Pages

Tuesday 31 January 2017

Sahib Khan Bhatti in Daily Tameer-e-sindh head office


Sahib Khan Bhatti in Daily Tameer-e-sindh head office


Sahib Khan Bhatti in Daily Tameer-e-sindh head office


Daily Mehran Hyderab, Sahib khan bhatti article


سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت

صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي نظام ۾ بهتري لاءِ هن وقت تائين جيڪي به قدم کنيا ويا آهن اهي صرف ڪاغذن تائين محدود رهيا آهن، حڪومت هميشه اهي دعوائون ڪندي رهي آهي ته  هنن سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن ۽ کڻي رهيا آهن پر ان باوجود سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن م اسڪول بند پيل آهن ۽ جيڪي اسڪول کليل به آهن ته اتي استاد مقرر ئي نه ٿيل آهن، ڪجهه اسڪول ته اهڙا به آهن جيڪي وڏيرن ۽ بااثرن جون اوطاقون بڻيل آهن، هونءَ  ته تعليم جي سڌاري لاءِ حڪومت هميشه اهي دعوائون ڪندي رهي آهي ته هنن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کنيا آهن، جيڪڏهن اسان سنڌ جي اسپتالن ڏانهن به ٿوري نظر ڦيرائنداسين ته اتي به حڪومت جي پت وائکي ٿي ويندي. اڄ ڪلهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تعليمي جاڳرتا لاءِ مهم به هلي رهي آهي اهو به هڪ سٺو عمل آهي پر جيڪي ماڻهو تعليمي جاڳرتا لاءِ مهم هلائي رهيا آهن انهن کي گهرجي ته پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ بند اسڪول کولرائڻ عملي قدم کڻن ته جئين جيڪي به اسڪول بند پيا آهن انهن کي کولرايو معصوم ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ قدم کنيو وڃي، هونءَ ته سنڌ ۾ جيتريون به اسپتالون قائم آهن اتي به ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ آهي پر ان باوجود حڪومت توڙي ٻيا وس وارا ڌيان نه ڏئي رهيا آهن،
هڪ طرف سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر موجود نه ٿا رهن ته ٻي طرف وري  عطائي ڊاڪٽرن به آزار ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جو ڪو به اهڙو شهر نه بچيو آهي جتي عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون قائم نه ٿيل هجن، ڪجهه عرصو اڳ حڪومت طرفان  عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو هو، جنهن دوران به ڪيترن ئي عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون بند ڪيون ويون هيون پر اها مهم به ڪجهه وقت تائين جاري رهيو هو پر هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون جي ضرورت آهي، جيڪڏهن حڪومت عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو  ويو ته ڪيترائي ماڻهو بيمارين کان بچي سگهندا، ڇاڪاڻ ته جيڪي به غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو عطائي ڊاڪٽرن تي وڃي رهيا آهن اهي صحتياب ٿيڻ بدران ويتر بيمار ٿي رهيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي به ويٺا آهن. جيڪڏهن هن وقت عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو ته عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون بند ٿي ويندو، بهرحال عطائي ڊاڪٽرن جو معاملو هڪڙي پاسي آهي پر هن وقت سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ به ڪا عطائي ڊاڪٽرن جي کوٽ نه آهي، جيڪي به سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون آهن انهن ۾ عطائي ڊاڪٽرن کان به وڌيڪ اهل ڊاڪٽرن جي روپ ۾ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون اسپتالون هن وقت سنڌ ۾ آهن جتي مريض دانهون ڪري رهيا آهن ته انهن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن،
 اهڙيون دانهون ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم سرڪاري اسپتالن جي مريضن جون به ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن پر ان باوجود حڪومت انهن جي دانهن ورنائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي، جيڪي شهرن ۾ اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن انهن اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ته موجود آهن پر مريضن جي هجوم سبب انهن جو بهتر علاج فراهم نه پيوڪيو وڃي، ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ جيڪي ٻهراڙين کان علاج سانگي اچن ٿا انهن جي وارثن لاءِ به رهائش لاءِ ڪو به بندو بست نه ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن حڪومت انهن جي رهائش لاءِ بندوبست ڪيا وڃن ته انهن جي مشڪلاتن ۾ گهٽائي اچي سگهندي. رهي ڳالهه اسڪولن جي  ته جيڪڏهن هر هڪ ماڻهو بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ قدم کڻندو ته ڪيترائي بند پيل اسڪول کلي ويندا.  هونءَ  ته سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا به اسڪول قائم ٿيل آهن  جتي استاد ئي مقرر نه ٿيل آهن جيڪڏهن جن اسڪولن ۾ استاد مقرر ٿيل به آهن ته  وري انهن  اسڪولن جون عمارتون زبون حال بڻجي چڪيوون آهن. ڪجهه شهرن ۾ ته اهڙن اسڪولن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب ڪيترائي  معصوم ٻارڙا زخمي به ٿيا آهن،  حڪومت انهن اسڪولن جي  مرمت لاءِ فنڊ ته جاري ڪري ٿي پر ان باوجود انهن  اسڪولن جي عمارتن جي مرمت تي ٽڪو به خرچ نه ٿو ڪيو وڃي ۽ حڪومت به انهن  خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، سنڌ ۾ گهوسٽ  اسڪولن جو انڪشاف به ٿيو آهي. پر حڪومت انهن کي کولرائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي.
ڪجهه اسڪول ته وڏيرن  جون اوطاقون بڻيل آهي، جن کي کولرائڻ لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان ساڃاهه وند احتجاج به ڪري رهيا آهن پر ان باوجود حڪومت جي  ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري،  هونءَ ته ڪيترائي سماجي ماڻهو ٻارڙن کي تعليم  ڏيارڻ لاءِ  جدوجهد  ڪري رهيا آهن پر  ان باوجود  سنڌ جا ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ هزارين معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن، جيڪڏهن انهن  کي تعليم ڏيارڻ لاءِ عملي طور  جدوجهد ڪئي وڃي ته اهي به  ٻارڙا تعليم جهڙي   زيور  کان  محروم نه ٿا رهي سگهن ۽ تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن حڪومت چائلڊ بل تي عمل ڪرائيندي ۽ فيڪٽرين ۽  ڪارخانن ۾ معصوم ٻارڙن  کان  ڪم ڪرڻ کان روڪيندي  ته جئين معصوم ٻارڙا جبري پورهيي کان بچي سگهن ۽ تعليم  پرائڻ لاءِ اسڪولن ڏانهن وڃن،  حڪومت  کي ان سان گڏ والدين  ۾ به اها جاڳرا پيدا ڪرڻي پوندي ته  اهي  پنهنجي ٻارڙن کي اسڪولن  ڏانهن موڪلين ته  جئين  اسڪولن ۾ ٻارڙن جي حاضري  ممڪن بڻي سگهي،  صحت کاتي کي به گهرجي ته  سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي حاصري ڏينهن رات جي وقت ممڪن بڻائن ته جئين رات جي  وقت اسپتالن ايندڙ مريضن کي ڊاڪٽر جي غير  موجودگي سبب پريشان نه ٿيڻو پوي.  ڇاڪاڻ ته پرائيوٽ اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ته 24 ڪلاڪ موجود  هوندا آهن پر سرڪاري اسپتالن  ڏانهن ايندڙ مريضن کي  اهو ٻڌڻو پوندو آهي ته  ڊاڪٽرن موجود نه آهي جنهن سبب هو مهانگو علاج ڪرائڻ لاءِ خانگي ڪلنيڪن ڏانهن رخ ڪندا آهن، جيڪڏهن صوبائي حڪومت سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪري ته جئين  هو صحتياب ٿي سگهن  ۽ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته عوام کي صحت ۽ تعليم سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪري ۽ سنڌ جو هر هڪ ماڻهو حڪومت کان اهو ئي مطالبو ڪري رهيو آهي  انهن کي  سموريون  بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.


