Pages

Thursday 17 December 2015

ڪرپشن جو راڳ ۽ رينجرز جا اجازت سان مشروط اختيار

صاحب خان ڀٽي
سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آهي. جتي ڏينهون ڏينهن ڌارين جي لوڌ وڌندندي پئي وڃي، جنهن سبب شهر جون حالتون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن. ڪراچي ۾جنهن ريت سنڌ جي تاريخي ماڳن کي مسمار ڪيو ويو ان جو به تاريخ ۾ مثال نه ملندو.  وڏي وزير سيد قائم علي  شاهه ڪجهه عرصو اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته هو ڌارين کي سنڌ ۾ اندر روڪڻ جي حڪم جاري ڪن ٿا ته طاقتور ڌريون سندن حڪم کي ٿڏي ڇڏين ٿيون ۽ ڌارين کي ترسائڻ جا آرڊر جاري ڪن ٿيون.  وڏي وزير جي اهڙي بيان مان لڳي پيو ته سنڌ اندر ڌارين جي لوڌ آڻڻ ۾ به اهي ڌريون ملوث آهن جيڪي نٿيون چاهين ته ڌرتي ڌڻي ڪراچي ۾ اڪثريت سان ٿين. ڌرتي ڌڻين کي ان ڳالهه جو خيال نه هو ته هو جن کي ووٽ ڏئي رهيا آهن اهي ئي انهن ڌارين جي لوڌ جي آمد جو سبب بڻبا. ووٽ وٺي ڪامياب ٿيڻ بعد اقتدار جي حوس ۾ اهو سڀ ڪجهه ويساري ڇڏيندا آهن جيڪي انهن عوام سان وچن ڪيا هئا. 1973ع کان جنهن ريت سنڌ کي خودمختيار صوبو چيو ويندو رهيو آهي ان جو اندازو هاڻوڪي رينجرز جي اختيارن مان به لڳائي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته جڏهن رينجرز جا پوليس وارا اختيار ختم ٿي ويا هئا تنهن وقت به رينجرز پنهنجيون ڪارروايون جاري رکيون هيون. رينجرز سنيپ چيڪن ڪري ڪيترن ئي دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي به دعويٰ به ڪئي هئي پر ان وقت به ڪو به پيپلزپارٽي جو وزير  ان بابت ڳالهائڻ تيار نه هو. صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته رينجرز جيڪي ڪارروايون ڪري رهي  آهي اهي قانوني آهن،  هن اهو به چيو هو ته ڪرپشن جي ڪيسن کي اي ٽي سي عدالت کڻي مناسب ناهي. سندس موقف هو ته ڪرپشن ۽ دهشتگردي ۾ و ڏو فرق آهي جنهن سبب ڪرپشن جا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نه هلايا وڃن. هن چيو ته رينجرز جي اختيارن واري مدي ۾ واڌ وارو مامرو هو اسيمبلي مان پاس ڪرائيندا. رينجرز اختيارن جي مدي ۾ واڌ وارو مامرو اڃان رولڙي جو شڪار هو ته رينجرز اهلڪارن رات جي اونداهي ۾ شهيد بشير خان قريشي جي گلشن حديد واري گهر تي چڙهائي ڪري سندس ڀاڻيجي سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.  ان مان صاف ظاهر آهي ته اختيار هجن يا نه هجن هو پنهنجيون ڪارروايون جاري رکيو پيا اچن.
رينگٽ کان پوءِ رينجرز جو رولڙي جو شڪار مامرو آخرڪار پنهنجي منزل تائين پهتو ۽ سنڌ اسميبلي رينجرز جي اختيارن جي مدي ۾ واڌ واري ٺهراءُ جي منظوري ڏني. فنڪشنل ليگ، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ٺهراءُ جي منظوري بعد احتجاج ڪري ٺهراءُ جون ڪاپيون به ڦاڙيون ۽ واڪ به آئوٽ ڪيو . مخالف ڌر جي احتجاج باوجود بل منظور ٿي ويو.  ٺهراءُ ۾ چيو  ويو آهي ته رينجرز ڪنهن به شڪي شخص کي حڪومت جي اجازت کانسواءِ گرفتار نه ڪري سگهندي ۽ دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي کان اڳ رينجرز وڏي وزير کان منظوري وٺندي. ٺهراءُ تحت رينجرزکي ڪنهن به سياسي شخصيت کي وڏي وزير جي اجازت کانسواءِ گرفتار ڪري نه سگهندي، دهشتگرد ۽ ڪنهن ڏوهاري جي گرفتاري تي اها شق لاڳو نه ٿيندي. ٺهراءُ جي متن موجب رينجرز چيف سيڪريٽري جي اجاز کانسواءِ ڪنهن سرڪاري آفيس تي ڇاپو نه هڻي سگهندي. ٺهراءُ ۾ رينجرز کي صرف ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏني وئي ۽ فرقيواراڻي قتل عام کي روڪڻ پڻ رينجرز جي ذميواري هوندي.  ٺهراءُ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته رينجرز سنڌ ۾ هڪ سال رهندي. اهڙو ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد ايم ڪيو ايم آخر ڪار ڪئين صبر سان ويهي ٿي سگهي انهن به واڪ آئوٽ کڻي ڪيو. مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو ته هو اهڙي ٺهراءُ کي نٿا مڃن. اڳوڻي وڏي وزير ارباب علام رحيم چيو  ته ڪرپشن لڪائڻ ۽ پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪرايو ويو، رينجرز ڪنهن به قانون جي لتاڙ ناهي ڪئي. لياقت جتوئي چيو ته پاس ڪيل ٺهراءُ نيشنل ايڪشن پلان جي روح جي خلاف آهي، سنڌ حڪومت ڪرپشن جو گهر بڻجي چڪي آهي. پاس ڪيل ٺهراءُ عوام جي به خلاف آهي.  سنڌ اسيمبلي  ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اظهار الحسن چيو ته ٺهراءُ نيشنل ايڪشن پلان خلاف آهي، رينجرز بابت ٺهراءُ ڪنهن به بحث کانسواءِ پيش ڪيو ويو. هن چيو ته ڪراچي جي امن لاءِ ضروري آهي ته رينجرز کي جيڪي اختيار ڏنل هئا اهيئ ڏيڻ گهرجن هئا. مخالف ڌر جي اڳواڻ  اظهار الحسن  چيو ته حڪومت جي اهڙي رويي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي. متحده اڳواڻ سردار احمد به بل کي رد ڪندي چيو ته ٺهراءُ جون ڪاپيون کين اڳ نه ڏنيون ويون هيون. هن چيو ته پ پ هميشه مخالف ڌر تي فيصلا مڙهيا آهن. ٺهرا جو مفهوم اهو آهي ته  پ پ کي ڪجهه به نه چيو وڃي. سردار احمد چيو ته جمهوري اڄ مخالف ڌر کي گهٽو ڏنو  آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پ پ ثابت ڪري ڇڏيو ته سندس حڪومت عوامي ناهي. پ پ ڪرپشن ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪا ڪرڻ نه ڏني ويندي. فنڪشنل ليگ اڳواڻ شهريار مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  ٺهراءُ چورن جيان پيش ڪيو ويو، جنهن ريت ٺهراءُ کي پيش ڪيو ويو اهو غيرآئيني ۽ غير قانوني هو. شهريار مهر چيو ته هو ٺهراءُ خلاف هر پليٽ فارم تي آواز اٿاريندا. هڪ طرف پيپلزپارٽي چاهي ٿي ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿئي ته ٻئي طرف ڪرپشن خلاف رينجرز جي ڪاررواين کان خوفزده به آهي. اهو ئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي هن ڀيري رينجرز جي اختيارن جي مدي ۾ واڌ وارو مامرو اسيمبلي ذريعي پاس ڪرايو.
ماضي جو جائزو وٺنداسين ته جڏهن ڪراچي آپريشن شروع ڪيو ويو ته ان وقت رينجرز کي پوليس جا اختيار ڏيڻ جو وقت آيو ته ان وقت ڪنهن به پارٽي مخالفت نه ڪئي هئي ۽ هر پارٽي  طرفان اهڙي عمل جي ساراهه ڪئي وئي. جڏهن ايم ڪيو ايم جي نائن زيرو تي آپريشن ٿيو ته متحده پاران واويلا ڪئي وئي لڳي ائين پيو ته ڪا وڏي تبديلي ايندي. ان وقت جيڪو به ماڻهو گرفتار ڪيو پيو وڃي رينجرز جي اها ئي دعويٰ هوندي هئي ته ان جو تعلق راءِ سان آهي. ڪيتريون ئي جي آءِ ٽيون به ٺاهيون ويون پر انهن کي ڪهڙيون سزائون مليون ان بابت عوام هن وقت لاعلم آهي. بحرحال رينجرز جي اهڙين ڪاررواين بعد جيڪو لساني تنظيم جو جيڪو دٻ دٻوءَ هيو اهو ختم ٿيو ۽ شهرين  مان خوف ختم ٿيو اها ٽي وي چينل جيڪي ان لساني تنظيم جي چمچاگيري ۾ لڳل هوندا هئا انهن ۾ به سندن خلاف ڳالهائڻ جي همت ٿي. عدالتن جي سٺن فيصلن ۽ رينجرز جي  ڪاررواين بعد ڪراچي جي شهرين جو اعتماد بحال ٿيو. شهر ۾ امن امان جي صورتحال اڃان ايتري بحال نه ٿي هئي ته رينجرز دهشتگردن  خلاف ڪارروائي جو رخ تبديل ڪري ڪرپشن ڪندڙن خلاف موڙيو. ڪجهه ذريعن وٽان اها به ڄاڻ ملي ته شرجيل ميمڻ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو پر اهڙيون خبرون ميڊيا ته نه اچي سگهيون.  جنهن سبب اهو به معاملو دٻجي ويو. سنڌ جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو ته رينجرز جو ڪو اختيار نه گهٽايو ويو آهي، ڪارروائي کان اڳ وڏي وزير کان پڇڻ  ۾ ڪهڙو عيب آهي؟. مولابخش چانڊيي چيو ته رينجرز وٽ جيڪي به اڳ ۾ اختيار هئا اهي ڏنا ويا آهن. هن چيو ته رينجرز تي کين ڪالهه به اعتماد هو ۽ اڄ به اعتماد آهي. اختيارن جو ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس تي ڪو به اثر نه پوندو. سندس اهو به چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن دوران سياست چمڪائي وئي ۽ ادارن کي پاڻ ۾ وڙهائي جي ڪوشش ڪئي وئي.مولابخش وفاق کي معيار ڏيندي چيو ته آخر صرف سنڌ ۾ ئي ڇو ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ٻين صوبن ۾ ڇو نه پئي ڪئي وڃي.
سنڌ حڪومت جي وزيرن جي بيانن مان صاف ظاهر پيو لڳي ته هنن ڪرپشن جي حامي ڀري ورتي آهي. انهن جي بيانن مان ڪرپشن جو اعتراف به ظاهر آهي. آخر اهڙو ڪهڙو سبب آهي جو هن ڀيري پيپلزپارٽي  سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويو. ڇا هن ڀيري پيپلزپارٽي کان ڪهڙي غلطي ٿي جو سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت هئڻ باوجود به ڪارروايون به سندن خلاف ڪيون پيون وڃن. هاڻ جڏهن رينجرز جا هٿ ڪرپشن ڪندڙن جي ڳچين ۾ پيا آهن پيپلزپارٽي جي وزيرن مان ٻيڪاٽ نڪري ويا آهن ڪجهه ته بيماري جو بهانو ڪري دبئي ۾ وڃي ويهي رهيا آهن ته ڪجهه وري ملڪ ۾ اچڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.  هاڻ ته رينجرز کي اختيار ملي ويا آهن پر ڏسڻو اهو آهي ته ڇا رينجرز ۽ طاقتور ڌريون سنڌ اسيمبلي جي ان ٺهراءُ کي قبول ڪنديون يا وري اهي ساڳيون ڪارروايون پيپلزپارٽي خلاف ڪيون وينديون.


16ڊسمبر تاريخ جو ڪارو ڏينهن...!!!!

صاحب خان ڀٽي
16 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن هو جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نٿو سگهجي. دهشتگردن 16 ڊسمبر 2014 تي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري پنهنجي بزدلاڻي ڪارروائي جو ثبوت ڏنو.  16 ڊسمبر تي دهشتگردن معصوم ٻارڙن تي حملو ڪري يزيديت جي تاريخ ورجائي. دهشتگردن جي حملي ۾ 141 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا ۽ 436 کان وڌيڪ زخمي به ٿيا. سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن ۾ اسڪول جو پرنسيپل به شامل هو. دهشتگردن معصوم ٻاررن جي سامهون جنهن طريقي سان رت جي راند کيڏي جنهن سبب سندن مرڪون ٽڙڻ کان اڳ ئي مرجهائجي ويون. اهي قيامت صغريٰ جهڙا منظر ڪهڙي ريت ويساري سگهجن ٿا؟.  16 ڊسمبر جو جڏهن مائرون پنهنجن معصوم ٻچن کي اسڪول ڏانهن موڪليو هو شايد ان وقت انهن مائرن کي اها خبر نه هئي ته سندن جهوليون دهشتگرد خالي ڪري ڇڏيندا. انهن کي ته ان ڳالهه جو به احساس نه هوندو ته اهڙو وڏو سانحو پيش ايندو. 16 ڊسمبر تي دهشتگرد سيڪيورٽي ادارن جون ورديون پهري اسڪول ۾ داخل ٿيا ۽ معصوم گلڙن تي ائين ڪڙڪي پيا جئين ڪو بکايل ڪتو. دهشتگردن کي اهو به رحم نه آيو ته هو معصوم گلڙن تي گوليون هلائي رهيا آهن. دهشتگردن کي معصوم ٻارڙن جي چهرن کي ڏسي به روح سٽ نه کاڌي ۽ پنهنجا ٻچا به ياد نه آيا. هنن گولين هلائڻ کان اڳ ايترو به نه سوچيو ته هو ڪنهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. دهشتگردن انسانيت جون حدون پار ڪري معصوم ٻارڙن کي به پنهنجي وحشيت جو نشانو بڻايو. اهڙن دهشتگردن کي انسان چئي سگهجي ٿو؟ شايد نه، ڇو ته مائرن جون جهوليون خالي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ٿو ڪري سگهجي. 16 ڊسمبر جو اهو اڀاڳو ڏينهن141 ڄڻن جون جانيون ڳڙڪائي ويو جنهن سبب سڄي قوم هن وقت به سوڳ ۾ ورتل آهي. سانحي ۾ شهيد ٿي ويل اهي معصوم ٻارڙا به هئا جن کي الف ب مشڪل سان پڙهڻ ايندي ۽ ڳالهائڻ به ايندو هو. جن جو ٻاتڙو ڳالهائڻ من کي موهي وهجندو آهي، جن جو ٻاتڙي ٻولي ٻڌي دل کي سڪون ۽ چهري تي مسڪراهٽ اچي ويندي  آهي ۽ دل چوندي آهي ته سڄو انهن جي ٻاتڙي ٻولي ٻڌجي، دهشتگردن انهن کي به پنهنجي وحشيت جو نشانو بڻايو.  حملي وقت آرمي پبلڪ اسڪول ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار شاگرد، استاد ۽ ٻيو اسٽاف موجود هو.  صبح جو جڏهن اسڪول تي حملو ٿيو ۽ ميڊيا تي خبرون نشر ٿيون ته مائرن  جا هانءُ ڏري پيا ۽ هنن اسڪول جو رخ ڪيو پر اهي ويچاريون به اتي نه پهچي سگهيون. انهن مائرن کي اها خبر نه هئي ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن سندن لاءِ تاريخ جو ڪارو ڏينهن ثابت ٿيندو. انهن مائرن کي ته اها به خبر نه هئي ته جن هٿن سان معصوم ٻارڙن کي ناشتو ڪرايو،  اهو سندن لاءِ آخري هوندو. انهن کي ته ان ڳالهه جو به احساس نه هيو ته دهشتگرد سندن معصوم ٻچڙن جون مرڪون ٽڙڻ کان اڳ ئي مرجهائي ڇڏيندا.
لونءَ ڪانڊاريندڙ پشاور سانحي  سبب اڄ به سڄي ملڪ جي عوام سوڳ ۾ ورتل آهي. اهو عزم به ڪيو پيو وڃي ته دهشتگردي کي مات ڏني ويندي. ميڊيا تي خبرون نشر ٿيون ته پاڪستاني طالبان جي مرڪزي ترجمان مولانا محمد عمر خراساني حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي ۽ هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ضرب عضب آپريشن جي رد عمل ۾ ڪيو  ويو آهي. انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ پشاور سانحيو سڄي قوم کي متحده ڪري ڇڏيو ۽ فوجي توڙي عسڪري قيادت ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، جنهن بعد آپريشن کي جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو.  پشاور سانحي نه  پر شڪارپور ۽ جيڪب آباد سانحي به عوام ٻيڻي سوڳ ۾ ورتل آهي. ملڪ هن وقت دهشتگردي جي ورچڙهيل آهي. نه ڪا مسجد محفوظ آهي ۽ نه ئي ڪا امام بارگاهه هر طرف دهشتگردن جو راڄ آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ سول توڙي عسڪري قيادت کي گڏجي هڪ پليٽ فارم تي ويهي فيصلا ڪرڻا پوندا ته جئين دهشتگردن کي ڪو فائدو نه رسي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ  فيصلائتي جنگ ڪئي وڃي ته جئين ملڪ اندر امن امان جي صورتحال قائم ٿئي. 16 ڊسمبر جي سانحي کي اسان کي دهشتگردي جي خاتمي جي پيڙهه جو پٿر سمجهڻ گهرجي .  پاڪستان ۾ مسلمان اڪثريت سان رهن ٿا ۽ پاڪستان جي بنياد به مذهب آهي ۽ هن ملڪ ۾ اڪثريت به مسلمانن جي آهي ته پوءِ آخر اهڙا ڪهڙا سبب آهن ته مسجدن، امام بارگاهن ، مزارن ۾ اڄ مسلمان محفوظ ڇو نه آهي؟ ڇا بم ڌماڪا ۽ گوليون هلائڻ مسلمانن جي سڃاڻپ بجڻ وارو آهي؟ اهي سوال هر هنڌ اٿي رهيا آهن. آخر ائين ڇو ٿي رهيو آهي جو اڄ مسلمان تي حملا جيڪا ٿي رهيا آهن انهن جي ذميواري به اهي ڌريون قبول ڪري رهيون آهن جيڪي پاڻ کي اسلام جو ٺيڪيدار سمجهن ٿيون. ڇا لاءِ اڄ مسلمانن مٿان مسلمان حملا ڪري رهيا آهن.آخر ڇو دهشتگرد آپريشن جو بنياد بڻائي عورتن توڙي معصوم ٻارڙن جون حياتيون کسي رهيا آهن. پاڪستان جي عوام هاڻ ٻيهر  پشاور سانحي جهڙي سٽ سهي نه سگهندو.  
وزيراعظم نوازشريف پشاور آرمي پبلڪ سانحي جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پيغام ڏيندي چيو ته  دهشتگردن کي ٻڌايو وڃي ته دهشتگردي اسلامي تعليم جي خلاف آهي.بي ڏوهين جي حياتين کي کسڻ جي سزا دنيا ۽ آخر ٻنهي ۾ ملندي آهي. وزيراعظم نوازشريف پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. 16 ڊسمبر جي حوالي سان مختلف اڳواڻن پاران به ڏک وارا بيان جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ جي و ڏي وزير سيد قائم علي شاهه  پشاور سانحي جي متاثرن لاءِ 5 ڪروڙ امداد جو به اعلان ڪيو آهي.  سڄي ملڪ ۾ صوبائي حڪومت طرفان پڻ پشاور سانحي جي سوڳ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو. صرف پاڪستان جي راجڌاني شهر اسلام آباد ۾ اسڪول کليل رهيا. هوڏانهن برطانوي شهر برمنگهم ۾ به پشاور سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ تقريب ڪوٺائي و ئي جنهن ۾ نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي، سندس والد ضياءَ الدين يوسف زئي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ملالا يوسف زئي چيو ته تعليم حاصل ڪري دهشتگردي جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تعليم کي هٿي وٺرائي ڏني وڃي. ملالا يوسف زئي چيو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت کي متحده تي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پوندو. هن اهو به چيو ته آڱرن تي ڳڻڻ جيترا  دهشتگرد دنيا کي يرغمال بڻائي نٿا سگهن.
16 ڊسمبر جي سانحي  کي  شهيدن جو ڏهاڙو ڪري ملهايو ويو. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ ميڻ بتيون ٻاري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مک تقريب پشاور ۾ ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم نوازشريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير به شريڪ ٿيا. ان موقعي تي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.


