Pages

Saturday 30 April 2016

شڪاگو جا شهيد ۽ سنڌ جا بدحال مزدور

صاحب خان ڀٽي
هر سال مئي جي پهرين تاريخ کي مزدورن جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي ۽ انهن جي ڏنل قرباني جي ياد ۾ ميڙاڪا به ڪوٺايا ويندا آهن پر افسوس جو هن وقت تائين مزدورن کي دنيا اندر  جائز حق ناهن ملي سگهيا. 1880ع  ۾ آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ مزدورن پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جدوجهد شروع ڪئي هئي جيڪا ڏسندي  ڏسندي تيز ٿي وئي هئي  ۽ سمورا مزدور هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويا هئا. مزدورن پنهنجا جائز حق حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا تحريڪ شروع ڪئي ان کان پوئتي نه هٽيا ۽ نه ئي ان تحريڪ تان انهن هٿ کنيو.  1880ع جي  آخري ڏهاڙن ۾ جڏهن مزدور تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ  هڪ هنڌ گڏ ٿيا ته مٿن پوليس اهلڪارن  حملو ڪري ڏنو، جنهن دوران  اهلڪارن  گولين جي برسات ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور  شهيد ۽ زخمي ٿي پيا، پر ان وقت جي حاڪمن کي ڪو به رحم نه آيو هو، پوليس اهلڪارن جي وحشياڻي رويي  ۽ جانورن واري ورتاءُ سبب ڪيترن ئي مزدورن کي پنهنجي جانين تان هٿ کڻڻو پيو هو. سرمائيدارن جي اهڙي رويي جي سڄي دنيا ۾ مذمت به  ڪئي وئي هئي.
شڪاگو ۾ پوليس هٿان شهيد ٿيل مزدورن جو ڏوهه صرف ايترو هو ته  هنن سرمائيندارن کان پنهنجو حق گهريو هو جيڪو سرمائيندارن کي پسند نه آيو. انهن  مزدورن جو مطالبو صرف ايترو هو ته هو صرف 8 ڪلاڪ  ڪم ڪرڻ چاهين پيا، مزدور صرف ايترو ئي  مطالبو ڪري رهيا هئا ته کين مناسب اجرت به ڏني وڃي ته جئين انهن جا خاندان به خوشحال ٿي. افسوس جو ظالم سرمائيدارن کي رحم نه  آيو ۽ انهن پوليس هٿان بي گناهه مزدورن کي قتل ڪرايو، سرمائيدارن جي اهڙي عمل بعد شڪاگو جي عوام روڊن تي نڪري آئي هئي ۽ هر طرف سرمائيدارن خلاف نعرا ٻڌا ويا، جنهن بعد سرمائيدارن  گوڏا کوڙيا ۽ مزدورن جي شهادت رنگ لاتو، سرمائيدارن مزدورن جي ڏنل قرباني کي تسليم ڪندي ڪم ڪرڻ جو وقت 8 ڪلاڪ منظور ڪيو، جنهن تحت اڄ به مزدور ڪم ڪري رهيا آهن.  پر افسوس جو سنڌ اندر اڄ به 12 کان 14 ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي، جنهن  خلاف ڪو به آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي.  جنهن سبب مزدور پنهنجا ٻچا وڪڙڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب هتان جي سرمائيداراڻو طبقو آهي، جيڪو مزدورن جو حق کائي مال گڏ ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. اهڙو حال سنڌ جو به ئي آهي،  جتي وڏيرن ، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن مزدورن کان سمورا حق کسي ڇڏيا آهن، جنهن سبب هو بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن. اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ خاص طور اسان جي پياري ملڪ ۾ شڪاگو جي شهيدن جو ڏينهن ملهايو  پيو وڃي.  ان ڏينهن تي اهي مزدور، پورهيت ويساري نٿا سگهجن جن کي احتجاج ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو. تنهن باوجود نه ته انهن فيڪٽرين جي مالڪن خلاف ڪو ڪيس داخل ٿئي ٿو ۽ نه ئي وري انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وڃي. هن ملڪ واحد سنڌ صوبو آهي،  جتي سرمائيدار پنهنجي حاڪميت قائم ڪري  ويٺا آهن، جن کي نه ڪو چوڻ وارو آهي ۽ نه ئي وري انهن کي ڪو روڪڻ وارو آهي.
اڄ سنڌ ۾ به شگاگو جهڙيون حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن، هتان جا سرمائيدار به مزدورن جو رت پي رهيا آهن جن کي روڪڻ لاءِ وقت جا حاڪم ڪي به قدم نه پيا کڻن، جنهن جي ڪري غريب ماڻهو غربت جي چڪي ۾ پسجي رهيا آهن  ۽ انهن جا ٻچا بک ۽ بدحالي ۾ زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. ڪوٽڙي، خيرپور، نوابشاهه ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا سنڌ ۾ شهر آهن جتي پورهيت کي مناسب اجرت نه پئي ملي ۽ نه ئي انهن کي  8 ڪلاڪ  ڪم ورتو پيو وڃي،  سنڌ اندر ڪيتريون اهڙيون فيڪٽريون  ۽ ملون آهن جتي مزدورن کان جبري طور 10 کان 12 ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي پر حڪومت انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي.  سنڌ اندر اهڙا ڪيترا ادارا آهن جتي مزدورن کان 12 ڪلاڪ کان 14 ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي ۽ انهن کي اجرت به ان حساب سان نه پئي ڏني وڃي. غربت ۽ بدحالي سبب  مجبورن انهن کي ڪم ڪرڻو پئي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن هو هڪ ڏينهن احتجاج ڪندا ته سندس ٻچا بک وگهي مري ويندا ۽  وقت جي حڪمرانن کي ڪا ڪهل به نه ايندي. جنهن سبب اهي احتجاج ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن. جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ ليبر قانون موجود آهي  پر ان تي عمل ٿيندي ڪٿي به نظر نه اچي، جيڪي به ادارا مزدورن جي حقن لاءِ  جدوجهد ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن، اهي  به اکيون ٻوٽي ويٺا آهن. سنڌ اندر رڳو سرمائيدار نه پر  زميدارن جو به به ساڳيو حال آهي سرمائيدار  فيڪٽرين ۽ ملن اندر غريب مزدورن جو رت پي رهيا آهن ته زميدار وري گهٽ اجرت ته هارين کان ڪم وٺي رهيا آهن، جنهن سبب اهي ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندا پيا وڃن.
اڄ جڏهن شڪاگو جي شهيدن جو ڏهاڙو  ملهايو پيو وڃي تڏهن  مون کي ڪوٽڙي ۾ پگهارن لاءِ احتجاج ڪندي شهيد ٿيل  پورهيت جي ياد اچي رهي آهي، جيڪو ديوان ٽيڪسٽائل فيڪٽري ۾  ڪم ڪندو آهي، جنهن کي پگهارن لاءِ احتجاج دوران پوليس اهلڪارن قتل ڪيو هو، جنهن هن وقت تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، ان پورهيت جا وارث اڄ به انصاف لاءِ دربدر  ڀٽڪي رهيا آهن پر وقت جي حاڪمن تي جونءَ به نٿي چري. پيپلزپارٽي حڪومت ۾ به هڪ شخص بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ماري ڇڏيو هو، ڪراچي ۾ به قائم سمورين فيڪٽرين ۾ 12 ڪلاڪ  ڪم ورتو پيو وڃي پر افسوسو جو هن وقت تائين ڪنهن به اداري انهن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي.  حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاهه ۾ به فيڪٽرين ۽ دڪانن تي ڪم ڪندڙ مزدورن کان 12 کان 14 ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي ۽ انهن کي اجرت به  گهٽ ڏني پئي وڃي.  جيڪڏهن  غريب پورهيت احتجاج ڪن ٿا ته کين ٻن ويلن جي ماني لاءِ  ترسڻو پئي ٿو جنهن سبب هو لاڳيتو احتجاج نٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي ڪا اهڙي تنظيم آهي جيڪا انهن جي حقن لاءِ آواز اٿاري، جنهن مان لڳي ٿو  اهو سڀ ڪجهه انهن جي قسمت ۾ لکيل آهي.
جيڪڏهن هن وقت به سنڌ جي پورهيتن  جدوجهد شروع نه ڪئي ته پوءِ  ڪڏهن به اهي پنهنجا حق نه وٺي سگهندا ۽ ائين هونءِءَ  ناانصافين کي برداشت ڪرڻ ۾ پورا هوندا. جيتوڻيڪ هتان جا سرمائيدار ۽ زميدارن  غريبن جو حق کائي رهيا آهن پر  حڪومت به ڪا گهٽ نه ڪئي آهي، حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن به سنڌ اندر فيڪٽريون ۽ ملون قائم ڪري پنهنجا معمولي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ غريب پورهيتن جو مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.جيڪڏهن سنڌ اندر مزدورن جي حقن جي جدوجهد شروع نه ٿئي ته پوءِ ماضي جيان هن وقت سنڌ جي بجيٽ هڙپ ڪئي ويندي ۽ مزدورن کان جبري طور ڪم ورتو ويندو، جنهن سان مزدور طبقو ڪڏهن به خوشحال نه ٿيندو. مزدور ائين پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندا رهندا ۽ سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور هوندا، جيڪڏهن سنڌ جي پورهيتن کي پنهنجي قسمت تبديل ڪرڻي آهي ته اهي روڊن اچن ۽ پنهنجا حق حاصل ڪن.