Daily Tameer-e-sindh karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami Awaz karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Jeejal karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Jeejal karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Waka karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami Mahaz karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Kalyan Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily sarwan Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Nijat Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami Soach karachi, Sahib khan bhatti article


Sahib khan bhatti with Irshad Jagirani and Majid Samoo


Sahib khan bhatti with Irshad Jagirani and Majid Samoo


Sahib khan bhatti with Irshad Jagirani


Monday 30 January 2017

Sahib khan bhatti


Sahib khan bhatti


Sahib khan bhatti


Sahib khan bhatti


Sahib khan bhatti


Sahib khan bhatti


ڊونالڊ ٽرمپ صدارتي مدو پورو ڪري سگهندو؟

صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊن کان ويندي هن وقت تائين تڪراري بڻيل رهيو آهي  ۽ سندس بيانن سبب دنيا ۾ ٿرٿلو مچي رهيو آهي،  هڪ طرف ڊونالڊ ٽرمپ حڪمن تي صحيحون ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري عدالتن  انهن تي عمل نه ڪرڻ جي هدايت ڪري رهي آهي،   جڏهن کان آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ مسلمانن تي پابندي جو اعلان جو ڪيو آهي تنهن ڏينهن کان آمريڪي مسلمانن ۾ بي چيني پيد ا ٿي وئي آهي۽آمريڪي مسلمان ان وقت  تمام گهڻو پريشان ٿي ويا، جڏهن  ٽرمپ جي حامين آمريڪا ۾ هڪ مسجد کي به باهه ڏئي ڏئي، اهڙي عمل جي سڄي دنيا ۾ مذمت  به ڪئي وئي ۽ آمريڪي مسلمانن جو ان تي سخت رد عمل سامهون آيو آهي، گذريل ڏينهن ۾ وائيٽ هائوس ٻاهران هزارين آمريڪي مسلمانن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ڊونالڊ ٽرمپ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته تڪرار اميگريشن کي فوري طور واپس ورتو ورڃي، آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي مسلمان کي بي دخل ڪرڻ ۽ 7 ملڪن تي آمريڪا داخلا تي پابندي کان پوءِ آمريڪي عدالت به نوٽيس ورتو آهي، ايتري قدر جو آمريڪي عدالت پرڏيهين جي بي دخليءَ جو عمل روڪي گرفتار پرڏيهين جا تفصيل به گهري ورتا آهن، آمريڪي صدر ڊونالڊٽرمپ جي 7 مسلمان ملڪن جي شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابنديءَ کان پوءِ پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ساڍا 13 ڪروڙ ماڻهن لاءِ آمريڪا جا دروازا بند ٿي چڪا آهن، ڊونالڊ ٽرمپ انتظاميا طرفان چيو ويو آهي ته گرين ڪارڊ رکندڙن کي پهرين آمريڪي سفرتخانن يا قونصل خانن سان رابطو ڪرڻو پوندو. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ستن ملڪن جي مسلمانن تي آمريڪا ۾ پابندي لڳائڻ واري اعلان کان پوءِ ايران به آمريڪا کي ڀرپور جواب ڏنو آهي  ته ايران ۾ به آمريڪي سياحن جي اچڻ تي پابندي هوندي ۽ ڪو آمريڪي ايران داخل نه ٿي سگهندو. ايراني عملدارن طرفان چيو ويو آهي ته ايران آمريڪي عوام ۽ آمريڪي حڪومت جي مخالف پاليسين ۾ فرق ڪندو آهي پر جيستائين آمريڪا طرفان ايراني شهرين تان پابندي کنئي نه ويندي تيستائين ايران به جواب ڪارروائي جاري رکندو.
بهرحال هن وقت تائين ته ڊونالڊ ۽ سندس انتظاميه خلاف ڪنهن نوٽيس ته نه ورتو آهي پر آمريڪا ۾ هن وقت به سندس ڪيل هدايتن تي آمريڪي عوام جو سخت رد عمل سامهون اچي رهيا آهن، آمريڪا جي هن وقت به ڪيترين ئي رياستن ۾ ڊونالڊٽرمپ خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ ڪجهه هنڌن تي ته ڊونالڊ ٽرمپ خلاف وال چاڪنگ به ڪئي وئي، آمريڪا ۾ ڪجهه اهڙا به واقعا پيش اچي رهيا آهن جنهن کي ميڊيا ڏيکارڻ کان لنوائي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊونالڊ ٽرمپ ميڊيا جي ماڻهن خلاف گٿا لفظ ڳالهايا، هونءَ ته ڊونالڊ ٽرمپ جي باهه پناهگيرن کان ويندي مسلمانن تائين هئي پر هاڻ هو صحافين کي به نشانو بڻائي رهيو آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي سندس ڪجهه اهم دوستن به کيس ميڊيا کي نشانو نه بڻائڻ جي صلاح ڏني آهي تنهن بعد هن ميڊيا تي هلڪو هٿ رکيو آهي پر مسلمانن ملڪن جي ماڻهن جي داخلا تي پابندي واري فيصلي تي هن وقت به قائم آهي. ڊونالڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن کان اڳ اعلان به ڪيو هو ته صدر ٿيڻ بعد مسلمانن جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏيندو ۽ هن ايندي اهڙا قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڊونالڊ ٽرمپ صرف مسلمانن تي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائڻ جو اعلان نه ڪيو هو  پر ٻيا کوڙ سارا به هن پنهنجي قوم آڏو اعلان ۽ وچن ڪيا هئا، جن مان هڪڙو واعدو هو پورو ڪري چڪو آهي. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جڏهن کان پنهنجا اختيار استعمال شروع ڪيا آهن تنهن ڏينهن کان آمريڪا ۾ مسلمانن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ اهو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ بعد هاڻ صرف دنيا نه پر آمريڪا جو مستقبل به داءُ تي لڳي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو ته ان وقت ڪجهه ماڻهو چئي رهيا هئا دنيا بنا سبب جي پريشان ٿي رهي آهي، ڊونالڊ ٽرمپ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهو هر هڪ ملڪ جي صدر کي پنهنجي قوم لاءِ ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهو ته اهو به چئي رهيا هئا ته ڊونالڊ ٽرمپ جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي،ڇاڪاڻ ته هو هڪ ڪاروباري شخصيت آهي ۽ دنيا اندر امن قائم ڪرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو، بهرحال اها ته سڄي دنيا کي ئي خبر آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ هڪ ڪامياب واپاري آهي ۽ هڪ واپاري جي سوچ ڪهڙي هوندي آهي، ان بابت ته هڪ ڪامياب واپاري بهتر ٻڌائي سگهي ٿو پر هڪ ڳالهه سامهون اچي چڪي آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ جيڪي به هن وقت تائين قدم کنيا آهن ان سان آمريڪا ۾ دنيا اندر نفرتون پکڙجي رهيون آهن ۽ هر هڪ ملڪ ۾ اهو تاثر وڃي رهيو آهي ته آمريڪا مسلمانن جو دشمن آهي، جيڪي ٽئين جنگ ٿيڻ ڏانهن اشارو وڃي رهيو آهي،
 جيڪڏهن ٽئين عالمي جنگ لڳي ته نه ته آمريڪا دنيا جي نقشي ۾ رهي سگهندو ۽ نه ئي ڪو ٻيو ملڪ، ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه هر هڪ ملڪ سپر پاور  بڻجڻ چاهي رهيو آهي ۽ ڪيترائي ملڪ اهڙا ملڪ آهن جيڪي ايٽمي قوت بڻجي چڪا آهن، ڪجهه ملڪ ته اهڙا به آهن جيڪي ايٽمي ملڪ ته بڻجي چڪا آهن پر اهي دنيا آڏو واضع نه ڪري رهيا آهن، بهرحال آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ عقل کان ڪم نه وٺي رهيو آهي پر هو جذبات ۾ اچي هڙا قدم کڻي رهيو آهي جنهن سان سندس ملڪ هڪ غير محفوظ بڻجڻ طرف وڃي رهيو آهي، هو ته اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي دور ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پيش آيا هئا جنهن سبب آمريڪا ٿڏي ويو هو، هڪ طرف ڪاري نسل جا ماڻهو ان وقت احتجاج ڪري رهيا هئا ته ٻي طرف وري فائرنگ جا واقعا به روز جو معمول بڻيل هئا، ڪاري نسل جا ماڻهو آمريڪي حڪومت تي اهو الزام لڳائي رهيا هئا ته ساڻن سٺو ورتاءُ نه پيو ڪيو وڃي ۽ اهڙو اعتراف بارڪ اوباما ويندي ويندي به ڪيو هو ۽ چيو هو ته کيس وائيٽ هائوس ۾ رهندي نفرتن کي منهن ڏيڻو پيو هو، بهرحال هن وقت جيڪي آمريڪا جي صورتحال بڻجي چڪي آهي، ان مان اهو اندازو لڳائي سگهي  ٿو، جيستائين آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪي صدر رهندو، تيستائين آمريڪا ۾  روز ڪٿي نه ڪٿي ڪو مسئلو ضرور پيدا ٿيندو رهندو ۽ هو  صرف آمريڪا لاءِ نه پر دنيا لاءِ به هڪ خطرو بڻجي ويندو،  جيڪڏهن ڊونالڊ ٽرمپ هن وقت به آمريڪا ۾ حالتون تبديل ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيا ته پوءِ مستقبل ۾ ان جا خراب نتيجا نڪرڻ جو خدشو آهي. جنهن جون نشانيون هن وقت به نظر اچڻ لڳيون آهن. ڊونالڊ ٽرمپ صدارتي عهدي کان اڳ هڪ بيان ڏنو هو ته آمريڪا کي محفوظ ترين ملڪ بڻائيندو ۽ هن ايندي ئي ميڪسيڪو سرحد وٽ ڀت اڏڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي ميڪسيڪو جي صدر اينرڪ پينا سان سندس اختلاف به ٿي ويا ۽ اهي اختلاف ان ڪري ٿيا جو آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ان تعمير ٿيندڙ ڀت جا پيسا ميڪسڪو کان گهريا هئا ۽ چيو هو ته ان ڀت جي سمورو خرچ ميڪسيڪو ئي ادا ڪندو پر جڏهن ميڪسيڪو جي صدر اهڙي مطالبي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته هو ڪنهن  به صورت ۾ ڀت جي تعمير جو خرچ نه ڏيندا. بهرحال هن وقت دونالڊ ٽرمپ انهن ماڻهن کي به نوازي رهيو آهي جن هيلري کي شڪست ڏيارڻ ۾ سندس مدد ڪئي هئي،
آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ايف بي آءِ ڊائريڪٽر جيمز ڪومي کي به عهدي تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو، اهو صرف ان ڪري اهو فيصلو ڪيو  ويو جو هيلري جي مقبوليت ۾ اضافو هو ۽ ڊونالڊ ٽرمپ اهو برداشت نه پيو ڪري سگهيو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي صدارتي چونڊن دوران دنيا جا اڪثر ماڻهو اهو ئي چئي رهيا هئا ته هيلري جي ڪاميابي جا امڪان وڌيڪ آهي ۽ جيڪا سروي آمريڪا ۾ ڪرائي وئي هئي ان ۾ به هيلري جا امڪان وڌيڪ ظاهر ڪيا هئا پر جڏهن ايف بي آءِ ڊائريڪٽر جيمز ڪومي هيلري جون اي ميلز  پڌريون ڪيون هيون تڏهن کان سندس زوال شروع ٿي ويو هو،  هڪ طرف هيلري جي اي ميلز کيس تمام گهڻو ڌڪ رسايو ته ٻي طرف وري روسي هيڪنگ به رهي صحيح ڪسر پوري ڪري ڇڏي هئي. هونءَ ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي پر جڏهن ڪنهن صحافي سوال آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کان ڪيو ته پاڪستانين، افغانين ۽ سعودين جي آمريڪا اچڻ تي پابندي ڇو نه پئي لڳائي وڃي ؟ تنهن جي جواب ڊونالڊ ٽرمپ چيو هو ته هو ڪجھه ملڪن جو جائزو وٺي رهيا آهن، جيڪڏهن ٿورو به مسئلو ٿيو ته اهڙن ملڪن جي شهرين تي به پابندي لڳائڻ ۾ دير نه ڪندا.ڊونالڊ ٽرمپ ته اهو به چيو هو تههي پابندي مسلمانن بدران انهن ملڪن تي آهي، جتي دهشتگردي عروج تي پهتل آهي.جڏهن کان تڪراري آمريڪي اميگريشن  تي آمريڪا ۾ احتجاج شروع ٿيا آهن تنهن ڏينهن کان آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ هڪ خوف واري لهر پکڙجي وئي آهي. اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي ته هڪ طرف ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪي مسلمانن سميت سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري دهشتگردي جو شڪار ملڪ به هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوچڻ ته مجبور ٿي رهيا آهن ته آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ سندن لاءِ هڪ چيلينج بڻجي رهيو آهي. آمريڪي هو لينڊ سڪيورٽي جي ترجمان طرفان به چيو ويو آيه ته آمريڪا مان مسلمان ملڪن جي رهواسين کي ڪڍڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو پيو  وڃي. جيتوڻيڪ ڊونالڊ ٽرمپ هن وقت تائين آمريڪا ٿيل عوامي رد عمل جو نوٽيس ناهي ورتو پر ان جا نتيجا مستقل ۾ سندس صدارتي عهدي لاءِ به هڪ وڏو چيلينج بڻجڻ وارا آهن ۽ ڊونالڊ ٽرمپ اهڙن قدم سان تڪراري بڻجڻ طرف وڃي رهيو آهي، مطلب ته هن وقت ڊونالڊ ٽرمپ تڪراري بڻجي چڪو آهي.
 هونءَ ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي مسلمانن خلاف ويزا پاليسيءَ خلاف سڄي دنيا ۾ رد عمل سامهون اچي رهيو آهي پر ڊونالڊ ٽرمپ اهڙن احتجاجن ۽ مظاهرن جو ڪو به نوٽيس نه وٺي رهيو آهي.  تڪراري اميگريشن آرڊر خلاف وائيٽ هائوس ٻاهران ٿيل احتجاج تي به ڊونالڊ ٽرمپ جي ڪن تي جونءَ نه چري آهي. جڏهن وائيٽ هائوس ٻاهران هزارين مسلمان تڪراري آرڊر خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا تڏهن آمريڪي صدر ڊونالڊٽرمپ سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان به فون تي رابطو ڪيو ۽ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ڪينيڊا ته ٽرمپ جي ايگزيڪٽيو آرڊر جا متاثر ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ عارضي طور رهائڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٻي طرف وري برطانيا ۾ ڊونالڊ ٽرمپ جي سرڪاري دوري کي ملتوي ڪرائڻ لاءِ به برطانوي شهرين آن پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تحت هڪ لک کان و ڌيڪ ماڻهن جي صحيحن بعد پٽيشن تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو ويندو ۽ هن وقت ڊونالڊ ٽرمپ خلاف آن داخل ڪرايل پٽيشن تي ڪافي ماڻهن صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ برطانوي ميڊيا ته اها دعويٰ به ڪري رهي آهي ته هن وقت لک کان وڌيڪ ماڻهن آن لائن پٽيشن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. بهرحال هن وقت سوڊان جي پرڏيهي آفيس به پنهنجو احتجاج آمريڪي سفير آڏو رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ ايران  ته آمريڪا تي ساڳيو ئي وار ڪيو آهي، جيڪو به هڪ سٺو سنوڻ آهي ۽ اهو بيان  اسان جي ملڪ ۾ هڪ سياسي پارٽي جو سربراهه به ڏئي چڪو آهي ته جيڪڏهن ڊونالڊ ٽرمپ پاڪستانين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائيندو ته هو به ان تي پابندي لڳائيندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي جهڙي ريت ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا کي هلائي رهيو آهي اهڙي ريت مستقبل ۾ آمريڪا محفوظ نه پر غير محفوظ بڻجي ويندو، پوءِ ڀلي ڊونالڊ ٽرمپ سرحدن تي ڀتون قائم ڪرائي يا وري سمورن مسلمانن کي آمريڪا مان کڻي بي دخل ڪري، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ ڪاري نسل جا ماڻهو به ڊونالڊ ٽرمپ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه اهڙا آمريڪي شهري به آهن جيڪي آمريڪا جا جهنڊا ساڙي رهيا آهن.