وفاق ۽ سنڌ حڪومت آمهون سامهون ...!!!

صاحب خان ڀٽي
رينجرز گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪراچي ۾ موجود آهي پر امن امان جي صورتحال بهتر ان وقت ٿي جڏهن کين پوليس جا اختيار ڏنا ويا. رينجرز  پوليس جا اختيار ملڻ بعد ئي شهر ۾ ڪارروايون ڪيون ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جي دهشتگردن سان گڏ سياسي جماعتن جي دهشتگردن کي به گرفتار ڪيو. اهي ڌريون جيڪي ڪراچي ۾ مينڊيٽ جي ڳالهه ڪنديون هيون انهن جا به رينجرز ڪيترائي دهشتگرد گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيا. رينجرز نائن زيرو تي به آپريشن ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ۽ چيو ته انهن جو تعلق سياسي جماعت سان آهي. رينجرز دعويٰ ڪئي هئي ته نائن زيرو مان نيٽو جا هٿيار هٿ آيا آهن پر  ايم ڪيو ايم طرفان اهڙي دعويٰ کي رد ڪيو ويو هو. رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪيترين ئي پارٽين جي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته انهن جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان آهي ۽ اهي راءِ جي لاءِ ڪم ڪندا آهن مطلب ته راءِ جا ايجنٽ آهن. جيڪڏهن رينجرز وٽ ايترا ثبوت آهن ته پوءِ انهن جي سرپرست، سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي ڪئي وڃي. بهرحال رينجر جيڪي به هن  وقت ڪارروايون ڪيون آهن ان سان شهر ۾ امن امان جي فضا قائم ٿي آهي۽ شهرين سک جو ساهه کنيو آهي. امن امان جي صورتحال بهتر هئڻ سبب ڪراچي ۾ ڪاروباري ماڻهن کي به فائدو پهتو  آهي جنهن سبب واپاري جي اها خواهش آهي ته رينجرز شهر ۾ رهي ته جئين اهي ڀتا خور ۽ دهشتگرد وري شهر جون حالتون خراب نه ڪن. هاڻ جڏهن رينجرز جي اختيارن جو مدو ختم ٿي چڪو آهي ته رينجرز به ڪارروايون بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن سبب هڪ دفعو ٻيهر شهرين ۾ بي چيني پيدا ٿي وئي آهي.جڏهن شهر ۾ رينجرز امن قائم ڪرايو ته عوام جو اعتماد سيڪيورٽي ادارن وڌيو ۽ هاڻ انهن کي اهو ئي خدشو آهي ته جيڪڏهن شهر مان رينجرز هلي ويندي ته ٻيهر حالتون خراب ٿي وينديون.  
رينجرز جي اختيارن واري معاملي سبب وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ اختلاف وڌي ويا، جنهن سبب وفاق ۽ سنڌ جي نمائندن پاران بيان ڏنا ويا. چوڌري نثار طرفان سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي وئي. چوڌري نثار پاران سنڌ حڪومت کي اها به ڌمڪي ڏني وئي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت طرفان الزام بند نه ٿيا ته هو ڊاڪٽر عاصم جو وڊيو بيان  عوام آڏو آڻيندو.  وفاقي گهرو  وزير چيو ته هاڻ گهڻو ٿي چڪو، سنڌ حڪومت ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي، وفاق وٽ آئيني ۽ قانوني آپشنز موجود آهن. چوڌري نثار چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ ۽ وفاقي حڪومت جي قانون هيٺ آهي. هن سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ ناڪاري يلغار سامهون رينجرز کي بي يارو مددگار نه ڇڏيندو . چوڌري نثار چيو ته رينجرز کي اختيار نه ڏيڻ دهشتگردن جو حوصلو وڌائڻ جي برابر آهي، رينجرز کي اختيار نه ڏئي ڪنهن کي پيغام ڏنو پيو وڃي. سندس اهو به چوڻ هو ته ڪراچي آپريشن کي هڪ شخص جي مفاد جي ور نه چاڙهيو وڃي، رينجرز وارا ڳالهائڻ تي آيا ته سڄي قوم ساڻن گڏ هوندي. هن اهو به چيو ته ڪراچي ۾ ٻيهر خوف وارو ماحول پيدا ٿيڻ نه ڏنو ويندو، رينجرز جا ڪي به سياسي ارادا ناهن، اها ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم پئي ڪري. چوڌري نثار چيو ته ڪجهه ڌريون ڪراچي آپريشن کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن صوبائي حڪومت کي آپريشن ناهي هلائڻو ته اسان کي ان تي ڪو اعتراض ناهي. صوبائي حڪومت ٻڌائي حالتون درست ڪندي ته رينجرز کي بيرڪ ۾ اماڻي ڇڏيون. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي مڪمل سهڪار فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته جنهن جي ڪارڪردگي ناهي هوندي، اهي بيان بازي ڪندا آهن، جيڪڏهن صوبي کي اعتراض آهي ته گڏجاڻين ۾ اظهار ڪري بيان بازي نه ڪئي وڃي. وفاقي گهرو وزير چيو ته ڪراچي آپريشن ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي شروع ڪيو ويو، رينجرز جي نگراني ۾ آپريشن تي سڀ متفق هئا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار 28 آگسٽ تي بيان ڏنو ته حالتون خراب آهن، ڪراچي کي فوج حوالي ڪيو وڃي. چوڌري نثار چيو ته پاڪ فوج جي جوانن کي ڪراچي جي گهٽين ۾ نٿو بيهاري سگهجي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رڌل آهي، ڪراچي آپريشن دهشتگردن ۽ ٽارگيٽ ڪلرن خلاف شروع ڪيو ويو.  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي بيان بعد مولا بخش چانڊيو به ميدان لهي و يو ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهن. رينجرز جي اختيارن وارو معاملو آئيني آهي، ان ڪري اسيمبلي کڻي ويا. مولا بخش چيو ته اميد آهي ته رينجرز جي اختيارن وارو معاملو سومر تائين حل ٿي ويندو ۽ هو ڪراچي آپريشن جي رستي ۾ رنڊڪ نٿا وجهڻ چاهين،  آپريشن جاري رهندو. هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته رينجرز کي آپريشن لاءِ اختيار سنڌ سرڪار ڏنا هئا، رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪاررواين جا نتيجا هاڪاري نڪتا . هن چيو ته چوڌري نثار رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي احتياط کان ڪم وٺي. چوڌري نثار علي پنهنجي پارٽي جا مفاد ڏسندو . رينجرز کي سنڌ سرڪار ئي گهرايو  آهي. مولا بخش چانڊيي چيو ته ڪراچي ۾ امن امان ضروري آهي، رينجرز آئيني طور آئي آهي، پوليس سان آئيني طور ڪم ڪندي رهندي. هن چيو ته سنڌ جون سياسي پارٽيون آپريشن جي حق ۾ آهن، جن ادارن کي صوبائي معاملن ۾ مداخلت جي حدون ناهن، اهي ان کي ڪيئن ٿا ڏسي سگهن. اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته پ پ جي حڪومت مدو پورو ڪندي، چوڌري نثار جي ڌمڪي کان ڪنهن به صورت ۾ نه ڊڄندا. چوڌري نثار ۽ مولا بخش چوڌري جي بيان بعد تجزيه نگارن ۽ سياستدانن جا مختلف موقف سامهون آيا. حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو ته سنڌ ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي حق ۾ آهن. هن چيو ته فوج ۽ وفاق جيڪو به فيصلو ڪندا، اکيون بند ڪري ان فيصلي جي حمايت ڪئي ويندي. پير پاڳاري چيو ته رينجرز کي هٽائي سنڌ کي گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ ڪرپشن انتها تي پهچي چڪي آهي. هن چيو ته ڪرپشن جو پيسو دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيو آهي * حرن جي روحاني  پيشوا پير پاڳاري چيو ته رينجرز پاران ڪرپشن خلاف ڪارروائي تي عام ماڻهو خوش آهي. پرويز رشيد به ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي آپريشن کي سڀني جي حمايت حاصل آهي.  ڪراچي ۾ امن جي ڪوششن ۾ ڪو به رنڊڪ نه وجهندو . هن چيو ته نيب پنهنجي ذميواريون پوريون ڪري رهيو آهي، ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيند. سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته رينجرز بابت معاملي کي سنڌ نه پر وفاقي حڪومت تڪراري بڻايو آهي، کين ڊيڄاريو نه وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن چوڌري نثار وٽ ڪي ثبوت آهن ته ڀلي سامهون آڻي. چوڌري نثار جي ان ڌمڪي بعد سنڌ حڪومت کي الائي ڇا ٿي ويو جو هنن سومر جو آسرو ته ڏئي ڇڏيو شايد هاڻ سنڌ حڪومت رينجرز کي اختيار ڏئي ڇڏي. پر هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته ڪراچي جي شهرين جي اها ئي خواهش آهي ته رينجرز شهر ۾ موجود هجي ۽ ڪرپٽ ڪامورن ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائي.


لياقت علي خان کان ويندي موجوده دور جي ڪرپشن...!!!

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾ جهڙي ريت ڦرلٽ ٿي رهي آهي ان جو ڪاٿو لڳائڻ ناممڪن آهي. سنڌ ۾ ڪوئلو، گئس ۽ ٻين معدنيات مان وفاق جيڪو سنڌ کي موٽ ۾ ڏئي رهيو آهي اهو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ بيروزگاري عروج تي پهتل آهي. رهيل ڪسر سنڌ جي وزيرن ۽ مشيرن پوري ڪري ڇڏي آهي. پ پ جي گذريل 5 پنجن سالن واري دور ۾ نوجوانن کان جهڙي ريت پئسا وٺي نوڪرين جو ڏٽو ڏنو  ويو اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي. استادن کان پئسا وٺي نوڪريون ته ڏنيون ويون پر انهن کي پگهارون نه ملي سگهيو. ٻن ٽن سالن بعد انهن کي اهو چيو و يو ته هنن جي ڀرتي غير قانوني آهي. مجبورن استادن احتجاج جو دڳ اختيار ڪيو پر ان مان به کين ڪجهه نه وريو. صرف تعليم جي کاتي نه پر اهو ڪو به کاتو نه بچيل هو جتي ماڻهن کي ڏٽا ڏئي پئسا نه ورتا ويا هجن. استادن احتجاج دوران ميڊيا کي دانهيندي ٻڌايو هو ته هنن هڪ حڪومت ڌر جي اڳواڻ کي پئسا ڏنا پر کين نوڪريون نه ڏنيون ويون. جڏهن 2013ع ۾ چونڊون ٿيون ته نواز ليگ اڪثريت سان کٽي اقتدار ۾ آئي. ڪجهه عرصي بعد جنهن طريقي سان نيب ڪرپٽ ڪامورن جي ڳچين ۾ هٿ وڌا ته حڪومت ۾ ويٺل وزيرن جون ڪيهون نڪرڻ شروع ٿيون ۽ ميڊيا تي به اهي ٻيڪاٽ هئا ته سندن خلاف ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. نيب جي کنيل قدمن کي ساڃاهه وندن ۽ شهرين تمام گهڻو ساراهيو.۽ سنڌ جي استادن کي به اها اميد ٿي ته شايد اڳوڻي تعليم واري وزير خلاف ڪارروائي ٿيندي جنهن کائن پئسا ورتا هئا. جئين نيب  جون ڪارروايون شروع ٿيون ته حڪومت ڌر جا اهم اڳواڻ ملڪ مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اڪثر ڪاموررن ته بيماري جو بهانو بڻائي ٻاهرين ملڪن جو رخ ڪيو ته وري ڪجهه ڪامورن مختلف بهانا ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا جيڪي هن وقت تائين ڏيهه ناهن اچي سگهيا. رينجرز کي جڏهن اختيار مليا ته ان به نيب کان متاثر ٿي ڪرپشن ڪندڙن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ۽ ڪجهه حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن کي گرفتار به ڪيو.  جنهن تي وڏو شور  به مچايو ويو. جڏهن رينجرز جي اختيارن جو مدو پورو ٿيو ته وڏي وزير مدي جي واڌ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته رينجرز کي اختيار ڏيڻ بابت اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي جڏهن هدايت ملي ته هن به طوطي وانگر ڳالهائڻ شروع ڪيو . وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيڪو خاموش طبيعت جو ماڻهو آهي هن پنهنجي نرم لهجي ۾ چيو ته رينجرز کي اختيار ڀتاخورن، دهشتگردن  خلاف ڪارروائي جو اختيار ڏنو پر هنن ڪرپشن ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي جيڪا درست نه آهي ڇو ته سنڌ ۾ پنج ادارا اڳ ئي ڪارروايون ڪري رهيا آهن. سيد قائم علي شاهه اها به معيار ڏني ته وفاقي ايجنسيون  سنڌ تي حملا ڪري رهي آهي سائين کي ته هاڻ اهي حملا نظر اچي رهيا آهن . هن چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته هنن رينجرز کي دهشت گردي جي خاتمي وارا اختيار ڏنا پر رينجرز حدون اورانگهيندي ۽ ڪرپشن جي خاتمي واري عمل ۾ به پنهنجي ڄنگهه اٽڪائي آهي. وڏي وزير چيو ته وفاقي ادارو هوندي ايف آءِ اي کي صوبائي حڪومت جي ڪمن ۾ مداخلت جو مينڊيٽ ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن وفاق سميت ٻين صوبن مان ڪرپشن ختم ڪئي وئي  آهي ته پوءِ وفاقي ادارا ڀلي سنڌ ۾ اچي ڪارروايون ڪن. وڏي وزير سيد قائم  علي شاهه ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۽ انڪوائريز پاران عالمي ڏهاڙي تي وزير اعليٰ هائوس ۾ رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته هي ڪرپشن پراڻي ناهي. لياقت علي خان جي دورن کان ڪرپشن هلندي پئي اچي جيڪا گهٽ ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته رينجرز کي ڀتي خوري، ٽارگيٽ ۽ دهشتگردي سميت چار سبجيڪٽ ڏنا پر هنن اختيارن جون حدون اورانگهيندي صوبي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي ۽ ظلم جي حد اها آهي جو ايف آءِ اي جنهن جو نالو ئي وفاق سان شروع ٿئي ٿو پنهنجو مينڊيٽ ڇڏي سنڌ صوبي جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته ايف آءِ اي کي مداخلت جو مينڊيٽ ڏنو ويو آهي، هو به چاهين ٿا ته ڪرپشن ختم ٿي وڃي ڇاڪاڻ ته  هنن جي حڪومت عوام ۽ صوبي آڏو جوابده آهي. وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هن زندگي جا چاليهه سال سياست کي ڏنا پر اڄ ڪلهه سياست ۾ اچڻ لاءِ هر ڪو شارٽ ڪٽ ڳولي ٿو ۽ جيڪي ڪلهه آيا اهي اڄ مالدار بڻجي ويٺا آهن. قائم علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته غربت جي واڌ جو سبب ملڪ ۾ آمريت جو اچڻ آهي ۽ ماڻهو مفادن خاطر  گهر ڇڏي بنگلا ٺاهڻ لاءِ سياست ۾ اچي ويا. سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته آمر جنرل ضياءُ الحق ڪرپشن جو ڳڙهه ۽ ايوب خان جي مارشل لا ڪرپشن جي شروعات هئي. سمجهه کان ٻاهر آهي ته سيد قائم علي شاهه کي لياقت علي خان جو دور اڄ ڪئين ياد آيو، هاڻ ته منهنجي به دل چيو ته بزرگن کان معلوم ڪيا ته واقعي لياقت علي خان جي دور ڪا ڪرپشن ٿئي هئي يا نه ؟. بهرحال ماضي کي ويساري حال ۾ هلڻ گهرجي. قائم علي شاهه جي ان بيان ته هڪ بحث شروع ڪري ڇڏيو ايم ڪيو ايم اڳواڻ  نديم نصرت چيو ته  وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ جواز پيش ڪري رهيو  آهي، لياقت علي خان جي دور ۾ ڪا به ڪرپشن نه ٿئي  هئي. هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو ته  لياقت علي خان جي دور جي ڪرپشن واري بيان جي مذمت ڪندي چيو ته وڏي وزير جو بيان نفرت جي عڪاسي ڪري ٿو. لياقت علي خان پنهنجي دور ۾ ايمانداري ۽ ديانتداري جا رڪارڊ قائم ڪيا  هئا. هاڻ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ متحده اڳواڻ نديم نصرت جو فيصلو ڪير ڪندو ته ڪير صحيح ڪير غلط آهي اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جهڙيون حالتون پيدا ٿيون آهن ان ۾ رينجرز کي اختيار ملندا يا  وري حڪومت اختيارن ۾ ترميم ڪري اهڙا اختيار ڏي جنهن سان ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو به مقصد اهو ئي آهي ته رينجرز ڪرپشن خلاف ڪارروائي نه ڪري. ٻئي ڳالهه ته ايم ڪيو ايم هن بيان ڏئي رهي آهي ته رينجرز کي فوري طور اختيار ڏنا وڃن. ماضي ۾ اها ئي متحده هئي جيڪا رينجرز خلاف بيان ڏيندي هئي ۽ چوندي ته سندن ڪارڪنن کي رينجرز وارا بنا جواز  گرفتار ڪري رهيا آهن. هاڻ اهائي ايم ڪيو ايم آهي جيڪا چئي رهي آهي ته رينجرز کي اختيار ڏنا وڃن پر سنڌ حڪومت هن وقت تائين فيصلو نه ڪري سگهي آهي. جيڪي ماڻهو ڪرپشن ڪرڻ کان لنوائي رهيا هئا هاڻ اهي وري پنهنجن ٻرن مان نڪري آيا آهن، هاڻ وري لڳي ٿو ته هڪ دفعو ٻيهر ڪرپشن جو جن بوتل مان نڪري ايندو ۽ وري شهري ڪرپشن جهڙي لعنت جي ور چڙهي ويندا. نيب جي ڪاررواين سبب جيڪي ڪرپٽ ڪامورن ۾ خوف پيدا ٿيو هو لڳي ٿو ته اهو به ختم ٿي ويندو.