Friday 29 April 2016

عمران وري ميدان تي، حڪومت پريشان...!!

صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس پيپرز پاڪستاني حڪمرانن جي مٿان وڄ جيان ڪريا آهن، جو سندن رات جون ننڊون به ڦٽي ويون آهن ، سڀ کان وڌيڪ پريشان وزيراعظم نواشريف ئي ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس اولاد جو نالو سڌي ريت پاناما پيپرز ۾ آيو آهي ۽ انهن جي آف شور ڪمپنين جو به ذڪر ٿي رهيو آهي. جڏهن کان عمران خان وزيراعظم نوازشريف خلاف بيان ڏيڻ شروع ڪيا آهن تنهن ڏينهن کان روزانو ڪو  نه ڪو اعلان ٻڌڻ ۾ ملي رهيو آهي. مانسهره ۾ وزيراعظم نوازشريف جلسي کي خطاب ڪندي اڍائي روپيا بجلي سستي ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي جنهن جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي و ئي آهي. نوازشريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ هنن جي حڪومت ناهي پر پوءِ به هو اتي ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهن. نوازشريف بجلي سستي جو اعلان ته ڪري ڇڏيو پر هن وقت بجلي سستي نه پر بجلي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هڪ طرف هيٽ اسٽروڪ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ته مٿان  وري بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنيون ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪري رهيون آهن جنهن جو ڪو به نوٽيس نه ٿو وٺي. عمران خان اثاثا معملوم ڪرڻ لاءِ ته روڊن تي اچي ٿو پر غريبن جي غضب ڪيل حقن بابت هن وقت تائين  ڪو به عملي قدم ناهي ڪري سگهيو. عمران خان جي جلسن ۽ ريلين سبب نوازشريف به وائڙو ٿي ويو آهي، جيڪڏهن هاڻ وزيراعظم عمران خان جا سمورا مطالبا پورا ڪري ٿو ته پوءِ کيس گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو، جنهن مان لڳو پيو ته نوازشريف ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ پاڻ کي عمران جي ڄار مان ڪچڻ لاءِ ڪو دڳ ضرور ڳولي وٺندو. جئين جئين وقت جو ڦيٿو ڦري رهيو آهي تئين تئين نوازشريف جي لاءِ به پريشانيون وڌي رهيون آهن، نوازشريف کي هڪ ٻي به وڏي پريشاني اها تڙپائي رهي آهي ته  سندس دوست المعروف مفاهمتي پاليسي جو باني اڄ ڪلهه لنڊن ۾ علاج هيٺ  آهي، جنهن سان سندس فون تي رابطو به ٿيو آهي.  ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم نوازشريف  لنڊن جي به ياترا ڪئي هئي، جنهن بابت ميڊيا خبرون به نشر ٿيون هيون ، ڪجهه ٽي وي چينلن ذريعن وٽان وزيراعظم ۽ آصف علي زرداري جي ملاقاتن جون خبرون به هلايون هيون جنهن جي نواز ليگ طرفان ترديد به ڪئي وئي هئي. مسلم ليگ ن طرفان اهڙن خبرن کي ڪوڙو به قرار ڏنو ويو هو ۽ بيان ۾ چيو ويو هو ته نوازشريف  ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ ڪا به ملاقات ناهي ٿي.
عمران خان به پنهنجن تقريرن ۽ پريس ڪانفرنسز ۾ نوازشريف کي هدف بڻائي رهيو آهي ۽ سندس موقف آهي ته وزيراعظم جي  اولاد جي دولت  ٻاهرن ملڪن ۾ آهي، جيڪا ملڪ جو  لٽيل مال آهي، اهو پئسو ٻاهر هجڻ سبب ملڪ کي اربين کربين روپيا نقصان ٿي رهيو آهي. عمران خان جي پريس ڪانفرنسز ۽  نوازشريف جي جلسن ۽ تقريبن کي خطاب مان ظاهر آهي ته هاڻ راند صرف ٻن رانديگرن جي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڪو ٽيون وچ ۾ آيو ته اهو لتاڙجي ويندو، ان جو ثبوت  پيپلزپارٽي مان به ملي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن کان پيپلزپارٽي به  نواز شريف کان پاسو ڪري رهي آهي، جنهن جو ثبوت نيويارڪ ۾ ٿيل پيپلزپارٽي جي احتجاج مان ملي ٿو، وزيراعظم نوازشريف کي شايد اها اميد آهي ته آصف علي زرداري  پرڏيهه ۾ ويهي سندس مدد ڪندو يا سعودي بادشاهه ۽ ٻيا عالمي اڳواڻ وزيراعظم نوازشريف کي بچائڻ لاءِ  ڪوششون ڪندا.  انهي غلط فهمي  وزيراعظم نوازشريف عمران خان کي چيلينج ڪري رهيو آهي  ته سندس جمهوري حڪومت ۾ وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، جنهن سان ملڪ جي معيشيت تي به وڏو اثر پيو آهي، نوازشريف پنهنجي مانسهره واري خطاب ۾ چيو ته هو نٿا چاهين ته حالتون خراب ٿين، ڪجهه عنصر  جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ  بنا جواز ننڍڙي ڳالهه کي اشو بڻائي رهيا آهن، جنهن سان جمهوري عمل کي تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي. وزيراعظم نوازشريف  جي چهري تي به پريشاني واضع نظر اچي رهي آهي ۽ سندس آواز به تبديل ٿي ويو آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته کيس ڪو اشارو ملي ويو آهي جنهن کي هو مڃڻ لاءِ تيار نظر نه پيو اچي ۽  پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ مختلف اعلان ڪري رهيو آهي، عمران خان به نوازشريف کي  اهو چيو آهي ته هڪ ئي منصوبي کي ٻه ڀيرا افتتاح نه ڪيو وڃي.  عمران خان هڪ دفعو ٻيهر  وزيراعظم نوازشريف کان اهو مطالبو ڪيو آهي ته هو استعيفيٰ ڏئي ۽  چونڊون ڪرائي ته جئين ڪو ٻيو ايماندار شخص اچي ملڪ سنڀالي.