Sahib khan hbatti in Sindh Tv news


Sahib khan hbatti in Sindh Tv news


Sahib khan hbatti in Sindh Tv news


Sahib khan hbatti in Sindh Tv news


Sahib khan hbatti in Sindh Tv news


Daily Pak karachi, Sahib khan bhatti article


Sunday 29 January 2017

Daily Waka karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Fast Taimes Larkana, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Tameer-e-sindh karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sobh Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Kalyan Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Nijat Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Sujag Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Tameer-e-sindh karachi, Sahib khan bhatti article


Saturday 28 January 2017

جنگ جو ميدان بڻيل ايوان

صاحب خان ڀٽي
سياسي پارٽين ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ هاڻ ايڏي ته شدت اختيار ڪري ورتي آهي جو معاملو وڃي اسيمبلين ۾ پهتو آهي، جنهن سبب مقدس ايوانن ۾ به گوڙ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ، هر هڪ پارٽي هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهي آهي ۽ ايوان جو ماحول ڪنهن مڇي مارڪيٽ کان گهٽ نه نظر پيو اچي، ان سڄي صورتحال کي ڏسندي ائين لڳي رهيو آهي ته جن به اڳواڻن کي عوام ووٽ ڏئي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو انهن عوام جي ووٽ جي  پرواهه ڪرڻ بنا پنهنجا ذاتي معاملا  حل ڪرڻ لاءِ  ايوانن کي استعمال ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ هجي يا وري نواز ليگ، مطلب ته سموريون پارٽيون ايوانن ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، ماضي ۾ ايوانن ۾ چونڊيل نمائندا عوام جي حقن ۽ انهن جي مسئلن بابت گوڙ ڪندا هئا ۽ پر هاڻ پنهنجا پنهنجا مسئلا حلا ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي وڌيڪ بهتر سمجهڻ لاءِ بحث ۽ جهيڙا ٿي رهيا آهن،
 اهڙو هڪ واقعو قومي اسيمبلي ۾ پيش اچي چڪو آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ  ۽ نواز ليگ جا اڳواڻ هڪ ٻئي آمهون سامهون اچي ويا هئا ۽ هڪ ٻئي مٿان لتن، مڪن جو وسڪارو ڪيو هو، جنهن کي سڄي  دنيا ڏٺو هو، انهن جي جهيڙي کي ڏسي ائين لڳي رهيو هو ته هي ڪو جهيڙو چونڊيل نمائندن جو نه پر ڪنهن مڇي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ  واپارين  جو جهيڙو هو، هونءَ ته اعليٰ ته اعليٰ ايوان ۾ عوامي نمائندا عوام جي جائز مسئلن جي خاطر آواز اٿاريندا آهن پر اڄڪلهه سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. هڪ ٻه ڏينهن اڳ به اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ به شاهه محمود قريشي يج تقرير دوران پي ٽي آءِ ميمبرن ۽ حڪومت وزيراعظم نوازشريف خلاف نعرا هنيا، جنهن دوران نواز ليگ جي اڳواڻ طرفان نعرن جي ڀرپور موٽ ڏني وئي ۽ عمران خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ايوان  مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو هو، جنهن جو منظر هر هڪ ماڻهو مختلف ٽي وي چينلن تي به ڏسي رهيو هو، ميڊيا به ان هنگامي کي تمام گهڻي ڪوريج ڏئي رهي هئي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو هو جو پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ اڳواڻ آمهون سامهون ٿيا هئا، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي يا ته پريس ڪانفرنسن ۾ ڪندا هئا يا وري روڊن ۽ رستن تي ڌرڻا هڻي نعريبازي ڪندا هئا پر هن ڀيري مجهه مختلف منظر ڏسڻ وٽان مليو هو ۽ ٻئي پارٽيون ايوان  اندر آمهون سامهون ٿيون هيون، اهو جهيڙو ان وقت شروع ٿيو هو جڏهن ته پي ٽي آءِ جا ميمبر حڪومت ۽ وزيراعظم نوازشريف خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا ۽ جنهن جي جواب ۾ نواز ليگ ميمبرن به پي ٽي آءِ خلاف نعريبازي ڪئي، ايوان ۾نعريبازي جو سلسلو هلي ئي رهيو هو ته وفاقي وزير شاهد خاقان عباي، اپوزيشن بئنچن ڏانهن آيو ته شهريار آفريدي ۽ مراد سعيد سان سندس جهيڙو شروع ٿيو هو ۽ ٻيا ميمبر انهن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر پوءِ به ٽئي ميمبر هڪ ٻئي  مٿان ٺوشن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪري رهيا هئا. جنهن بعد اهو جهيڙو وڌندو ويو ۽ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ۾ ڌڪن، ٺونشن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، ايتري قدر جو ٻنهي پارٽين جي ميمبرن طرفان گارگند به ڪئي وئي هئي ۽ ايوان جو ماحول ڪهن مڇي مارڪيٽ کان گهٽ نظر نه اچي رهيو هو،