وزيراعظم جو دورو ۽ ڪراچي جي صورتحال....!!!

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي آپريشن سبب شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي هئي پر جڏهن رينجرز کي ڏنل پوليس جي اختيارن  جو مدو پورو ٿيو ته شهر جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون، ڪيترن ئي علائقن ۾ فائرنگ سبب خوف ۽ حراس پڻ پکڙجي ويو. سنڌ حڪومت به رينجرز جي اختيارن جي مدي ۾ واڌ جو ڪو به فيصلو نه ڪيو جنهن سبب وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي بيان جاري ڪرڻو پيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت رينجرز کي اختيار نه ڏنا ته ان کي واپس گهرايو ويندو. وزيراعظم نوازشريف به دوري تي ڪراچي پهتو ۽ گورنر هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن دوران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران وفاقي ادارن جي ڇاپن تي احتجاج ڪيو ويو. وڏي وزير نوازشريف کي چيو ته رينجرز حڪومت يا احتساب ڪندڙ ادارو ناهي. رينجرز کي اختيار رڳو امن لاءِ قدم کڻڻ ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ سول ۽ فوجي قيادت ٽارگيٽيڊ آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رکڻ ۽ ان ۾ ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪرڻ تائين جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ پراسيڪيوشن نظام ۾ بهتريءَ تي به اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم نوازشريف چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي حوالي سان ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، عوام آپريشن مان مطئمن آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن کي جاري رکيو ويندو. هاڻ اها ته صاف ڳالهه ظاهر آهي ته وڏي وزير رينجرز کي پوليس جا اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هوندو ۽ ان جو اعلان به شايد ڪنهن نه ڪنهن وقت ٿي سگهي ٿو پر اها ڪهڙي پڪ آهي ته هاڻ دهشتگردن خلاف آپريشن ٿي سگهندو.  سمجهه کان اها ڳالهه ٻاهر آهي ته دهشتگردن جي خاتمي جي ڳالهه ته ڪئي  پئي وڃي پر انهن جي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي ۽ انهن جو سربراهه ڪير آهي؟ ان بابت ڪو به قدم نه پيو  کنيو وڃي. آپريشن کي ڪيترو ئي عرصو گذري چڪو آهي، ڪنهن نه ڪنهن سياستدان کان اهو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته آپريشن سبب دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن چيلهه چٻي ٿيڻ باوجود به اهي اهڙيون ڪهري ڪارروايون ڪري رهيا آهن ته پوءِ جيڪڏهن انهن جي چيلهه سڌي ٿي وڃي ته اهي ڇا ڪندا؟ ڇا ان جو جواب اهي سياستدان ڏئي سگهندا.  ڪراچي آپريشن شروع ٿيڻ بعد ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر ٿي وئي هئي. شهر ۾ ڀتاخوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ گهٽتائي اچي وئي هئي. رينجرز آپريشن دوران ڪيترن ئي ڏوهارين کي ماريو ۽ سوين دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، جيڪي قتل، ڦرن ۽ اغوا سميت ٻين ڪيترين ئي وارداتن ۾ به ملوث هئا. ڪراچي آپريشن تي ڪيترن ئي سياسي پارٽين پاران مخالفت به ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته  آپريشن سياسي پارٽين خلاف نه هجي پر رينجرز ترجمان بيان جاري ڪيو هو ته هو ڪنهن به دهشتگرد کي ڇڏيندا . رينجرز ترجمان اهو به چيو هو ته ڪراچي آپريشن ڪنهن به سياسي پارٽي خلاف نه آهي، واويلا هرو ڀرو ڪئي پئي وڃي. ڊي جي رينجرز پاران عزم ڪيو ويو هو ته شهري سهڪار ڪن ته دهشتگردي جو خاتمو اچي سگهي ٿو. رينجرز جي ڪاررواين بعد ڪراچي جي شهرين جو اعتماد بحال ٿيو ۽ هنن به ڀتاخورن بابت رينجرزکي اطلاع ڏنو. آپريشن سبب شهر ۾ امن واري فضا قائم ٿي ۽ شهرين سک جو ساهه کنيو پر جئين سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن  جو  اعلان ٿيو تنهن وقت هڪ سياسي جماعت جا اڳواڻ وڃي طاقتور ڌرين سان مليا پوءِ اتي ڪهڙا فيصلا ٿيا هوندا ان بابت ميڊيا ۾ ڪا به خبر نه  آئي ۽  نه ئي ڪا ملاقات جي تصديق ٿي سگهي پر افواهون ضرور هيون. بحرحال اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته ان ۾ ڪيتري صداقت هئي. جڏهن  سنڌ ۾ چونڊ سرگرميون شروع ٿيون ته اچانڪ ڪراچي ۾ شهرين ۽ واپارين کي اهي ساڳيون ئي ڀتي جون پرچيون ۽ ڌمڪيون ملڻ شروع ٿي ويون ۽ شهرين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خوف واري فضا قائم ٿي وئي. دهشتگردن دڪاندارن ۽ واپارين کي تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو اليڪشن جي نالي تي ڪيترن ئي ماڻهن کان ڀتو گهريو ويو جيڪي خبرون پڻ ميڊيا جون زينت بڻيون. پر انهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي. هاڻ ته واپاري طبقو پڻ ڳڻتي ۾ اچي ويو آهي جن رينجرز جي آسري تي دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايو هو ۽ سمجهيو هو ته هاڻ رينجرز ڪراچي مان ڀتاخوري ختم ڪرائي ڇڏيندي پر ائين نه ٿيو. هاڻ ته شهري رينجرز کي شڪايتون ڪرڻ کان به لنوائڻ لڳا آهن ڇو ته جن به ماڻهن خلاف شڪايت ڪئي وئي اهي مفاهمت جي نالي تي آزاد گهمي رهيا آهن. هاڻ شهرين کي پڪ ٿي چڪي آهي ته انهن جو ڪو به والي وارث نه آهي. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان صحافين، پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. جن جا قاتل اڄ به وائکا نه ڪيا ويا آهن ۽ نه انهن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪئي وئي.آصف علي زرداري جي مفاهمتي چورن واري پاليسي هاڻ ته طاقتور ڌرن به اپنائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب قاتل بنا ڪنهن خوف جي شهر ۾ سيڪيورٽي فورسز توڙي عام شهرين کي قتل ڪري رهيا آهن. چونڊن جي آمد بعد ڪراچي ۾ رينجرز کي نشانو بڻائي 4 اهلڪارن کي قتل ڪيو ويو ۽ بعد دهشتگردن ملٽري جي اهلڪارن کي به نه ڇڏيو انهن جا به 2 اهلڪار شهيد ڪري ڇڏيا. چونڊن کان اڳ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڇا لاءِ ڪيا و يا ۽ اهلڪارن کي قتل ڪرڻ پٺياڻ ڪهڙا مقصد هئا. انهن بابت به هن وقت تائين ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي ۽ نه ئي وري انهن اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث دهشتگردن ۽ انهن جي ماسٽر مائينڊ  خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي آهي. چونڊن بعد حملا ته بند ٿي ويا پر شهرين کي ڀتي جون پرچون ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مفاهمت جو راڳ ٻڌي ٻڌي چريا ٿي ويا آهيون. هاڻ هڪ دفعو ٻيهر مفاهمت جي نالي تي ڪيترا شهري قتل ڪيا ويندا ان جو حساب لڳائڻ وقت کان اڳ هوندو. ڇو ته چونڊن بعد ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي ڳچي مان پٽو نڪري ويو آهي ۽ اهي ساڳيون ڪارروايون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن. 
رينجرز کي ڏنل پوليس جي  اختيارن جو مدو ختم ٿيڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر شهر جون حالتون تمام گهڻو خراب ٿي ويون. ڪراچي جي مختلف علائقن نيوڪراچي، ڪورنگي، اتحاد ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. دهشتگردن گهرن ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ماڻهن کي زخمي به ڪيو. پراڻي سبزي منڊي واري علائقي ۾ به ووٽ نه ڏيڻ تان هٿياربندن مخالف ووٽرن جي گهرن تي حملا ڪري ڀڃ ڊاهه به ڪئي ۽ رهواسين کي سنگين ڌمڪيون پڻ ڏنيون جنهن بعد رهواسي مجبور ٿي يونيورسٽي روڊ تي ڌرڻو هڻي  ويهي رهيا ۽ حڪومت کان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس دهشتگردن سان ٻٽ بڻيل آهي شڪايت باوجود انهن دهشتگردن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي  ڪري. جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته هنن رهواسين جي احتجاج بعد علائقي ۾آپريشن ڪيو پر ڪو به ڏوهارين کين ڏسڻ ۾ نه آيو.  مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ کي ٽوڙڻ جو نعرو هڻي ڪراچي ۾ اڪثريت سان ته ڪامياب ٿي وئي پر  پيپلزپارٽي ڪهڙو نعرو هنيو جوڪامياب ٿي. هن ڀيري ته پيپلزپارٽي به سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڌمڪي ڏيندڙن کي ڪو به جواب ناهي ڏنو۽ نه ئي ڪنهن قومپرست جماعت کان ايم ڪيو ايم جي سنڌ ٽوڙڻ واري بيان تي ڪو رد عمل سامهون آيو آهي. هڪ اڌ قومپرست صرف اهو بيان جاري ڪيو آهي ته سنڌ ڌرتي کي ڪو به ٽوڙي نٿو سگهي. هاڻ جڏهن ڳالهه وڃي  سنڌ کي ٽوڙڻ تي پهتي آهي ته پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت کي سوچڻو پوندو ڇاڪاڻ ته بلوچستان جون حالتون سڀني جي سامهون آهن . جهڙي ريت بلوچستان جو معاملو پرڏيهي ميڊيا کڻي رهي آهي اهو پاڪستان تمام گهڻو ڳڻتي جوڳو آهي. بلوچستان جون حالتون پنهنجي هنڌ پر جڏهن هاڻ سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ سول توڙي عسڪري قيادت جي خاموشي به سواليه نشان بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن اهڙا بيان بند نه ٿيا ته خدشو آهي ته شايد سنڌ ۾ حالتون خراب ٿي وڃن ۽ گهرو ويڙهه شروع ٿي وڃي. ڪراچي ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب پرڏيهي سيڙپڪاري گهٽجي وئي آهي،  پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان اچڻ کان لنوائي رهيا آهن. جيڪڏهن پاڪستان کي ترقي ڏيارڻي  آهي ته پوءِ ڪراچي ۾ موجود سمورن پناهگيرن کي بي دخل ڪرڻو پوندو نه ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بحال نه ٿي سگهندي.  ڏينهون ڏينهن ڪراچي جون حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن. هاڻ عسڪري قيادت جو فرض بڻجي ٿو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن ته جئين شهري سک جو ساهه کڻي سگهن.


