Pages

Saturday 30 September 2017

دهشتگردي پکيڙيندڙ انجام تي پهچندا؟

صاحب خان ڀٽي
روشنين جي شهر ڪراچي ۾ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر خوف واري صورتحال قائم ٿي رهي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ به ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ به ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جون ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيون آهن، ڪجهه علائقن ۾ ته ماڻهو ڦرن دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل ٿي رهيا آهن ته ڪٿي وري ”نامعلوم“ دهشتگرد پنهنجو خوف برقرار رکڻ لاءِ عورتن تي حملا ڪري رهيا آهن، هونئن ته ڪراچي ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا هن وقت به موجود آهن، جيڪي نوگوايريا بڻيل آهن، جتي هن ديس جا ماڻهو نه پر افغانستان سميت ٻين ملڪن جي لوڌ ترسيل آهي ۽ اها لوڌ کي آڻڻ وارا ٻيا ڪير نه اسان جا حڪمران ئي آهن، جيڪي هن ملڪ کي پنهنجي ملڪيت  سمجهي هلائي رهيا آهن، جن کان ڪير به پڇڻ وارو ئي نه آهي، هو جنهن کي چاهين هن ملڪ ترسائي سگهن ٿا ۽ جن کي چاهين هن ملڪ مان غداري جو سرٽيفڪيٽ ڏئي بي دخل ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن ئي هن ملڪ جو ٺيڪو کنيو آهي ۽ اهو ٺيڪو ڪنهن ٻئي نه اسان پاڻ ئي پنهنجي ووٽ ذريعي انهن کي ڏنو آهي.
هميشه حڪمران  جمهوريت جو راڳ ڳائيندا آهن پر ان جمهوريت جو عوام کي صرف اهو ئي فائدو ملندو آهي جو اهو اقتدار ۾ اچي واعدا ڪندا آهن جيڪي هو ووٽ دوران ڪندا آهن، ڪڏهن اهو چيو ويندو آهي ته انهن وٽ اختيار نه آهن ته ڪڏهن وري چيو ويندو آهي ته ملڪ قرض ۾ ٻڏل آهي. خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر ايترو قرض هن ملڪ ورتو ويو، اهو ڪڏانهن ويو ۽ اهو پئسو ڪٿي خرچ ڪيو، شايد اهو سوال ڪرڻ جو حق به هن ملڪ جي عوام کي نه ڏنو ويو آهي، حڪمران ته صرف پنج سالن لاءِ ايندا آهن ۽ هن ملڪ جي ترقي خاطر قرض کڻندا آهن ۽ جڏهن انهن جي حڪومت جو مدو پورو ٿي ويندو آهي ته واپس پنهنجن علائقن ڏانهن هليا ويندا آهن، انهن کان ڪير به پڇڻ  جي جرئت نه ڪندو آهي ته آخر هن ملڪ لاءِ ورتل قرض ڪٿي خرچ ڪيو ويو، جيڪڏهن قرض ورتو ويو ته اهو هن وقت تائين لاٿو ڇو نه ويو  آهي؟ هن وقت ملڪ جو ٻچو ٻچو قرضي بڻيل آهي پر ان باجود هن ملڪ جو عوام بک، بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، هر طرف ناانصافين جون دانهون ٿي رهيون آهن،
سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام ته تمام گهڻو پوئتي آهي، سنڌ جو عوام اڄ به ڌارين جي لوڌ جو ظلم برداشت ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ جي مالڪن کي وسيلن مان ڪجهه نه پيو مليو، ايتري قدر جون جيڪي به سنڌ جا سرڪاري ادارا آهن، انهن ۾ ڌارين جي لوڌ ڀرتي ٿيل آهي پر ان باوجود حڪمران وڏي فخر سان چوندا آهن ته ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن آهي، آخر ترقي ان کي چئبو آهي، جتي استاد توڙي نرسون پگهارن ۽ جائز مطالبن لاءِ در بدر ڀٽڪندا رهن؟ جيڪڏهن حڪمران ان کي ترقي ٿا چون ته پوءِ اها ترقي وفاق ۽ صوبائي حڪومت پاڻ وٽ ئي رکي،
جيڪڏهن سڄي سنڌ جي صورتحال تي جائزو وٺنداسين ته هزارين سنڌي نوجوان نوڪرين لاءِ  ادارن جا چڪر لڳائي رهيا آهن پر وفاق ۽ سنڌ  حڪومت ۾ ويٺل سنڌ دشمن چئي  رهيا آهن ته نوڪريون ميرٽ  تي ڏنيون پيون وڃن، خبر ئي نه ٿي پئي ته حڪمرانن جي نظر ۾ ” ميرٽ “ آهي ڇا؟ اسان اڄ تائين انهن جي ”ميرٽ “  کي سمجهي نه سگهيا آهيون، ڇاڪاڻ افغانستان مان آيل لوڌ ٻين صوبن مان آيل ماڻهن کي سنڌ اندر سرڪاري نوڪريون ملي ويندو آهن، ايتري قدر جو پوليس ۽ ٻين کاتن به غير سنڌي ڀرتي ٿيل آهن، جن کي سنڌي ڳالهائڻ به نه ٿي اچي اهي به سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيل آهن. مطلب ته وفاق جي نظر ۾ جن ادارن ۾ سنڌي ڳالهائندڙ ڀرتي نه ٿيل آهي، اتي ” ميرٽ “ آهي پر جن ادارن ۾نالي ماتر سنڌي ڀرتي ٿيل آهن، انهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهي سفارشي ڀرتي ٿيل آهن، جڏهن  وفاق جو رويو ئي سنڌ سان اهڙو هجي ته انهن جي آشيروارد سان سنڌ ۾ اقتدار ۾ ايندڙ سنڌ جي ڪامورن جو رويو ڪهڙو هوندو؟ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جون نياڻيون به پگهارن خاطر احتجاج ڪري رهيون آهن ۽ پنهنجا جائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن پر اقتدار جي نشي ۾ سنڌ جا حڪمران عوامي  مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهيا آهن، رهندو  سنڌ جي عوام کي اکيون ڏيکاريون پيون وڃن  ۽ چيو پيو وڃي ته ڀلي ڪو ناراض ٿئي ته ڀلي ٿئي هو ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ به ڏيندا ۽ انهن کي ترسائيندا به ۽ انهن کي ڪير روڪي نه سگهندو.
ان ۾ واقعي ڪو شڪ به نه آهي، حڪمرانن کي ڪير روڪي سگهي ٿو، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ عوامي طاقت جي حڪومت قائم ٿيل  هجي ها ته شهيد ذوالفقار ڀٽي کي ڪڏهن ڦاهي نه اچي ها ۽ نه شهيد بينظير ڀٽو کي اسلام آباد ۾ قتل ڪيو وڃي آهي، طاقتور ڌر جي آشيروار سان اقتدار ۾ ايندڙ حڪمرانن کان اهڙن بيانن کان سواءِ ٻيا ڪهڙي اميد ڪري سگهجي  ٿي،  جيڪڏهن سنڌ ۾ عوامي حڪومت هجي ها ته  روڊن تي نياڻيون احتجاج نه ڪن ها ۽ نه ئي وري سڪيورٽي ادارا پگهارن لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن تي لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪن ها ۽ نه ئي وري برطرف ٿيل بنا وري جي پوليس اهلڪارن تي  وردي وارن اهلڪارن طرفان تشدد ڪيو وڃي ها.
بهرحال  احتجاج پنهنجي جاءِ ته پر سنڌ جي راڄڌاني ۾ ڌارين جي لوڌ سبب امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، هن روشنين جي شهر ۾ اڳ هڪ سياسي پارٽي جي دهشتگردن جو راڄ هو ۽ هاڻ انهن دهشتگردن جو راڄ قائم ٿيڻ طرف وڃي رهيو  آهي، جن کي هٿ ڌوئڻ به نه ايندو آهي ۽ پهاڙن مان نڪري اچي شهر ۾ آباد ٿيا آهن، خبر ئي نه ٿي پئي ته اهي افغاني آهن يا وري ڪي پي ڪي جا  رهواسي آهن، ڇاڪاڻ ته افغانين ۽ ڪي پي ڪي جي ماڻهن ۾ فرق ئي نظر نه اچي رهيو آهي، جڏهن  انتهاپسندن سنڌ جي درگاهن کي نشانو بڻايو ته  پوليس  همت ڪري ڪجهه افغان شهرين کي گرفتار ڪيو هو ته سنڌ اندر ٿورو امن قائم ٿيو هو پر انهن جي گرفتارين تي ڪي پي ڪي مان رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون هيون ۽ چيو پئي ويو ته اهي ڪي پي  ڪي جا آهن،  پر جن به ماڻهن کي  هتي حراست ۾ ورتو ويو، انهن بابت اخبارن ۾ خبرون شايع ڪيون ويون هيون ته انهن وٽ سڃاڻپ ڪارد نه هو، جنهن سبب انهن افغان شهرين کي حراست ۾ ورتو ويو.
بهرحال هي وقت تنقيد ڪرڻ جو نه آهي، حڪومت کي ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻا پوندا ، ڇاڪاڻ ته  اڳ ته هڪ سياسي تنظيم جا دهشتگرد هئا پر هاڻ انهن جاهلن جو راڄ قائم ٿي رهيو آهي، جيڪي ڪنهن کي به ڪافر جو درجو ڏئي ڪنهن به وقت مارائي سگهن ٿا، ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي مان عالمي دهشتگرد تنظيم جا دهشتگرد گرفتار ٿي رهيا آهن،  جنهن سبب هن شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جو خوف وڌندو پيو وڃي، بهرحال انهن عالمي دهشتگردن کي آمريڪا جهڙو ملڪ به منهن نه ڏئي سگهيو آهي  ته هتي انهن تي ڪهڙي ريت ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اهو به هڪ وڏو سوال آهي.  هن شهر ۾ دهشتگردي سان گڏ هڪ ٻيو گروپ به سامهون اچي ويو جيڪو عورتن تي حملا ڪري رهيو آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪراچي  جي علائقي سهراب ڳوٺ، گلستان جوهر، منگهو پير ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ دهشتگرد تنظيمن جا ڪارڪن گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن ئي کي ماريو  به ويو آهي پر ان باوجود هن شهر ۾ اڄ به دهشتگردن جو خوف برقرار آهي، ان جو مثال گلستان جوهر واري علائقي مان  ملي ٿو، جتي گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ستن عورتن  تي حملو ڪيو ويو آهي پر هن وقت انهن  ڪو  به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر حڪومت انهن دهشتگردن کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي.

