، جن جي بازيابي لاءِ اسپيشل ٽيم جوڙي وڃي
۽ ڏوهارين خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن خلاف سخت
ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ايس ايس پي شڪارپور جي انڪشافن کانپوءِ سياستدانن تي به سوال
اٿي رهيا آهن ۽ اغوا جي وڌندڙ وارداتن تي سنڌ حڪومت پاران اکيون بند ڪرڻ به مناسب نه آهي، تنهن
جي ڪري جيترو جلد ٿي سگهي اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪري جوابدارن پٺيان لڪيل هٿن
کي وائکو ڪيو وڃي ته انهن ماڻهن جو اصل چهرو سامهون اچي سگهي، وفاقي حڪومت ۽ اسان
جي محافظ ادارن کي به سنڌ ۾ ٿيندڙ اغوا جي وارداتن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي،
ماڻهن جو اعتماد ادارن تان کڄندو پيو وڃي، دهشتگردي کانپوءِ اغوا جون وارداتون
شروع ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهن،جيئن حڪومت دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ ضرب عضب ۽
آپريشن ردالفساد شروع ڪيو، ايئن اغوا جي وارداتن ۽ ماڻهن کي کنڀي گم ڪندڙن خلاف به
آپريشن شروع ڪيو وڃي ته اغوا ۽لاپتا ٿي ويل پنهنجن پيارن سان ملي سگهن ۽ سنڌ جو
عوام سک جو ساهه کڻي سگهن، هن وقت تائين ڪنهن به ٻئي صوبي مان اغوا جي وارداتن جون
خبرون رپورٽ نه ٿيون آهن پر سنڌ صوبي مان پوڙها توڙي نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي
اغوا ٿي رهيا آهن، ايتري قدر جو سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازم بلال ميمڻ کي به اغوا کان پوءِ
بيدري سان قتل ڪيو ويو، جنهن جو لاش ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هٿ آيو پر پوليس نه ته
قاتلن کي گرفتار ڪري سگهي ۽ نه ئي وري انهيءَ ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ڪئي آهي، مطلب ته
پوليس کي اغوا جي وارداتن تي ڪا ڳڻتي نه آهي، هن وقت سنڌ جا ماڻهو پاڻ کي
غيرمحفوظ سمجهي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي پيارن کان وڇڙي ويا آهن ۽
وارث احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، حڪومت کي گهرجي ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽
نياڻين سميت پوڙهن ۽ نوجوانن جي اغوائن جي وارداتن تي ضابطو آڻي سنڌ جي ماڻهن ۾ پکڙيل خوف کي
ختم ڪن.
Saturday, 25 January 2020
Friday, 24 January 2020
Thursday, 23 January 2020
ستار پيرزادي جي وڇوڙوي ادبي لڏي جو جيءُ جهوري وڌو
صاحب خان ڀٽي
سنڌ ڌرتي ۾ ناليوارن شاعرن، اديبن، ليکڪن، سگهڙن ۽ دانشورن جنم ورتو آهي، جن
پنهنجي لکڻين، شاعري ۽ ڏات ذريعي ماڻهن تي وڏو اثر ڇڏيو آهي، سندن لکڻين ۽ شاعري
جي ڪري ماڻهو سندن مداح بڻجي ويندا آهن، سندن پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سماج ۾ کتل هونديون
آهن، ايتري قدر جو سندن شاعري ۽ لکڻين جي ڪري سنڌ جو آواز ايوان تائين پهچي ويندو
آهي، سندن شاعري ۽ لکڻين ۾ وطن سان محبت ڀريل آهي ۽ هر هڪ ماڻهو جو ڌيان پاڻ ڏانهن
ڇڪائي وٺندا آهن، جن پنهنجي لکڻين ۽ شاعريءَ ذريعي پنهنجي ٻولي ۽ قوم وڏي خدمت ڪئي
آهي، جيڪڏهن چيو وڃي ته اديب، دانشور، ليکڪ ۽ شاعر ٻولي جا محافظ آهن ته ان ۾ به
ڪو شڪ نه ٿيندو، اديبن ۽ شاعرن جي ڪري ئي ٻولي جي بقا ٿي رهي آهي، اهي ماڻهو هوندا
آهن، جن کي پنهنجي قومي ٻولي ۽ وطن سان محبت ٻين جي ڀيٽ وڌيڪ هوندي آهي، اهڙا
ماڻهو هميشه پنهنجي ٻولي ۽ قوم لاءِ فڪر مند رهندا آهن. جيئن ته قومون ڌرتيءَ ۽
ٻولي جي ڪري ئي سڃاتيون وينديون آهن، سنڌ
جا شاعر ۽ اديب پنهنجي لکڻين ذريعي ٻولي کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري رهيا
آهن ۽ ٻولي کي بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، سنڌ جي اديبن، دانشورن، ليکڪن ۽