سربراهه تي ڪيس داخل، ڪارڪنن جون خوشي ۾ جهمريون

صاحب خان ڀٽي
مڪاني چونڊن جي ٽئين ۽  آخري مرحلي ۾ سنڌ جي راجڌاني ڪراچي جي ڇهن ضلعن ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ چونڊون ڪرايو ويون جنهن ۾ ميئر لاءِ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار وسيم اختر ڪاميابي ماڻي. مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي مان ايم ڪيو ايم ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ جي اميدوارن کي اڪثريت ۾ڪاميابي ملي. مڪاني چونڊن جو پولنگ عمل صبح ساڍي 7 وڳي کان شروع ٿيو جيڪو بنا وقفي شام ساڍي پنجين وڳي تائين جاري رهيو.چونڊ عمل دوران ڪيترن ئي پولنگن تي مختلف پارٽين ۾ ڏند چڪ به ٿيا. اڪثر هنڌن تي ته جهيڙا ڏٺا ويا. جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. اليڪشن ڪميشن طرفان شڪايتن لاءِ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو هو، جنهن کي صبح سوير ئي پهرين شڪايت ملير جي يوسي 6 مان ملي ، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا هئا. جئين جئين چونڊن جو وقت گذري رهيو هو ته مختلف پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن چونڊن جي ڪمن ۾ تمام گهڻو رڌل هئا. ان وقت خانگي ٽي وي چنلن تي هڪ بريڪنگ نيوز هلي ته ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف پاڪستان ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن بعد  لڳي پيو  ته شهر جون حالتون خراب ٿي وينديون ۽ چونڊ عمل به متاثر ٿي ويندو پر ائين نه ٿيو تنهن باوجود شهرين ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل نظر آيو. ڪجهه دير لاءِ ته ڪراچي جا روڊ رستا به ويران ٿي ويا هئا. لڳي ائين رهيو هو ته شايد شام ڪجهه ٿي ويندو . ڇو ته ماضي ۾ جنهن ريت ڪراچي جون حالتون خراب ٿينديون رهيون  آهن انهن کي وساري نٿو سگهجي. بحرحال هڪ طرف ايم ڪيو ايم سربراهه تي ڪيس داخل ڪيو ويو ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي رهيا  هئا جن جي ڪاميابي تي ڪارڪنن پاران جناح گرائونڊ تي جشن به ڪيو  ويو ۽ ڪاميابي جي خوشي ۾ مٺايون به ورهايو  ويون. جنهن مهل ايم ڪيو ايم جا اميدوار ۽ ڪارڪن چونڊن ۾ مصروف هئا ته ان وقت ايف آءِ اي عمران فاروق قتل ڪيس ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين  خلاف داخل ڪرايو ، ڪيس ۾ محمد انور، افتخار حسين، معظم علي ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو. ايف آءِ اي جي دهشتگردي ٽوڙ ونگ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف عمران فاروق قتل ڪيس داخل ڪيو. ڪيس ۾ متحده جي اهم اڳواڻ محمد انور، افختار حسين، معظم علي، ڪاشف خان، محسن سيد ۽ خالد شميم کي به نامزد ڪيو ويو. ايف آءِ اي طرفان داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ قتل جي سازش سميت سنگين الزام هنيا ويا. ذريعن موجب ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، محمد انور، افختار حسين ۽ معظم علي تائين پهچ جو مطالبو ڪيو آهي. جنهن لاءِ برطانوي حڪومت کي باضابطه طور درخواست پڻ ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سميت نامزد ٿيل جوابدارن کان پڇا ڳاڇا جي اجازت ڏني وڃي. درخواست ۾ برطانيا کان جاچ مواد جي فراهمي ۽ عمران فاروق جي بيوهه کان پڇا ڳاڇا جي اجازت جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب برطانيا پاڪستان کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ايندڙ هفتي پاڪستاني جاچ ٽيم اسڪاٽ ليڊ يارڊ جو دورو  ڪري سگهي ٿي. ذريعن وٽان اها به ڄاڻ آهي ته ايم ڪيو ايم سربراهه پاڪستاني شهريت نه ڇڏي آهي تنهن ڪري سندس حوالگي لاءِ انٽرپول کان مدد ورتي ويندي. اسڪاٽ لينڊ يارڊز جو چوڻ آهي ته پاڪستاني حڪومت کين عمران فاروق قتل ڪيس داخل ڪرڻ بابت ڪافي وقت اڳ آگاهه ڪري ڇڏيو هو. برطانوي پوليس جي ترجمان  موجب عمران فاروق قتل ڪيس جي جوابدارن  کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اسڪاٽ لينڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جون حڪومتون عمران فاروق قتل ڪيس جي جوابدارن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پر عزم آهن. جلد اصل جوابدارن جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو. هوڏانهن اسڪاٽ لينڊ يارڊ عمران  فاروق جي گهر واري  شمائلا عمران سان به رابطو ڪيو آهي ۽ ايندڙ هفتي سندس بيان قلمبند ٿيڻ جو امڪان آهي. برطانوي پوليس 5 سال گذرڻ  باوجود  هڪ ڪيس کي اڪلائي نه سگهي آهي ته ڇا پاڪستان ان عمران فاروق قتل ڪيس جي جوابدرن جي قاتلن کي سزا ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. هي ته ان شخص جو قتل ڪيس آهي جيڪو برطانيا ۾ قتل ٿيو آهي ته ان جا قاتل پاڪستان ڪئين گرفتار ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي هن وقت تائين سزا ناهي ملي سگهي ته پوءِ عمران فاروق جيڪو برطانيا ۾ قتل ٿيو ته ان جي جوابدارن کي سزا ڪٿان ملندي.  سڀني کي خبر آهي ته برطانيا 5 سال گذرڻ باوجود عمران فاروق قتل ڪيس جي جوابدارن کي سزا ناهي ڏياري سگهيو نه ئي مني لانڊرنگ ڪيس هن وقت تائين حل ٿي سگهيو آهي. جنهن رفتاري سان جاچ هلي رهي آهي ته ان مان لڳي ٿو ڪجهه سياسي مصلحيتن سبب اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم سربراهه تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪارڪنن سوڳ ڪرڻ بدران ڪاميابي تي جشن به ملهايو. بحرحال ايم ڪيو ايم هن ڀيري ٻيهر ڪراچي جي اڪثر سيٽن کي ٻهاري ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، شايد هن ڀيري به ميئر به ايم ڪيو ايم جو هوندو.  
مڪاني چونڊن ۾ ملير ضلعي ڪائونسل جي 32 يونين ڪائونسلن مان 14 تي پ پ ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته عوامي اتحاد کي صرف 7 يوسيز تي سوڀ حاصل ٿي. يوسي 22 گلشن حديد تي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي مير عباس ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار نثار شر کي صرف هڪ هزار ووٽ مليا. يوسي چيئرمين لاءِ رائو صفدر ڪامياب ٿيو. يونين ڪائونسل ريڙهي تي ضلعي ڪائونسل لاءِ پ پ اميدوار رفيق دائود جت ڪاميابي ماڻي جڏهن ته يوسي چشما تي پ پ اميدوار نظير ڀٽو ڪاميابي حاصل ڪئي. ملير ڊسٽرڪٽ ميونسيپل ڪارپوريشن جي يونين ڪاميٽي 13 ڀٽائي آباد مان پ پ جي چيئرمين لاءِ اميدوار اي ڊي سومري 3280 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. ايم ڪيو ايم 209 سيٽن  تي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. کوڙ سارا چونڊ نتيجا روڪيا  به ويا. لياري ۾ پيلزپارٽي کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿي آهي. سڀ کان وڏي اهم ڳالهه اها ته جئين سوچيو ويو هو ته ڪراچي ۾ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون پر هن ڀيري اهو نه ٿيو. سيڪيورٽي جا انتظام سخت هئڻ سبب امن امان جي صورتحال بهتر رهي ۽ ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو. گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌايون به ڏنيون ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ امن امان جي صورتحال کي ساراهيو آهي. هاڻ صرف ڏسڻو آهي ته هڪ ٻين ڏينهن اندر ايم ڪيو ايم جي ڪهڙي حڪمت عملي هوندي ۽ شهر جون حالتون ڪهڙي طرف وينديون.

ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ مودي کي شڪست

صاحب خان ڀٽي
ڀارت ۾ انتهاپسندي ڏينهون وڌندي پئي وڃي. شيوسينا  ۽  بي جي پي جا  حامي مسلمانن خلاف پروپيگينڊا ۾ مصروف ٿي ويا آهن جنهن سبب ڀارت ۾ مسلمانن ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت ۾ ناليواري پاڪستاني گلوڪار استاد غلام علي کي شيوسينا جي غنڊن ڪنرسٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو ۽ انهن طرفان اها ڌمڪي ڏني وئي ته هو ڪنهن به پاڪستاني کي ڀارت ۾ پروگرام ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. ڀارت ۾ انتهاپسندن  پاڪستاني گلوڪارن جو جئيڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين مجبورن ملڪ ڇڏڻو پئجي رهيو آهي. استاد غلام علي ڀارت نه وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هو تيستائين ڀارت نه ويندو جيستائين حالتون بهتر ٿي نه وڃن. ان کان اڳ به شيوسينا ۽ بي جي پي جي غنڊن ڪيترن ئي پاڪستاني گلوڪارن مٿان حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالساط کي به دعوت ڏني وئي بعد انتهاپسندن جي ڌمڪين سبب کيس شرڪت کان به روڪيو ويو ۽ کيس واپس وڃڻ لاءِ چيو  ويو. اها  انتهاپسندي اتي دنگ نه ٿي ٿئي. جنهن بعد خورشيد قصوري جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ ڀارتي صحافي جومنهن مس سان ڪارو ڪيو ويو تنهن  باوجود هن بهادري جو مظاهرو ڪندي مهورتي تقريب کي ملتوي ڪرڻ بدران جاري رکيو ۽ چيو ته هو ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو نه آهي. شيو سينا ۽ بي جي پي جي غنڊن جي انتهاپسندي کي هٿي ڏيرائڻ واري عمل جي ڪيترن ئي فنڪارن توڙي ڀارت جي پڙهيل لکيل طبقي به مذمت ڪئي آهي. ڀارت جي ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته مودي سرڪار انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي ٻيهر حڪومت ۾ اچڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهي آهي. هنن جو اهو به خيال آهي ته صرف مسلمانن نه پر ڀارت ۾ نيچ ذات سمجهيو ويندڙ ماڻهن کي به تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي.  ڪجهه عرصو اڳ ڀارت ۾ سکن جي ڪتاب جي بي حرمتي ڪئي وئي هئي جنهن سبب ڀارت جي پنجاب ۾ سکن اندر تاءُ پکڙيل آهي. ڀارتي نجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته شيوسينا ۽  بي جي پي ماڻهن کي بنا جواز مڇرائي رهيا آهن جنهن سان ملڪ جون حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. هوڏانهن شيوسينا ۽ بي جي پي جي غنڊن  طرفان ناليواري اداڪار شاهه رخ خان، عامر خان ۽ ٻين فنڪارن کي پڻ پاڪستان جو ايجنٽ  قرار ڏنو ويو ۽ کين ملڪ ڇڏڻ جي به ڌمڪي ڏني وئي. بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان بيان ڏنو هو ته هن کي ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي. هن اهو به چيو هو ته سندس گهر واري موجوده حالتون ڏسي ملڪ ڇڏڻ جو چيو آهي. جنهن تي مزاحيه اداڪار ۽ بي جي پي جي ڪارڪن انپم کير شاهه رخ خان کي چيو هو ته کيس جيڪي اڄ شهرت ملي آهي اها ڀارتي عوام سبب ملي آهي. انپم کير اهو به  چيو ته شاهه رخ  پنهنجي گهر واري کان پڇي ته هو ڪهڙي ملڪ ۾ رهڻ چاهي ٿي. جڏهن بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسنديءَ خلاف آواز  اٿاريو تڏهن شيوسينا ۽ بي جي پي جي حامين شاهه رخ خلاف مهم هلائي  جنهن سبب کيس تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ڪنگ خان چيو ته ڪجهه به ٿي پئي پر هو ايوارڊ ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ڪندو.  جنهن بعد فلم انڊسٽري جي وڏن فنڪارن کانپوءِ هندستان جي مشهور صحافڻ برکا دت به شاهه رخ جي حمايت ڪئي. هن چيو ته شيوسينا ۽ بي جي پي وارا شاهه رخ خان جي لائق ئي ناهن. ناليواري ڀارتي صحافڻ ۽ اينڪر پرسن برکا دت، شاهه رخ خان جي نالي هڪ کليل خط ويب سائيٽ تي جاري ڪيو. برکا دت پنهنجي خط ۾چيو ته ٻيو يا ٽيون ڀيرو شاهه رخ خان جي انٽرويو سبب ملڪ ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي. هن، شاهه رخ خان جي ساراهه ڪندي چيو ته هو جهڙي ريت کل ڀوڳ ڪندو آهي ۽ ٻين سان ڀائيچاري سان پيش ايندو آهي،اهڙو رويو سندس شعبي ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ اهي ئي ڳالهيون واکاڻ جوڳيون آهن. هن چيو ته 2 سال اڳ وانکنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شاهه رخ خان جي داخلا تي پابندي مڙهي وئي ته هڪ سياستدان کيس تعصباڻي تنقيد جو نشانو بڻايو هو جنهن ريت اڄ کيس مذهب جي حوالي سان نشانو بڻايو پيو وڃي. هوڏانهن ڀارتي انتهاپسند تنظيم شيو شينا انتهاپسندي جو رڪارڊ ٽوڙيندي ناليواري اداڪار عامر خان کي ٿف هڻڻ لاءِ هڪ لک روپين جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي ڪيترن ئي فنڪرن ۾ بي چيني پکڙجي وئي آهي. ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي ۽ اروند ڪيجريوال به عامر خان جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته  بي جي پي اڳواڻن چيو آهي ته هو عامر خان جي بيان کي رد ڪن ٿا ۽ عامر خان ڊڄي نه ٿو پر هو ماڻهن کي ڊيڄاري رهيو آهي. جنهن جي جواب ۾ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي ۽ دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال عامر خان جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي بابت اهڙو بيان ڇرڪائيندڙ نه پر حقيقت پسنداڻو آهي ڀارت ۾ اهڙي صورتحال سبب مودي کي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. دنيا جي هاڻ نظر ڀارت تي اچي ٽڪي آهي.ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته مودي سرڪار حڪومت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ، جنهن سبب اهڙا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن.
ڀارتي رياست گجرات جي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ وزيراعظم نريندر مودي جي پارٽي بي جي پي کي سخت ڌچڪو رسيو آهي ۽ پارٽي اڪثر سيٽون هارائي ويٺي آهي. جڏهن ته ڪانگريس کي ڪاميابي حاصل آهي. نريندر مودي سرڪار جي انتهاپسنديءَ تي ٻڌل ڪاررواين سبب ڀارتي رياست گجرات جي مڪاني چونڊن ۾ سندس پارٽي کي شڪست کي منهن ڏسڻو پيو آهي. نريندر مودي کي اها اميد هئي ته هو ڪامياب ٿي ويندو ۽ سندس شروع ڪيل انتهاپسندي واري  مهم سبب  سندس اميدوارن کي ڪاميابي ملندي، پر اهو  ان جي ابتڙ ٿيو. رياست جي مڪاني چونڊن جي جاري ٿيل نتيجن موجب ٻهراڙيءَ  وارن علائقن م ڪانگريس ڪاميابي حاصل ڪئي  آهي. جنهن مان لڳي پيو ته مودي جي سرڪار کي مستقبل ۾ تمام گهڻي شڪست ملندي. جاري ڪيل چونڊ نتيجن موجب ڪانگريس رياست جي 31 ضلعي پئنچائتن مان 22 تي ڪاميابي  حاصل ڪري ورتي آهي. 2010ع ۾ ٿيل اليڪشن کانپوءِ ڪانگريس جي هي وڏي ڪاميابي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڪانگريس گجرات رياست جي 231 تعلقن ۽ بلاڪ سطح جي پئنچائتن مان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاميابي ماڻي آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڪاني ادارن جي اها چونڊ وزيراعليٰ آنند بين پٽيل لاءِ هڪ امتحان هئي. جنهن ۾ هوءَ مڪمل پاس نه ٿي سگهي.  مڪاني ادارن جي جاري ڪيل نتيجن موجب حڪمران بي جي پي احمد آباد سميت ڇهن ئي ميوسنپڪ ڪارپوريشنز جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي. جڏهن ته راج ڪوٽ ۾ ڪانگريس کي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. ڀارتي ميڊيا موجب بي جي پي 56 مان 40 کان وڌيڪ ميونسپاليٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پر ٻهراڙيءَ ۾ پارٽي کي شڪست ملي. وزيراعليٰ آنند بين موجب نتيجا بهتر آهن ۽ هوءَ خوش آهي ته پارٽي اڳواڻن جي محنت جو کين ڦل مليو. هن چيو ته ٻهراڙين ۾ کين ايتري موٽ ناهي ملي جنهن هو پنهنجي ڪارڪردگي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.مڪاني ادارن واري چونڊ ۾ ته عوام بي جي پي  کي مات ڏئي ڇڏي آهي پر لڳي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ مودي ۽ سندس حامي جهڙي ريت انتهاپسندي کي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان سان ڀارت جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي وينديون. اڳ ۾ ته صرف مسلمان طالبان مشهور هئا پر هاڻ ته دنيا ۾ هندو طالبان به سامهون اچي ويا آهن جيڪي بندوق جي زور تي طالبان جهڙو رويو اختيار ڪري رهيا آهن. جيڪي چاهين ٿا سندن اشارن تي ڪم هلي. جيڪڏهن ڀارت ۾ انتهاپسندي کي نه روڪيو ويو ته  تمام گهڻو جاني نقصان ٿيندو. مودي سرڪار اقتدار جي لالچ ۾ جهڙي نموني سان مذهبي جهڳڙا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ اهڙي باهه ٻرندي جيڪا ڀارت لاءِ وسائڻ تمام گهڻو مشڪل هوندي.


ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ اڻ سڌي طرح سنڌي شاگردن جي داخلائن تي پابندي