اپوزيشن ليڊر جي چونڊ ۽ نيب ريفرنسز جو مستقبل

صاحب خان ڀٽي
تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي پاران مخالف ڌر اڳواڻڻ لاءِ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن ۽ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پيپلزپارٽي مخالف ڌر  اڳواڻ چونڊرائڻ بابت ٽاسڪ خورشيد شاهه کي ڏنو ويو آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به چئي رهيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ  وارو معاملو ايڏو وڏو نه هو، جنهن کي اشو بڻايو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن به مخالف ڌر جي اڳواڻ جي لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ انهن  سياستدانن سان به رابطو ڪيو پيو وڃي، جن کي ماضي ۾ الائجي ڪهڙا ڪهڙا  لقب ڏنا ويندا هئا، پر چوندا آهن ته سياست ۾ سڀ ڪجهه هلندو آهي، تنهن جي ڪري تحريڪ انصاف جي ان عمل تي حيرت ڪرڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جهڙي ريت تحريڪ انصاف اپوزيشن ليڊر چونڊرائڻ لاءِ سرگرم ٿي آهي، اهڙي ريت اها ئي پارٽي پاناما ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي به نااهل به ڪرائي چڪي آهي، جنهن سبب هن ملڪ ۾ عدليا ۽ مقدس ادارن خلاف به ڳالهائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، جيڪو تاريخ ۾ ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي، تاريخ ۾ ڪنهن به واضح طور عدالتن جي فيصلن کي رد نه ڪيو آهي، جڏهن کان نوازشريف نااهل ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان پوءِ ججن تي تنقيد ۽ عدالتي فيصلن تي بحث معمول بڻجي ويو آهي. نوازليگ اڳواڻ چئي رهيا آهن ته هو عدالتن جو احترام ڪن ٿا پر فيصلن تي ڳالهائڻ هنن جو قانوني حق آهي، شايد اهو حق هن ملڪ جي عوام کي به ڏنو وڃي ها ته بهتر هجي پر جيئن ته اهو حق صرف پنجاب جي ماڻهن کي مليل آهي  ته اسان کي  اهڙي حساس معاملي ڳالهائڻ جي ضرورت نه آهي، پيپلزپارٽي ته ڪافي عرصي کان چئي رهي آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي عدالتي قتل هو ۽ نواز ليگ هاڻ ان کي قبول ڪري رهي آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازشريف کي اها سزا نه ملي آهي پوءِ وڏي عدالت جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي، پيپلزپارٽي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي تي عمل ڪرائڻ ۾ رنڊڪ نه وڍي هئي پر جهڙي ريت نواز ليگ جا اڳواڻ عدالتي فيصلن خلاف ڳالهائي رهيا آهن، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، بهرحال عدالتي فيصلن  کي مڃڻ يا نه مڃڻ اهو نواز ليگ جو پنهنجو ڪم آهي ۽ ڏسڻو آهي ته آخر نوازشريف عدالتن ۽ ڊان ليڪس واري معاملي کي ڪيئن ٿو  منهن ڏيئي، جيئن ته نوازشريف خلاف نيب ريفرنسز جي جاچ ٿي رهي آهي ۽ نيب پاران نيب ريفرنس جي رپورٽ به وڏي عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن جو فيصلو به تمام جلد اچي ويندو، ڇاڪاڻ ته پاناما ڪيس هن ملڪ جي تاريخ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس کان پوءِ ٻيو اهم ڪيس آهي، جنهن جو فيصلو تمام تڪڙو ٻڌايو پيو وڃي، هونئن ته تحريڪ انصاف خلاف پارٽي فنڊنگ  ڪيس، دهشتگردي جا ڪيس به هلي رهيا آهن، ايتري قدر جو عمران خان جي توهين عدالت ڪيس جي به ٻڌڻي هلي رهي آهي.
عمران خان چئي ٿو ته هو اليڪشن ڪميشن کي توهين عدالت ڪيس هلائڻ جو اختيار ناهي ته نواز شريف چئي ٿو ته کيس پٽ کان پگهار نه وٺڻ جي ڏوهه ۾ سزا ڏني پئي وڃي، بهرحال ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي، جيئن ته ٻئي پارٽيون  هن وقت به هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ۾ مصروف آهن ته مٿان وري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چونڊرائڻ  لاءِ تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي به پنهنجيون سرگرميون تيز ڪندي مشاورتي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه سياستدان چئي رهيا آهن ته عمران خان 2013 ع ۾ پاڻ کي وزيراعظم ٿيڻ جو خواب ڏٺو هو ۽ هو هاڻ پاڻ کي اپوزيشن ليڊر چونڊرائڻ لاءِ هٿ پير  هڻي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا تي اپوزيشن ليڊر جي نالن بابت بحث ٿي رهيو آهي،
ڪجهه سياسي اڳواڻ چون ٿا ته تحريڪ انصاف شاهه محمود قريشي کي مخالف ڌر اڳواڻ چونڊرائيندي، جڏهن ته  پيپلزپارٽي بابت به اهو چيو پيو وڃي ته هن ڀيري خورشيد شاهه مخالف ڌر جو اڳواڻ نه ٿي سگهندو.تحريڪ انصاف پاران ته واضح طور چيو ويو آهي ته مخالف ڌر جو اڳواڻ صرف عمران خان کي ئي چونڊرايو ويندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مطالبو ڪو نئون نه آهي، ڪيتري ئي عرصي کان  تحريڪ انصاف، عوامي مسلم ليگ ۽ ٻيون جماعتون ڪنديون رهيون آهن پر اڃا تائين انهن جو مطالبو پورو نه ٿي سگهيو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ اندر احتساب جو عمل تمام گهڻو تيز ٿي ويو آهي پر ان باوجود هن ملڪ ۾ چونڊون وقت کان اڳ ٿيندي نظر نه پيون اچن، ڇاڪاڻ ته هن وقت جيڪڏهن وقت کان نين چونڊن جو اعلان به ٿيندي، 
بهرحال  ڪجهه عرصو اڳ جڏهن  ادارن ۾ ٽڪراءُ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته هن ملڪ ۾ ڪو به انهن کي مڃڻ لاءِ تيار نه هو پر جڏهن کان نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي، تنهن ڏينهن کان نوازليگ اڳواڻن جي بيانن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ادارن ۾ ٽڪراءُ ڪيترو وڌي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اخبار ۾  آرٽيڪل به لڳو هو، جنهن ۾ ڪالم نگار لکيو هو ته اسحاق ڊار پاران  هڪ ڌر کي ناراض ڪيو هو، جنهن سبب نواز ليگ ۽ هڪ ٻي ڌر وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو هو، جيئن ته نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو ويوآهي، ميڊيا تي به سندس نالي کان اڳ نااهل لفظ ضرور لڳايو پيو وڃي، جنهن جي ڪري سياستدان چئي رهيا آهن ته نوازشريف سڄي عمر لاءِ نااهل قرار ڏنو ويوآهي. هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائندو ته کيس عرصي تائين نااهل قرار ڏنو آهي، جڏهن اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي خط نه لکڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏنو ويو  هو ته ان وقت خبر پئجي وئي هئي ته کيس ڪيترن  سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي پر هن ڀيري ٿوري صورتحال خراب ٿي وئي آهي، پيپلزپارٽي ته مفاهمت ڪرڻ ۾ ماهر آهي، جنهن سبب  ان پارٽي مفاهمت وارو رستو اختيار ڪيو پر نوازشريف نااهل ٿيڻ بعد  ادارن خلاف تقريرون ڪيون ۽ پاڻ کي نظرياتي ليڊر قرار ڏنو، سندس  تقريرن سبب مٿس وڌيڪ ڪيس عدالت ۾ به هلي رهيا آهن.
نواز ليگ جا اڳواڻ به ميڊيا ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي پريس ڪانفرسنز ۾ ادارن خلاف به ڳالهائي رهيا آهن. جنهن جي ڪري به نوازشريف ۽ مقدس ادارن وچ ۾ ويڇا وڌندا پيا وڃن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ انصاف جي رستي ۾ نواز شريف جي مزاحمت تي نوٽيس وٺي. ڊان ليڪس نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جي سازش آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق پرڏيهي وزير خواجه آصف جي آمريڪا ۾ بيانن جي مذمت به ڪئي. ايتري قدر جو هن اهو به چيو ته ڊي جي آءِ بي کي نئب جو نئون سربراهه بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عدالتي حڪمن باوجود ماڊل ٽائون واقعي جي رپورٽ منظر تي نه اچي رهي آهي. ٻي طرف وري جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ جي تبديلي ۾ ڪابه جلدي ناهي، شاهه محمود قريشي ۽ خورشيد شاهه ٻنهي سان سندس رابطو آهي، اسان مشوري کانپوءِ ڪو فيصلو ڪنداسين.
هڪ طرف نيب چيئرمين جي چونڊ ته ٻي طرف وري اپوزيشن ليڊر  واري معاملي سياسي پارٽين  جون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي  نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ به سرگرم نظر اچي رهي آهي، هر هڪ پارٽي پنهنجي مرضي جو نيب  چيئرمين مقرر ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن مستقبل ۾ ڪا کين ڏکائي پيش نه چئي. نيب چيئرمين قمر زمان چوڌري چيو آهي ته شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي نيب لاهور کي نمبر ون ريجن قرار ڏنو ويو آهي، نيب چيئرمين قمر زمان چوڌري اهو بيان نيب لاهور جي الوداعي دوري جي موقعي  تي ڏنو هو. ان موقعي تي قمر زمان چوڌري چيو هو ته منهنجي دور ۾ ڪيل سڌارن سبب پلڊاٽ، ٽرانسيپرنسي انٽرنيشنل ۽ عالمي اقتصادي فورم بدعنواني جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. بهرحال هاڻ پنهنجي مرضي جو نيب چيئرمين آڻڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ خلاف ڌر کي چونڊرائڻ لاءِ پارٽين ۾ مشاورتي عمل تيز ٿي ويو آهي، نيب به جلد کان جلد ريفرنس جي رپورٽ تي عمل ڪرائڻ جي خواهشمند آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر نيب چيئرمين جي وڃڻ کان پهرين ريفرنس جو فيصلو اچي ويندو يا وري نئون نيب چيئرمين  جي اچڻ کان پوءِ ٻيهر ريفرنس بابت جاچ ڪئي ويندي،  جيئن ته چونڊن ۾ به ٿورو وقت اچي بچيو آهي ۽ مخالف ڌر جي  اڳواڻ کي چونڊرائڻ لاءِ به  مشاورتي عمل تيز ٿي ويو آهي ته مٿان وري اهي خبرون هلي رهيون آهن ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کان به استعفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.ميڊيا تي اهي خبرون هلي رهيون آهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نااهل وزيراعظم نواز شريف کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي. جنهن ۾ وزيراعظم خاقان عباسي چيو آهي ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هاڻ عهدو ڇڏڻ گهرجي.هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازليگ حڪومت نوازشريف جي نااهل ٿيڻ بعد پنهنجو مدو پوري ڪري سگهندي يا نه؟