جڏهن جهيڙي شدت اختيار ڪري ورتي تڏهن اسپيڪر سڪيورٽي وارن کي گهرائي بچ بچايو ڪرايو هو، اهڙي صورتحال کان پوءِ به ٻنهي پارٽين جي ميمبرن وچ ۾ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو سلسلو هن وقت تائين بند نه ٿي سگهيو آهي. پي ٽي آءِ ميمبر جهيڙي جو الزام نواز ليگ تي لڳائي رهيا آهن ته ٻي طرف وري نواز ليگ ميمبرن جو موقف اهو آهي ته جهيڙي جي شروعات پي ٽي آءِ ميمبرن ڪئي هئي، بهرحال هن وقت تائين اهو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي ته آخر جهيڙو ڪهڙي ڌر ڪيو هو، پر پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي جي ايوان ۾ موجودگي تمام گهڻا سوال اٿاري ڇڏيا هئا. جڏهن جهيڙي ۾ ٿوري ٺاپر آئي ته پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو هو، ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ان سڄي صورتحال  کانپوءِ چيو هو ته پي ٽي آءِ باقاعده منصوبابندي سان ايوان جي توهين ڪئي ۽ هنگامو ڪيو، اهو جهيڙو ڪو حادثاتي طور ناهي ٿيو.
 پي ٽي آءِ  ميمبر غنڊا گردي ڪري نئين پاڪستان جي تصوير ڏيکاري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ به بيان ڏيندي چئي رهيا آهن ته وزيراعظم نوازشريف کي هاڻ قطري خط ون يا ٽو بچائي نه سگهندا ۽ قطري شهزادي جي بيانن جو جواب حڪومت کي ڏيڻو ئي پوندو. بهرحال هن  وقت پاناما واري معاملي ايتري ته شدت اختيار ڪري ورتي آهي جو مختلف پارٽين جا  اڳواڻ پاناما معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کي مڪن ۽ لتن جو وسڪارو ڪرڻ واري عمل تائين به پهچي ويا آهن. جنهن ايوان جو احترام ڪرڻ گهرجي ان ايوان اندر به هڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. اهڙو هڪ واقعو سنڌ اسيمبلي ۾ ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ هڪ عورت ميمبر سان به گٿا لفظ ڳالهايا ويا هئا، بس فرق ايترو هو جو اتي ڪو جهيڙو نه ٿيو هو پر لفظن جي جنگ هلي رهي هئي، جيڪو سمجهي رهيو هو اهو کلي رهيو هو، جيڪو نه پيو سمجهي، اهو خاموش ويٺل نظر اچي رهيو، جڏهن سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ عورت ميمبر سان به گٿا لفظ ڳالهايا ويا هئا ته ان وقت به ان جي مذمت ڪئي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته ايوان مقدس هوندا آهن ۽ انهن ايوانن اندر جيڪڏهن عورت جو احترام نه ٿئي ته پوءِ آخر اهڙن ايوانن ۾ ويٺل ميمبرن  مان عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪا به اميد نه ٿي ڪري سگهجي.
 بهرحال عورت ميمبر جي سخت احتجاج ۽ ساڃاهه وندن جي مطالبي بعد جنهن ميمبر عورت سان غلط رويو اختيار ڪيو هو ان معافي به ورتي هئي، جنهن بعد اهو معاملو ختم ٿي ويو هو، ان کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ ته ان کان به وڌيڪ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو، جنهن دوران پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ اڳواڻن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي ۽ هڪ ٻئي مٿان لتن ، مڪن جو استعمال ڪيو ويو هو، سنڌ اسيمبلي جي پي ٽي آءِ اڳواڻ  خرم شير زمان طرفان ته مذمتي ٺهراءُ به پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن اهو به چيو هو ته ايوان مقدس هوندا آهن، جنهن جو احترام ڪرڻ ضروري آهي. هڪ طرف پاناما ڪيس وارو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي ته ٻي طرف وري پارٽين ۾ ايوانن اندر به جهيڙو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن  مقدس ايوانن ۾ به اهڙا واقعا پيش ايندا رهيا ته پوءِ ڪڏهن به ايوان اندر عوام جا مسئلا حل نه ٿي سگهندا. پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ کي گهرجي ته ايوانن جو احترام ڪيو وڃي ته جئين اهڙا واقعا ڪڏهن به اسيمبلين اندر پيش نه اچي سگهن ۽ نه ئي اسيمبلي اندر گاريون ڏنيون وڃن.