صاحب خان ڀٽي
ايڪويهين صديءَ  ۾ اسان ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو؟،جيڪڏهن ان بابت جائزو وٺنداسين ته  پوءِ  اسان کي گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوندو . جيڪڏهن ماضي جو جائزو وٺنداسين ته سنڌ ۾ ڪيترائي اسڪالر، شاعر ۽ اديب آيا جن علم پکيڙڻ جي لاءِ زور ڀريو ۽ اهي ڪهڙيون شخصيتون هيون جن سنڌ ۾ تعليمي ادارا کولرايا ته جئين سنڌ جا ٻارڙا تعليم حاصل ڪري پنهنجي ڌرتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته انهن مان علامه آءِ آءِ قاضي جو نالي سڀ کان پهرين هوندو. افسوس جو سنڌ ۾ جاگيرداراڻي ۽ وڏيراڻي نظام تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو  آهي، ڪيترائي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن، جنهن سبب ڪيترائي ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن. ماضي ۾ وڏيرا پنهنجي وڏيرائپ برقرار رکڻ لاءِ اسڪول کولرائڻ نه ڏيندا  هئا ۽ چوندا هئا ته جيڪڏهن غريب جو ٻار پڙهي پيو ته سندن حڪم ڪير مڃيندو، جنهن سبب اهي تعليمي ادارن جي سخت مخالفت ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو انهن خلاف آواز اٿاري انقلاب جي ڳالهه ڪندو آهي ته انقلاب جو نالو وٺندي ئي اسان جي ذهنن ۾ مار ڌاڙ، خون خرابي ۽ هر شيءِ کي مٽائي نئين اڏاوت جو تصور ذهن ۾ ڦري ايندو هو. حالانڪه ڳالهه ايئن ڪونهي. اسان وٽ انقلاب جي عمل جي باري ۾ گهڻين غلط فهمين ماڻهن کي ان کان ٽهائي رکيو آهي ۽ ان ٽاهه جي تسلسل هاڻي ته ماڻهن جي ذهن تان ان جو تصور به گهڻي قدر ميساري ڇڏيو آهي. حقيقت هي آهي ته انقلاب پنهنجي مخصوص عملي دائري سبب پنهنجي نوعيت ۾ هڪٻئي کان الڳ رهندا آيا آهن سياسي، اقتصادي، سماجي، تعليمي، سائنسي، فڪري ۽ ذهني انقلاب وغيره. اهو تصور بلڪل غلط آهي ته ڪنهن به قسم جو انقلاب پوين سڀني شين کي بلڪل ڊاهي ڇڏيندو آهي ، بلڪه ٿيندو ايئن آهي ته جيڪي شيون به انقلاب ۾ ڊهڻ جهڙيون هونديون آهن انقلاب انهن کي ڊاهيندو آهي ۽ جيڪي شيون انقلاب جي ان عمل ۾ رڪاوٽ نه ٿيون بڻجن يا ايندڙ تبديليءَ لاءِ ڪي به ناڪاري اثر نٿيون رکن ته انهن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويندو آهي. انساني تخليق جي هيڏي شرف واري تصور ۾ انسان سان جيڪي رويا اختيار ٿين ٿا تنهن جي مثالي شڪل خاص ڪري صوفين جي تعليم سڄي انساني دنيا تي بي مثال اثر ڇڏيا آهن. مغربي تهذيب جي ڪيترين به خوبين کي سامهون رکو ليڪن هيءَ مڃيل حقيقت آهي ته انساني شرف ۽ انسان لاءِ ابديت واري زندگيءَ جي تصور جي ڪمي ان تهذيب کي پاڻ الائي ڪيترين مشڪلاتن مان گذاريو ۽ پريشان ڪيو آهي. مان اها ڳالهه وثوق سان چوان ٿو ته اتان جي سوسائٽي انساني مسئلن ۾ هتان کان وڌيڪ تجربن مان گذري آهي، ليڪن انهن سڀني تجربن جي نتيجي ۾ هو زندگي گهارڻ جا رڳو ميڪانڪي طريقا سولا بڻائي سگهيا آهن  هاڻ اهو دور ته ڪافي حد تائين گذري چڪو آهي اڄ سنڌ جا هزاري توڙي لکين نوجوان پڙهيل لکيل آهن ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هاڻ سنڌ ۾ شعور اچي چڪو آهي جنهن سبب نياڻين کي به تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن پر افسوس جو 1973ع کان پوءِ جنهن طريقي سان سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي ۾ سنڌين کي ننڍڻڪو ڪيو ويو آهي ان جو مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي. جن پناهگيرن 1973ع کانپوءِ سنڌ ۾ پناهه ورتي اهي اڄ مختلف حربن سان سنڌ جي راجڌاني ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي سازشن ۾ رڌل آهن. اهي مختلف طريقن سان سنڌين کي ڪراچي مان ڀڄائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڪڏهن سنڌي ڳوٺ ڊاٿا وڃن ٿا ته ڪڏهن وري سنڌي وسندين تي حملا ڪري انهن کي ڊيڄاريو وڃي ٿو، ته وري ڪڏهن ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن تي پابندي لڳائي وڃي ٿي. پر افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته حڪومت سڀ ڪجهه خبر هوندي به اڻڄاڻ بڻيل آهي. انهن جو مقصد ڇا آهي انهن کان سڀ واقف آهن. حڪومت سنڌين جي هوندي به اهي لساني ڌريون ايتريون ته طاقتور آهن جو اهي پنهنجي مرضي جا فيصلا هلائي رهيون آهن. ماضي ۾ انهن ڌرين نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته ڪنهن به سنڌي شاگرد کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلا نه ڏني ويندي جنهن تي قومپرست ڌريون روڊن تي نڪري آيون هيون پر ان باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪتو هو. احتجاج باوجود سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن جي ڪن تي جونءَ ب نه چري هئي. سنڌين جي ووٽ تي ڪامياب ٿيل ڪامورن ايتري به زحمت نه ڪئي ته سنڌي شاگردن کي انصاف ڏيارجي. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪراچي کي سنڌ کان الڳ تصور ڪيو پيو وڃي پر انهن جو اهو خواب سندن مرڻ گهڙي تائين پورو نه ٿيندو. ماضي ۾ اهي ڌريون سڌي طرح سنڌي شاگردن جي داخلائن تي پابندي لڳائينديون هيون پر هاڻهن انهن طريقو ٿورو تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڪوٽا سسٽم ختم ڪيو ويو آهي ته ٻيو وري ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ٻين ڪاليجن جي ڊگري کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. ٻين ضلعن جا شاگرد جڏهن ڊگريون کڻي ڪراچي جي تعليم ادارن ۾ پهچن ٿا ته انهن کي اهو چئي واپس موڪليو وڃي ٿو ته ان ڪاليج جي ڊگري نه مڃي ويندي. 2015-2016 ع جي داخلائن لاءِ  سنڌ جي ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ شاگردن کي اهو چئي واپس موٽايو ويو ته انهن ڪاليجن جي ڊگرين کي قبول نه ڪيو ويندو. ڪيترن ئي شاگردن کي مختلف بهانه ڪري فارم ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.
ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ تعصب پرست رويي سبب سنڌي شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، ڪو به ڪامورو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي. ڪراچي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن  پاران اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو ويو آهي.شاگرد تنظيمن کان ليڪچرار ۽ استاد به بچي ناهن سگهيا، حال ۾ ئي اردو يونيورسٽي ۾ ڪيترن ئي سنڌي استادن کي برطرف ڪيو ويو آهي پر ان جو به تعليم واري سيڪريٽري توڙي سنڌ حڪومت ۾ و يٺل وزيرن ڪو نوٽيس ناهي ورتو. ڪجهه شاگردن وٽان اها به خبر پئي اهي ته سندن انٽري ٽيسٽ مارڪون گهٽ ڪري کين پاس ناهي ڪيو ويو. يونيورسٽي ۾ پڙهندڙن شاگردن پاران به اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته کين هرو ڀرو امتحانن فيل ڪيو ويندو آهي ته جئين هو پاس نه ٿي سگهن. ماضي ۾ سنڌ دشمن سنڌي شاگردن جي ڪراچي ۾ داخلائن تي سرعام پابندي لڳائيندا هئا پر اڄڪلهه هو اڻ سڌي ريت لڳائي رهيا رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ويٺل وي سي کان وٺي پٽيوالي تائين اهڙن ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي جيڪي سنڌين کي برداشت ناهن ڪندا. اهو ئي سبب آهي جو يونيورسٽين  ۾ سنڌي شاگردن سان ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڃي.  ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ خانگي ٽي وي چينل تي هڪ قومپرست چيو هو ته سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلائون نه پيون ڏنيون وڃن، جيڪي وڏي زيادتي آهي، ته ان جي جواب ۾ تعصب پرست اينڪر چيو هو ته ڪراچي ۾ جيڪي رهن ٿا انهن جو ئي حق آهي، انهن کي داخلائون ڏنيون وينديون، باقي سنڌي شاگرد ٻين شهرن ۾ وڃي پڙهن. شايد ان اينڪر کي اها خبر نه هئي ته لکين سنڌي ڪراچي ۾ رهن ٿا جن جو ٻارڙن جو به حق آهي ته ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ پڙهن. پر چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿان ته پوءِ اسان ڀلي ڪيتريون به رڙيون ڪيون پر ڪو به کڙ تيل نه نڪرندو. ڇو جو اسان جن ماڻهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا آهيون اهي ئي نٿا چاهين ته سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلائون ملن. جس آهي انهن سنڌي دوستن کي جيڪي ڪراچي يونيورسٽي  ۾ داخلائن لاءِ فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي ويهي سنڌي نوجوانن کي داخلائون وٺڻ جون هدايتون ڪري رهيا آهن. انهن جون ڪوششون رنگ لائينديون ۽ هڪ ڏينهن سنڌ دشمنن جا منهن ڪارا ٿي ويندا. انهن دوستن جون ننڍڙيون ڪوششن جيتري ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي ڇو جو انهن جو مقصد سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلائون ڏيارڻ آهي. جنهن ۾ اهي ڏينهون ڏينهن ڪامياب ٿي رهيا آهن. ڪراچي يونيورسٽي، فيڊرل اردو يونيورسٽي، دائو يونيورسٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ افغاني، بنگالي، پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻين قومن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي آساني سان داخلا ملي ٿي وڃي پر سنڌين کي تمام گهڻي مشڪل بعد داخلا کان محروم رکيو وڃي ٿو.
 مون کي حيراني ان ڳالهه جي آهي ته ڪيترائي ماڻهو اهو چوندا آهن ته ڪراچي ۾ ڪاپي ڪلچر ناهي ۽ هتان جو ڪو به شاگرد ڪاپي ناهي ڪندو، مڃون ٿا ته سنڌ جي ٻهراڙين نقل ٿيندي هجي پر حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ اهي غير سنڌي جن کي سنڌي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ به نه ايندي آهي ته پوءِ اهي آسان سنڌي ۾ ڪئين پاس ٿي ويندا آهن؟. جن کي الف، ب سنڌي ۾ پڙهڻ ڏانهن ناهي ايندي، پرائمري کان هاءِ سيڪنڊري تائين اهي آسان سنڌي سبجيڪٽ ڪئين پاس ٿيندا آهن ؟ ان جو جواب به شايد ڪڏهن نه ملي سگهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته تعصب پرست استاد انهن کي پنهنجي قوم جو سمجهي پاس ٿا ڪري ڇڏين يا وري انهن پٺيان به انهن لساني ڌرين جو هٿ آهي ته جئين اهي سنڌي پڙهي ۽ لکي نه سگهن. اهو ئي سبب آهي 1947ع کان وٺي سنڌ ۾ رهندڙ  غير سنڌي اڄ تائين سنڌي ناهن سکي سگهيا. ڇاڪاڻ ته اسان جي حڪومت به سنجيده نه آهي جيڪڏهن اسڪولن ۾ سنڌي سبجيڪٽ پڙهائڻ لازمي آهي ته پوءِ ان تي عمل ڇو نه پيو ڪرايو وڃي؟، اهڙو ڪهڙو سبب آهي جو سنڌي سبجيڪٽ لازمي هجڻ باوجود ڪراچي ۾ سنڌي سبجيڪٽ نه پيو پڙهايو وڃي. انهن سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن خلاف تعليم واري سيڪريٽري ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي؟. ڇا وزير صرف ڊرائيونگ روم جي سياست ڪرڻ ۾ رڌل هوندا  يا ڪڏهن سنڌين سان ٿيندڙ ويڌن تي آواز به اٿاريندا.


سياست جي ور چڙهيل ڪرڪيٽ

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي آهي.  جنهن سبب شوقينن ۾ تاءُ پکڙيل آهي. ٽيم جي بهتر ڪارڪردگي نه هجڻ سبب عالمي سطح تي به پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو معيار گهٽجي ويو آهي. پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب هجڻ سبب ڪو به ملڪ پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ نٿو چاهي جنهن سبب گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ اندر راندن جا ميدان خالي پيل آهن. عوام بس ان انتظار ۾ آهي ته شايد هڪ ڏينهن امن امان  بحال ٿيندو ۽ پرڏيهي ملڪن جون ٽيمون پاڪستان اچي کيڏنديون ۽ هتان جا گرائونڊ به سينگاريجي ويندا. پر لڳي ٿو ته اهو خواب، خواب ئي رهجي ويندو...!!. جڏهن کان سياسي شخصيتن  جو لاڙو ڪرڪيٽ ڏانهن وڌيو آهي تنهن ڏينهن کان ڪرڪيٽ سياست جي ور چڙهي وئي آهي. ڪڏهن پاڙيسري ملڪن سان دوستي جي نالي تي رانديگرن کي هارائڻو پوندو آهي ته ڪڏهن وري ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري شڪست کي منهن ڏسڻو پوندو آهي. باقي رهي صحي ڪسر جوارين ۽ سٽي بازن پوري ڪري ڇڏي آهي. عالمي سطح جي سٽي بازن جو به رانديگرن کي خريد ڪرڻ جو خبرون به اخبارن جون زينت بڻجنديون رهيون آهن. پاڪستا، ڀارت ۽ ٻين ملڪن جا رانديگرن انهن سٽي بازن کان بچي ناهن سگهيا. پيسن جي لالچ ۾ ٽيمن کي هارائڻ جي ڏوهه ۾ ڪيترائي قومي ٽيم جا رانديگر سزا به ڀوڳي چڪا آهن. هاڻ جوارين، سٽي بازن سان گڏ ڪرڪيٽ کي سياست کان به پاڪ ڪرڻو پوندو ته جئين عالمي سطح تي ٽيم جي معيار بهتر ٿي سگهي. گذريل ڏينهن پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ جهڙي طريقي سان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو اهو انتهائي خراب ۽ مايوس ڪندڙ هو. جنهن طريقي سان پاڪستاني رانديگر کيڏيا ان کان ته بهتر نئين ديري، ڪڍڻ، شهدادڪوٽ، پپري،  ڀٽائي آباد ۽ مٽياري جا ننڍڙا ٻار گهٽين ۾کيڏندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ فيس بڪ تي آن لائن ويٺو هيس ته پاڪستان جي قيام کان اڳ سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ويڊيو ڏٺي جنهن ۾ سنڌي نوجوان تمام سٺو کيڏي رهيا هئا، ان وڊيو کي ڏسڻ بعد سوچيم ته اڄ جڏهن سنڌ پاڪستان جو حصو ٿيو آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ به سنڌي رانديگر ڇو نه آهي، ان جي پٺيان ڪهڙا سبب آهن جو سنڌي رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ شامل نه پيو ڪيو وڃي. ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن پر ان جو جواب نه ملي سگهيو. ماضي کي ڏسي ائين پئي لڳو ته پاڪستان جي قيام سبب سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم به ختم ٿي وئي  آهي. سوچيم ته ڇا ڪڏهن ڪو سنڌي رانديگر پاڪستاني ٽيم ۾ شامل ٿيندو به جي الائي نه؟ سنڌ جي مختلف ڪاليجن، اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪيترائي اهڙا سٺا ڪرڪيٽ جا رانديگر آهن جيڪي ننڍڙن ٽورنامينٽن ۾ حصو وٺي پنهنجي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا رهندا آهن پر انهن کي هن وقت تائين قومي ٽيم ۾ شامل نه پيو ڪيو وڃي. نه ئي انهن سنڌي رانديگرن کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ تعصب پرست ماڻهو ويٺل آهن جيڪي نٿا چاهين ته سنڌي نوجوان اڳتي اچن جنهن سبب انهن کي موقعو نه پيو ڏني . افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻين قومن سان تعلق رکندڙ نوجوان ته آهن پر ڪنهن به هڪ سنڌي رانديگر کي هن وقت تائين شامل ناهي ڪيو ويو. پاڪستان جي قيام کي 63 سال گذرڻ باوجود به هڪ به سنڌي جي قومي ٽيم ۾ شموليت نه هجن به هڪ وڏو سوال آهي ؟ ان جو جواب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڏيڻو پوندو. هاڻ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اهو تعصباڻو رويو به ختم ڪرڻو پوندو ۽ سنڌي نوجوانن کي به موقعو ڏيڻو پوندو  ته جئين سنڌي نوجوانن ۾ پيدا ٿيل مرحومي ختم ٿي سگهي.
قومي ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ کان 14 رنسن سان شڪست کاڌي هئي. عمر اڪمل جهڙي طريقي سان کيڏيو، اهو به سڀني ڏٺو پر ڪپتان شاهد آفريدي به پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهيو.  جنهن سبب پاڪستاني ٽيم کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. جنهن سبب پاڪستاني ٽيم انگلينڊ جي ڏنل 161 رنسن واري حدف  کي پورو نه ڪري سگهي ۽ 146 رنسن تي ڍير ٿي و ئي.  انگلينڊ 160 رنسون صرف 5 وڪيٽن جي نقصان تي ٺاهيون. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستاني ٽيم جا سمورا رانديگر تمام سٺا هئا  پر ان هوندي به سٺو نه کيڏيا. انگلينڊ جي ٽيم ۾ سمورا نوان رانديگر هئا پوءِ به انهن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. ڪپتان شاهد آفريدي پاڻ به اعتراف ڪيو ته انگلينڊ جي ٽيم تمام سٺو کيڏي ۽ سندن بيٽنگ تمام خراب هئي. ٽي ٽوئينٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾  ٽاپلي ۽ پلنڪٽ 3، 3 وڪيوٽون حاصل ڪيون 7 پيري 2 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون. سهيل تنوير 25، صهيب مقصود 24 ۽ عمر اڪمل 19 رنسون ٺاهيون هيون. پهرين ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ انگلينڊ جو رانديگر سيم بلنگز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري مين آف دي ميچ رهيو. جڏهن ته ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي ڪپتاني به نه ڏيکاري سگهيون ۽ هڪ به رنس نه ٺاهي ۽ آئوٽ ٿي ويو هو. انگلينڊ جي رانديگر بلنگز 53، مورگن 45 ۽ ونس 41 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا هئا. وقار يونس ميڊيا سان ڳالهائيدي پاڪستاني ٽيم تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ٽيم تمام گهڻيون غلطيون ڪيون جنهن سبب شڪست ملي. هن چيو انگلينڊ خلاف سيريز ۾ رن آئوٽ جو وڏو مسئلو رهيون. قومي ٽومي جي ڪوچ وقار يونس اهو به چيو هو ته ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هئي، کين تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. جڏهن ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ شروع ٿي ته شوقينن سمجهيو ته اڄ پاڪستاني رانديگر مخالف ٽيم کي ڌوئي ڇڏيندا پر ائين به نه ٿيو. پر اهو ضرور ٿيو جو آخر ۾ مقابلو تمام گهڻو دلچسپ ٿي ويو هو. ٽي ٽوئينٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ انگلينڊ انگلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان کي 171 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. قومي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي.انگلينڊ طرفان جيمس ونسي 38 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪور رهيو جڏهن ته جوس بٽلر 33، جيسن روءِ 29، جوءِ روٽ 20 ۽ ڪرس ووڪس 15 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستاني بالر بالرز طرفان ڪپتان شاهد آفريدي 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته انور علي، 2، سهيل تنوير، وهاب رياض ۽ شعيب ملڪ هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا. انگلش ٽيم طرفان ڏنل 173 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد ۽ رفعت الله جارحاني انداز ۾ شروعات ڪئي پر گهڻي دير ڪريز تي ٽڪي نه سگهيو. احمد شهزاد 28 ۽ رفعت الله 23 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته محمد حفيظ 25، شعيب ملڪ 26 ۽ ڪپتان شاهد آفريدي 24 رنسون ٺاهيون. سرفراز احمد ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو به گهڻي دير ميدان تي ٽڪي نه سگهيو ۽ 19 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. انور علي ۽ سهيل تنوير ميچ کي دلچسپ مرحلي ۾ داخل ته ڪيو پر ڪاميابي نه ڏياري سگهيا ۽ قومي ٽيم کي 3 رنسن تان شڪست کي منهن ڏسڻو پئجي ويو. انگلش بالر ليام پلنڪٽ ٽي شڪار ڪيا، جڏهن ته ڪرس ووڪس ۽ عادل راشد 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. انگلٽ بالر ليام پلنڪٽ کي ٽي وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مين آف دي ميچ  قرار ڏنو ويو.  قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بولنگ ڪوچ مشتاق احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو شڪست جي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ۽ هو شڪست جو ڪو به بهانو نه ڄاڻائيندو، مينيجمينٽ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته انور علي ۽ وهاب رياض سٺو کيڏي رهيا آهن کين اڃان وڌي محنت ڪرڻ پوندي. مشتاق احمد چيو ته عمر اڪمل جي ڪارڪردگي جو جواب سليڪٽر ڏيندا، هو ان جو جواب نه ٿو ڏئي سگهي.
ٽي ٽوئينٽي سريز جي ٻن ميچن ۾ شڪست بعد پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز جي رينڪنگ ۾ ٻي نمبر کان ڇوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. جيڪا ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو چٽو ثبوت آهي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ٽيم جي شڪست جو بنيادي سبب ٽيم مينيجمنٽ آهي. تجزيه نگارن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اهڙا ماڻهو اچي ويا آهن جن کي ڪرڪيٽ بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي پوءِ به اهي انهن عهدن تي ويٺا جن جي غلط پاليسين سبب اڄ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو حشر خراب ٿي رهيو آهي..هاڻ حڪومت کي گهرجي ته بورڊ ۾ ويٺل ميمبرن کي تبديل ڪري  سٺن ۽ نوجوان رانديگرن کي اڳتي آندو وڃي ته جئين ٽيم جو عالمي سطح تي معيار ٻيهر بهتر ٿي سگهي.