Thursday 28 September 2017

Sahib khan bhatti in Daily Awami Awaz


Sahib khan bhatti in Daily Awami Awaz


Sahib khan bhatti with Razzaq Aasi


Sahib khan bhatti with Naeem Sindhu


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


اسحاق ڊار کان پوءِ ڪنهن جو احتساب ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
پاناما ڪيس کان پوءِ عوام کي خبر ته هن ملڪ اندر به احتساب نالي ڪا شيءَ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته اڳ صرف پوليس، اهلڪار، رينجرز ۽ ٻيا ادارا صرف غريب ماڻهن جو ئي احتساب ڪندا هئا پر هاڻ سياستدانن جو احتساب ٿي رهيو آهي، ماضي ۾ جيڪو احتساب ٿيندو هو، ان احتساب ۾ سياسي اڳواڻن کي صرف جلا وطن ڪيو ويندو هو پر هاڻ  اسٽيبلشمينٽ جو طريقو تبديل ٿي ويو آهي. هاڻ اڳواڻ پاڻ جلاوطني اختيار ڪرڻ لاءِ ملڪ ڇڏيو هليا وڃن ٿا، ڪڏهن بيماري جي بهاني ته ڪڏهن وري ڪنهن ڪم سانگي هن ملڪ کان ٻاهر رهي ڪيسن کي منهن ڏين ٿا. بهرحال نواز ليگ تي هڪ ڀيرو ٻيهر جيڪو  دٻاءُ وڌو آهي، ان جو ڪارڻ پاناما معاملو هو، هونئن ته پاناما ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا شامل هئا پر سڀ کان وڌيڪ احتساب ٿيو ته اها ٻي ڪا جماعت نه پر نواز ليگ هئي، هن وقت به نواز ليگ جو پاناما کان شروع ٿيل احتساب جاري ۽ ساري  آهي.
اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف جنهن کي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو هو، اهو اڄ به رڙيون ڪري رهيو آهي ته ساڻس انصاف نه ٿيو آهي. پاناما کان اڳ هن ملڪ ۾ ٻه ادارا اهڙا هئا جن خلاف ڳالهائڻ کان اڳ هر ڪو ماڻهو هزار بار سوچيندو هو، ڇاڪاڻ ته انهن ٻن ادارن خلاف ڳالهائڻ  جو مطلب هوندو هو ته پاڻ ڏانهن  نقصان کي دعوت ڏيڻ آهي.  پر هاڻ ٿورو  روايتون تبديل ٿيون آهن، ان جو ڪارڻ ٻيو نه پر نوازشريف آهي. جڏهن کان  نواز ليگ خلاف ڪيس شروع ٿيا آهن، تڏهن کان عدالتن ۾ ڪيسن کي اڪلائڻ وارو  سلسلو به تيز ٿي ويو آهي. هڪ طرف تحريڪ انصاف خلاف پارٽي فنڊنگ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي ته ٻي طرف وري نواز ليگ  به عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي،  
نوازشريف سان به اهو ئي حشر ٿيو آهي، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ لنڊن واري ڀائي سا ٿيو هو، اڃا به ماڻهن کي اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن لنڊن وارو شخص ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽي وي چينلن تي ويهي هن ملڪ کي ٺاهيندڙ عوام کي ڌمڪيون ڏيندو هو پر ان کان ڪو به پڇڻ وارو نه هوندو پر جڏهن ان شخص هتان جي مقدس ادارن خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ته جن ماڻهن کي  لنڊن واري شخص خلاف ڳالهائڻ جي همت به نه هوندي هئي، اهي ماڻهو سندس خلاف عدالتن جو در کڙڪائيندا هئا، جڏهن لنڊن واري شخص رياست خلاف تقرير ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ان شخص خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ وارو سلسلو به شروع ٿي ويو هو، نوازشريف سان به اهو ئي ڪجهه ٿيو آهي، جڏهن نوازشريف عدالتن خلاف ڳالهايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ  سميت مختلف عدالتن ۾ نوازشريف ۽ سندس پارٽي تي پابندي لڳائڻ جون درخواستون داخل ڪرايون ويون.
جيتوڻيڪ هن وقت نوازشريف عدليا ۽ فوج خلاف گهٽ ڳالهائي رهيوآهي ۽ پنهنجي رويي ۾ به نرمي آند آهي پر ان باوجود به تحريڪ انصاف سندس پيڇو نه پئي ڇڏي. بهرحال سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ عوام جون اکيون کليون ۽ نوازشريف جي بيانن  مان اهو ظاهر ٿيو ته ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ وارو فيصلو به مقدس ادارن جوغلط هو، ۽ نواز ليگ اهو ئي ڪجهه چئي رهي آهي. هونئن ته هن ملڪ ۾ حق سچ ڳالهائڻ سولو ڪم نه آهي پر ان باوجود نوازشريف وڏي بهادري سان پنهنجي ۾ دمادم مست قلندر ڪرڻ لاءِ نڪتو آهي ۽ عوام به سندس ساٿ  ڏئي رهيو آهي پر  نوازشريف جن مقدس ادارن کان جنگ کٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهو سندس لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻيل آهي ڇاڪاڻ ته هڪ عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به انهن مقدس ادارن کان نه کٽي سگهيو  هو.  بهرحال هن وقت حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ عوام ميڊيا تي سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي،صرف ڳالهائي نه پيوسگهي،
هن ملڪ جو عوام ته اهو به ڏسي رهيوآهي ته هڪ پارٽي خلاف پارٽي فنڊنگ جا ڪيس هلي رهيا آهن ته ٻي طرف وري ان تنظيم تي هلڪو هٿ رکيو پيو وڃي.  هن وقت ملڪ اندر هڪ طرف بدامني ۽ دهشتگردي آهي ته ٻي طرف وري عالمي دهشتگرد تنظيمون به هن ملڪ ۾ هيڏي وڏي سڪيورٽي جي باوجود پنهنجا جهنڊا لڳائي رهيون آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازشريف 1998ع  ۾ به انهن ادارن سان مهاڏو اٽڪايو هو ۽ هاڻ به اٽڪائي رهيوآهي. پر هن ڀيري کيس ماضي جي ڀيٽ ۾ ٿورو ريليف ضرور ملندو. اهو ان ڪري ملندو و اڄ ملڪ اندر ميڊيا  عوام کي سجاڳ ڪري ڇڏيو آهي. هونءَ ته هن ملڪ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جو قتل ڪيس به هلي رهيو آهي، جنهن جي قتل کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن پر اهو ڪيس جيئن جو تئين آهي پر پاناما ڪيس جيترو جلدي حل ٿي ويو، شايد اهو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي.
پاناما ڪيس ۾ سڀ کان پهريان نوازشريف کي نااهل ڪيو  ويو، جنهن بعد شريف ڪٽنب ۽ ناڻي واري وفاق وزير اسحاق ڊار خلاف ريفرنس جي جاچ شروع ٿي. جيڪا هن وقت هلي رهي آهي. احتساب عدالت به غير قانوني اثاثن جي ڪيس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تي فرد جرم ڪيو پر اسحاق ڊار ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام کي غلط قرار ڏنو هو، جڏهن ته اسحاق ڊارو اهو به چو هو ته مٿس آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام بي بنياد آهي تنهن ڪري هو پاڻ تي لڳل الزامن جو دفاع ڪندو ۽ بيگناهي ثابت ڪندو.جڏهن ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار اسلام آٻاد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو هو ته ان وقت حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، جڏهن ته نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر عمران شفيق کي به پوليس اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو، ايتري قدر جو صحافين کي به اندر نه ڇڏيو ويو هو. عدالت به دير ئي نه ڪئي هئي اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو هو.جنهن تي نواز ليگ اڳواڻ به ميدان تي لهي پيا هئا،  
نوازليگ جي وڪيل چيو هو  ته فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان اڳ جوابدار کي وقت ڏنو ويندو آهي پر  اهو حق نوازشريف کي نه  ڏنو ويو آهي.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته هن اڳ به سنگين حالتن کي منهن ڏنو هو ۽ اڄ به هو اهڙين حالتن کي ڏئي رهيو آهي، نوازشريف ته اهو به چيو هو ته هو ڪڏهن آمريت اڳيان جهڪيو ناهي. جيتوڻيڪ اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ نواز ليگ اڃا به ڏکيائن کي منهن ڏئي رهي آهي.  جڏهن ته  تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان کي عدالت ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو هو   ڪڏهن به پيش نه ٿيو آهي پر  جڏهن به نوازشريف جي اولاد کي طلب ڪيو ويو هو عورتن ۽ ٻارڙن سميت عدالتن آڏو پيش ٿيو آهي. ايئن ناهي ٿيو جين اڳوڻي پرويز مشرف ڪيو هو، اها به ڪيتري ئي پراڻي ڳالهه آهي، جڏهن سپريم ڪورٽ  مشرف کي طلب ڪيو ويو هو ته هو عدالت بدران علاج بهاني اسپتال هليو ويوهو ۽ هاڻ به عدالتن۾  پيش ٿيڻ بدران پرڏيهه  ۾ علاج ڪرائي رهيو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر نواشريف کي مقدس ادارا ريليف فراهم ڪندا يا وري جيڪو انصاف ڀٽو سان ڪيو ويو  هو، اهڙو ئي انصاف  نوازشريف سان ڪيو ويندو؟