Daily Awami Soach karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sarwan Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Nijat Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Barkha karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Mehran karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Mehran karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami Mahaz karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Friday 27 January 2017

Daily Sindh Sujag Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Tameer-e-sindh karachi, Sahib khan bhatti article


ڀتون اڏڻ سان ملڪ محفوظ بڻجي ويندا؟

صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ به آمريڪي، ميسڪسيڪو سرحد وٽ ڀت تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ميڪسيڪو ۽ آمريڪا وچ ۾ اختلاف  به پيدا ٿي رهيا آهن، ڊونالڊ ٽرمپ ميڪسيڪو  سرحد وٽ ڀت تعمير ڪرڻ واري حڪمن تي صحيح به ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ميڪسيڪو جي صدر انريق پينانيٽو آمريڪا جو د ورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ميڪسيڪو طرفان آمريڪا کي اهو واضع پيغام ڏنو ويو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڀت جي تعمير تي خرچ ٿيندر رقم نه ڏيندا، جنهن تي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ به ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ميڪسيڪو صدر سان ڳالهين جو ڪو به فائدو نه ٿيندو ۽ هو هاڻ صرف ڪم ڪندا، آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ميڪسيڪو طرفان ڀت تعمير ڪرڻ لاءِ فنڊنگ ڪرڻ کان انڪار تي مختلف معاملن تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايتري قدر جو آمريڪي صدر ميڪسيڪو کان درآمدگي تي به ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هو ٽيڪس لڳائي ميڪسيڪو سرحد وٽ ڀت تعمير ڪندا،
هونءَ ته دنيا جو هر هڪ ملڪ پنهنجي پنهنجي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پر ڪجهه ملڪ سرحدن کي محفوظ بڻائڻ ڀت به تعمير ڪري رهيا آهن ته جئين هو پنهنجي ملڪ کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻائي سگهن، ڪجهه ملڪ ته سرحدن کي ان ڪري محفوظ بڻائي رهيا آهن جو انهن جي ملڪن ۾ دهشتگردي وڌندي پئي  وڃي، شايد دنيا اندر ڪو اهڙو ملڪ هجي جتي دهشتگردن پنهنجيون ڪارروايون نه ڪيون هجن، پاڪستان هجي يا افغانستان، يا وري ڀارت، سمورن ملڪن ۾ دهشتگرد پنهنجيون ڪهري ڪارروايون ڪري چڪا آهن، مسلم ملڪ هجي يا وري غير مسلم ملڪ هجي دهشتگرد عام شهرين کي ماريندا رهيا آهن، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مذهبي انتهاپسندي سبب هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن، ڪڏهن عالمي دهشتگرد تنظيم داعش ذميواري قبول ڪري وٺندي آهي ته ڪڏهن وري ٻي ڪا پابندي مڙهيل تنظيم ان جي ذميواري کڻندي آهي، جنهن مان اهو واضع ٿيندو آهي ته هن وقت عالمي سطح تي دهشتگرد مذهب جو نالو استمال ڪري دهشتگردي پکيڙي رهيا آهن، بس فرق ايترو آهي جو اڳ ۾ ڪهري ڪارروايون ڪندڙ جي خبر نه پوندي آهي پر هاڻ ماڻهن کي مارڻ بعد پابندي مڙهيل تنظيمون ذميواري قبول ڪري وٺنديون آهن.
پاڪستان ۾ به جيڪي به هن وقت دهشتگرد ڪارروايون ٿي چڪيون آهن، انهن جون ذميواريون به پابندي مڙهيل تنظيمن ئي قبول ڪيون آهن، جيڪڏهن ڪنهن دهشتگرد کي سوگهو به ڪيو ويندو آهي ته ان جو تعلق يا ته افغانستان نڪري پوندو آهي وري ڪنهن ٻي ملڪ سان ان جو واسطو هوندو آهي، جڏهن پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون وڌي ويون هيون تڏهن پاڪستان افغاستان بارڊر تي دروازو لڳائڻ جو فيصلو ڪيو هو، ان وقت به افغانستان ڏمرجي پيو هو ۽ سرحد تي فائرنگ ڪري ڏني هئي،جنهن دوران هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويوهو، بهرحال هن وقت آمريڪي صدر توڙي ٻيا ملڪ صرف پنهنجن پنهنجن ملڪن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سوچي رهيا آهن ته جئين هو پنهنجي عوام کي محفوظ بڻائي سگهن. هونءَ ته آمريڪا توڙي برطانيا دشتگردي جي خاتمي بابت بيان ڏيندا رهيا آهن پر اڄ جي جديد دور ۾ به برطانيا ۽ آمريڪا جهڙاملڪ سرحدن تي ڀت تعمير ڪرڻ سان ملڪ کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهي،  هونءَ ته سرحدن تي ڀت تعمير ڪرڻ کانسواءِ به سرحدن تي مانيٽرنگ سخت ڪري سگهجي ٿي،