وزيراعظم نوازشريف جو اهو سوال پنهنجي جڳهه ته اهم  آهي ته آخر نئون پاڪستان ڪٿي ٺهي رهيو آهي، جنهن جو جواب شايد عمران خان  وٽ به نه هجي، عمران خان ماضي ۾ تبديلي جو  نعرو هنيو هو ۽ چيو هو ته تبديلي آ نهي گئي آ گئي هي،  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تبديلي  واري نعري ته ملڪ اندر وڏي مقبوليت ماڻي جهڙي ريت 1973ع کان پوءِ پيپلزپارٽي جي نعري اٽو لٽو اجهو ( روٽي، ڪپڙا، مڪان ) مشهور ٿيو هو.  تحريڪ انصاف سربراهه عمران جڏهن کان تبديلي جو نعرو هنيو آهي ان ڏينهن کان ملڪ ۾ جلسن ۽ جلوسن ۾ اڳواڻن جي خطاب دوران گانا هلائڻ جي روايت به پئجي  وئي آهي، جيڪا به وڏي تبديلي آهي، ڇاڪاڻ ته عوام کي هاڻ جلسن جلوسن ۾ ٿورو انٽرٽينٽمنٽ مليويو  آهي، جيڪو اڳ نه هو.  هڪ ٻي به وڏي تبديلي نظر اچي رهي آهي جيڪا هتي لکڻ ضروري سمجهيو  آهي اها تبديلي عمران جي جلسن ۾  اها آهي ته  عمران جي جلسن ۾ عورتن تان بدتميزي ٿيندي آهي ۽ ان کي اردو ميڊيا (دهمڪ پيل )جي نالي سان هلائيندي آهي ان لفظ جي معنيٰ ته سمجهه ۾ ته ناهي اچي سگهي پر ايترو ضرور چوندس ته  جڏهن جلسن ۾ عورتن سان اهڙو سلوڪ ڪيو وڃي  جنهن سان نارين کي روئڻو پوي ۽ ان کي تبديلي جو نالو ڏنو وڃي ته اهو سڀ کان وڏو زوال آهي. عمران خان جي جلسن ۾ نه ته ڪي عورتن لاءِ ڪي جدا  ويهڻ  جو بندوبست ڪيو ويندو آهي ۽ نه وري انهن کي سيڪيورٽي فراههم ڪئي ويندي آهي، ڪجهه ڏينهن عمران خان جي ٿيل جلسي ۾ جهڙي ريت عورت سان بدسلوڪي ڪئي وئي ۽ ميڊيا  ان کي ڏيکاريو جنهن سان ان عورت جي به تذليل ٿي ۽ ان سان گڏ پارٽي جي  پت به وائکي ٿي وئي آهي ته ان پارٽي ۾ اهڙا نوجوان به آهن، جيڪي عورتن جي عزت به  نه پيا ڪن. جيتوڻيڪ عمران خان  ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي پر لڳي نٿو ته  هو اهڙن بدمست نوجوانن کي قابو ڪري سگهي.
پاناما ليڪس معاملو ختم ٿئي يا نه ٿئي پر جنهن ريت ملڪي معيشيت کي نقصان پهچي رهيو آهي، شايد ان جو اندازو ڪنهن کي به نه هوندو. پيپلزپارٽي به سنڌ اندر پنهنجي مرضي سان بل پاس ڪري رهي آهي ۽ انهن جي هڪ وڏي پريشاني به  ڪافي حد  تائين ختم ٿي چڪي آهي،  اها پريشاني ختم ڪرڻ وارو ٻيو نه پر هتان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ئي آهن، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ڪراچي اندر هر روز هڙتال  ڪئي  ويندي هئي ۽ هميشه نفرت پکيڙيندڙ شخص جون  تقريرون ٻڌڻ لاءِ ملنديون هيون جنهن تي هن وقت تائين پابندي لڳل  آهي.  جنهن جي ڪري پيپلزپارٽي  سک جو ساهه کڻي رهي آهي پر افسوس  جو  ان سڪون واري پل ۾ آصف علي زرداري موجود نه آهي، جنهن سبب سنڌ اندر ٻيو ڪو  وڏو اشو ناهي ٿي سگهيو، وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ نه جهڪندا، شازشي عنصر پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ٿيندا. پر وزيراعظم هن وقت تائين  عمران خان جي مطالبي کي ناهي مڃيو، جنهن مان لڳي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ اڃان وڌيڪ نوازشريف لاءِ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون ۽ کيس گهر ڀيڙو به ٿيڻو پئجي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته عمران خان جو نئون پاڪستان جلد مڪمل ٿي رهيو آهي،  پر هن وقت تائين عمران خان طرفان اهو ناهي ٻڌايو ويو ته اهي ڪهڙا ڪهڙا صوبا آهن جيڪي  سندس نئين پاڪستان ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هاڻ جڏهن عمران نئين پاڪستان جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي تڏهن هر هڪ صوبي جي ماڻهو کان راءِ وٺي ته ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ساڻس گڏ آهن جيڪي پراڻي پاڪستان کي ڇڏي سندس نئين پاڪستان ۾ شمار ٿيندا. 