Wednesday 27 September 2017

ڪرد ريفرينڊم ۽ قومن جا حق ڦٻائندڙ ملڪن جي ڳڻتي

صاحب ڀٽي
جڏهن ظلم جون حدون پار ٿي وينديون آهن ته اتي انصاف لاءِ ڪو نه ڪو آواز ضرور اٿاريندو آهي، اهو  آواز مظلوم قوم جي لاءِ هڪ سگهاري طاقت بڻجي ويندو آهي،  عراق ۾ به  مذهب جي نالي تي دهشتگردي پکيڙيندڙ  تنظيمون مظلوم قوم جو آواز دٻائڻ لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن ۽ مذهب جي آڙ ۾ مظلوم قومن جا حق غضب ڪيا ويندا آهن، عراق ۾ به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪردن پاران آزادي جي لاءِ جدوجهد جاري آهي، ايتري قدر جو عراق ۾ عورتون به پنهنجي  وطن جي آزادي لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن، جنهن سبب ڪردن کي عراق اندر ڪڏهن مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙ تنظيمن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو ته ڪڏهن وري رياست سان مهاڏو اٽڪائڻو پئجي رهيو آهي، مطلب ته عراق ۾ هڪ طرف مذهب جي نالي تي قتل عام ڪندڙ دهشتگرد تنظيم سرگرم آهي ته ٻي طرف وري اتان جي حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه حق ڦٻائيندڙ قوتون ڪردن جا حق کسي انهن جي وسيلن تي قبضو ڪري ويٺون آهن.
هونئن ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪردن جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري آهي پر ان جدوجهد ان وقت تيزي ورتي جڏهن ريحانا نالي ڪرد ويڙهاڪ پنهنجي آزادي لاءِ عالمي دهشتگرد تنظيم سان مهاڏو اٽڪايو هو، جيتوڻيڪ هن وقت عراق اندر حالتون بهتر نه آهن ۽ نه ئي وري عراقي حڪومت چاهي ٿي ته ڪردن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن پر ان باوجود ڪرد پنهنجي قوم جي بقا لاءِ هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪرد عراق، ايران، ترڪي ۽ شام رهندا آهن، جتي کين حق نه پيا ڏنا پيا وڃن پيا، جنهن سبب هو پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن، هونئن ته سڄي دنيا ڪردن کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر عراق، ايران، ترڪي ۽ شام ڪڏهن به ڪردن کي قوم سمجهڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ه ئي وري انهن کي ڪي حق مُهيا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن وقت  شام، ايران،  عراق ۽ ترڪي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه آهي پر ان باوجود اهي ملڪ ڪردن کي پنهنجو حق ڏيڻ لاءِ تسليم ئي نه آهي، سڄي دنيا ۾ ڪردن جي آزادي لاءِ احتجاج به ٿي رهيا آهن. ايتري قدر جو آمريڪا توڙي برطانيا جا اهم اڳواڻ به ڪردن جي جدوجهد بابت ڳالهائندا رهيا آهن.
 جڏهن عراق جي گادي واري شهر بغداد ۽ پاڙيري ملڪن  ۾ آزادي لاءِ ريفرندم ڪرايو ويو ته ترڪي، عراق، شام ، ايران ۽ ترڪي  پاران  ان کي ريفرنڊم کي قبول کان انڪار ڪيو ويو ۽ انهن ئي ملڪن  پاران ڪردن جي مخالفت ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن کي خبر آهي ته جيڪڏهن ڪردن کي پنهنجا حق ملي ويندا ته وٽن ڪجهه به نه بچندو، جنهن سبب اهي ملڪ پنهنجا اعتراض پيش ڪري رهيا آهن. گذريل سومر ڏهاڙي عراق ۾ ريفرنڊم ڪرايو ويو، جنهن بابت ميڊيا ۾ خبرون نشر ٿي رهيو آهن ته ماڻهن جو وڏو انگ بنا ڪنهن خوف جي روڊن تي نڪري آيو،  ووٽ ڏيڻ  ”ها “ واري نشان تي ٺپو هنيو ۽  پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، جنهن کي به دٻائڻ جي  هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي هئي. جڏهن ووٽنگ وارو عمل جاري هو ته ماڻهن جو  وڏو تعداد پنهنجي ثقافتي لباس پهري ووٽ ادا ڪري  رهيو هو، ڇاڪڻ ته وڏين قربانين بعد کين  پنهنجي راءِ جي اظهار جو حق ڏنو ويو هو. هن وقت  عراق اندر حالتون انتهائي خراب ٿي ويون آهن، جنهن سبب عالمي دهشتگرد تنظيمون جيڪي مذهب جي نالي تي دنيا اندر دهشتگردي  پکيڙي رهيون آهن، اهي عراق اندر به پنهنجو خوف پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري  رهيون آهن،
هڪ ووٽر ته پنهنجي ننڍڙي ٻارڙي کي ڪلهن تي کڻي هڪ هٿ ۾ ڪردستان جو جهنڊو کنيو هو ته ٻي هٿ سان ٻار کي سنڀالي ووٽ ادا ڪيو هو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪردن جو چوڻ هو ته  اڄ انهن جي لاءِ تمام وڏو خوشي جو ڏينهن آهي.جڏهن ووٽن وارو عمل جاري هو ته بغداد حڪومت فوج کي موڪلي ڇڏيو هو، جتي اربيل سان سندن تڪرار هلي رهيو هو.  جيتوڻيڪ  ڪردن جي جدوجهد ۽ قرباني رنگ لاتو آهي پر  ان باوجود اڃا به مظلوم ڪردن کي وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ترڪي، ايران، شام  ڪڏهن به نه چاهيندا ڪردن کي الڳ ملڪ ملي، ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن کي  خبر پئجي وڃي ها. عراقي وزيراعظم  حيدرالعبادي چيو آهي ته هو عراق  جي يڪجهتي قائم رکندي هر ممڪن  قدم کڻندو. ڪرد صدر مسعود برزاني  چئي رهيو آهي ته آزادي جي لاءِ ووٽ ڏيڻ ڪرد عوام جي خواهش هئي ۽ معاملو انهن وٽ  آهي. آزادي ماضي جي سانحن کان ورجائڻ کان محفوظ رکندي. ڪرد اڳواڻ اهو به چيو ته بغداد سان گڏ هلڻ وارو تجربو ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ  هو عراق سان گڏ نه هلي سگهندا.
گذريل سومر ڏهاڙي جڏهن ريفرنڊم ٿي رهيو هو ته  ان کان اڳ  عراقي وزيراعظم حيدرالعبادي ڪرد قوم کي حڪم ڏنو ته اهي پنهنجي سرحدن ۽ هوائي اڏن جو ڪنٽرول بغداد جي حوالي ڪري ڇڏين، جڏهن عراقي حڪومت ڏٺو ته ڪردن لاءِ دنيا اندر همدرديون وڌي رهيون آهن ته  عراق ترڪي، شام ۽ ايران تي دٻاءُ وڌو ته اهي ڪردن کان تيل خريد نه ڪن ته جيئن اهي مضبوط نه ٿي سگهن ۽ اهي مظلوم قومن جا حق کائيندا رهندا ۽ انهن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندا، جيڪڏهن ڏٺو  وڃي ته جڏهن ڪردن جا مخالف ملڪ ڪردن جي جدوجهد آڏو نه بيهي سگهيا ته انهن مذهب جي نالي تي ٺهيل هڪ دهشتگرد تنظيم کي ڪردن کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌايو ، جنهن سان به ڪردن جي عورتن، مردن ۽ٻارڙن مهاڏو اٽڪايو، اها عالمي دهشتگرد تنظيم اڄ ڪلهه ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪري چڪي آهي. بهرحال اها دهستگرد تنظيم ختم ٿئي يا نه ٿئي، ان سان هن خطي ۾ ڪو به فرق نه پوندو، ڇاڪاڻ ته عالمي دهشتگرد تنظيمن کي به عالمي برادري به سهڪار ڪري رهي آهي،
جيڪڏهن عالمي برادري دهشتگرد تنظيمن کي سهڪار  نه ڪري ته اڄ دنيا جي  اندر امن امان جي صورتحال قائم ٿي ويندي، بهرحال جڏهن عراق ۾ ريفرنڊم ٿيو ته ايران ۽ ترڪي حڪومت آزادي بابت ريفرنڊم کي جي سخت مخالفت ڪئي هئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دنيا اندر اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن، جتي امن امان جي صورتحال بهتر نه آهي. شامي سرڪاري ميڊيا پرڏيهي وزير وليد معلم جي حوالي سان چيو آهي ته هنن ملڪ ۾ ٿيل ريفرنڊم کي رد ڪري ڇڏيو آهي  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪرد اها واحد قوم آهي، جيڪا ڪيتري ئي عرصي کان پنهنجي حقن  لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. عراق جي  حڪومت ڪردن کي دهشتگرد  قرار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ترڪي به ڪيتري ئي عرصي کان ڪردن خلاف پنهنجي جنگ جاري رکيو پيو اچي. هونئن ته هن وقت ڪنهن به ملڪ ظاهري طور  ڪردن جي ريفرندم کي تسليم ناهي ڪيو.
اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن مظلوم قومن جو آواز گڏيل قومن ۾ اٿاريو ويندو ۽جن قومن جا حق غضب ٿي   رهيا آهن، جيڪڏهن  عراقي حڪومت  ڪردن جي آزادي کي تسليم نه ڪيو ته هن خطي ۾ حالتون خراب ٿي وينديون. جڏهن عراق ۾ جنگ هلي رهئي  ته ان وقت ريحانه نالي هڪ ناري به  داعش نالي هڪ خطرناڪ دهشتگرد تنظيم سان مهاڏو اٽڪايو هو. هن وقت ڀلي کڻي ترڪي، عراق، شام ۽ ٻيا ملڪ آزادي ريفرنڊم کي تسليم نه ڪن پر اهو معاملو اتي  ختم نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڪردن پنهنجي آزادي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، ايتري قدر جو ريحانه  ڪوباني به دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايو هو. اها واحد ناري هئي جنهن   ڪردن جي آزادي لاءِ شهادت جو جام پيتو هو. جڏهن کان عراق ۾ ڪردن   پاران آزادي ريفرنڊم کي مڪمل طور تسليم ڪيو ويو آهي. بهرحال ڪردن جي آزادي لاءِ ريفرنڊم دنيا لاءِ هڪ وڏو  درس آهي ، جيڪي به ملڪ ڪردن جي آزارادي يفرنڊم کي تسليم ناهي ڪيو. اهي ملڪ  غريب قومن جا حق غضب  ڪندا رهيا آهن. جنهن سبب انهن ملڪن کي ڳڻتي وارايو آهي.

Tuesday 26 September 2017

نوازليگ لاءِ بهتر ٿيندڙ سياسي ماحول

صاحب خان ڀٽي
عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد  نوازشريف جي ڏيهه واپسي کي ڏاهپ تي ٻڌل  فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي ، شيخ رشيد چيو آهي ته هن اڳ ئي چيو هو ته نوازشريف ڏيهه ضرور ورندو، ڪجهه ڏينهن اڳ  مملڪتي وزير طلال چوڌري به اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  هو ته  جادوگرن کي الائي خبر ٿي پئي، جيڪو به چون ٿا اهو ايئن ٿي رهيو آهي، انهن ئي جادوگرن چيو هو ته سپريم ڪورٽ مان فيصلو نوازشريف خلاف ايندو ۽ بعد اهو ئي ٿيو، مطلب ته انهن سڀني جادوگرن جون سموريون اڳڪٿيون سچيون ٿي رهيون آهن،  
جڏهن نوازشريف نااهل نه ٿيو هو ته ان وقت عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو هو ته پپو پنجن ئي پيپرن ۾ فيل ٿيندو ۽ حقيقت ۾ اهو ايئن ئي ٿيو، هاڻ شيخ  رشيد چئي رهيو آهي ته نوازشريف ادارن خلاف نه ڳالهايو ته  حالتون بهتر ٿي ويندو،  هن وقت تحريڪ انصاف عمران خان اڃا به نوازشريف خلاف ڳالهائي رهيو آهي پر شيخ رشيد پنهنجي توپن جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ هوائي فائر ڪري رهيو آهي، بهرحال شيخ رشيد جي بيان مان لڳي رهيو آهي ته ملڪ اندر حالتون تبديل ٿي رهيون آهن تمام جلد نوازشريف ۽ سندس پارٽين جون سرگرميون به  تيز ٿي وينديون،
هاڻ جڏهن سينيٽ مان به چونڊ سڌارن جو بل منظور ڪيو ويو آهي ته ان کان پوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته نااهل شخص به پارٽي جو سربراهه ٿي سگهي ٿو ۽ آئين ۾ اهڙي ترميم سان فائدو نوازشريف سان گڏ ٻين جماعتن کي  به ٿيندو.  پر اڳتي هلي ان سان هن ملڪ تي ڪهڙا اثر پوندا، اهو  ته وقت ئي ٻڌائندو پر هن وقت سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اها ترميم نوازشريف لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندي.  جڏهن نوازشريف پنهنجي گهر واري جي عيادت ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو هو ته ان وقت چيو ويو هو ته هاڻ نوازشريف ڏيهه مشڪل واپس وري ڇاڪاڻ ته سندس خلاف ڏيهه ۾ تمام گهڻا ڪيس هلي رهيا آهن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ نواز سرڪار لاءِ تمام گهڻو ڏکيو آهي،
بهرحال هن وقت نوازشريف ڏيهه واپس اچي ويو آهي ۽ ايندي سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ پارٽي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪري رهيو آهي. ايتري قدر جو  نوازليگ کان ناراض اڳواڻ چوڌري نثار به پنجاب هائوس پهچي نوازشريف سان  ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ۾ اها ملاقات 45 کان 50 منٽ تائين جاري رهي، جنهن دوران ملڪ جي مختلف معاملن  بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، چوڌري نثار بيگم ڪلثوم نواز جي صحتابي بابت به نوازشريف کان معلومات حاصل ڪئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  نوازشريف ۽ چوڌري نثار وچ ۾ٿيل ملاقات ڏيڍ مهيني کانپوءِ ٿي آهي ۽ اها ملاقات تمام گهڻو اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته چوڌري نثار واحد شخص آهي، جنهن سڀ کان پهرين پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ نواز ليگ خلاف گهٽ وڌ ڳالهايو پر سندس خلاف نوازليگ جي ڪنهن به پارٽي ڳالهائڻ جي همت نه ڪئي هئي،
جڏهن نوازشريف ڏيهه واپس آيو هو ته سندس ملاقات جا امڪان تمام گهٽ هئا پر ٻين اڳواڻن جيان اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنجاب هائوس پهچي نوازشريف سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن بابت هر طرف اهي افواهه هئا ته چوڌري نثار آخر ڪهڙو پيغام کڻي نوازشريف سان ملاقات ڪئي، ڇاڪاڻ ته چوڌري نثار اهو واحد شخص هو، جنهن نوازشريف کي استعيفيٰ جو مشورو ڏنو هو. هن وقت به سندس ملاقات تمام گهڻا سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ ان ملاقات مان لڳي رهيو آهي نوازشريف جي لاءِ ملڪ اندر ماحول بهتر ٿي رهيو آهي ۽ اڳتي  حلي نواز ليگ خلاف هلندڙ ڪيس ختم ٿي ويندا. جڏهن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ڏيهه پهتو هو ته ان وقت  سندس صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ اسپيڪر اياز صادق، خواجه سعد رفيق، پرويز رشيد، طلال چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ نيب ڪيسز، ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون. ۽ ان ئي اجلاس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.
هڪ ٻه ڏينهن اڳ نوازشريف چيو هو ته ڪيس پاناما جو هو پر سزا اقاما تي ٻڌائي وئي، هي ڪهڙو انصاف آهي؟، ڳالهه پاناما کان شروع ٿي ته ختم به ان تي ٿيڻ گهرجي ها.جن ججن سندن خلاف فيصلو ڏنو انهن ئي سندن جي اپيل ٻڌي، اهڙي طرح جتي به اهو معاملو ويندو اتي ساڳيا جج موجود هوندا. بهرحال نوازشريف ان وقت ڏيهه وريو آهي، جڏهن سينيٽ ۾  چونڊ سڌارن جو بل منظور ڪيو ويو هو، ايم ڪيو ايم پاڪستان به نواز ليگ جي حمايت ۾ ووٽ ڏئي بل کي منظور ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو پر هاڻ ايم ڪيو ايم سربراهه فاروق ستار چئي رهيو آهي ته جنهن به اڳواڻ حمايت ۾ ووٽ وڌو ان خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هاڻ جڏهن بل به منظور ٿي ويو آهي، باقي صرف صدر ممنون حسين جي منظوري جي ضرورت آهي، جيڪو به لڳي ٿو تمام جلد مڪمل ٿي ويندو. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ان شخص خلاف ڪارروائي ڪري به ته ان جو ڪو به فرق نه پوندو،
هن وقت هڪ طرف ملڪ اندر دهشتگردي آهي ته ٻي طرف وري سياسي پارٽين ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول آهي، جنهن سان ڪنهن به وقت هن ملڪ ۾ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته ٻن ادارن پارليامينٽ جي اختيارن ۾ مداخلت ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن ٻئي ايوان ۽ صوبائي اسيمبليون آئيني ڪردار ادا ڪن ته جمهوريت مضبوط ٿيندي،اقتدار جي ٽڪنڊي ۾ پارليامينٽ سڀني کان ڪمزور ادارو آهي، رضا رباني ته اهو به چيو هو ته پارليامينٽ جا ٻئي ايوان ۽ صوبائي اسيمبليون پنهنجي آئيني حدن مطابق ڪم ڪن ته ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي جا مثبت نتيجا ايندا، اختيارن کي محدود ڪنداسين ته ٻيا ادارا پارليامينٽ جي حدن ۾ جڏهن چاهين پنهنجي مرضي سان داخل ٿيندا، پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائر چيو هو ته نواز شريف اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان تي ڪرپشن جو ڪو ڪيس ناهي جڏهن ته نواز شريف کي ملڪ جي اعليٰ عدالت جي پنج ججز چيو آهي ته اهو صادق ۽ امين ناهي رهيو، نواز شريف خلاف عدليه ڪا سازش ناهي ڪئي، عدليه سازش ڪري به ڪيئن سگهي ٿي؟، انهن کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو پورو موقعو ڏنو ويو هو،
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازشريف احتساب عدالت کي ڪهڙي ريت منهن ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته نوازشريف کي هن وقت ريفرنسز کي به منهن ڏيڻو پئجي  رهيو آهي، جنهن مان کيس جند آجي ڪرائڻ تمام ڏکيو پئجي ويندو؟ بهرحال جيڪڏهن  اسٽيبلشمينٽ ۽ نوازسرڪار وچ ۾ ڳالهيون طئي ٿي ويون هونديون ته پوءِ نوازشريف جي نااهلي وارو ٽپو به مٽجي  ويندو۽  هي جماعت  وڏي مارجن سان اقتدار ۾ اچي ويندو، جنهن جو ثبوت لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 120 تي ٿيل چونڊ مان به ملي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڏيهه واپسي کان پوءِ نوازشريف اڳ جي ڀيٽ ۾ ٿورو تبديل ٿي چڪو آهي ۽ سندس قانوني ماهرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات به وڏي اهميت رکي ٿو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر  نوازسرڪار هڪ دفعو ٻيهر اقتدار ۾ اچي ۽ عوام کيس ووٽ ڏيندو يا نه؟  باقي رهي ڳالهه ايندڙ وزيراعظم جي ته  بلاول ڀٽو  به هن ملڪ جو ٻيو وزيراعظم ٿي سگهي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي تحريڪ  انصاف اچي سگهي ٿي. هاڻ ته اهو وقت ئي ٻڌائندو ته ايندر  وقت ۾ ڪهڙي پارتي اقتدار ۾ ايندي.