شاعرن به شعوري سگهه ذريعي وطن لاءِ سگهارو ادب لکيو آهي،ستار پيرزادو به انهن مان
هڪ آهي، جنهن کي پنهنجي ٻولي جي تمام گهڻي ڳڻتي رهندي هئي، هو هميشه ٻولي کي بچائڻ
لاءِ سوچيندو رهندو هو، ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ سنڌي ٻولي ۾ غير سنڌي لفظ استعمال ٿي
رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو ستار پيرزادو
هميشه سنڌي ادارن کي ٻولي جي بقا جون هدايتون ڪندو رهندو هو ۽ غير لفظ استعمال ڪرڻ
کان پاسو ڪرڻ جو چوندو هو. هن پنهنجي تحقيقي لکڻين سان به سٺو نڀايو آهي، ستار
پيرزادي کي ادب ۽ شاعري سان وڏو شوق هو، هو هميشه ڪو نه ڪو پڙهندو رهندو هو، حقيقت
۾ کيس ننڍي هوندي ئي کان نثر ۽ نظم سان وڏو لڳاءُ هوندو هو. ستار پيرزادو پنهنجي
لکڻين ذريعي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو ٻاجهارو ۽ انسان دوست ۽ وطن پرست شخصيت جو
مالڪ هو. جنهن دنيا جي ادب کي پڙهيو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مشاهدو به ڪيو، هو هڪ
عملي انسان هو، جنهن کي پنهنجي ٻولي سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو. موهن جي دڙي لڳ
ڳوٺ ٻلڙيجي جي ٻارهن شاعرن جي ڇپيل شاعري جي مجموعن مان چونڊ شاعري ۽ سندن شخصيت
جي باري ۾ ستار پيرزادي هڪ ڪتاب “ سنڌوءَ ڪناري سنگيت” به لکيو، ان کان علاوه هن 20
کان وڌيڪ ڪتاب به لکيا، جن ۾ شاعري، نثر،
ڪهاڻيون، مضمون ۽ ترجمان پڻ شامل آهن. ڇپيل شاعري کي “سورن سانڀائو” جي نالي سان
ڪتابي صورت ۾ ۲۰۱۰ ۾ پڌرو ڪيو. هن جي اها شاعري گهڻي قدر سياست تي آهي.سندس ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب
“سي ئي جوڀن ڏينهن” پڙهندڙن ۾ گهڻو مقبول ٿيو آهي.هن ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمو به ڪيو، سندس ترجمن جي ڪتابن
۾ امرتا پريتم جو ناوليٽ تيرهون سج، سرمد شهيد به شامل آهن.
ستار پيرزادي جي لائبريري به آهي، جيڪا ننڍي آهي، جنهن ۾ ڀٽائي، شيخ
اياز جي شاعري ۽ تصوف تي وڏو مواد موجود آهي.
موهن جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجي جي مٽيءَ مان پيدا ٿيل شاعر، محقق، اديب،
ڪهاڻيڪار۽ ڪالم ڪارستار پيرزادي 29جنوري 1950ع ۾ علي پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس
اصل نالو عبدالستار آهي ، جڏهن ته ستار پيرزادو سندس ادبي نالو آهي. ستار پيرزادي
کي ننڍ پڻ بيماري سبب گهر رهڻو پيو، جنهن کانپوءِ سندس ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي وڌي
وئي، هن 1968ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي، جنهن کانپوءِ ٽنڊو ڄام ۾ سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ
انسٽيٽيوٽ ۾ کيس نوڪري ملي، کيس ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ جو وڏو شوق هوندو هو، جڏهن به
کيس واندڪائي ملندي هئي هو ڪتاب کڻي پڙهڻ شروع ٿي ويندو هو. ايتري قدر جو هو ادبي
لڏي جي تمام گهڻو ويجهو به اچي ويو هو، 1970ع ۾ ستار پيرزادو حيدرآباد لڏي آيو،
جتي هو اڀري نروار ٿيو، 1971ع ۾ ستار پهريون مضمون شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکيو، ستار
پيرزادو شيخ اياز جي شاعري کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو ۽ سندس مداح بڻجي ويو هو. ڇاڪاڻ
ته هو شيخ اياز کان تمام گهڻو متاثر هو، سندس شيخ اياز سان به تمام گهڻي ويجهڙائپ
رهي ۽ هو اڪثر شيخ اياز سان ملاقاتون ڪندو رهندو هو، جڏهن هو بيمار ٿي اسپتال ويو
اتي به ان جي خدمت ڪيائين، ستار پيزادي جي پهرين شاعري هلال پاڪستان اخبار جي
هفتيوار ميگزين ۾ شايع ٿي، جنهن کانپوءِ هن
شاعري لکڻ جاري رکيو، سندس لکڻين کي ماڻهو تمام گهڻو شوق سان پڙهندا هئا.