Daily sindh sujag, Sahib khan bhatti article

daily tameer e sindh newspaper, Sahib khan bhatti article

Daily sobh, Sahib khan bhatti article

Daily Fast times larkana, Sahib khan bhatti

Daily Awami Awaz, Sahib khan bhatti article

Daily jeejal, sahib khan bhatti

Daily Waka, sahib khan bhatti article

Daily wafa e sindh, sahib khan bhatti article

Thursday 28 April 2016

ٽي او آرز جي منظوري ۽ عمران جي ريلي

صاحب خان ڀٽ
پاناما ليڪس  جي پهرين ٽريلر ئي پاڪستان اندر وڏو ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي جو وزيراعظم نوازشريف کي قوم کي  ٻه ڀيرا اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ خطاب ڪرڻو پيو پر اهو معاملو اڃا پنهنجي انجام تي پهتو ئي نه هو ته وري مٿان پاناما ليڪس ٻيهر 9 مئي تي وڌيڪ 400 سئو پاڪستانين  جي آف شور ڪمپينين ۽ اڪائونٽن تان پردو کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ دنيا جي 2 سئو ملڪن سان لاڳاپايل ڪمپنين، فائونڊيشنز ۽ شخصيتن جا نالا شامل آهن، جنهن بعد هڪ دفعو ٻيهر مختلف سياسي، سماجي پارٽين جي اڳواڻن سميت واپارين ۾ هڪ بي چيني پکڙجي وئي آهي،  وفاقي ڪابينا به پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اماڻيل ٽرمز آف ريفرنسز ( ٽي او آرز )  جي قطعي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن  دوران اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته  انهن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ڪئي ويندي. جڏهن ته پ پ ۽ بار ايسوسيئيشن ۾ ٽي او  آرز تي اتفاق ڪيو ويو آهي، خورشيد شاهه جي سربراهي هيٺ سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي ٿيل گڏجاڻي ۾ سرڪاري مول متن کي رد ڪري آرڊيننس تحت آزاداڻي ڪميشن مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيد علي ظفر طرفان چيو ويو آهي ته حڪومت جي انڪوائري ڪميشن جي مول متن تي کين تمام گهڻا خدشا آهن، هاڻ ڏسڻو اهو  آهي ته ڇا  نواز مخالف ڌريون ان فيصلي تي راضي ٿينديون يا وري اهو ساڳيون ممڻ متل هوندو.  ڇاڪاڻ ته  وزيراعظم نوازشريف جا مخالف هاڻ هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا آهن، جنهن جو مثال عمران خان جي  24  اپريل واري جلسي  مان  ملي ٿو. جماعت اسلامي  جو امير سراج الحق  به 24 اپريل وزيراعظم نوازشريف  جي احتساب جو مطالبو ڪيو  هو. پيپلزپارٽي به هاڻ انهن جو ساٿ ڏيڻ تي مجبور ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته جن به ماڻهن جا نالا پاناما ليڪس ۾ آيا آهن انهن دنيا اندر خلاف  ممڻ متل آهي ۽ انهن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، پر سعودي عرب ۽ ڀارت ۾ هن وقت تائين پاناما ليڪس پيپرز  بابت عوام جو ڪو به رد عمل سامهون ناهي اچي سگهيو آهي،
                        جيتوڻيڪ سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز  سميت سعودي جي ٻين اهم اڳواڻن جا نالا شامل آهن ، ان  باوجود  اتي ٺاپر آهي، ڇاڪاڻ تي  ماضي ۾ به جيڪي  به سعودي اندر احتجاج ٿيا آهن، انهن احتجاج ڪندڙن  جي آواز کي دٻائڻ لاءِ  هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي هئي، ايتري قدر جو احتجاج  ڪرڻ  تان هڪ  اڳواڻ کي ڦاهي به ڏني وئي هئي. هاڻ اتي ڪرپشن توڙي ملڪي ناڻو لٽيندڙن خلاف عوام  جو روڊن تي اچڻ هڪ سواليا نشان بڻيل آهي ۽ اتان جي عوام به شايد ڪڏهن نه چاهيندي ته  پاناما ليڪس پيپرز ۾ نالي اچڻ سان هو پنهنجي ملڪي  کي خراب حالتن ڏانهن ڌڪين ۽ معيشيت کي تباهه ڪن. افسوس جي ڳالهه آهي ته پاناما ليڪس واري معاملي بعد وزيراعظم نوازشريف جو بيان آيو آهي ته ملڪ اندر قرض معاف ڪرائيندڙن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي،  ان جو مطلب ته وزيراعظم نوازشريف وٽ انهن سڀني ماڻهن جي نالن جي فهرست موجود آهي، جن ماڻهن  سرڪاري بينڪن مان قرض کڻي پوءِ معاف ڪرايو آهي ۽ انهن  ۾ به ٿرٿلو مچي ويو آهي،  جيڪڏهن وزيراعظم نوازشريف جي اولاد خلاف اڃان وڌيڪ  جاچ ٿي يا انهن خلاف ڪارروائي لاءِ دٻاءُ وڌيو ويو ته پوءِ لڳي ٿو نوازشريف انهن سياسي اڳواڻن جا  نالا پڌرا ڪندو جن بينڪن مان قرض کڻي بعد ۾ معاف ڪرايا آهن. هن وقت وزيراعظم جا اهڙا بيان ڪا به معنيٰ نه پيا رکن ڇاڪاڻ ته  سندس نالو پاناما ليڪس ۾ اچڻ بعد قوم جو اعتماد ختم ٿي ويو  آهي، جنهن سبب هن وقت تائين  قرضو معاف ڪرائندڙن خلاف  عوام ڪارروائي جو  مطالبو نه ڪيو آهي.  