Daily Jeejal News Paper, Sahib khan bhatti article


Daily Jeejal News Paper, Sahib khan bhatti article


Daily Hilal e Pakistan karachi, Sahib khan bhatti Article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Dharti, Article by Sahib khan bhatti


Daily Hilal e Pakistan karachi, Sahib khan bhatti Article


Monday 25 September 2017

اسلام آباد ۾ دهشتگرد تنظيمون ۽ گهرو وزارت جانوٽيس

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي، هڪ طرف سرحد تي ڇڪتاڻ ته ٻي طرف دهشتگرد تنظيمون پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياري رهيون آهن ، ڪڏهن سڪيورٽي هلڪارن تي حملو ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن مسجدن، امام بارگاهن ۽  اسڪولن ۾ بم ڌماڪا ڪيا ويندا آهن، اڳ ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان پاران طالبان کي دهشتگرد  چيو ويندو هو، بعد القاعدا ۽ هاڻ وري هڪ ٻي عالمي دهشتگرد تنظيم جو  پاڪستان ۾ وجود سامهون اچي رهيو آهي، مختلف وقت تي عالمي دهشتگرد تنظيم پاران ڪهري ڪاررايون به ٿينديون آهن ، هونئن ته ملڪ اندر ردالفساد آپريشن به جاري آهن ۽ ڪيترن ئي دهشتگرد کي ماريو  به ويو آهي، پر ان باوجود دهشتگرد گهٽجڻ بدران وڌندي نظر اچي  رهيا آهن،
ڪجهه عرصي کان هن ملڪ ۾ هڪ اهڙي دهشتگرد تنظيم جو به بحث هلي رهيو آهي، جنهن جي به ملڪ ۾ موجودگي ظاهر ٿي آهي، اهو ملڪ لاشن جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي ۽ ان دهشتگرد تنظيم جي ڪري ڪيترائي معصوم ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، هن ملڪ ۾ به ڪجهه عرصي کان ان تنظيم پاران پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريو ويو آهي، ڪڏهن مزارن تي حملن ذريعي ته ڪڏهن وري امام بارگاهن تي حملو ڪري ذميواريون قبول ڪيون وينديون آهن پر اسان جي اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار پاران هر ڀيري اها دعويٰ ڪئي ويندي هئي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن به داعش نالي دهشتگرد تنظيم جو ڪو به وجود نه آهي، جڏهن ڪراچي مان ڪجهه عورتن کي گرفتار ڪيو ويو ته انهن جو به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران تعلق داعش سان ظاهر ڪيو ويو، هڪ ٻيو وڏو مثال حيدرآباد مان هڪ يونيورسٽي جي ڇوڪري جهاد جي نالي تي گهران نڪري هلي وئي هئي، جنهن بعد سڪيورٽي ادارن ان ڇوڪري کي آپريشن ڪري بازياب ڪرايو هو.
آمريڪا پاران هر ڀيري دهشتگرد تنظيمن خلاف ڊو مور جو مطالبو ٿيندو رهيو آهي، هن ڀيري ان دهشتگرد تنظيم ته ڪا وڏي ڪارروائي نه ڪئي  آهي پر ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پابندي مڙهيل تنظيم داعش پاران جهنڊا لڳا ويا آهن، ايتري قدر جو اسلام آباد جي حساس علائقن ۾ عالمي دهشتگرد تنظيم جهنڊا لڳائي هلي وئي، پر اتان جي سڪيورٽي ادارن کي ڪا خبر ئي نه پئي ته آخر اهي ڪهڙا نامعلوم ماڻهو هئا جن اسلام آباد جهڙي حساس علائقي ۾ هڪ عالمي پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم پاران جهنڊا لڳايا ويا، جيڪڏهن سڪيورٽي ادارا  برقت ڪارروائي ڪن ها ته ان حساس شهر به سڪيورٽي جا انتظام  سخت هجن ها. هاڻ  ته اسلام آباد ۾  به سڪيورٽي جا انتظام بهتر نٿا چئي سگهون ڇاڪاڻ ته هڪ پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم پاران  جهنڊا لڳيا ويا آهن، جن ۾ “ خلافت از ڪمنگ “  لکيل آهي.
جڏهن اسلام آباد ۾ ان دهشتگرد تنظيم پاران جهنڊا لڳايا ويا ته ان وقت وفاقي گهرو وزير احسن اقبال پاران  نوٽيس ورتو ويو هو ۽ رپورٽ به طلب ڪئي وئي هئي پر اها ڳالهه صرف نوٽيس وٺڻ يا رپورٽ  طلب ڪرڻ تائين محدود نه ٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ اڳ ئي ڪافي ساريون دهشتگرد تنظيمون آهن جن تي به مڪمل طور ڪنٽرول نه ڪيو ويو آهي ته مٿان واري هڪ عالمي دهشتگرد تنظيم آهستي آهستي پنهنجا پير ڄمائي رهي آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ دهشتگردن تنظيمن خلاف تيز ڪيون وڃن ها ته اڄ اسلام آباد جهڙي حساس شهر ۾ ڪنهن به خطرناڪ دهشتگرد تنظيم جي چاڪنگ نه ڪئي وڃي ها نه ئي وري حڪومتي عملدارن کي اها وضاحت پيش ڪرڻي پئي ها ته هن ملڪ ۾ داعش نالي ڪنهن به دهشتگرد تنظيمون جو ڪو به نالو آهي.
بهرحال اها تنظيم سنڌ ۾ به پنهنجي موجودگي جو اهڙي طريقي سان احساس ڏئي رهي آهي، سنڌ ۾ ۽ پاڪستان جي گادي واري شهر ۾ به اها دهشتگرد تنظيم پنهنجا پمفليٽ اڇلائيندي رهي آهي. خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر اهڙيون دهشتگرد تنظيمون پنهنجو نيٽ ورڪ هن ملڪ ۾ ڪهڙي  ريت مضبوط ڪري رهيون آهن. جن خلاف آپريشن ردالفساد سان گڏ دهشتگرد تنظيمن  تي ڪڙي نظر رکڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف محرم الحرام جو مهينو آهي ته ٻي طرف وري سڪيورٽي خدشا به موجود آهن ۽ عالمي دهشتگرد تنظيم ٻين علائقن کي ڇڏي حساس شهر اسلام آباد ۾ پنهنجا جهنڊا لڳايا آهن، جن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته اها دهشتگرد تنظيم پنهنجا پير ڄمائي رهي آهي ۽ محرم الحرام جهڙي مهيني ۾ حساس شهر اسلام آباد ۾  جهنڊا لڳايا ويا  آهن.
سنڌ جو گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به چئي  رهيو آهي ته محرم سيڪيورٽي خدشا موجود آهن  پر هو امن امان جي صورتحال کي بحال رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هڪ طرف وفاقي حڪومت به داعش نالي ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جو  موجودگي کان اڻڄائي ظاهر ڪئي آهي ته ٻي طرف وري دهشتگرد تنظيمون پنهنجين پنهنجين پارٽين جا جهنڊا لڳائي رهيون آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن به وڌيڪ دهشتگردي جي سهپ نه آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن وڏي سانحي کي منهن ڏئي  سگهي ٿو، ڇاڪاڻ  ته هن ملڪ جي عوام آمريتي ۽ جمهوري حڪومتن جي غلط فيصلن سبب  تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي.
عالمي برادري به هن ملڪ جي عوام جي قربانين جو  اعتراف ڪيو آهي،  هڪ طرف ڌارين جي لوڌ هن ملڪ ۾وجود آهي ته ٻي طرف وري  دهشتگرد تنظيمن جي موجودگي ڳڻتي ورايو ويو آهي.  پر ان باوجود   حڪومت پاران هن ملڪ اندر ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جي موجودگي کان انڪار ڪيو ويو آهي، هونئن ته سوشل ميڊيا  تي به دهشتگرد تنظيمن پاران مهم هلائي ويندي آهي پر هن  وقت ان دهشتگرد  تنظيم پاران اسلام آباد ۾ جهنڊا لڳائڻ ڪنهن وڏي سانحي جي نشاني کان گهٽ نه سمجهڻ گهرجي، جيتوڻيڪ وفاقي گهرو وزير  احسن اقبال پاران اسلام آباد ۾  جهنڊا لڳائڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به دهشتگرد جي گرفتاري  ظاهر نه ڪئي وئي آهي، عوامي مسلم ليگ سرگراهه خورشيد شاهه چئي رهيو آهي ته اسلام آباد جهڙي شهر داعش جا جهنڊا لڳڻ  حڪومت جي لاپرواهي آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌريبه هڪ ٻه ڏينهن اڳ چيو  هو ته داعش جي جهنڊن لڳڻ سان ظاهر ٿئي ٿو  نته حڪومت ناما ٿي وئي آهي،
هاڻ ڏسڻو آهي ته آخر حڪومت ان حساس معاملي کي عسڪري ۽ سول ادارن جو اجلاس طلب ڪري اسلام آباد ۾ ڪالعدم تنظيم جي جهنڊن لڳائڻ جو سخت نوٽيس ورتو وڃي ته جيئن هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي ۽ محرم الحرام دوران ڪنهن به ڊهشتگرد کي ڪا به ڪهري ڪارروائي کان روڪڻ  لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي ته جيئن هي محرم الحرام مهينو ڪنهن به عالمي دهشتگرد تنظيم جي ڪهري ڪارروائي کان محفوظ بڻجي سگهي. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته ملڪ ۾ هڪ ٻئي تباهي اچي سگهي ٿي.  ان  جي ڪري اسان کي ان ڳالهه ۾ بحث ۾ پوڻ گهرجي، ڪراچي مان به لاش هٿ اچي رهيا آهن، جيڪڏهن هن وقت ئي دهشتگردي تي ضابطو وڃي ته جيئن ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن.  