مون کي ستار پيرزادي کي پڙهڻ جو موقعو هڪ اخبار مان مليو، جڏهن مون نئون نئون
لکڻ شروع ڪيو ته اخبار خريد ڪرڻ جو شوق به ٿيو، هڪ ڏينهن منهنجو هڪ اخبار ۾ آرٽيڪل
لڳو ته مون ستار پيرزادي جو آرٽيڪل ڏٺو ۽ ان آرٽيڪل کي پڙهي تمام سٺو لڳو ۽ مون کي
تمام گهڻو سکڻ جو موقعو به مليو، هفتيوار مان سندس آرٽيڪل پڙهندو هئس، سندس لکڻين
۾ عجيب اثر هوندو هو، جيڪو به هڪ دفعو ڪالم پڙهڻ شروع ڪندو هو ته آخر تائين پڙهڻ
تائين مجبور ٿي ويندو هو، اهو ڏات ڪنهن ڪنهن ماڻهو ۾ هوندو آهي، سندس هر ڪالم ۾
وڏي تقيق ٿيل هوندي هئي. سندس ادب لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن.
ستار
پيرزادو ڪجهه ڏينهن کان دل جي بيماري سبب بيمار هو، کيس ڪراچي جي هڪ خانگي
اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، جتي 21 فيبروري
2020ع تي آڪاش تي ڇانيل آسماني ڪهڪشان جو هڪ ستارو هميشه لاءِ آڪاش تان گم ٿي ويو.
مرحوم جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ ٻلهڙيجي آندو ويو، جتي اباڻي قبرستان سخي شاهه جمال
۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.سندس اوچتي وڇوڙي اديبن، دانشورن ۽
ليکڪن جو جيءُ جهوري وڌو آهي، ادبي لڏي ۾ سوڳ چانئجي ويو آهي، ستار جي وڇوڙي سان
سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو شايد صدين تائين ڀرجي نه سگهندو،
اديبن ۽ شاعرن طرفان سندس ٻولي لاءِ ڪيل خدمتن تي ڀيٽا به پيش ڪئي وئي آهي ، ايتري
قدر جو سندس سنڌي ٻولي ۾ غير سنڌي لفظن جي
استعمال کي روڪڻ واري مشن کي پورو ڪرڻ جو
ورجاءُ به ڪيو ويو آهي.
Wednesday, 22 January 2020
Tuesday, 21 January 2020
وفاق ۽ سنڌ سرڪار جون غلط پاليسون۽ اٽي جو بحران
صاحب خان ڀٽي
چوندا آهن ته قرض مرض هوندو آهي پر اها ڳالهه
اسان جي ملڪ جي حڪمرانن کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي، آمريت هجي يا وري جمهوريت، هر دور ۾
قرض وٺي ملڪ کي هلايو ويندو رهيو آهي ۽ عوام کي چيو ويندو آهي ته هن قرض سان سندن تقدير تبديل ٿي ويندي پر حقيقت
ان جي ابتڙ هوندي آهي ڇاڪاڻ ته قرض وٺڻ سان ملڪ ۾ ترقي ٿيڻ بدران مهانگائي ۾ واڌ
ٿي ويندي آهي ۽ ۽ معشيت کي به تمام گهڻو ڪاپاري ڌڪ رسندو آهي
پر اسان جي حڪمرانن کي ان ڳالهه جي ڪا به پرواهه نه هوندي آهي ۽ نه ئي وري هن ملڪ
۾ ڪو انهن کان پڇڻ جي ڪو همت ڪري سگهي ٿو ته اهي پيسا آخر ويا ڪيڏانهن؟ جيڪڏهن ڏٺو
وڃي ته قرض جي پيسي سان عوام جي ته تقدير ته تبديل نه ٿيندي آهي پر حڪومت ۾ ويٺل
ماڻهو راتو رات ارب پتي ۽ کرب پتي بڻجي ويندا آهن، جيڪڏهن ڪو انهن جي ملڪيت بابت
سوشل ميڊيا تي پڇڻ جي همت ڪندو به آهي ته ان کي غدار جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو آهي ته
جيئن اڳتي هلي ڪو انهن کان پڇڻ جي همت به نه ڪري.