جيڪڏهن انهن قرض کڻي معاف ڪرائيندڙن سياستدانن  خلاف ڪارروائي ٿئي  ته پوءِ  شايد ماحول ۾ ٿورڙي ٺاپر اچي سگهي، جيڪڏهن انهن کان اهو قرض ٻيهر واپس ورتو وڃي ته ملڪ جون حالتون به سڌري سگهن ٿيون. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ملڪ اندر اهڙا ڪيترائي سياستدان آهن جن بينڪن مان پنهنجي اولادن، مٽن، مائيٽن ۽ دوستن کي قرض ڏياريو ۽ بعد ۾ معاف ڪرائڻ ۾ مدد به ڪئي آهي،  جنهن سان ملڪ  هن وقت ته آءِ ايم ايف جو قرضي بڻيل آهي. بدقسمتي سان گذريل ڪيتري عرصي کان اسان جو ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ دٻجندو پيو وڃي، جنهن مان ڪڍڻ لاءِ هن وقت تائين ڪنهن به  قدم ناهي کنيو. جمهوري حڪومت هجي يا نه، ملڪ کي قرض ضرور ملندو آهي، جنهن سبب ملڪ جو هر هڪ فرد هن وقت به قرضي بڻيل آهي، جمهوري حڪومت يا ٻئي ڪا حڪومت هجي جڏهن به قرض کنيو ويندو آهي ته ان جي سزا صرف عوام کي ڀوڳڻي پوندي آهي. وڏيون سهولتون حاصل ڪندڙ اسٽيبلشمينٽ  ۾ ويٺل ڪامورا  صرف آءِ ايم ايف کان قرض ته کڻن ٿا پر اهو قرض هن وقت تائين لاهڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي  ۽  اهي ڪامورا  صرف پنهنجي عياشين  ۾ پورا آهن.
پي ٽي آءِ سربراهه عمران 24 اپريل واري جلسي بعد سنڌ  مان ڪرپشن مٽايو ۽ ملڪ بچايو  ريلي جي شروعات جو اعلان ڪيو هو ۽ اها ريلي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي پر سوچڻ جي اها ڳالهه ته  پي ٽي آءِ سربراهه  عمران خان کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو رخ ڪرڻ جو ڪنهن مشورو ڏنو آهي. بهر حال اها خبر  پي ٽي آءِ ۽ عمران کي ئي هوندي ته انهن جي  سنڌ مان شروع ڪيل  ريلي جا مقصد ڪهڙا آهن.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي  ڪرپشن مٽايو ملڪ بچايو واري ريلي سنڌ کان نه پر پنجاب کان شروع ڪئي وڃي ها ته بهتر هجي ها ڇاڪاڻ ته وزيراعظم نوازشريف  جو تعلق به پنجاب سان آهي ۽ سندس هر احتجاج  ۽ بيان به وزيراعظم ئي خلاف هوندو آهي ته پوءِ  اوچتو عمران خان کي پنهنجي توپن جو رخ  سنڌ ڏانهن ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي؟، پيپلزپارٽي  جي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانديو ته  پنهنجي بيان چيو هو ته عمران خان ڀلي سنڌ اچڻ جي خواهش پوري ڪري  ڏسي هو اڳ به سنڌ آيو هو پر کيس موٽ  نه ملي هئي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي اهڙن بيانن مان لڳي پيو ته اڃان وڌيڪ  سياسي مانڌاڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي هڪ طرف پيپلزپارٽي آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ وزيراعظم نوازشريف  خلاف پي ٽي آءِ سان گڏ احتجاج ڪري ٿي ته ٻي طرف سندن پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ پي ٽي آءِ خلاف بيان ڏئي رهيا آهن، سمجهه ۾ اها ڳالهه نٿي اچي ته آخر  اهي پارٽيون هڪ هنڌ گڏ ڪئين ٿيون آهن. اهڙن بيانن مان لڳي ٿو ته پارٽيون صرف بيانن تائين گڏ ٿيون آهن عملي طور اهي هڪ ٻئي خلاف آهن.پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان وزيراعظم نوازشريف پٺيان هٿ ڌوئي پئجي ويو آهي ۽ هو پنهنجي هر خطاب ۾ سندس خلاف ئي ڳالهائيندو آهي جنهن بابت به اهو چيو وڃي ٿو ته عمران خان کي نوازيريا ٿي ويو آهي، جنهن سبب هو هر وقت نواز نواز ڪندو رهندو ۽ کيس سندس اثاثن جي تمام گهڻي ڳڻتي آهي. 