Saturday 23 September 2017

ترميمون، تحريڪون ۽ خدشا

صاحب خان ڀٽي
پاناما فيصلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي نااهلي واري فيصلي کانپوءِ نواز ليگ نواز ليگ بحرانن جي ور چڙهي وئي آهي ۽ ميڊيا ٻنهي شريف ڀائرن وچ ۾ اختلافن واريون خبرون گردش ڪري رهيون آهن ۽ پارٽي جا سچا ورڪر ۽ اڳواڻ نواز ليگ ٻيهر متحرڪ ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن، ڪجهه اڳواڻن ته هن وقت کان ئي پارٽي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيوآهي، ڪنهن کي  خبر ئي نه هئي اڳوڻو گهرو وزير چوڌري نثار به  پنهنجي پارٽي تي  تنقيد ڪري رهيو آهي، ڪجهه وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته جڏهن پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ چوڌري نثار سان ڏند چڪ ٿيا هئا ته ايوان توڙي  ايوان کان ٻاهر  چوڌري نثار پيپلزپارٽي کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو هو ته پيپلزپرٽي واري چوڌري نثار خلاف ڳالهائيندي هئي، هاڻ صرف فرق ايترو آهي جو هن وقت نوازشريف ۽ چوڌري وچ ۾ ويڇا تمام گهڻو وڌي ويا آهن، اڃا تائين اها خبر ناهي پئي ته آخر چوڌري نثار پارٽي ڇڏيندو يا وري پنهنجا مطالبا پورا ڪرائي ٻيهر پارٽي لاءِ جاکوڙ شروع ڪندو،
بهرحال اهو ته وقت ئي ٻڌائندو پر هڪ فعو ٻيهر سموريون سياسي پارٽيون آئين ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿي ويون آهن، ڪجهه پارٽيون  جمهوريت جي ڳالهه ڪري رهيون  آهن ته  ڪن سياسي پارٽين جو وري خيال آهي ته جمهوريت ۽ آمريت ۾ فرق نه آهي، انهي جي ڪري انهن سياسي پارٽين جو  لاڙو آمريت ڏانهن ئي  هوندو آهي ۽ اهي ئي سياسي پارٽيون آمريت ۽ جمهوريت نظر اينديون  آهن، مطلب ته هن وقت به اهڙي قسم جي جنگ هلي رهي آهي،ڪجهه سياسي اڳواڻن جا بيان آهن ته  سياسي پارٽيون ڪرپشن نه ڪن ته آمريتي دور  اچي ئي نه ها،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن به هن ملڪ ۾ ڪا سياسي پارٽي عوامي ميڊيٽ ذريعي ميدان ۾ ايندي آهي ته ان پارٽي خلاف ڪرپشن جا رڪارڊ سامهون اچي ويندا آهن ۽ جيڪي پارٽيون آمريت جون حاميون هونديون آهن، انهن خلاف نه ته ڪو ڪرپشن جو ثبوت ملندو آهي ۽ نه ئي وري انهن پارٽي اڳواڻن تي ڪو ڪيس داخل هوندو آهي، اهو سلسلو هن  ملڪ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت هجي وري نوازليگ جي ڪرپشن جو ڪو نه ڪو ظاهر ضرور ٿي ويندو آهي ۽ اهي پارٽي جيڪي آمريتي دور ۾ ڳالهائڻ جي همت به نه ڪنديون آهن، انهن پارٽين جا به وات کلي وينداآهن ۽ اهي نيڪ ۽ فرشتا بڻجي ويندا آهن ۽ جيڪي عوامي مينڊيٽ ذريعي هن ملڪ جون واڳيون سنڀاليندا آهن ۽ انهن خلاف سمورا ادارا متحرڪ ٿي وينداآهن، اربي ۽ کربين رپين جي ڪرپشن جا الزام لڳايا ويندا آهن، هن وقت به ملڪ اندر ڪجهه اهڙيون ئي حالتون آهن ۽ ان صورتحال جو ذميوار ٻيو ڪيرنه پر سياسي پارٽيون ئي هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن به هن ملڪ ۾ جمهوريت قائم ٿي آهي ته ان وقت سموريون سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جون ڄنگهيون ڇڪڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، بينظر ڀٽو جي شهادت کانپوءِ جڏهن پيپلزپارٽي جي جمهوري حڪومت قائم ٿي ته ان وقت هڪ ٻه سال ته سموريون سياسي پارٽيون خاموش رهيون پر پوءِ  اچانڪ ملا به ڌرڻا هلڻ لڳا ته نواز ليگ به پيپلزپارٽي خلاف بيان بازي شروع ڪري ڇڏي،
عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف، نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻين ڪيترين سياسي جماعتن پيپلزپارٽي خلاف جدوجهد شروع ڪري، ايتري قدر جو نواز ليگ پيپلزپارٽي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کان استعيفيٰ جو مطالبو به ڪيو هو، مطلب ته وڏي عرصي کان پوءِ قائم ٿيل جمهوريت کي به سڪون سان رهڻ نه ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته جمهوريت دشمن ڪڏهن به نه پيا چاهين ته هن ملڪ ۾ جمهوري حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ۽ اهو ئي ٿيو ،بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ قائم ٿيل جمهوري حڪومت جي وزيراعظم کي مختلف الزام لڳائي عهدي تان هٽايو ويو. ان کانپوءِ  نواز ليگ جي حڪومت قائم ٿي ۽ ان خلاف پيپلزپارٽي ته ڪو به احتجاج نه ڪيو ۽ نه ئي نوازشريف خلاف احتجاج ڪيا پر تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ نواز ليگ خلاف ڌرڻا به هنيا ته استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، ايتري قدر جو پاناما معاملو اٿيو ته ان وقت ڪيترين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جا نالا هئا پر ڪيس صرف هليو ته نوازشريف جي خلاف ئي هليو هو.
 تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته جيڪا به پارٽي نوازشريف جو ساٿ ڏيندي، ان کي ڪرپشن جو حمايتي سمجهيو ويندو، ان کان اڳ پيپلزپارٽي ته نواز ليگ جو تمام گهڻو ساٿ ڏيندي هئي ۽ جڏهن به نوازشريف تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته آصف علي زرداري سڀ کان اڳ ۾ نواز شريف جو ساٿ ڏنو ۽ چيو هو ته  پيپلزپارٽي نواز  ليگ جو ساٿ ان ڪري ڏئي رهي آهي جو هو جمهوريت کي قائم ۽ دائم ڏسڻ چاهين ٿا. پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تئين تئين عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف ۽ عوامي مسلم ليگ نواز ليگ خلاف تمام گهڻو متحريڪ ٿي  ويون، جيئن پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ ميمو گيٽ ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿيا تئين نواز ليگ جي حڪومت ۾ ڊان ليڪس، پاناما ليڪس، حديبيا پيپرز ملز ڪيس ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪيس نواز ليگ خلاف سامهون آيا، جن جي آڏو  نوازشريف کي گوڏا کوڙڻا پيا ۽ تحريڪ انصاف ۽  عوامي تحريڪ ان کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏنو .هن وقت نواز شريف  ۽ سندس ڪٽنب  پرڏيهه ۾ آهي ۽ ملڪ اندر آئين  ۾ ترميم جون ڳالهيون ٿي رهيو آهن،
 ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وزيرن جي غيرحاضري تي کيس تمام گهڻي ڪاوڙ به آهي، ايتري قدر جو گهرو وزارت جو نمائندو پيش نه ٿيڻ تي  رضا رباني چيو هو  ته ڇا هو ايوان کي گروي رکي ڇڏي آهي، جڏهن ته ايم اين اي نه هئڻ جي صورت ۾ پارٽي سربراهه نه بڻجڻ جي اعتزاز احسن جي ترميم رد ڪئي وئي، سنيٽ جي اجلاس ۾ پ پ طرفان سي ڪلاز 203 ۾ ترميم پيش ڪئي وئي، جنهن شق مطابق ته جيڪو ايم اين اي نٿو بڻجي سگهي ۽ اهو شخص پارٽي جو سربراهه به نٿو بڻجي سگهي، اعتزاز احسن چيو هو ته حڪومت پارٽي ايڪٽ آرڊر تبديل ڪري رهي آهي، جيڪو غلط آهي، شق 203 ۾ ترميم جي لاءِ جڏهن پهرين ووٽنگ ڪرائي وئي ته ڪجهه حڪومتي نمائندا ايوان ۾ موجود نه هئا، جنهن تي ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وئي، بل جي حمايت ۾ 37 ۽ مخالفت ۾ 38 ووٽ وڌا ويا، جنهن سان اعتزاز احسن جي شق 203 ۾ ترميم رڳو هڪ ووٽ تان رد ٿي وئي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم نواز ليگ کي ووٽ ڏنو، جنهن سبب ۽ 203 تي راءِ شماري وقت سينيٽر عتيق شيخ ايوان ۾ موجود هيو، شق 203 ۾ ترميم کان اڳ وفاقي وزير سعد رفيق ايوان ۾ سرگرم نظر آئي.
 چونڊ سڌارا بل موجب، ڪنهن شهري کي سياسي جماعت سان وابستگي جو اختيار هوندو، شهري جيڪو سرڪاري ملازمت ۾ نه هجي، ان کي اختيار هوندو ته ڪا به سياسي جماعت بڻائي، جڏهن ته بل تحت آرٽيڪل 62، 63 تحت ناال شخص پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهي ٿو ۽ اهي آرٽيڪل پارٽي سربراهه تي لاڳو نه ٿيندا، چونڊ سڌارا بل ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽي قانون ۽ انصاف جي ترميم به منظور ڪئي وئي، جنهن مطابق اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن اندر اليڪشن خرچن جي جاچ ڪري سگهي ٿي، مقرر وقت ۾ جاچ نه ڪئي وئي ته جمع ڪرايل خرچ درست تسليم ڪيا ويندا. بهرحال بل ته منظور ٿي ويو، جنهن جو نواز ليگ کي فائدو پهچندو يا نه اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر هڪ ڳالهه ته ظاهر آهي ته جڏهن سينيٽ ۾ بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو ته ان کان اڳ ئي سينٽ چيئرمين رضا رباني ڪاوڙجي هليو ويو هو ۽ اجلاس جي ڪارروائي ڊپٽي چيئرمين عبدالغفور حيدري جي حوالي ڪندي چيو هو ته هاڻ وڌيڪ بل توهان ئي منظور ڪيو ۽ استعفيٰ جي ڌمڪي ڏئي چيمبر هليو ويو هو، جنهن کان اعتراز احسن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان کانپوءِ تحريڪ انصاف سميت مختلف پارٽين طرفان رد عمل اچڻ شروع ٿي ويو هو، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد سينيٽ مان پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 ۾ ترميم جي بل جي منظوري خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو هو.
 شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هي ماڻهو آئين ۽ قانون سان کيڏي رهيا آهن، جيڪي سرعام عدالت جي فيصلي کي چئلينج ڪري رهيا آهن، جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته نااهل ماڻهو پارٽي کي هلائين، پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو هو ته جيڪو ماڻهو اسيمبلي ميمبر لاءِ اهل ناهي، اهو پارٽي صدارت جو به اهل ناهي، اهڙي قانون سازي عدالت ۾ چئلينج ٿي سگهي ٿي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان  به ان بل خلاف ميدان ۾ لهي پيو آهي چيو آهي ته چونڊ سڌارن واري  بل ۾ ترميم ڪري مسلم ليگ (ن) اخلاقيات جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه نواز شريف جو سياسي ڪيريئر ٻيهر شروع ڪرائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، مطلب ته هن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي پارٽيون آمهون سامهون اچي ويون آهن، تحريڪ انصاف، عوامي مسلم ليگ ۽ عوامي تحريڪ نواز ليگ خلاف ڳالهائي رهي آهي ته مشرف وري پيپلزپارٽي تي الزام لڳائي رهيو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر جيڪي احتجاج شروع ٿيا آهن، اهي ڪٿي ٿا دنگ ڪن، ڇا انهن احتجان ۽ترميمن سان هن ملڪ ۾ جمهوريت کي ڪو نقصان پهچندو يا وري ڪا پارٽي انهن ترميمن ۽احتجاجن سان ملڪ جون واڳون سنڀاليندي؟