جيئن ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا
ٿي ويو آهي ۽ صوبائي سرڪار وفاق تي الزام لڳائي رهي آهي ۽ وفاق وري سنڌ سرڪار تي
الزام لڳائي رهي آهي، عوام کي آسرو ڏنو پيو وڃي ته بحران جلد ختم ٿي ويندو، ملڪ ۾
اٽي جو بحران نه آهي، هڪ طرف چيو پيو وڃي ته بحران ناهي ته ٻئي طرف وري وفاق طرفان پرڏيهه مان ڪڻڪ خريداري جي
منظوري ڏني وئي آهي، جيڪڏهن ڪڻڪ پرڏيهه مان ئي خريد ڪرڻي هئي ته پوءِ افغانستان کي
امداد ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ سنڌ سرڪار به افغانستان کي ڪڻڪ ڏيڻ تي ناراضگي ظاهر
ڪري رهي آهي پر وفاق ۽ سنڌ سرڪار ڪڻڪ جي بحران جو برابر جا ذميوار آهن، سنڌ سرڪار
چيٽ جي ڪڻڪ خريد نه ڪري واپارين کي فائدو پهچايو ۽ وفاق به
اهو چئي جان ڇڏائي ته اسان وٽ ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار چيٽ جي
ڪڻڪ خريد ڪري ها ته هارين کي لکين روپين جو نقصان نه ٿئي ۽ نفعي خور واپاري
آبادگارن کي بليڪ ميل ڪري سستي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي همت نه ڪن ها. جيئن ته سنڌ
سرڪار هميشه کان سنڌ جي آبادگارن جو استحصال ڪندي رهي آهي، ڪڏهن ڪمند جو مناسب
اگهه ڏيڻ واري معاملي تي ته ڪڏهن وري پاڻي واري معاملي تي کين پريشان ڪيو ويندو
آهي. ڀاڻ به مهانگو آهي، ٻج به مارڪيٽ معياري نه پيو
ملي، ان باوجود به هاري فصل پوکي رهيا آهن، ماڪڙ به فصل کي نقصان پهچائي رهي آهي پر وفاقي سرڪار ۽
سنڌ سرڪار سندن واهر ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار جي ڪامورن ۽
وفاق جي ڪامورن کي پنهنجن ذاتي جهيڙن مان وقت ملي ته انهن کي ملڪ جو عوام نظر اچي،
هن وقت اپوزيشن ۽ حڪومت هڪ ٻئي کي هيٺانهون ڏيکارڻ ۾ رڌل آهن، عوام مهانگائي جي
گهاڻي پسجي رهيو آهي پر چيو پيو وڃي ته ملڪ صحيح دڳ تي گامزن آهي.
بهرحال هن ڀيري مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو
آهي، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ احتساب ئي آهي، ڇاڪاڻ ته تبديلي سرڪار ملڪ جو ناڻو
لٽيندڙن جو احتساب ڪرڻ بدران غريب عوام جو احتساب ڪري رهي آهي، ٽيڪسز ۾ واڌ کي به
ان جي هڪ ڪڙي چئي سگهجي ٿو. فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، ماڻهو بي روزگار ٿي رهيا
آهن، تبديلي سرڪار به ٻئي هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته حڪومت ايترا ذريعا
نه آهن جو ماڻهن کي سرڪاري نوڪري ڏئي سگهن، ڊالر به رڪارڊ واڌ ٿي آهي، قرض به سڄي
دنيا کان ورتا ويا آهن، جيڪڏهن چيو وڃي ته سڄي دنيا کان پنيو ويو آهي ته ان ۾ ڪو
شڪ نه آهي، پرحڪمرانن جا شاهي خرچ ناهن گهٽيا، ملڪ جو عوام بک ۽ بدحالي سبب آپگهات
ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي پر حڪومت اگهور ننڊ آهي، وزيراعظم عمران خان کي ٿر ۾ بک
سبب مرندڙ ماڻهو نظر نه پيا اچن پر افغانستان، جتان دهشتگردن جي لوڌ پاڪستان ۾
داخل ٿيندي آهي، انهن لاءِ ڪڻڪ امداد طور ڏئي سگهي ٿو، جنهن تي مخالف ڌر به رڳو
بيان بازي ڪري پنهنجو فرض پورو سمجهي ٿي، جيئن ته هي ملڪ قرض تي هلي رهيو آهي ۽
اسان پني سني گذاري ڪري رهيا آهيون ته پوءِ آخر اسان جي حڪمرانن کي امداد طور ڪڻڪ
ڏيڻ ۾ شرم محسوس ڇو نه آيو، آخر اها ڪهڙي پاليسي آهي؟ جنهن ۾ ملڪ جو عوام بک مري
ته ڀلي مري پر پاڙيسري ملڪ کي خوش ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏڻي، پوءِ ڀلي وڌيڪ قرض ڇو
نه وٺڻو پئي.