جيڪڏهن پاناما ليڪس بابت ملڪ اندر صاف شفاف جاچ ٿئي ته پوءِ ڪو به ٽيڪس چور سزا کان نه بچي سگهندو  ۽ اهي شخص به نه بچي سگهندا جن قرض کڻي معاف ڪرايو آهي.  افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ملڪ اندر نيب  جي هجڻ باوجود هن وقت تائين پنجاب ۾ ڪارروائي ناهي ٿي سگهي،  سنڌ مان ته ڪيترائي ماڻهو ڪرپشن ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن پر پنجاب ۾ هن وقت تائين  ڪنهن به وزير کي حراست ۾ ناهي ورتو ويو. جنهن مان به اهو لڳي ٿو هتان جا ادارا پنهنجو فرض درست نموني ادا نه پيا ڪن.  جيڪڏهن قانون تي عمل ٿئي ۽ هر هڪ جو احتساب ڪيو وڃي ها ته پوءِ هن ملڪ جون حالتون تبديل ٿي وڃن ها. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي قيام کان وٺي هن وقت تائين ڪنهن به بااثر شخص جو احتساب ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب ڪرپشن ۽ بدامني جو راڄ رهيو آهي. جيڪڏهن ادارن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ جو مڪمل اختيار ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته پوءِ  ملڪ جون اهڙيون حالتون نه هجن ها جيڪي هاڻ آهن.  گذريل ڏينهن  ميڊيا تي خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته پاناما ليڪس پيپرز  وارن  غلطي سان وزيراعظم نوازشريف جو نالو ڇاپيو هو، جنهن بعد هاڻ انهن نوازشريف جو نالو هٽائي ڇڏيو آهي ۽ معافي به ورتي آهي. اهڙين خبرن بعد انٽرنيشنل ڪنسور شيم آف انويسٽي گيٽيو  جرنلسٽس (آءِ سي آءِ جي ) خانگي اخبار جي خبرن کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ڪنسور شيم جي ميمبر رئل جيراڊ جو بيان سامهون آيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف جو نالو ڏيڻ جي حوالي سان هنن ڪا به معافي ناهي ورتي ۽ نه ئي ڪا معذرت ڪئي اهي. رئل جيراڊ ايميل ۾ لکيو ويو آهي ته  وزيراعظم نوازشريف جو نالو سندس والاد جي آف شور ڪمپنين  سبب سامهون آيو، جنهن تي هنن ڪا به معذرت ناهي ڪئي. ڪنسو شيم جي ميمبر چيو آهي ته اخبار جي خبر مان  کيس لڳي ٿو ته وزيراعظم جو نالو رپورٽ مان هٽايو ويو آهي، جنهن سبب اهڙيون گمراهه ڪندڙ خبرون نشر ٿي رهيون آهن.  جيڪڏهن  ڏٺو وڃي ته وزيراعظم نوازشريف جو نالو ڀلي کڻي رپورٽ ۾ نه هجي يا وري غلطي سان لڳو هجي پر سندس اولاد هاڻ ميڊيا تي ويهي  آف شور ڪمپنين جو اعتراف به ڪيو آهي،  جيڪڏهن فراري رکندڙن جو احتساب ٿي سگهي ٿو  ته پوءِ وزيراعظم نوازشريف کي به  سندس اولاد خلاف اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ جي اجازت ڏيڻي پوندي ته  جئين ٻهير ملڪ ۾  الزامن واري سياست ختم ٿئي ۽ ملڪ ترقي طرف وڌي.
جيتوڻيڪ   پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان هن وقت تائين سنڌ ۾ پنهنجي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ناهي ڏيکاريو سگهي پر سندس حامين ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته شاهه محمود جا مريد ۽ سنڌ جا بااثر وڏيرا هاڻ پي ٽي آءِ ۾ داخل ٿي رهيا آهن جنهن سان پيپلزپارٽي کي وڏو ڌچڪو رسي رهيو  آهي،  ڪجهه تجزيا نگارن جو خيال آهي ته عمران خان کي ڪرپشن مٽايو، ملڪ بچايو ريلي جي شروعات ڪراچي کان نه پر  رائيونڊ کان ڪرڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته  انهن اڳواڻن جو نالوئي  پاناما ليڪس پيپرز ۾ آيو آهي جيڪي رائيونڊ جا حاڪم بڻيل آهن. بني گالا جي بادشاهه عمران خان  جي ڪرپشن  مٽايو، ملڪ بچايو ريلي ۾ هن وقت تائين ماڻهن جو انگ ته ناهي وڌي سگهيا پر شاهه محمود قريشي پنهنجا بيان هر هنڌ ڏيندو اچي ٿو ته جتي به پهچي ٿو. جنهن شهر ۾ هو قدم رکي ٿو اتي ڪنهن نه ڪنهن ميڊيا جي ماڻهو سان ضرور ڳالهائي ٿو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا عمران خان وزيراعظم نوازشريف جي ٽي او آرز  جي منظوري بعد انڪوائري ڪميشن کي قبول ڪندو يا ان تي پهاڙ جيڏا سوال کڙا ڪندو، ڇاڪاڻ ته واحد عمران خان آهي جيڪو ملڪ اندر تبديلي آڻڻ جو خواهشمند آهي پر سندس انهي تبديلي هڪ وڏو نقصان به ٿي رهيو آهي،  هڪ طرف هن ملڪ کي اسلامي ملڪ سڏيو وڃي ٿو ته ٻي طرف وري عمران خان جي جلسن جلوسن ۾ جيڪو رويو عورتن سان اختيار ڪيو وڃي ٿو ته اهو انتهائي خراب آهي، سندس جلسي ۾ نه ڪي عورتن لاءِ ڪو ڌار پنڊال هوندو آهي ۽ نه ئي وري انهن جي ويڙهڻ لاءِ ڪو جدا بندوبست ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب ڇوڪرين سان لوفر ۽ بدمعاش نوجوان دهمڪ پيل واريون حرڪتون ڪندا آهن ، جنهن سبب انهن کي روئڻو پوندو آهي، جنهن جون خبرون ميڊيا تي به ڀريون پيون آهن ، هاڻ وقت ئي ٻڌائندو ته  عمران خان کي سنڌ مان شروع ڪيل ڪرپشن مٽايو، ملڪ بچايو ريلي مان ڪيتري موٽ ملي ٿي.