Friday 22 September 2017

مشرف جا الزام ۽ لڙُهي ويل بينظير جو قتل ڪيس

صاحب خان ڀٽي
24 ڊسمبر  2007 ع ۾ شهيد ٿيل بينظير ڀٽو جو ڪيس هن وقت تائين عدالت ۾ هلي رهيو آهي، اي ٽي سي عدالت پاران پنج مرڪزي جوابدارن کي آزاد ڪري ۽ ٻن پوليس آفيسرن کي غفلت ڪرڻ تي 17 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي  وئي هئي، جڏهن ته اڳوڻي آمر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيندي سندس مليڪت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ اهو فيصلو دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر هڪ راولپنڊي جي جج محمد اصغر خان ڏنو هو، فيصلي ۾ جج پنجن جوابدارن اعتزاز شاهه، شير زمان، حسنين گل، رفاقت حسين ۽ قاري عبدالرشيد کي ثبوت نه ڏيڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو، جڏهن ته راولپنڊي پوليس جي اڳوڻي سربراهه ڊي آئي جي سعود عزيز ۽ ايس پي راول ٽائون خرم شهزاد کي غفلت ڪرڻ تي 17 سال قيد ۽ 5، 5 لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو ڪيس ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو پر ان جو فيصلو نه اچي رهيو هو، هن ڪيس ۾ اٺ چالان پيش ڪيا ويا هئا، جڏهن ته 300 کان وڌيڪ ٻڌڻيون  به ٿيون هيون ۽ هن ڪيس ۾ ست جج تبديل ٿيا جڏهن به شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ويجهو ايندي هئي ته جيالن پاران پيپلزپارٽي کان بينظير جي قاتلن کي وائکو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته آصف علي زرداري چوندو هو ته توهان جو ڇا وڃي، گهرواري هن جي قتل ٿي آهي ۽ اهو به چوندو هو ته کيس سڀ ڪجهه خبر آهي ته بينظير جو قاتل ڪير آهي.
هن وقت هڪ طرف نواز ليگ جو گهيرو مڪمل طور تنگ ڪيو ويو آهي ۽ پيپلزپارٽي مٿان به ڪارا بادل ڇائنجي ويا آهن، ان جو ڪو هڪ چٽو مثال موجوده حالتن ۾ به لڳائي سگهجي ٿو، هونئن ته پيپلزپارٽي سنڌ کي ڇڏي ڪري ٻين صوبن ۾ نه هئڻ جي برابر ٿي وئي آهي، ان جو اندازو هاڻوڪي پنجاب ٿيل تڪ اين اي 120 تي ٿيل ننڍي چونڊ مان به لڳائي سگهجي ٿو،جتي پيپلزپارٽي جي اميدوار جي ضمانت ضبط ٿي وئي هئي، هن وقت صرف سنڌ اندر پيپلزپارٽي جو عروج آهي، اهو به صرف ان ڪري آهي جو ڪجهه ترقياتي ڪمن سبب عوام کيس ياد ڪري رهيو آهي، نه ته آصف علي زرداري کي ٻين صوبن جيان هتي به ساڳيون حالتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي،
جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ مضبوط آهي پر اهو پري ڏينهن نه آهي، جڏهن ڪا ٻي پارٽي پيپلزپارٽي جي جڳهه والاري وٺندي، هڪ طرف سياست ۾ آيل نيون مذهبي جماعتون وڏي اڪثريت ۾ ووٽ کڻي رهيون آهن ته ٻي طرف وري عمران خان جا به ڪامياب جلسا ٿي رهي آهن، ڪجهه تجزيا نگار ته اهو چئي رهيا آهن ته عمران خان جي سنڌ ۾ اچڻ مان لڳي ٿو ته هاڻ پيپلزپارٽي کي مذهبي ۽ فسادي جماعتن سان گڏ پي ٽي آءِ به سنڌ ۾ مقابلو ڪندي، جنهن جو نتيجو اهو ئي نڪرندو جو تحريڪ انصاف به ڪجهه سيٽون کڻي وٺندي،  جنهن جو پيپلزپارٽي کي تمام گهڻو ڌڪ لڳندو
. بهرحال هن وقت ڳالهه هلي رهي آهي اڳوڻي آمر پرويز مشرف جنهن نوان انڪشاف ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر  ملڪي سياست ۾ هڪ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو کي  شهيد ڪيو ويو ته ان وقت سنڌ ۾ باهه ٻري وئي هئي ۽ ان وقت آصف زرداري ” پاڪستان کپي“ جو نعرو هنيو، جنهن سبب هن ملڪ جون حالتون بهتر ٿيون هيون، ان وقت ته بينظير ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  جاچ به شروع ٿي پر افسوس جو هن وقت تائين بينظير ڀٽو جا قاتل ظاهر ٿي نه سگهيا آهن، جيئن ڪراچي شهيد ٿيل مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل وائکا نه ٿي سگهيا آهن، مطلب ته اهي هن وقت تائين قانون جي پڪڙ کان آجا آهن
جيتوڻيڪ هن وقت  عدالت پيپلزپارٽي جي بينظر ڀٽو جي فيصلي خلاف ٽي اپيلون داخل  ڪرايون ويون،  جن کي منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ايف آئي اي جي پراسيڪيوٽر چوڌري اظهر چيو هو ته اڳوڻي وزيراعظم جي قتل ڪيس جا 121 گواهه هئا جن مان صرف 68 جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته بينظير ڀٽو جي ڊرائيور عبدالرحمان کانسواءِ سڀني کان جاچ ڪئي وئي.
بهرحال هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪي سياست ۾ افراتفري مچي وئي  آهي ۽ سياسي ڇڪتاڻ وارو ماحول به پيدا ٿي ويو آهي،  ۽ اهو سڀ  ڪجهه ان ڪري ٿي هيو آهي جو پيپلزپارٽي طرفان بينطير ڀٽو ڪيس جي مڪمل طور اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي. هڪ ٻه ڏينهن اڳ جڏهن  پرويز مشرف پنهنجو وڊيو پيغام جاري ڪيو  هو ته ان وقت به پيپلزپارٽي جو سخت رد عمل ظاهر ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي شهيد بيظير ڀتو جو قاتل قرار ڏنو هو ۽ هن چيو ته بينظير ڀٽو کي آصف علي زرداري قتل ڪرايو.هو بلاول، آصفه، بختاور ۽ قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته بينظير جو اصل قاتل ڪير آهي؟ بينظير ڀٽو کانسواءِ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۾ به آصف علي زرداري ملوث آهي.
پرويز مشرف ته اهو به چيو هو ته آصف زرداري بينظير ڀٽو جي قتل جو الزام مٿس هنيو ۽ نالو کڻي کيس للڪاريو آهي. ڏسڻ گهرجي ته بينظير ڀٽو جي قتل جو فائدو ڪنهن کي پهتو آهي. اهڙي ويڊيو بيان کان پوءِ مختلف پارٽين طرفان سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته کيس خبر ناهي ته بينظير جو قاتل ڪير آهي پر کيس ايتري پڪ ضرور آهي ته انهن ٻنهي مان ڪو هڪ ضرور آهي. پيپلز پارٽي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته اڳوڻو صدر پرويز مشرف بينظير ڀٽو قتل بابت آصف زرداري تي الزام جي ڳالهه پهرين به ڪري چڪو آهي، بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جو نالو آهي ۽ اهو وطن واپس اچي ۽ عدالت ۾ پنهنجي صفائي ڏئي، جيڪڏهن بينظر ڀٽو قتل ڪيس پرويز مشرف ملوث آهي ته پوءِ  آخر کيس  سلام پيش ڪري  ملڪ کان ٻاهر موڪليو هو
. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه پاران به اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي گرفتار ڪري ملڪ اندر سندس ٽرائل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي ۽ پرويز مشرف هڪ ٻئي  اهڙا الزام نه لڳايا آهن پر هاڻ اهڙا بيان سامهون اچڻ مان لڳي ٿو واقعي جمهوريت کي ڪو تمام  گهڻو نقصان پهچڻ وارو آهي ۽ آمريتي جمهوري وجود ۾ اچي ويندي،  هاڻ ته پيپلزپارٽي کي به  نواز ليگ وارن کي صفائي پيش ڪرڻ ۾ تمام گهڻيون  ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. ڪجهه ڏينهن ايٽمي سياستدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاران به مشرف تي سنگين الزام لڳايا ويا هئا،  جنهن دوران هن چيو هو ته پرويز مشرف ڊالرن عيوض ملڪ کي وڪرو ڪيو، جڏهن ته پرويز مشرف چيو هو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان ٻين ملڪن کي ايٽمي فارمولو  شيئر ڪيو، جڏهن سندس خلاف ڪا ڪارروائي شرع ٿي ته هن  سندس پيرن تي ڪري معافي ورتي هئي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر  ڪڏهن پرويز مشرف ڏيهه اچي ڪيسن کي ٿو منهن ڏئي، اهو به پنهنجي جڳهه تي وڏو سوال آهي ته آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن ملڪ اندر امن امان جي صورتحال سان گڏ شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار ڪيا ويندا.