جنرل راحيل شريف استادن تي تشدد جو نوٽيس وٺي...!

صاحب خان ڀٽي
استاد کي معاشري ۾ وڏي احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. اهوئي استاد آهي جيڪو ننڍڙن هٿڙن ۾ قلم کي پڪڙڻ سيکاريندو آهي. دنيا ۾ هلڻ، ڳالهائڻ، گهمڻ، ڦرڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريندو آهي ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ جو درس ڏيندو آهي. جيڪو ننڍڙي ڪچڙي ذهن کي ٻين جو احترام ڪرڻ سيکاريندو  آهي. جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته والدين کان به وڌيڪ احترام جي لائق استاد آهي . اڄ جڏهن استاد پنهنجا مطالبا کڻي ڪراچي پهتا ۽ سي ايم هائوس طرف مارچ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اهلڪار وحشي جانورن وانگر استادن مٿان ڪڙڪي پيا ۽ مٿن واٽر ڪينن جو استعمال توڙي شيلنگ ڪري ڏني جنهن سبب ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا. پوليس اهلڪارن ڪيترن ئي استادن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گرفتار به ڪيو. سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ سوين استاد  راجڌاني ڪراچي  اها اميد ڪري پهتا ته شايد سندن مطالبا مڃيا ويندا پر شايد انهن کي خبر نه هئي ته هي جمهوريت زرداري جي آهي. اڄ استادن تي ٿيل تشدد ڏسي اهو لڳو ته استاد پيشي جي جنهن طريقي سان بي حرمتي ڪئي وئي ان کي تاريخ ۾ ڪنهن به صورت ۾ وساري نه سگهبو. هي اها ئي سنڌ حڪومت آهي جڏهن سنڌ کي ڌار ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ته انهن احتجاج ڪندڙن کي جوس ۽ بوتليون پياريون ويون هيون. هي اها ئي سنڌ حڪومت آهي جنهن هميشه سنڌ خلاف سازشون ڪندڙن  خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي  آهي. ته پوءِ ان حڪومت مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟. هي اهائي سنڌ حڪومت آهي جيڪا ڌارين جي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن سان ته ڳالهيون ڪرڻ پسند ڪندي آهي پر جڏهن سنڌ جون عورتون ۽ توڙي مرد احتجاج ڪندا آهن ته انهن تي لٺبازي ۽ تشدد ڪرائيندي آهي. جڏهن نرسن احتجاج ڪيو هو ته ان وقت به انهن تي تشدد ڪرايو ويو هو، هاڻ جڏهن استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو ته انهن تي به سنڌ حڪومت کي رحم نه آيو ۽ استاد جي پيشي جو تقدس پائمال ڪري انهن مٿان لٺبازي ڪرائي وئي. جڏهن استاد مطالبن جي مڃتا لاءِ سي ايم هائوس طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ريڊ زون پهتا تڏهن رينجرز جا وڏا اٽالا به پهچي ويا هئا. جن استادن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو. پوليس استادن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ مٿن لٺازي به ڪئي جنهن سبب ڪيترائي استاد بيهوش ۽ زخمي ٿي پيا.ان سان گڏوگڏ استادن مٿان واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال به ڪيو ويو جنهن سبب هو ڇڙ وڇڙ ٿي ويا. پوليس جي لٺبازي ۽ تشدد سبب سندن ڪپڙا به ليڙون ليڙون ٿي ويا جڏهن ته ڪيترن ئي استادن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. استاد اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو حق وٺڻ لاءِ پر امن نموني اڳتي وڌي رهيا هئا ته مٿن تشدد ڪيو ويو. هنن اهو به ٻڌايو ته هي ڪهڙي جمهوريت آهي جيڪا حق گهرڻ تان مٿن وحشياڻو تشدد ڪري آمريت جا به رڪارڊ ٽوڙي رهي آهي.  جس آهي استادن کي جو هنن پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاريو. آمريت جي دور ۾ به استادن تي ڪڏهن به لٺبازي ناهي ٿي.پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙو رويو جيڪو آمريت ۾ اختيار ڪيو ويندو آهي اهو اڄ سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن ڪيو آهي. جن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حڪم ڪيو ته استادن تي لٺبازي ڪئي وڃي. هنن کي اهو به رحم نه آيو ته جيڪي استاد انسانيت جو درس ڏيندا آهن، جيڪي ننڍڙن هٿڙن ۾ قلم کڻڻ سيکاريندا آهن. هو انهن مٿان ئي ظلم ڪري رهيا آهن. اڄ جڏهن انهن استادن تي وحشياڻو تشدد ڪرايو ويو ته تاريخ به روئي ڏنو هوندو. پيپلزپارٽي اڄ پنهنجي تاريخ لکي آهي. اڄ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن استادن تي لٺبازي ڪرائي اهو ثابت ڪيو ته هنن جي اڳيان هڪ استاد جي ڪهڙي حيثيت آهي ۽ اهو هڪ استاد جو ڪيترو احترام ڪن ٿا. لڳي ٿو ته حڪومت ۾ ويٺل ڪامورا يا ته اسڪولن ۾ ناهن پڙهيا يا وري انهن کي استاد جي احترام بابت ڪا خبر ناهي. سنڌي ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته جيڪو استاد جو احترام نه ڪندو ته پوءِ اهو ٻئي ڪنهن جي ڪهڙي ڪندو. استادن مٿان ٿيل تشدد کي تاريخ جو ڪارو دور چئجي ته اهو به گهٽ آهي. استادن  تي ٿيل تشدد جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.
جڏهن جمهوريت ۾ حق ناهن ملندا ۽ انصاف جا سمورا دروازا بند ٿي ويندا آهن ته پوءِ عوام جون نگاهون صرف هڪ ئي طاقتور ڌر ڏانهن هونديون آهن. اڄ لڳي  ٿو ته تمام جلد حالتون تبديل ٿي وينديون. ڇو جو هر طرف ناانصافيون آهن. ڪرپشن جي بازار گرم ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن عوام هن جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون ته اهي ضايع ٿي چڪيون آهن. ڇو جو شهيد متحرمه بينظير ڀٽو زنده هجي ته اڄ استادن تي اهڙو ظلم نه ٿئي ها ۽ هي جمهوريت آمريت جهڙي نه هجي ها. جنهن جمهوريت ۾ استادن مٿان تشدد ٿيندو هجي ته پوءِ آمريت سٺي آهي جنهن جمهوريت ۾ استاد جو احترام نه ڪيو وڃي ته پوءِ اهڙي جمهوريت کان ڀينگ ڀلي. اڄ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي استادن تي ٿيل تشدد جو نوٽيس وٺڻو پوندو. ڇو ته هي تشدد عام ماڻهو ته نه پر هڪ وڏي احترام جي لائق پيشي سان تعلق رکندڙن تي ٿيو آهي. جنرل راحيل شريف، وزيراعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي استادن تي ٿيل تشدد ۽ لٺبازي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. انهن وزيرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جن استادن تي لٺبازي ۽ تشدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اڄ جيڪڏهن جنرل راحيل شريف استادن تي ٿيل تشدد جو نوٽيس نه ورتو ته پوءِ ائين لڳندو ته هاڻ عوام کي انصاف ملڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو. هي وقت آهي ته استادن تي ٿيل تشدد جو جنرل راحيل شريف نوٽيس وٺي ۽ سنڌ جي عوام جون به دليون کٽي وٺي. سنڌ جي عوام به هاڻ انصاف گهري رهي آهي . صرف هڪ ڀيرو جنرل راحيل شريف ۽ سپريم ڪورٽ جوچيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي استادن جا مسئلا ٻڌي ۽ انهن کي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ته جئين استادن ۾ پيدا ٿيل مايوسي ختم ٿي سگهي. تشدد ۽ گرفتارين بعد استادن جا حوصلا  ڪمزور ٿي ويا هئا ۽ کين مختلف قسمن جون ڌمڪيون به ملن پيون جنهن سبب هنن مجبورن هار مڃي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. استادن کي اها پڪ ان وقت ٿي جڏهن انهن مٿان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪارن ڪڙڪي پيا  هئا ۽ وحشياڻو تشدد ڪيو هو. انهن کي اها پڪ ٿي چڪي هئي ته هن جمهوريت ۾ سندن دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به نه آهي. هنن کي اها به پڪ ٿي چڪي هئي ته ٽي وي چينلن تي سندن احتجاج ته عام شهري ۽ حڪومت نمائيندا ڏسندا هوندا پر وٽن ڪير به لڙي نه ايندو. تنهن ڪري رات جي اونداهي ۾ جڏهن ايڊيشنل سيڪريٽري استاد اڳواڻن کي گهرايو ته هو جي جي ڪندا هن وٽ وڃي پهتا. ايڊيشنل جي رڳو خاطري تي هو ويچارا تشدد جا ماريل استاد احتجاجي ڌرڻي کي ختم ڪري واپس هليا ويا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته مطالبا پورا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي جنهن سبب هنن احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو آهي ۽ استاد اڳواڻن اهو به چيو ته مطالبا پورا ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.
جڏهن جمهوريت ۾ انصاف جا سمورا دروازا بند ٿي ويندا آهن ۽ عوام کي انصاف جي جمهوري حڪومت مان ڪا به اميد ناهي رهندي ته پوءِ مجبورن عوام روڊن تي نڪري ايندو آهي. اڃان به وقت آهي ته عوام جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن. ڪرپشن جو خاتمو آندو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته طاقتور ڌريون به ميدان ۾ لهي اينديون جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪارروايون شروع ٿي وينديون ۽ عام ماڻهو کي انصاف انهن طاقتور ڌرين کان ئي ملڻ شروع ٿي ويندو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ اهي عوام جون دليون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ۽ عوام پاڻ ئي انهن کي اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏيندو پوءِ نه رهندي بانس نه وڄندي بانسري. هاڻ به جڏهن سنڌ حڪومت جي ڪامورن پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته پوءِ لڳي ٿو ته سنڌ جو عوام پاڻ ئي فوج جي حمايت ۾ روڊن تي نڪري ايندو ۽ اهو جمهوريت لاءِ وڏو ڌچڪو هوندو.


سنڌ دشمن سامهون اچي ويا...!!!

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڌارين جي لوڌ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. ڪراچي جي سينٽر ۾ 1947ع ۾ آيل  مهاجر آباد آهن .جيڪي اڄ جي آبادي جو ٽوٽل 30 سيڪڙو حصو آهن باقي افغان مهاجر، بنگالي، برمي، پٺاڻ ۽ ٻيا ترسيل آهن.  1973ع ۾ جڏهن بنگالي پاڪستان کان ڌار ٿي الڳ آزاد رياست قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته اتي بنگالين سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ۽ انهن سان وڙهندڙ پناهگيرن کي بنگالين تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو انهن کي ڌڪي مهاجرن ڪئمپن ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو. باقي  ٻين مهاجرن کي قائد عوام پاڪستان گهرايون جيڪي وڏي اڪثريت ۾ اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا. اهڙي عمل خلاف قومپرست ڌريون روڊن تي نڪري آيون مجبورن مهاجرن کي سنڌ ۾ آڻڻ وارو عمل روڪيو ويو. اڄ به اسميبلي ۾ ايم ڪيو ايم جا چونڊيل ميمبر اهو مطالبو ڪندا رهيا آهن ته بنگلاديش ۾ مهاجر ڪئمپ ۾ ترسيلن کي سنڌ ۾ آندو وڃي. هنن جو اهو موقف آهي ته هنن بنگلاديش سان غداري ڪئي ۽ پاڪستان جو ساٿ ڏنو هاڻ انهن کي  هتي رهايو وڃي. افغانستان ۾ جنگ هجي يا برما ۾ مذهبي جهيڙا سعودي عرب ۽ پاڪستان جي اها خواهش رهي آهي ته انهن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي. اهو ئي سبب آهي ته اڄ سنڌ ڌرتي جيڪو امن ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي سڏي ويندي هئي  جيڪا اڄ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي. ڪجهه دهشتگردن کي ته حڪومتي ۽ طاقتور ڌرين جي سرپرستي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بحال نه ٿي سگهي آهي.  افسوس جي ڳالهه آهي ته جڏهن هڪ لساني تنظيم جي چونڊيل نمائيندي کي سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت ڏني وئي ته انهن بنگلاديش سميت ڀارت مان مهاجرن کي سنڌ ۾ گهرائڻ جي تمام گهڻا نادرا ڪارڊ جاري ڪيا جيڪي خبرون اڄ به ميڊيا تي نه اچي گهيون آهن ۽ حڪومت توڙي نيب به انهن خلاف ڪارروايئي نه پئي ڪري. ان مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ دشمن تمام گهڻا طاقتور ٿي چڪا آهن. اڳ دشمن سنڌ کي ٽوڙڻ جي لڪي چاڪنگ ڪندا هئا پر هاڻ ته هو ٽي وي چينلن تي ويهي پروگرام ڪندا آهن. 1973ع ۾ جڏهن بنگالين آزادي ماڻي ته سائين جي ايم سيد به سنڌ جي آجپي جي ڳالهه ڪئي ته دشمنن سوچيو ته هاڻ ڪجهه اهڙو ڪجي جو سائين جي ايم سيد پنهنجي مشن ۾ ڪامياب نه ٿئي. جنهن دوران اهو منصوبو جوڙيو ويو ته بنگلاديش سانحي بعد مهاجرن کي سنڌ ۾ ترسايو وڃي ته جيئن سنڌي اقليت ۾ بدلجي وڃن. جڏهن ضياءَ الحق جو دور آيو ته مهاجرن کي صوبي ٺاهڻ جو مشورو ڏنو ويو ۽ پوءِ اچانڪ سيڪيورٽي ادارن کي الائي ڇا ٿيو جو 1992ع ۾ آپريشن ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ڪراچي کي الڳ ڪري ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾ نفرتون پکيڙيندڙ لساني تنظيم جي اها ئي خواهش رهي آهي ته مقدص ڌرتي کي رت سان وهنجاريو وڃي. مشرف جي حڪومت ۾ لساني تنظيم دهشتگرد ونگ تيار ڪئي جيڪا اڄ سيڪيورٽي ادارن لاءِ وڏي چيئلنج بڻيل آهي. رينجرز ترجمان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پريس بريفنگ ڏيندو پيو اچي ته هڪ لساني تنظيم جي ونگ آهي جيڪا ڪراچي ۾ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ملوث آهي ۽ انهن جو را سان به تعلق آهي. پر افسوس جهڙي ڳالهه اها ته انهن خلاف جيڪا هن مهل ڪارروائي ٿئي آهي اها گهٽ آهي. جيڪڏهن را جا دهشتگرد موجود آهن ته پوءِ انهن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي ٿئي. را جي ايجنٽن کي گرفتار ڪرڻ پهريان پاڪستان ۾ موجود انهن جي سهولتڪارن کي به گرفتار ڪيو وڃي  ۽ اها جماعت جيڪا انهن کي استعمال ڪري رهي آهي ان تي به پابندي لڳائي وڃي. جيڪو ٿيڻ ناممڪن ٿو لڳي. 
هاڻ جڏهن سنڌ دشمن  سامهون ٿي چئي رهيا آهن ته سنڌ کي ٽوڙي الڳ صوبو ٺاهينداسين ته اتي  پيپلزپارٽي، حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ۽ قومپرست ڌرين کي جواب ڏيڻ گهرجي. جيڪي ماڻهو انڊيا مان هجرت ڪري سگهن، جيڪي ماڻهو بنگلاديش مان به هجرت ڪري سگهن ٿا ته پوءِ انهن کي سنڌ مان هجرت ڪرڻ ڪا دير نه لڳندي. پر اهي دهشتگرد ويندي ويندي سنڌ اندر اهڙي  باهه ٻارڻ چاهين ٿا جيڪي ڪڏهن به وسائجي نه سگهجي. 1947ع کان آيل پناهگير جيڪي اڄ به پاڪستاني ناهين ٿي سگهيا ۽ پاڻ کي مهاجر سڏرائي خوش ٿين ٿا ۽ پاڻ کي قوم ٿا سڏراين ته پوءِ  انهن کي ڇا چئيجي. شايد اهي اهو ويساري ويٺا آهن ته مهاجرن کي گهرن ۾ نه پر ڪئمپن ۾ ترسايو ويندو آهي . هي اهو به وساري ويٺا آهن ته جنهن ڌرتي کين پنهنجي ڪک ۾ جڳهه ڏني هي انهي ڌرتي جو ورهاڱو ٿا چاهين. انگريزن، عربن، ۽ افعانين سنڌ ڌرتي تي ڪيترائي ڀيرا حملا ڪيا پر اهي ناڪام ويا. جڏهن به سنڌ ڌرتي تي وار ٿيو  آهي ته سنڌي هڪ ٿي سنڌ دشمنن کي ڀرپور جواب ڏنو آهي. اڄ به اهو ئي وقت اچي چڪو آهي هاڻ سنڌين کي ٻڌي ڪري سنڌ دشمنن کي جواب ڏيڻو پوندو.  انهن جو رستو تنگ نه ڪيو ويو ته هڪ ڏينهن سچل جي ڌرتي کي رت سان وهنجاريو ويندو. ماضي الطاف حسين ٽي وي تي ويهي سنڌ کي ٽوڙڻ جا بيان ڏيندو هو ته ان وقت هڪ قومپرست تنظيم سربراهه اهو ئي چوندو هو ته الطاف سنڌ جو حلالي پٽ آهي هن سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪڏهن به ناهي ڪئي. ننڍڙي ٻار کان بڇيو وڃي ته الطاف جو بيان ڪهڙو آهي  ته اهو به درست ٻڌائيندو. الطاف جڏهن پنهنجن خطابن ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ جا بيان ڏيندو هو ته ان وقت هتان جا سيڪيورٽي ادارا ۽ سياسي جماعتون خاموش رهنديون هيون.  عدالتن الطاف تي ان وقت پابندي لڳائي جڏهن هن سنڌ کان پوءِ وفاق کي  للڪاريو  ته سيڪيورٽي ادارا به تحرڪ ۾ آيا ۽ لاهور عدالت سندس تصوير سان گڏ  خطابن تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. هاڻ جڏهن وفاق لساني تنظيم جي سنڌ کي ٽوڙڻ واري ڌمڪي جو نوٽيس نه ورتو ته  پوءِ سنڌ ۾ به بلوچستان کان بدترين حالتون ٿي وينديون ۽ اهڙي جنگ شروع ٿي ويندي جيڪي صدين تائين رڪجي نه سگهندي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو پنهنجي وطن سان تمام گهڻي محبت ڪندا آهن ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ لاءِ هن وقت تائين ڪيترن ئي جانين جا نذرانا ڏئي چڪا آهن. ڪيترن ئي ماين کي انهن جي ٻچن جا لاش روڊ تي پيل مليا آهن . ڪيترائي سنڌ ڄاوا پنهنجي ڌرتي لاءِ شهيد ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن وفاق فوري طور ايڪشن نه کنيو ته پوءِ سنڌ جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي وينديون. جيڪڏهن  لساني تنظيم جي اڳواڻن کي بيان ڏيڻ کان نه روڪيو ويو ته ٿي سگهي ٿو سنڌ اندر گهرو ويڙهه شروع ٿي وڃي. هاڻ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه، لطيف پليجو ۽ ٻين کي گهرجي ته فوري طور سنڌ دشمنن کي جواب ڏين ته سنڌي قوم جيڪي پنهنجن اڳواڻن کان مايوس ٿيندي پئي وڃي انهن  جي دلين ۾ پنهنجن اڳواڻن لاءِبه محبت وڌي. جيڪڏهن انهن اڳواڻن به سنڌ دشمنن خلاف بيان نه ڏنا ته هنن جي ڳچين مان پٽو کلي ويندو جيڪو تمام گهڻو هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. لکيڪن کي به گهرجي ته سنڌ دشمنن خلاف لکي ته جئين سنڌي قوم جلد ٻڌي جو مظاهرو ڪري سنڌ دشمنن جو منهن دانگي سان ملي ڇڏين.  ميڊيا کي هن وقت مر ويسون مر ويسون سنڌ نه ڏيسون جي نعري تي هلڻو پوندو ته جيئن سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿين.  جيڪڏهن  عوام سجاڳ نه  ٿيا ته لساني تنظيم جي دهشتگردن کي جڏهن به پنهنجا مطالبا پورا ڪرائڻا هوندا ته اهي سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندا ۽ پنهنجا مطالبا پورا ڪرائي وٺندا. پر آخر ۾ ايترو ضرور چوندس جيڪڏهن سنڌ کي ٽوڙڻ جون جيڪڏهن سازشون تيز ٿي ويون ته پوءِ ملڪ جي سلامتي به خطري پئجي و يندي جيڪي ماڻهو سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن اهي پوءِ ملڪ کي به ٽوڙڻ جو مطالبو ڪري سگهن ٿا.