 اڄ ڪلهه ته ڪجهه ملڪ ڊرون ڪيميرائن ذريعي به ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن، ڪجهه ملڪ ته سيٽلائيٽ ذريعي به سرحدن  جي نگراني ڪري رهيا آهن، اڄ جي جديد دور ۾ به هيڪرز ڪنهن به ملڪ جي ويب سائيٽ هيڪ ڪري وٺن ٿا، ته ڪڏهن ڪڏهن وري حساس دستاويزن تائين به هيڪرز پهچي وڃن ٿا جن کي به ترقي يافته ملڪ روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، اتي وري ملڪن جي سرحد کي محفوظ بڻائڻ لاءِ وڏو خرچ ڪري ڀت تعمير ڪرڻ سان شايد ئي دهشتگردي جي ضابطو اچي سگهي يا ملڪ محفوظ ٿي سگهجي، جيڪڏهن ملڪن جي سرحدن کي محفوظ بڻائڻو ئي آهي ته پوءِ وڏن ملڪن کي ننڍن ملڪن تي قبضو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ ۾عوام جا غضب ٿيندا هوندا ته اتان جي امن امان جي صورتحال انتهائي خراب هوندي، ڪجهه عرصو اڳ برطانيا به پناهگيرن جي ڪيمپن آڏو ڀت اڏڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ چيو ويو هو ته ڀت اڏڻ سان پناهگير هڪ هنڌ ئي موجود هوندا ، جنهن سان کين ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيندو. اڄ جڏهن آمريڪا طرف سرحد تي ڀت اڏڻ جون خبرون هلي رهيون آهن ته مون کي چين جي عظيم ڀت ياد آئي آهي،
چين جي تاريخي ڀت بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اها ڀت حضت عيسي عليه السلام جي جنم کان به اڳ جي ٺهيل آهي، چين جي عظيم ڀت کي حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي جنم کان 2 سئو اڳ چين جي بادشاهه چن  شي هوانگ ملڪ کي محفوظ بڻائڻ ٺهرايو هو ته جئين ڪو به دشمن ملڪ سندس ملڪ تي حملو نه ڪري سگهي ۽ حملي کان اڳ کيس ڀت کي پار ڪرڻو پئي، ان تاريخي ڀت جي شروعات چين ۽ منچوڪي جي سرحد کان شروع ٿئي ٿي، ڪجهه ڪتابن ۾اهو به لکيل آهي ته ان زماني ۾هن ۽ تاتار هوندا هئا، جيڪي وچ ايشيا ۾ تمام گهڻو طاقتور سمجهيا ويندا هئا، هن ڀت جي ڊيگهه لڳ ڀڳ پندرنهن سئو ميل آهي ۽ هن ديوار ويهه کان پنجويهه فٽ اوچي آهي، هن ڀت جي ويڪر هيٺان کان پنجويهه فٽ ۽ مٿان کان ٻارنهن فٽ آهي.هي ڀت دنيا جي تاريخي ڀت آهي، هن ڀت جي هر ٻه سئو گز جي فاصلي تي حفاظت ڪندڙ لاءِ مضبوط ٺڪاڻا قائم ڪيا ويا آهن..
بهرحال هن وقت آمريڪا ۽  ميڪسيڪو ڀت اڏڻ واري معاملي تي اٽڪجندا نظر اچي رهيا آهن، شايد اهو معاملي اڳتي هلي شدت به اختيار ڪري سگهي ٿو پر ڊونالڊ ٽرمپ جو اهو موقف ناڪافي آهي ته ڀت تعميرڪرڻ سان هو دهشتگردن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي وٺندو ته شايد اهو ناممڪن آهي. ڪجهه عرصو اڳ اٽلي ۽ آسٽريلا وچ ۾ مهاجرن جي اچ وڃ کي روڪڻ لاءِ برينر سرحدي چوڪي تي ڀت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن سبب ٻنهي ۾ ڇڪتاڻ وڌي هئي، جنهن بعد اهو فيصلو واپس ورتو ويو هو ۽ اطلاوي وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته سرحدن کي بلاڪ ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي سياحتي شعبي سميت ٻطرفا واپاري لاڳاپا ۽ يورپي نظريي کي نقصان پهچندو. بهرحال هن وقت آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جهڙي ريت ملڪ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن، تنهن مان اهو اندازو لڳائي سگجي ٿو ته جيڪي دهشتگرد ملڪ سپر پاورر جهڙي ملڪ کي بخش نه ڪري رهيا آهن تي ڪنهن ٻي ملڪ تي ڪهڙو رحم ڪندا هوندا،
آمريڪا طرفان ميڪسيڪو سرحد تي ڀت اڏڻ واري فيصلي کان ثابت ٿيندو پيو وڃي ته دهشتگردن پنهنجو نيٽ ورڪ مضبوط ڪري ورتو آهي، جنهن سبب آمريڪا سپر پاور ملڪ هجڻ باوجود به سرحد کي محفوظ بڻائي رهيو آهي، پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته مستقبل ۾ آمريڪا اڃا  وڌيڪ ڪيترين سرحدن تي ڀتون  تعمير ڪندو ۽ ٻيا ملڪ ان مان ڪهڙو سبق حاصل ڪندا، آمريڪا جي ڀت اڏڻ واري فيصلي کانپوءِ هڪ ڳالهه ته واضع ٿيندي پئي وڃي ته جلد وچ ايشيا۾به ڪو نه ڪو ملڪ سرحد کي محفوظ بڻائڻ ڀت تعمير ڪندو، جيڪڏهن اهو سلسلو شروع ٿي ويو ته مستقبل ۾ سيٽلائيٽ سان هر ملڪ جون سرحدون واضع ڏسي سگهبيون ۽ انهن ڀتن جي تعمير تي تمام گهڻو خرچ به ايندو، جيڪڏهن اهو پيسو دنيا ۾ غربت جي خاتمي  ۽ روزگار جي ذريعن تي استعمال ڪيو وڃي ته ان سان دنيا ۾ وڏي ترقي به ٿيندي ۽ هر هڪ خوشحال به ٿي ويندو.
sahibalisindhi@gmail.com

Daily Pak karachi, Sahib khan bhatti article