Wednesday 27 April 2016

Daily Tameer e sindh, Sahib khan bhatti

Daily Tameer-e-sindh, Sahib khan hbatti

Daily Fast Times, Sahib khan bhatti

Daily Mehran, Sahib khan hbatti

Daily Waka, Sahib khan hbatti

Daily appeal, Sahib khan hbatti

Daily sobh, Sahib khan bhatti article

Daily Mehran, Sahib khan bhatti article

Daily Awami Awaz, Sahib khan bhatti article

Daily Waka, Sahib khan bhatti article

Daily Wafa e sindh, Sahib khan bhatti article

Daily jeejal, Sahib khan bhatti article

Daily Fast times, Sahib khan bhatti article

Daily jeejal, Sahib khan bhatti article

Daily waka, Sahib khan bhatti article

Daily Barkha, Sahib khan bhatti article

Daily sindh, Sahib khan bhatti article

daily Barkha, Sahib khan bhatti article

Daily awami mahaz, Sahib khan bhatti article

Tuesday 26 April 2016

برازيلي صدر جو مواخذو ۽ پاڪستاني حڪمران

صاحب خان ڀٽي
هڪ طرف ملڪ جا حڪمرانن پاناما ليڪس پيپرز کانپوءِ  منجهاري جو شڪار آهن ته ٻي طرف وري مختلف سياسي تنظيمون  کانئن استيعفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن، اهڙي صورتحال برازيلي صدر دلما روزيف جي به آهي، جنهن کان به مخالف ڌر جا اڳواڻ استيعفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ سندس خلاف  ايوان مان مواخذي جي تحريڪ شروع ڪرڻ وارو ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف وري دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ پاناما ليڪس پيپرز ۾ جن به ملڪن جي سربراهن جا نالا آيا آهن انهن مان  ڪجهه اڳواڻن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ته ڪي وري مختلف جاچ ڪميٽيون جوڙي معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ مصروف آهن. اهڙي صورتحال اسان جي ملڪ جي به آهي، عوام جي به اها ئي خواهش  آهي ته ملڪ اندر  هر هڪ ماڻهو جو احتساب ٿيڻ گهرجي جن ملڪ جو  لٽيل ناڻو ٻاهرن ملڪن ۾ لڪائي رکيو آهي. هونءَ ته ملڪ اندر  نوازشريف کي ڪيترائي چيلينج هئا پر هاڻ عالمي سطح تي جڏهن سندس خاندان جي ٽن ڀاتين  جو نالو پاناما ليڪس ۾ آيو آهي تڏهن کيس ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن لاءِ کيس لنڊن مان علاج به ڪرائڻو پيو هو. پاناما ليڪس پيپرز کانپوءِ پاڪستان ۾ وزيراعظم نوازشريف کان به استعيفيٰ جي گهر ڪئي پئي وڃي، جنهن لاءِ تحريڪ به شروع ڪئي وئي آهي. جنهن مان لڳي ٿو وزيراعظم نوازشريف کي وچ مدي واري چونڊ  ڪرائڻي پوندي جنهن جي کيس تجويز به ڏني وئي هئي، ڏينهون ڏينهن نوازشريف جو گهيرو تنگ ٿيندو  پيو وڃي ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس پيپرز  حڪمرانن لاءِ  اهڙو گرهه بڻجي چڪو آهي جنهن کي نه هو ڳيهي سگهن ٿا ۽ نه ئي وري ٻاهر ڪڍي ٿا سگهن. ان لاءِ   کين جلد کان جلد ڪو نه ڪو فيصلو ضرور ڪرڻو پوندو.
برازيل جون به حالتون ڪجهه مختلف نه آهن ڇاڪاڻ ته دنيا اندر جتي پاناما جو ممڻ متل آهي ته اتي وري برازيل ۾ ملڪي معيشيت کي نقصان پهچائيندڙن  خلا ف مواخذي جي تحريڪون شروع ڪيون پيون وڃن. برازيل ۾ به اپوزيشن جماعتون احتجاج ڪري رهيون آهن جن جو مطالبو آهي ته برازيلي صدر دلما روزيف ملڪي معيشيت کي نقصان پهچايو آهي، جنهن  لاءِ کيس استيعفيٰ ڏيڻ گهرجي،  برزايلي صدر دلما روزيف سياسي بحرانن جي ور چڙهڻ باوجود همت ناهي هاري. برازيلي صدر ڊلما روزيف خلاف به  پارليامينٽ ۾ مواخذي جي تحريڪ  هلائڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، پارليامينٽ ۾ ميمبرن اڪثريت سان ووٽ ڏئي ٺهراءُ جي منظوري ڏني آهي. جنهن تحت پارليامينٽ ۾ سندس خلاف مواخذي واري تحريڪ تي راءِ شماري ڪرائي ويندي. برازيلي صدر ڊلما روزيف گڏيل قومن سان رابطو ڪيو آهي، جنهن  دوران ڊلما روزيف ۽ موقف اختيار ڪيو آهي ته هنءَ ڪو به اهڙو غلط قدم ناهي کنيو جيڪو بغاوت جي زمري ۾ اچي. ڊلما روزيف گڏيل قومن کي اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن سندس خلاف تحريڪ شروع ٿي ته ملڪ اندر ڇڪتاڻ وڌي ويندي. جيتوڻيڪ ڊلما روزيف گڏيل قومن سان رابطو ڪيو آهي پر هن وقت وقت تائين کيس ڪا به خاطري ناهي ڪرائي وئي. پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ ميمبرن اڪثريت سان ووٽ ڏنا آهن جنهن تحت پارليامينٽ ۾ صدر ڊلما روزيف جي مواخذي تي راءِ شماري ڪرائي ويندي، جنهن بعد سندس خلاف مواخذي جي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڊلما روزيف خلاف برازيلي اپوزيشن جماعتون ڪامياب ٿي وينديون يا وري انهن جو شروع ڪيل احتجاج صرف احتجاج ئي رهجي ويندو. برازيلي عوام به جون به نظرون ان معاملي تي لڳيون پيون آهن ته جلد کان جلد ڊلما روزيف خلاف جاچ ڪئي و ڃي ڇاڪاڻ ته ڊلما روزيف جي حامين جي به  وڏي اڪثريت آهي،  اهو ئي سبب آهي جو برازيل ۾ ڊلما روزيف جي حامين ۽  مخالفن وچ ۾ چڪريون ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن ڊلما روزيف  کي صدارتي عهدي تان هٽايو ويو ته ملڪ اندر حالتون ڇڪتاڻ واريون ٿي وينديون، انهي جي ڪري اتان جي اسٽيبلشمينٽ به اهو ئي چاهي ٿي ته اپوزيشن جماعتن جي شروع ڪيل تحريڪ کي جلد کان جلد پنهنجي انجام تائين پهچي. جيڪڏهن برازيل ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ته پوءِ مواخذي جي تحريڪ ۾ وڌيڪ عدم استحڪام پيدا ٿيندو ۽ ملڪ اندر افراتفري پکڙجي ويندي ۽ هر طرف حالتون خراب ٿي وينديون ۽ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ اسٽيبلشمينٽ جي وس کان ٻاهر ٿي و يندو.  