ڪراچي ۾ دهشتگردن جو راڄ هڪ فعو ٻيهر قائم..!!

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان امن امان جي صورتحال سيڪيورٽي ادارن لاءِ هڪ وڏو چئلنج بڻيل آهي. ڪراچي تي قبضو ڪرڻ سان گڏو گڏ ان کي ڌار ڪرڻ جون سازشون ته ضياءَ الحق جي دور کان شروع ٿيون هيون جيڪي اڄ به جاري ساري آهن. ڪراچي تي قبضي جي جنگ هاڻ ڪٿي دنگ ٿيندي ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو . شايد انهن ڌرين کي اها خبر ناهي ته سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي يا خبر هوندي به اهي اڻ ڄاڻ ٿي مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن.  عربن کان ويندي برطانيا جي به اها ئي خواهش رهي آهي ته سنڌ تي قبضو ڪيو وڃي ۽ انهن جو ئي حڪم هلي. جيڪڏهن ان ڊوڙ ۾ آمريڪا کي به شامل ڪجي ته پوءِ  ان ۾ به ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. پيپلزپارٽي جي گذريل 5 سالن واري دور ۾ جيتري ٽارگيٽ ڪلنگ ڪراچي ۾ ٿي شايد ايتري دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ نه ٿي هجي. مشرف جي دور ۾ به 12 مئي تي دهشتگردن پنهنجي طاقت جو مڪمل مظاهرو ڪيو هو، جنهن ڪيترن ئي پارٽين جا ڪارڪن ۽ عام شهري مارجي ويا هئا. جن خلاف اڄ تائين به ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي. سيڪيورٽي ادارن جون رپورٽون آهن ته بلديا فيڪٽري کي باهه ڏني وئي ان جو سبب ڀتو ٻڌايو ويو. روز ڪراچي مان گرفتاريون ٿي رهيون آهن پر امن جي صورتحال ۾ ڪا به بهتري نه  آئي آهي. طاقتور ڌرين جي اها دعويٰ رهي آهي ته ملڪ ۾ 90 سيڪڙو امن قائم ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ملڪ اندر 90 سيڪڙو امن قائم ٿي چڪو آهي ته شايد جيڪو 10 سيڪڙو امن ناهي ٿيو اهو ڪراچي ئي آهي.وزيراعظم نوازشريف چيو ته ڪراچي آپريشن هر صورت ۾ جاري رکيو ويندو، هي آپريشن ڪنهن به هڪ پارٽي خلاف نه پر ڏوهارين خلاف آهي. هڪ سياسي ڌر هميشه اهي دانهون ڪندي رهي آهي ته آپريشن انهن خلاف ٿي رهيو آهي. وزيراعظم نوازشريف ڪراچي جي دوري دوران چيو هو ته هاڻ ڪراچي جو عوام سک جو ساهه کڻندو ڇو ته ڪافي حد تائين امن قائم ٿي چڪو آهي. ان وقت ئي رينجرز ترجمان چيو هو ڏوهارين جو ڪنهن به جماعت سان تعلق هجي انهن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. رينجرز جي ڪاررواين بعد شهر ۾ امن ته قائم ٿيو پر  خوف جي فزا اڃان به برقرار آهي. ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري نيٽو جا هٿيار هٿ ڪرڻ جي بعد دعويٰ ڪئي هئي ۽ اهي هٿيار ميڊيا آڏو به ڏيکاريا ويا هئا.رينجرز جي ڪاررواين ۾ گرفتار ڏوهارين مان اڪثر جو تعلق راءِ سان به ٻڌايو ويو هو پر انهن  خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي اها ميڊيا تي هن وقت تائين اچي نه سگهي آهي. رينجرز جي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ڪراچي ۾ فطري ۽ کلن رقم دهشتگردي خلاف استعمال ڪئي ويندي آهي جنهن سبب سياسي تنظيمن تي فطري ۽ زڪوات وٺڻ تي پابندي لڳائي وڃي پر ان تي عمل جيڪو ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي.
ڪجهه ڏينهن امن قائم رهڻ بعد هاڻ شهرين هڪ دفعو ٻيهر اهو ئي گولين جو آواز  ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جون خبرون پڙهڻ ملي رهيون آهن هن ڀيري ٿوري تبديلي به آئي آهي اڳ ۾ عام شهري مارجي رهيا هاڻ ته دهشتگردن جي نشاني تي سيڪيورٽي اهلڪار به آهن.  گذريل هڪ ٻه ڏينهن اڳ  ڪراچي ۾  رينجرز جي 4 اهلڪارن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. ان کان اڳ ۾ دهشتگردن صحافين ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي به نشانو بڻايو هو. دهشتگردي پٺيان ڪهڙي جماعت يا گروهه ملوث آهي ان بابت هن وقت تائين ڪو به ڳجهو ادارو درست ڪارروائي نه ڪري سگهيو آهي. هڪ ته شهرين کي مهنگائي چيلهه چٻِي ڪري ڇڏي  آهي ته ٻي پاسي بدامني سبب ڪاروبار به ٺپ ٿي ويو آهي.  گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪراچي جا شهري امن لاءِ ترسي رهيا آهن هاڻ هو امن چاهين ٿا. هن شهر تي قبضي ڪرڻ جي لالچ ۾ دهشتگرد ڪڏهن مذهبي ۽ فرقيواراڻا جهڳڙا ڪرائن ٿا ته ڪڏهن وري انهن کي قوميت تي وڙهايو وڃي ٿو جنهن سبب پرڏيهي سيڙپڪار هتي ڪاروبار ڪرڻ بدران لاهور يا اسلام آباد  هليا وڃن ٿا.
مڪاني چونڊن جو ٽيون مرحلو ويجهو ايندي ڪراچي ۾ هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن کي کليل ڇڏيو ويو آهي جو ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري ۽ ٻين وارداتن ۾ اضافو ٿي چڪو آهي. دهشتگردن سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائي الائي جو ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا. وزيراعظم نوازشريف ۽ جنرل راحيل شريف چونڊن کان اڳ ڪراچي جي امن امان جي صورتحال تي ضابطو نه آندو ته پوءِ ڪراچي ۾ چونڊن ڏهاڙي رت جي هولي کيڏي ويندي ۽ اهي دهشتگرد جيڪي  هاڻ ڇڪا هڻي رهيا آهن ان ڏهاڙي سينچريون هڻندا. انهن دهشتگردن هٿان ڪيترائي معصوم شهري پنهنجيون جانيون وڃائي ويهندا. چونڊون شفاف هجن يا نه ان سان ڪو به فرق نه پوندو ڇو ته مفهامت جي نالي فيصلا اڳ ٿي چڪا هوندا. جنهن پارٽي جو ميڊيٽ جيترو هوندو اهو ان کي ملي ويندو پر جيڪڏهن ڪراچي ۾ فوج جي نگراني ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون ته وڏي خونريزي ٿيندي. شايد اهو ئي سبب آهي جو دهشتگرد ڪراچي عام شهرين سان گڏ سيڪيورٽي اهلڪارن کي قتل ڪري اهو پيغام ڏيارڻ چاهين ٿا ته کين نه روڪيو وڃي. هاڻ جڏهن ڪراچي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن کي به شهيد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي ته سول حڪومت ۽ عسڪري قيادت کي گهرجي ته ڪراچي ۾ دهشتگردن کي ڇٿڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ڇو ته هاڻ دهشتگردن  سيڪيورٽي ادارن سان مهاڏو اٽڪايو آهي. جيڪڏهن انهن کي هن وقت جواب نه ڏنو ويو ته هو ويتر مضبوط ٿي ويندا. سيڪيورٽي ادارن جي به ذميواري آهي ته بغير ڪنهن سياسي دٻاءُ جي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو وڃي ته جئين شهر ۾ امن قائم ٿئي ۽ شهري سک جو ساهه کڻي سگهن. شهرين شروعات کان ئي صرف امن جا خواهشمند رهيا پر امن شايد انهن جي قسمت ۾ به لکيل آهي يا نه ؟ ان بابت صرف جواب سول حڪومت عسڪري قيادت ئي ڏئي سگهي ٿي. ڪراچي کي معاشي حب چيو ويندو آهي پر اتي به امن قائم نه آهي ته پوءِ آخر ملڪ ڪئين ترقي ڪندو؟  ڪراچي ۾ ضرب عضب جهڙو آپريشن شروع ڪرڻ گهرجي ۽ دهشتگردن کي ڀڄڻ جا سمورا رستا بند ڪيا وڃن ته جئين کين لڪڻ جي جڳهه به نه ملي. عسڪري قيادت کي دهشتگردن جي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي جن جي اشارن تي دهشتگرد ڀتاخوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري رهيا آهن پوءِ شهر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رهي سگهي ٿي. ماضي ۾ جهڙو ڪراچي سان حشر ٿيو اهو ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ لاءِ حڪومت کي تڪڙا قدم کڻڻا پوندا.