Thursday 21 September 2017

Daily Awami Awaz karachi, Sahib khan bhatti article


عدالتن کي منهن ڏيندڙ جماعتون ۽ سياسي طاقت جو مظاهرو

صاحب خان ڀٽي
اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اميد ئي نه هئي ته پاناما ڪيس سندس سياسي ڪيريئر کي تمام گهڻو ڌڪ رسائيندو، ايتري قدر جو کيس پنهنجي ئي تڪ تي ڪامياب ٿيڻ وڏي محنت ڪرڻي پوندي. هڪ طرف نوازشريف خلاف نيب ريفرنس جي جاچ هلي رهي آهي ته ٻي طرف وري سندس گهر واري بيگم ڪلثوم جي بيماري سبب کيس پرڏيهه ۾ رهڻو پئجي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو ته سندس لنڊن ۾ ترسڻ کي به جلا وطني سمجهي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته پري جي ڳالهه نه آهي، آصف علي زرداري  کي به علاج لاءِ لنڊن وڃڻو پيو هو ۽ هو پرڏيهه ۾ ويهي پارٽي کي سنڀالي رهيو هو، جڏهن به کيس پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻيون هونديون هيون ته هو پاڻ به دبئي پهچندو هو ۽  سنڌ جا وزير به اتي حاضر ٿيندا ها ۽ بيان ڏنا ويندا هئا ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي  طبيعت بهتر نه آهي، جنهن سبب هو ڏيهه واپس نه ٿو اچي سگهي، اهڙي بيماري اڳوڻي آمر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف کي  به ٿي آهي، جيڪو  به اڄڪلهه پرڏيهه ۾ آهي،
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مشرف جو به علاج ٿي رهيو آهي، هاڻ ڏسڻو  اهو آهي ته آخر ڊاڪٽر انهن کي پرڏيهه مان ڏيهه اچڻ جي  اجازت ڪڏهن ٿا ڏين، آصف علي زرداري جو ڊاڪٽرن علاج  مڪمل ڪيو هو  ته هو پوءِ ڏيهه واپس اچڻ جي اجازت ملي هئي، جڏهن آصف زرداري پرڏيهه ۾ هو ته ان وقت مست قلندر ٿي ويندو جا بيان به ڏيندو هو، ايتري قدر جو هن بيماري کان اڳ ” ٻلو کير پي ويندو آهي“ جهڙو جملو به چيو هو ۽ سڄي ميِڊيا ۾ ان ڳالهه تي بحث هلي رهيو هو ته آخر اهو ٻلو آهي ڪير جيڪو هميشه خير پي ويندو آهي،
بهرحال ان ٻلي جي ته هن وقت تائين خبر نه پئجي سگهي آهي، جيئن ڪراچي ۾ نامعلوم دهشتگرد ۽ ڀتا خور هوندا هئا ۽ آهن. بهرحال سڄي قوم جي دعائن سان اڳوڻو صدر آصف علي زرداري  صحتمند ۽ تندرست ٿي ڏيهه واپس وريو ۽ پنهنجي موڀي پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي پارٽي جون مڪمل طور ذميواريون سنڀالڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ جلسا به ڪرايا ۽ نوجوان قيادت کي ڏسي ماڻهن جو لاڙو به پ پ ڏانهن وڌيو ۽ عوام پاران اها اميد ڪئي وئي ته بلاول جيئن ته نوجوان آهي اهو ملڪ کي صحيح نموني سنڀاليندو، جڏهن بلاول جي مقبوليت عوام ۾ ٻين جماعتن ڏٺي ته انهن به پنهنجي اولاد کي سياست ۾ آڻڻ شروع ڪيو ۽ هاڻ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز به مڪمل طور پنهنجا پير سياست ۾ ڄمائي ڇڏيا آهن ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿيو، جڏهن نواز ليگ کان ناراض چوڌري نثار بيان ڏنو هو ته نوازشريف جي اولاد ته ٻار آهن،؟ اهڙي بيان کان پوءِ لڳو ته واقعي نواز ليگ ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ ان جماعت سان  به اهو حشر ٿيندو جيئن ٻين پارٽين سان ٿيو آهي ۽ هي جماعت به ڌڙا بندي جو شڪار ٿي سگهي ٿي،
هونئن ته چوڌري نثار نواز شريف جا گيت ڳائيندي ڪو نه ٿڪجندو هو پر هاڻ حالتون تبديل ٿي ويون آهن، جيئن عائشه گلا لئي تحريڪ انصاف کان ناراض ٿي عمران خان خلاف ڳالهائي رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن ٻنهي بس فرق صرف ايترو آهي جو عائشه گلا لئي جيڪو ڪجهه چئي رهي آهي، سرعام چئي رهي آهي ۽ کليل انداز ۾ پنهنجو موقف واضح ڪري رهي آهي پر چوڌري نثار صرف پهاڪا ٻڌائي پريس ڪانفرنسون ڪري اهو واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته  سندس اختلاف پارٽي سان هلي رهيا آهن ۽ عوام هاڻ نواز ليگ ۽ چوڌري نثار جي وفادارين کي سمجهي چڪوآهي، هاڻ جڏهن ننڍيون چونڊون ويجهو اچي چڪيون آهن ۽سڪيورٽي جي حوالي سان به حالتون بهتر نه آهن، ايتري قدر جو آمريڪا جي نئين پاليسي سبب اسان جو ملڪ به پريشان آهن ۽ هن وقت تائين آمريڪا کي نئين پاليسي بابت پنهنجو درست نموني پيش نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب چوڌري نثار سميت سڄي ملڪ ۾ افرا تفري واري صورتحال آهي ۽ برڪس اجلاس  تي به تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي، ان وقت ڪيئن اليڪشن ڪميشن هن ملڪ چونڊن جون تياريون مقرر وقت تي ڪري سگهي ٿي، جيئن ته نواز ليگ تي اڄ ڪلهه عذاب  هلي  رهيو آهي ۽ سڄي قيادت تي ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن،
ايتري قدر جو نيب ريفرنس ۾ نوازشريف جو ڪٽنب ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار  خلاف به  ريفرنس بابت ٻڌڻيون  هلي رهيون آهن، ايتري قدر جو تحريڪ انصا ف سربراهه عمران خان تي توهين عدالت ڪيس سميت مختلف ڪيس هلي رهيا آهن. هڪ  عدالت ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿي ڪري ته ٻئي عدالت ان فيصلي کي معطل ڪري ڇڏي ٿي، مطلب ته سياست ۾ تحريڪ انصاف کي فائدو ملي رهيو آهي ته عوام ۾ به مقبوليت ٿيندي پئي وڃي، مطلب ته اڄ ڪلهه تحريڪ انصاف جي قسمت جو ستارو عروج تي آهي، جنهن سبب هر طرف کان ئي تحريڪ انصاف کي فائدو ملي رهيو آهي، ڀلي کڻي  مخالف تحريڪ انصاف خلاف ڪجهه به چون پر هن وقت سنڌ ۾ تحريڪ انصاف جو سنڌ ۾ مضبوط ٿيڻ وارو خواب پورو ٿي رهيو آهي، سکر، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيل تحريڪ انصاف جا جلسا ڪامياب رهيا آهن،
جيئن ته سنڌ پيپلزپارٽي جو ڳڙهه آهي ۽ هاڻ اها جماعت به ماڻهو گڏ نه ٿي ڪري سگهي، جيترا ماڻهو هن ڀيري  تحريڪ انصاف جمع ڪرايا آهن، پر هڪ مون کي سمجهه ۾ نه آئي ته آخر هن ملڪ ۾ اهڙيون ڪيميرائون آهن جو صرف تحريڪ انصاف جي جلسن ۾ ماڻهو گهڻا ڏيکارينديون آهن ۽ ٻين پارٽين جي جلسن ۾ ماڻهو گهٽ نظر ايندا آهن، ان لاءِ پري وڃڻ جي ضرورت نه آهي، صرف سنڌي ۽ اردو ميڊيا کي ئي ڏسنداسين ته خبر پئجي ويندي ته آخر  واقعي تحريڪ انصاف جي جلسن ۾ ايترا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن يا وري اهو ڪيميرا جو ڪمال آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي ۽ قومپرست جماعتن جي جلسن ۾ اردو ميڊيا تي ماڻهو گهٽ نظر ايندا آهن، مطلب ته نه هئڻ جهڙا هوندا آهن پر اهو ئي جلسا ساڳئي وقت جڏهن اسان سنڌي ميڊيا ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڏسندا آهيون ته هزارين ماڻهو  هوندا آهن، ان مان صاف ظاهر آهي ته اڄ ڪلهه اردو ميڊيا به ڌر ٿي بيٺي آهي ۽جنهن کي وڻي اڳڪتي ڪن ۽ جنهن کي وڻي پوئتي ڪن.
ساهيوال ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ساهيوال وارن سان سياسي ئي نه نظرين جو رشتو آهي، ساهيوال ۾ ماڻهن پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، ساهيوال ۾ اديبن، موسيقارن تاريخ تي اثر ڇڏيو آهي، حڪمرانن جي سياست پنهنجي ڪاروبار وڌائڻ جي سياست آهي، نااهل حڪمرانن اوهان کي قدم قدم تي دوکو ڏنو آهي، ايتري قدر جو هن اهو به چيو ته پنجاب ۾ اڄ به هارين جي حقن کي کسيو ويندو رهيو آهي، ن ليگ جي حڪومت پٺين چئن سالن ۾ ڇا ڪندي آئي آهي، آمرن جو اولاد جمهوري ويس اوڙهي عوام جو رت ڇوسي رهيو آهي، پيپلز پارٽي اوڪاڙه فارم جي هارين جو هميشه ساٿ ڏنو.
ٻي طرف وري تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو ته جيترو ظلم سنڌ جي ماڻهن سانٿي رهيو آهي اهو ڪٿي به ناهي، پاڪستان جي ڪنهن به علائقي ۾ اهڙو گند ڪچرو ناهي ڏٺو، جيڪو سنڌ ۾ آهي، سنڌ ۾ ظالمن جو مقابلو ڪرڻو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي منهنجو ساٿ ڏيڻو پوندو، سنڌ جي وڏي بيماري زرداري آهي، بلاول ٻڌائي ته هن ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي يا هن ڪهڙي ڪمائي ڪئي آهي جو چيئرمين بڻجي ويو آهي. بهرحال اهي اڳواڻن جا بيان پنهنجي جاءِ تي پر نوازشريف جي نااهلي جي فيصلي کانپوءِ به نواز ليگ مٿان ڪارا بادل ٽريا نه آهن، نه ئي وري ڪو خوف ختم ٿي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ خلاف ڪيترائي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن پر نواز ليگ جو ڪو به اڳواڻ هن وقت تائين عدالتن ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ خلاف ڌار ڌار ڪيس هلي رهيا آهن ۽ ٻنهي جماعتن ۾ هن وقت ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي،ايتري قدر جو  نيب لاهور جي ٽيم عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪندي گرفتاري جو سمن کڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي گهر پهچي وئي، نيب لاهور جي ٽيم منسٽرز انڪليو اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي گهر پهتي ۽ اتي موجود ملازمن کان پڇا ڳاڇا ڪندي انهن کي ٻڌايو ته انهن وٽ اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ آهن، نيب لاهور جي ٽيم گرفتاري جا حڪم ۽ تعميلي سمن ملازمن کان وصول ڪرايا ۽ تلاشي وٺي ان ڳالهه جي تسليم ڪئي ته ناڻي وارو وزير گهر موجود ناهي. بهرحال اهڙو گرفتاري جو نوٽيس عمران خان جو به توهين عدالت ڪيس ۾ جاري ڪيو ويوهو جنهن کي بعد ۾ معطل ڪيو ويو،هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نواز ليگ عدالتن ۽ هن ملڪ جي طاقت وار ڌرين کي ڪيئن ٿي منهن  ڏئي ؟ ڇاڪاڻ ته هاڻ به نواز ليگ جو انهن قوتن سان مقابلو هلي رهيو آهي، جن ۾ کيس جلا وطن  به ڪيو  هو.