آخر اهڙو ڪهڙو سبب هو جو صدر ڊلما روزيف خلاف برازيل ۾ مواخذي جي تحريڪ شروع ڪئي وئي ۽ اپوزيشن جماعتن کي صدر جو گهيرو تنگ ڪرڻ پيو. جيڪڏهن برازيل جو آئين پڙهنداسين ته ان ۾ لکيل آهي ته  ڏوهي غفلت ڪندڙ حڪمرانن جو مواخذو ٿي سگهي ٿو. برازيل جي آئين ۾ اهو به لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪو وزير قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ وارا قدم کڻي يا وري بجيٽ قانون جون ڀڃڪڙيون ڪري ته ان خلاف به مواخذي جي تحريڪ  هلائي سگهجي ٿي. برازيل ۾ 1992ع ۾ اڳوڻي صدر فرنانڊو ڪولر ڊي ميلو خلاف به مواخذي جي تحريڪ هلائي وئي هئي جنهن بعد کيس عهدي تان هٽايو ويو هو ۽ هاڻ موجوده صدر ڊلما روزيف خلاف به پارليامينٽ ۾ تحريڪ شروع ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي ، جنهن کي مئي ۾ سينيٽ ۾ پاس ڪرائڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته برازيلين سينيٽ چيو آهي ته صدر ڊلما روزيف خلاف مواخذي جي تحريڪ هلائڻ يا نه هلائڻ جو فيصلو 21 رڪني ڪيمشن ڪندي. ٻي طرف برازيلي ميڊيا تي اهي خبرون آهن ته برازيلين صدر ڊلمار روزيف تي رشوت جي رقم سان چونڊ مهم هلائڻ جو الزام آهي، برازيلين ميڊيا موجب صدر روزيف جي مواخذي بابت مئي جي پهرين هفتي ۾ ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ ووٽنگ ٿيندي، جيڪڏهن ڪميشن مواخذي جي تجويز ڏني ته پوءِ سينيٽ ۾ ٻيهر راءِ شماري ڪرائي ويندي، ٽرائل کانپوءِ سينيٽ فيصلو ڪندي ته صدر کي مستقل طور عهدي تان هٽايو وڃي يا نه ؟.
جيڪڏهن سينيٽ جي 81 ميمبرن مان 41 ميمبرن مواخذي جي حق ۾ ووٽ ڏنا ته ڊلمارو روزيف کي معطل ڪيو ويندو . پرڏيهي ميڊيا جي سروي موجب برازيل جي عوام اڪثريت سان ڊلمار روزيف ۽ نائب صدر مائيڪل ٽيمر جي استعيفي جو مطالبو ڪيو آهي.جيتوڻيڪ  اپوزيشن جماعتون ڊلما روزيف تي غير قانونر طور  سرڪاري بينڪن مان قرض کڻي بجيٽ خسارو لڪائڻ جو الزام لڳائي رهيون آهن پر صدر ڊلما روزيف ان ڏوهه کي مڃڻ کان انڪار ڪندي رهي آهي. ڊلما روزيف جو طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ماضي ۾ به حڪومتون به اهو ڪم ڪنديون رهيون آهن پر سندس خلاف واويلا ڪئي پئي وڃي، ماضي جي حڪومت خلاف ڪا به تحريڪ نه هلائي وئي هئي پر سندس خلاف بنا جواز تحريڪ هلائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. هوڏانهن وفاقي حڪومتي بجيٽ جو جائزو وٺندڙ ٽريبونل اڪٽوبر ۾ صدر جو  موقف رد ڪري ڇڏيو هو ، ٻڌڻ ۾ آهي ته 1930ع ۾ قائم ٿيل ٽربيون جو هي پهريون اهڙو قدم آهي. برازيلي اخبار فولهاڊي سائوپلو  لکيو آهي ته 2001ع کان 2008 تائين ڊلما روزيف جي صدر ٿيڻ کان اڳ ملڪ جي بجيٽ بابت قرضي حڪومتي جي آمدني جو 0.4 سيڪڙو هو. ڊلما روزيف ٻيون ڀيرو 2014 ع ۾ صدر بڻي هئي ۽ ان وقت قرضن جي شرح 5.1 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي پر صدر ڊلما روزيف اهڙين خبرن جي ترديد ڪندي رهي آهي.  جڏهن ته اپوزيشن جماعتون اهي رڙيون ڪري رهيون آهن ته ملڪ  معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن لاءِ سندس خلاف مواخذي جي تحريڪ شروع ڪرڻ وقت جي ضرورت  آهي. جيتوڻيڪ برازيلي اپوزشن اڳواڻ صدر ڊلما روزيف خلاف تحريڪ شروع ڪري رهيا آهن پر اهي هن وقت تائين ڪي اهڙا ثبوت ميڊيا آڏو پيش ڪري ناهن سگهيا، اپوزيشن جماعتن جو چوڻ آهي ته بجٽي قانون جون ڀڃڪڙيون انتهائي سنگين آهن. جڏهن ته ڊلما روزيف جو اهو موقف آهي ته مواخذي جي ڪارروائي جو مقصد صدر جي سياسي ٽرائيل ڪرڻ جي برابر آهي. جيتوڻيڪ ڊلما روزيف برازيل جي جمهوري تاريخ جي مشهور اڳواڻ ته نه آهي پر سندس کنيل قدمن سبب برازيل جي اڪثريت ساڻس گڏ ضرور آهي اهو ئي سبب آهي جو برازيل ۾ روزانو ڊلما روزيف جا حامي ۽ مخالف تنظيمن جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿي رهيا آهن جن کي ڪنٽرول ڪرڻ برازيل جي حڪومت جي وس کان ٻاهر نڪري نظر پيو اچي. هوڏانهن برازيلي صدر ڊلما روزيف جو سرڪاري تيل ڪپنبي پيٽر براس ۾ ڪرپشن جو بدترين سڪينڊل سامهون آيو آهي، جنهن بابت لڳايل الزامن جي جاچ جو سلسلو هن وقت جاري آهي. ان اسڪينڊل ۾ حڪومتي ڪيترائي اڳواڻ به ملوث آهن. ڊلما روزيف تي پيٽرو براس جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ ٺيڪدارن  سان ملي ڀڳت ڪري رشوت ۽ ڪڪ بيڪس حاصل ڪيو. جتيوڻيڪ ڊلما روزيف تي سڌي ريت ڪنهن به ڏوهه جو الزام ناهي پر سندس صدارتي دور ۾ غير قانون ڪم ٿي رهي هيا  ۽ هوءَ ان وقت پيٽرو براس جي سربراهه هئي. جنهن سبب سندس خلاف مواخذي جي تحريڪ شروع ڪرڻ لاءِ اپوزيشن اڳواڻ روڊن تي نڪري آيا اهن.
هاڻ ڏسڻو اهو  آهي ته ڇا پاناما ليڪس بابت ملڪي عوام وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو يا وري  اهو معاملو ڪجهه عرصي بعد ختم ٿي ويندو. برازيلي صدر ڊلماروزيف  به ملڪ اندر بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي ، اتان جي عوام به روڊن تي نظر اچي پئي جيڪڏهن برازيلي عوام کيس استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته پوءَ برازيل ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وينديون. چونڊن تي ياد آيو ته وزيراعظم نوازشف کي به وچ مدي واريون چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
sahibalisindhi@gmail.com

هاڻ ڏسڻو اهو  آهي ته ڇا پاناما ليڪس بابت ملڪي عوام وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪن ٿا يا وري  اهو معاملو ڪجهه عرصي بعد ختم ٿي ويندو. برازيلي صدر ڊلماروزيف  به ملڪ اندر بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آهن اتان جي عوام به روڊن تي نظر اچي پئي جيڪڏهن برازيلي عوام کيس استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ڪامياب ڪرڻ ۾ ڪاميب ٿئي ٿي ته پوءَ برازيل ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وينديون. چونڊن تي ياد آيو ته وزيراعظم نوازشف کي وچ مدي واريون چونڊون ڪرائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.