مهانگائي هن غريب ملڪ جو مقدر بڻجي وئي آهي،
ٽيڪس جي واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جو هڪ نئون طوفان اچي ويو آهي، اٽي جي بحران سان گڏ کنڊ به مهانگائي ٿي وئي
آهي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي ۾به اضافو ٿي ويو آهي، هر طرف غريب ماڻهن جون ٻڌڻ ۾
اچي رهيون آهن، ايوانن ۾ ويٺل وزير به چئي رهيا آهن ته ملڪ جو عوام اسان کي
مهانگائي سبب بددعائون ڏئي رهيو آهي پر ان باوجود اسان جو وزيراعظم توڙي صدر عارف
علوي جي ڪن تي ڪا جونءَ به نٿي چري، مخالف ڌر روايتي طور بيان ڏيڻ ۾ رڌل آهي پر
عوام جو اعتماد مخالف ڌر تان به کڄي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ سڪي جا
ٻه پاسا آهن، احتساب ۽ تبديلي جي نعري تي اقتدار ۾ ايندڙ تحريڪ انصاف پارٽي جي
وزيرن ۾ به پاڻ ۾ اختلاف نظر اچي رهيا آهن، حڪومت رڳو اتحادي جماعتن کي راضي ڪرڻ ۾
لڳي پئي آهي، اپوزيشن به حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ۽ تنقيد ڪرڻ جو ڪو موقعو وڃائڻ نه
ٿي چاهي، هاڻي رڳو ملڪ جو عوام ننڌڻڪو ٿي ويو آهي، جنهن جي نه ته اقتدار ۾ ويٺل
جماعتن کي ڳڻتي آهي ۽ نه ئي اپوزيشن کي مهانگائي سٽيل عوام جو ڪو فڪر آهي.
جيڪڏهن ملڪ ۾ هڪ قانون
جوڙي وڃي ته ڪاروباري ماڻهو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه هوندي ته مهانگائي وارو
مسئلو تمام جلد حل ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار هجي يا وفاقي سرڪار، انهن ۾
اهڙا به وزير آهن جن جون پنهنجون فيڪٽريون آهن ۽ سندن ڪاروبار به هلي رهيو آهي،
پرڏيهه ۾ به انهن جون ڪمپنيون آهن، سنڌ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪمند جو سرڪاري اگهه نه
ملڻ جو ڪارڻ سنڌ سرڪار ۾ ويٺل شگر ملز مالڪ آهن،وفاق ۾ به اهڙا وزير آهن، ملطب ته
اقتدار ۾ ويٺل پارٽي جا اڪثر اڳواڻ به ڪاروباري ماڻهو آهن، اهو سبب
آهي جو کنڊ ۽ اٽي جو بحران ملڪ ۾ پيدا ٿي رهيو آهي ۽ اهو بحران تيستائين ٿيندو
رهندو، جيستائين ڪاروباري ماڻهو اقتدار ۾ ويٺل هوندا، ڇاڪاڻ ته اهڙن ماڻهن جو هڪ
ئي مقصد هوندو آهي ته هو ڪهڙي به ريت بحران پيدا ڪري وڌ کان وڌ نفعو حاصل ڪري سگهن.
جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي ناڪيلي وڌي وڃي ته ملڪ جي عوام کي اٽي، کنڊ ۽ ٻين عام واهپي
جي شين جي بحران کان ڇٽڪارو ملي ويندو پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن
سموريون پارٽيون ڪاروباري ماڻهن کي پاڻ کان پري رکن، ٻي صورت ۾ اهي بحران پيدا ٿيندا رهندا ۽ قرض تي هلندڙ وفاقي سرڪار
افغانستان جهڙن ملڪن کي امداد ڏئي فخر محسوس ڪندي رهندي.
Subscribe to:
Posts (Atom)