مرزا جي ڪاميابي، سنڌ ۾ تبديلي جي شروعات

صاحب خان ڀٽي

مڪاني چونڊن جي اعلان بعد سنڌ اندر جئين ته خوشي جي لهر پکڙجي وئي هئي هر طرف مختلف پارٽين جا اميدوار ڪارنر گڏجاڻيون ڪري ووٽرن کان ووٽن لاءِ ايلاز ڪري رهيا هئا ته ڪن هنڌن تي اڳواڻن  دهلن شرنائن سان ريليون ڪڍي ورڪرن ۾ مٺايون به ورهايون. پهرين مرحلي ۾ ته پيپلزپارٽي جا اميدوار ايترو ورڪ ڪندي نظر نه پئي آيا شايد انهن کي اها پڪ هئي ته ڪاميابي سندن مقدر آهي ڇو ته هو تير جي ٽڪٽ تي نامزد ٿيل هئا. پرجڏهن درازا واقعو پيش آيو ۽ 12 معصوم شهرين جون جانيون ضايع ٿيون ته پيپلزپارٽي کي اهو محسوس ٿيو ته شايد ٻئي مرحلي ۾ کين ناڪامي کي منهن ڏسڻو پئي ۽ مجبورن بلاول ڀٽو کي به ميدان تي لهڻو پيو. بلاول ڀٽو زرداري  بدين ۽ ٺٽي جو دورو ڪيو ۽ ريلي به ڪڍي.  ان مهل ميڊيا تي ائين پئي لڳو ته شايد بدين ۾ پيپلزپارٽي سوئيپ ڪري ويندي  پر ان جي ابتڙ ٿيو. ورڪ دوران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ريلي  تي فائرنگ به ڪئي وئي. اهڙي واقعي بعد رينجرز ڪارروائي ڪري حڪومتي ڌر جي چئن ڄڻن کي گرفتار به ڪيو هو بعد جن کي آزاد ڪيو ويو. جئين جئين ٻئي مرحلي جو وقت ويجهو ايندو پئي آيو تئين تئين پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۾ بي چيني جي لهر پکڙجندي پئي وڃي. نيٺ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ٻين مختلف ضلعن جا پ پ اڳواڻ  اچي بدين پهتا ۽ اليڪشن ڏهاڙي تي مرزا گروپ ۽ پ پ جي اڳواڻن ۾ منهن ماري به ٿي. ووٽنگ جي ڳڻپ بعد جڏهن خبر پئي ته بدين ۾ ذوالفقار مرزا گروپ 14 وارڊن تي ڪاميابي ماڻي آهي ته يقين نه پيو اچي ۽ سوچڻ تي مجبور ٿيس ته هن ڀيري تير جو نشانو ڇو گسي ويو؟  لڳي ائين پيو ته هاڻ تير جو ڪمان شايد صحيح نشاني باز وٽ نه آهي. جنهن سبب بدين ۾ پيپلزپارٽي کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿي. بک هجي بدحالي، سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه  هجي يا ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ وارن فيصلن  جي سنڌي عوام  جو اهو ئي فيصلو هوندو هو  ته ووٽ تير جو . جڏهن سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مفاهمت جي نالي سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪيو  هو ته سنڌي قوم سجاڳ ٿي سخت رد عمل بعد  مجبورن پيپلزپارٽي کي اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو. ماضي جي پيپلزپارٽي جي 5 سالن جي حڪومتي دور کي ته ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. ڇو ته پيپلزپارٽي جي ان پنجن سالن ۾ ڪيترن معصوم شهرين جون جانيون ضايع ٿيون، ڀتاخوري عروج تي رهي، هر طرف خوف جي فضا قائم هئي. عوام امن کي ته بلڪل ويساري ويٺا هئا. جڏهن ڪو شخص گهر کان ٻاهر نڪرندو هو ته کيس اها خبر نه هوندي هئي ته  هو واپس  گهر موٽندو يا نه ؟ ايترو جو سنڌ کي ٽوڙي الڳ صوبي ٺاهن جي چاڪنگ به سرعام ڪئي وئي ۽ ان وقت به پيپلزپارٽي جا اڳواڻ خاموش تماشائي بڻيل رهيا ۽ اهو چوندا رهيا ته مفاهمت جو عمل جاري رکيو ويندو. ڪراچي ۾  سرڪاري ادارن ڪم ڪندڙ ملازمن کي نه بخشيو ويو انهن کي هڪ سياسي تنظيم جي دهشتگردن طرفان ڌمڪيون به ڏنيون ويون ته ڪراچي کان هليا وڃو هي ڪراچي صرف ان جي آهي. ان وقت به زرداري صاحب جو اهو ئي بيان هو ته مفاهمت جو عمل جاري رکبو. مفاهمت جي نالي ته هزارين شهرين ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن جون حياتيون کسيون ويون. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا  جي جڏهن به پريس ڪانفرنس ٿيندي هئي يڪدم هڙتال ٿي ويندي هئي، سڄو ڪراچي شهر ويران بڻجي ويندو هو روڊ رستا سنسان ٿي ويندا هئا ڪو به شخص روڊن تي نظر نه ايندو هو. هر طرف گولين جو آواز ٻڌڻ ايندو هو. سيڪيورٽي اهلڪار ته روڊن تي نظر ئي نه ايندا هئا. بسن، ڪارن ۽ رڪشن ۽ موٽرسائيڪلن کي باهيون ڏنيون وينديون هيون. اهي منظر فلسطين کان گهٽ نه هوندا. ڪراچي جون حالتون فلسطين کان خراب لڳنديون هيون.  جئين فلسطين ۾ ظلم ٿي رهيو ائين ڪراچي ۾ ٿي رهيو هو.  ان وقت پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا  ڪنهن پارٽي خلاف ڳالهايو ته کيس  ايڪسڪيوز  چوڻ لاءِ چيو ويو پر ڊاڪٽر ذولفقار مرزا غيرت مند هيو ان انهن کان معافي وٺڻ کان انڪار ڪندي مهاڏو اٽڪائڻ جو فيصلو ڪيو. ذوالفقار مرزا ان پارٽي سان مهاڏو اٽڪايو جنهن بابت ڳالهائڻ ناممڪن هيو. هن ميڊيا تي ويهي انهن کي للڪاريو ايتري جرئت انهن وٽ به نه هئي جيڪي پاڻ کي سنڌ ڌرتي جو محافظ سڏرائيندا هئا ۽ چوندا هئا ته هو سنڌر ڌرتي  جو دفاع ڪندا. ڊاڪٽر ذوالفقار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته زرداري ۽ هڪ سياسي جماعت سنڌ کي ٽوڙڻ چاهي ٿي سندس ان بيان کي ڪنهن به سنجيدگي سان نه ورتو، جيتوڻيڪ قومپرست ڌرين پاران  اهو چيو ويو هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو پر ڊاڪٽر ذالفقار مرزا چيو هو ته پنهنجي ڌرتي کي ڪنهن به صورت ۾ ٻه اڌ ڪرڻ نه ڏيندو ۽ هو اڪيلي سر  ان راهه تي هلڻ شروع ٿي ويو. ان دوران پيپلزپارٽي جي اڳواڻن به سندس خلاف تمام گهٽ وڌ ڳالهايو هو پر هو چوندو هو ته پيپلزپارٽي جا  ڪجهه ايم اين اي ۽ ايم پي ايز ساڻس گڏ آهن.  
هاڻ جڏهن چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پيپلزپارٽي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان عبرتناڪ شڪست کاڌي آهي ته اهو واويلو ڪيو پيو وڃي ته ڌانڌلي ٿي آهي اهو ڪڏهن به نه ٿو ٿي سگهي ته  جنهن جماعت جي حڪومت هجي، جنهن جي اشاري تي هر ڪم ٿئي ته ان وقت عام ماڻهو ڪهڙي نموني سان ڌانڌلي ڪري سگهي ٿو.  ڪجهه سياستدانن جو اهو به چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جو ڌانڌلي وارو الزام مزا ق آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار گذريل ڏينهن هڪ نجي ٽي وي چينل تي انٽرويو دوران چيو ته آصف زرداري کان الڳ ٿيڻ کان سڀ کان وڏو سبب الطاف حسين هو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو لڪي چاڪنگ ڪندا هئا ته سنڌ کي ٽوڙي مهاجر صوبو ٺاهيو هو هاڻ وائکا ٿي چڪا آهن ۽ اهي هاڻ سر عام چون ٿا ته سنڌ کي ٽوڙيندا.  پ پ جي اڳواڻ پير مظهر الحق چيو هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪوڙو قرآن کنيو آهي ۽  اهو جيڪو به ڳالهائي رهيو آهي اهو ڪوڙ آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار ڪوڙو هو  ۽ سندس بيان به غلط هو ته پوءِ جيڪي به مرزا لفظ ڳالهايا اهي سچ ڪئين نڪتا. ذوالفقار مرزا چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ کي ٽوڙڻ جو منصوبو جوڙيو ۽ اهي جنهن ۾ سندس جماعت به ڀاڱي ڀائيوار آهي.  هو اهو به چوندو هو ته جڏهن به ڪنهن ٽارگيٽ ڪلر کي پڪڙيو وڃي ٿو زرداري جي مداخلت ان کي آزاد ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار جي اهڙن انڪشافن بعد پيپلزپارٽي ۽ مرزا ويڇا وڌي ويا هئا جيڪي اڄ ڏينهن تائين وڌندا پيا وڃن . هاڻ ته ڊاڪٽر ذوالفقار پارٽي ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو آهي. هن اهو اعلان به ڪيو ته هو جلد پارٽي جي رجسٽريشن به ڪارائيدا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو به چيو ته  سندن جهيڙو پيپلزپارٽي سان نه پر زرداري گينگ سان آهي.  ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صوبائي گهرو وزار تي ته ٿورو عرصو رهيو پر جيڪي هن مواد گڏ ڪيو اهو لڳي پيو ته ڏينهن رات هڪ ڪري گڏ ڪيو هوندو. مرزا جي ثبوتن آڏو ته سيڪيورٽي ادارن به هار مڃي ڇڏي ڇو ته انهن کي گرفتار ڪرڻ ته حڪومت جي وس ۾ نه هو. ثبوت  هجڻ باوجود طاقتور ڌرين جا عملدار اهي چوندا رهيا ته مرزا ثبوت ته ڏنا آهن جن تي هو غور ڪري رهيا آهن. مرزا نجي ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته آصف علي زرداري ملير جي سپر هاءِ وي تي 50 هزار ايڪڙ زمين ملڪ رياض کي ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪئي آهي.آصف علي زرداري ڪراچي ڪنسٽرڪشن جو بزنس ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو ايم ڪيو ايم جي اجازت کانسواءِ ناممڪن آهي. جنهن سبب هو ان جماعت سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه ٿو چاهي. مرزا جي اهڙن بيان باوجود جيڪڏهن سنڌي قوم فيصلو نه ڪيو ته پوءِ  سنڌ جي مقدر کي ڪير به بدلائي نه ٿو سگهي.

جس لهڻي بدين جو عوام جنهن هن ڀيري سجاڳ ٿي پيپلزپارٽي مخالف اميدوارن کي ووٽ ڏنو. جيڪي سنڌ اندر وڏي تبديلي آهي. عمران خان جيڪو ڪيتري ئي عرصي کان تبديلي جو نعرو هڻندو رهيو آهي پر هو ملڪ ۾ ته تبديلي ناهي آڻي سگهيو پر سندس زندگي ۾ تبديلي ضرور  آئي آهي.جيڪو ڪم عمران خان کي ڪرڻو هو اهو ڪم بدين جي بهادر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪري ڏيکاريو آهي.  مرزا جي ڪاميابي تي قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته بدين جي عوام پنهنجو فيصلو ڏنو آهي ۽ ڌانڌلي ناهي ٿي. هڪ طرف پيپلزپارٽي جا اميدوار ڌانڌلي جو راڳ الاپي رهيا آهن ته ٻي طرف ڪجهه اڳواڻ چونڊن کي شفاف به قرار ڏئي رهيا  آهن. مرزا جي ڪاميابي مان لڳي پيو ته سنڌ جي عوام سجاڳ ٿي رهيو آهي ۽ جلد سنڌ اندر وڏي تبديلي اچي رهي آهي. 

طالبان کان داعش تائين عالمي طاقتن جا مفاد...!!!

صاحب خان ڀٽي
دنيا ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي جنهن جو ڪارڻ معدني وسيلن تي قبضي سان گڏ پاڻ کي وڌيڪ طاقتور ثابت ڪرڻ به آهي. آمريڪا سميت عالمي طاقتون چاهين ٿيون ته اسلامي ملڪن ۾ سندن اشارن تي ڪم ٿئي، جنهن سبب اهي مختلف سبب ڄاڻائي اسلامي ملڪن ۾ پنهنجيون فوجيون داخل ڪري رهيا آهن. جنهن جو مثال افغانستان، عراق، شام ۽ ٻيا اسلامي ملڪ  آهن. پيرس ۾ ٿيل دهشتگردي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، پيرس حملو اسلام کي بدنام ڪرڻ جي شازش به هئي پيرس حملي بعد پوپ فرانسس پاران بيان جاري ڪيو ويو ته پيرس حملن کي هو ٽئين عالمي جنگ تصور ڪن ٿا ۽ ملوث ماڻهن کي هو ڪنهن صورت ۾ بخش نه ڪندا. پيرس حملي بعد سڄي دنيا ۾ تعزيتي ميڙاڪن جو به سلسلو جاري آهي، پاڪستان، انڊيا ۽ ٻين ملڪن ميڻ بتيون ٻاري مارجي ويلن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي ۽ ريليون به ڪڍيون پيو وڃن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته فرانس، ڪينيڊا، برطانيا ۽ آمريڪا ۾ ٿيل مظاهرن احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ مسلمانن خلاف نفرت ڀريل بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جنهن مان لڳي پيو ته مسلمانن جو اتي رهڻ تمام ڏکيو ٿي ويندو ڇاڪاڻ جو آمريڪا، ڪينيڊا، فرانس، برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ اسلام مخالف ايس ايم ايس ۽ اي ميلز موڪلڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي. آمريڪا جي 19 رياستن الاباما، ٽيڪسز، مشيگن، ڪينسيا، انڊيانا، مس سيپي ۽ لوزيانا ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن کي تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون به ملڻ شروع  ٿي ويون آهن.  ري پبلڪن جي صدارتي اميدوار حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته آمريڪا ۾مسجدن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وڃي. صدارتي اميدوار  ڪانگريس کي اهو به مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور شامي پناهگيرن کي فوري طور بي دخل ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته هاڻ شامي پناهگيرن کي ترسائڻ انهتائي خطرناڪ آهي. ري پبلڪن جي صدارتي اميدوار چيو ته شامي پناهگيرن کي آمريڪا ۾ ترسائڻ واري پروگرام جا فنڊ به بند ڪيا وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن شامي مهاجرن کي آمريڪا ۾ ترسائڻو آهي ته کين نظرياتي ٽيسٽ ڏيڻو پوندو. جنهن مان لڳي پيو ته جئين جئين ڏينهن گذرندا تئين تئين ٻاهرن ملڪن ۾ مسلمانن جي سخت نگراني ڪئي ويندي ۽ کين مختلف حربن سان پريشان ڪيو ويندو ۽ سندن رستا تنگ ڪيا ويندا.
طالبان ۽ داعش کان ته سڀ واقف ٿي چڪا هوندا ڇو ته اڄڪلهه اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ طالبان جا چرچا روز پڙهڻ لاءِ ملن ٿا پر هاڻ طالبان کان به وڌيڪ طاقتور ڌر داعش به منظرعام تي اچي چڪي آهي. طالبان ۽ داعش جو منشور ڇا به هجي ان سان اسان جو ڪو به مقصد يا تعلق نه آهي. اهي ڪنهن جي اشاري تي ٿا هلن اهو ڪم سيڪيورٽي ادارن جو آهي ۽ گڏيل قومن جي به ذميواري آهي ته دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي. جيڪڏهن اسان طالبان جي ڳالهه ڪنداسين ته طالبان ڪنهن جي پيدا وار آهن ته ان پٺيان به آمريڪا ۽ عالمي طاقتن جو هٿ نظر ايندو. آمريڪا ۽ عالمي طاقتون طالبان جو جواز ڄاڻائي افعانستان تي حملو ڪيو ۽  پنهنجي فوج داخل ڪري اڄ به اتي موجود آهن. آمريڪا نائن اليون جو جواز ڄاڻايو ۽ چيو ته طالبان ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي نشانو بڻايو آهي، طالبان آمريڪا سميت سڄي دنيا لاءِ خطرو آهن. آخرڪار آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ۽ مجبورن پاڪستان کي به ان جو ساٿاري بڻڻو پيو. جنهن جو اڄ به اسان جو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ سبب اڄ پاڪستان دهشتگردي جي ورچڙهيل آهي. بم ڌماڪا، ايئرپورٽن تي حملا  ۽ اقليتي ماڻهن جي عبادتگاهن تي حملا معمول بڻيل آهن.  هتان جون حالتون به صرف عالمي طاقتن جي ڪري ئي ٿيون آهن. آمريڪا چيو هو ته اسامه کي مارڻ بعد ئي هو سڪون جو ساهه کڻندا ۽ پنهنجي فوج افغانستان ۾ ڪڍندا. آمريڪا وڏي دعويٰ سان چيو هو ته هنن اساما بن لادن کي 2 مارچ 2011 ۾ پاڪستان جي علائقي ايبٽ آباد آپريشن ۾ ماري ڇڏيو آهي پر طالبان اڃان به هنن لاءِ خطرو آهن. آمريڪا روز بيان ته ڏيندو آهي ته اتحادي فوج جلد افغانستان مان ڪڍنداسين پر اهو بيان صرف بيان رهجي چڪوآهي. افعانستان ۾ جنهن نموني بمباري ڪئي وئي ان کي ته انٽرنيشنل ميڊيا به ڏيکاريو ته ڪيترن شهرين کي پنهنجيون حياتيون وڃائڻيون پيون. مدرسن ۽ اسپتالن تي بمباري سبب ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جون جانيون ضايع ٿيون، جنهن خلاف ڪنهن به آواز نه اٿاريو. هاڻ ته طالبان القاعده ۽ تحريڪ طالبان کان پوءِ داعش به ٿورڙي وقت ۾ پنهنجي ظالماڻي ڪاررواين ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. داعش اسلامي شدت پسندن جي اهڙي تنظيم آهي جنهن جي قهري ڪاررواين انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي. داعش کي انگريزي ۾ اسلامڪ اسٽيٽس آف عراق  اينڊ سِيريا جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي. داعش تنظيم جو دائرو خاص طور تي عراق ۽ شام تائين ڦهليل  آهي. هاڻ صرف انتظار اهو ڪرڻو آهي ته اها شدت پسند تنظم پنهنجا پير ڪنهن ڪنهن ملڪ ۾ ڄمائي ٿي ۽ کيس هلائڻ وارن جا ارادا ڪهڙا آهن؟. ڪجهه عرصو اڳ داعش جي چاڪنگ سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ نظر آئي پر وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ترديد ڪندي چيو ته داعش نالي ڪا به تنظيم پاڪستان اندر نه آهي. بهر حال اهو هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو...!

جيڪڏهن چيو وڃي ته طالبان ۽ داعش هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ته اهو غلط نه ٿيندو. طالبان ۽ داعش جو مقصد هڪ ئي  آهي. جڏهن پيرس ۾ دهشتگردن جو حملو ٿيو ته ڪجهه وقت بعد آمريڪي صدر بارڪ اوباما پريس ڪانفرنس ڪئي ان ۾ هن مذمت ڪندي چيو ته هو پيرس حملي کي دنيا تي حملو تصور ڪن ٿا. سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته اوباما کي پيرس حملو جي ايترو جلدي ڳڻتي ڇو آئي؟ سعودي عرب، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪيترائي ڌماڪا ٿي چڪا آهن جنهن ۾ هزارين ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا. هاڻ سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما ان وقت ڇو نه پريس ڪانفرنس ڪئي يا پنهنجو بيان جاري نه ڪيو؟ ۽ انهن حملن کي دنيا تي حملو ڇو نه چيو ويو؟ صرف پئرس ۾ مارجي ويلن کي ايڏي اهميت ڇو پئي ڏني وڃي. اهڙا ڪيترائي سوال جيڪي اٿي رهيا آهن آخر پيرس حملي کي ايترو ڇو پيو اٿاريو وڃي. دهشتگردن جو ڪو به دين يا مذهب ناهي هوندو. دهشتگرد دهشتگرد هوندو آهي. عالمي طاقتون آخر مسلم رياستن کان ڇا ٿيون چاهين؟ جنهن بابت هاڻ مسلم ملڪن کي سوچڻو پوندو ته اڳ آمريڪا ورلڊ ٽريڊ سينٽر تباهه جو بهانو بڻائي طالبان خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ افغانستان تي حملو ڪنهن ۾ جنهن هزارين معصوم شهري به مارجي ويا. جنهن جو احتساب ڪرڻ لاءِ ڪو به اسلامي ملڪ اڳتي نه آيو. هاڻ به لڳي پيو ته آمريڪا ۽ عالمي طاقتون پئرس حملي کي جواز ڄاڻائي ڪنهن نه ڪنهن اسلامي ملڪ تي حملو ضرور ڪندا. هاڻ صرف ڪجهه اهڙا اسلامي ملڪ بچيا آهن جتي امن نالي ماتر آهي، آمريڪا ۽ عالمي طاقتن جي هاڻ ڪهڙي ملڪ تي نظر آهي اهو ڪجهه ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي. ڇو ته آمريڪا ۽ سندس اتحادين پنهنجو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ڪهڙن اسلامي ملڪن تي حملو ڪرڻو آهي. هاڻ وقت متحده ٿيڻ جو آهي جيڪڏهن اسلامي ملڪن جا سربراهه متحد نه ٿيا ته هٿ ٺوڪيون اسلامي  شدت پسند تنظيمون ٺاهي انهن کي اسلام مخالف ڪم وٺي مسلمان ملڪن تي حملا ڪيا ويندا. اسلامي ملڪن جي سربراهن کي گڏجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، جيڪڏهن اسلامي ملڪن جا سربراهه هڪ نه ٿيا ته پوءِ هن خطي جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي وينديون.