Pages

Tuesday 31 October 2017

ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو اعلان

صاحب خان ڀٽي
هن ملڪ جي قيام کان هيل تائين سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون  ٿي رهيون آهن، ڪڏهن سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو ته ڪڏهن وري سنڌ ۾ افغان، بنگالي، بهاري، برمين کي آباد ڪيو ويو ۽ مهاجرن کي آباد ڪرڻ لاءِ عالمي ادارن کان به مدد ورتي وئي، عالمي ادارن جي مدد سان وفاق ۾ ويٺل سنڌ دشمنن پنهنجي ڪوششن ڪامياب ويا ۽ ڪراچي شهر کي عالمي يتيم خانو  بڻائي ڇڏيائون، جتي اڄ لکن جي تعداد ۾ ڌاريا آباد ٿي چڪا آهن پر جيئن ته انهن  مان ڪجهه مهاجرن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهيل آهن، جنهن سبب اهي ووٽ جو حق ادا نٿا ڪري سگهن، اهو ئي سبب آهي جو وفاق انهن ڌارين  جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ لاءِ  هٿ پير هڻي رهي آهي، سنڌي قوم گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وفاقي سرڪار جي ان ڏاڍ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ڪامورن جي ڪن تي جونءَ به نه چري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي به بنگالين ۽ بهارين ۽ برمين کي آباد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان حوالي سان سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو هو ته جيڪو ناراض ٿيڻ چاهي ٿو، ڀل ناراض ٿئي هو  ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري رهندا، جنهن تي سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو پر ان باوجود پيپلزپارٽي طرفان پنهنجو بيان واپس نه ورتو، جيئن ته پيپلزپارٽي صرف سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري اقتدار ۾ ايندي آهي، ان جي ڪري ٻين صوبن ۾ وفاق جي آشيروارد کانسواءِ ڪڏهن به اقتدار ۾ نه ٿي اچي سگهي،جڏهن به  پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت ۾ آئي ته ان وقت پيپلزپارٽي سنڌ جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا،
اڄ جڏهن  مسلم ليگ نون جو صدر نوازشريف ادارن سان ٽڪراءَ ۾ اچي ويو آهي ته ۽ انهن سان مقابلو نه پيو ڪري سگهي ته وفاقي سرڪار ۾ ويٺل نواز ليگ جا وزير ۽ مشير سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي کڻي سنڌين کي پريشان ڪري جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن سنڌي ادارن جو سامهون اچي وڃن ۽ هو پنهنجي جند آجي ڪري وٺن ۽ ان عمل ۾ پيپلزپارٽي خاموش نظر اچي رهي آهي. وفاقي سرڪار پاران صرف سنڌ ۾ برمين، بنگالين  ۽ بهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري اعلان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته نواز ليگ جي سنڌ دشمني سامهون اچي وئي آهي ۽ ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ بدران پيپلزپارٽي جيان انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اڳ ۾ ايم ڪيوا يم پاران بنگلاديش ۾ مهاجر ڪيمپس ترسيل ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ هاڻ وري ساڳيو ڪم نواز ليگ ڪري رهي آهي.  بهرحال هن وقت نواز ليگ  جي اهڙن اعلان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ڪجهه ڏينهن اندر ڪالاباغ ڊيم جو اشو به اٿاريو ويندو ۽ ان حوالي سان گذريل ڏينهن هڪ رپورٽ به  جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ چيو  ويو هو ته ڪالا باغ ڊيم سميت ٻين ڪيترن ئي منصوبن  جي تياري تي ڪم شروع ٿي ويو آهي .
بهرحال نواز ليگ، پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف پاران وفاقي سرڪار جي ان اعلان کانپوءِ خاموشي تي  سڌي قوم تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته سنڌين جي روزگار تي وفاقي سرڪار ڌاڙو هنيو  آهي ته ٻيو وري سنڌين جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو  آهي پر ان باوجود سنڌي عوام ايڏو ظلم برداشت ڪري رهيو هو پر هاڻ ته انهن ڌارين جي لوڌ کي مستقل سنڌ جو رهواسي تسليم ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جنهن تي خاموشي اختيار ڪرڻ سنڌي قوم جي موت برابر آهي. مذهب جي نالي تي سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائيندڙ   هن حڪومت کي جيڪڏهن ڌارين کي آباد ڪرڻ جو ايڏو شوق آهي ته اهو ڀلي پورو ڪري پر  سنڌ بدران ٻين صوبن ۾ آباد ڪري، ڪي پي ڪي به آهي ته پنجاب به آهي، انهن صوبن ۾ ڌارين جي لوڌ کي مذهب جي  نالي تي آباد ڪري سگهجي ٿو..
افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته سنڌ جا ڪامورا ڪجهه ووٽن خاطر سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهيا آهن،  جنهن سبب  سنڌ اندر ڌارين جي آبادي  ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. افغانستان ۾ جنگ هجي يا ڪنهن ٻي علائقي ۾ آپريشن سڄي لوڌ جو رخ صرف سنڌ ڏانهن ئي ڪيو ويندو آهي، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن ڌارين جي لوڌ خلاف سنڌ ۾ قومپرست پاران آواز اٿاريو ويو ته سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار انهن جو آواز دٻائڻ لاءِ  انهن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون ۽ قومپرست پارٽين جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري احتجاج جو سلسلو روڪرايو ويو، هن وقت ڪراچي ۾ جيتري ڌارين جي لوڌ موجود آهي، شايد ملڪ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ اهڙي صورتحال هوندي،
جڏهن به سنڌ اندر ڌارين  جي آبادڪاري کي روڪڻ لاءِ احتجاج شروع ٿيا ته  سنڌ مان چونڊيل هر هڪ  نمائندي ان جي مخالفت ڪئي، خبر ئي نه ٿي پئي ته چونڊيل نمائندا اقتدار ۾ اچي اکيون الائي ڇو ڦيري ڇڏيندا آهن. اڄ  سنڌ جو ڪو به اهڙو شهر نه بچيو آهي، جتي غير ملڪي ترسيل نه هجن،  مختلف شهرن ۾  افغان شهري توڙي برمي، بهاري، بنگالي ۽ ٻيون کوڙ  قومون ترسيل آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ اندر بک، بدحالي ۽ بيروزگاري عروج تي پهتل آهي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ  ۽ ڌاريلن جي آبادڪاري جو سلسلو به جاري آهي. سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن پر هتان جي حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.
هن وقت ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ پرڏيهي ترسيل آهن پر مجال آهي جو ڪو نمائندو ان خلا ف ايوان ۾ آواز اٿاري.  ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سنڌ ۾ قومپرستن ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ لاءِ احتجاج ڪيو هو ته ان  وقت اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو هوته هو ڌارين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته مٿان کان آرڊر جاري ٿئي ٿو ته انهن کي نه روڪيو،  هاڻ جڏهن مٿان کان ئي اهي آرڊر ٿين ته ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي ته پوءِ ڪهڙي ريت اسان نه چئون ته سنڌ جي خلاف سازشون ٿي رهيون آهن. هونئن ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به نه آهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ انهن کي هتان جي سڃاڻپ ڏيڻ سنڌ جي خلاف سازش جو هڪ حصو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪوئلو ۽ ٻيا معدني وسيلا   موجود آهن پر ان مان به سنڌ کي ڪجهه به  نه ملي رهيو آهي،
جيڪڏهن سنڌ  جي ماڻهن کي سنڌ مان نڪرندڙ پيٽرول، گيس ۽ ڪوئلو  مان ڪجهه حصو ڏنو وڃي ها ۽  سنڌ جي ماڻهن جي تعليم، صحت ۽  ٻين بنيادي سهولتن جو خيال رکيو وڃي ها ته اڄ هتان جو ماڻهو غريب ۽ لاچار نه هجن ها ۽ نه ئي هتان جو نوجوان بيروزگار هجن ها. پر ڇا ڪجي هتان جا حڪمران ئي اهڙا آهن، جن ذهنيت ئي هڪ  ظالم وڏيري جهڙي آهي، جيڪي نٿا چاهين ته  سنڌ ۾ خوشحالي اچي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ مان هڪ ئي پارٽي اقتدار ۾ اچي رهي  آهي پر ان پارٽي اڄ تائين سنڌ  ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي وري سنڌ اندر پاڻي  جو ڪو ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي  آهي، ايتري قدر جو سنڌ مان نڪرندڙ پيٽرول، گيس ۽ ڪوئلو مان سنڌ کي ڪو فائدو  پهچايو آهي، جنهن  سبب  صوفين جي سرزمين جو عوام غريب آهي ۽ نوجوان نوڪرين لاءِ در بدر ڀٽڪي رهيا آهن، جن جي ڪير به ٻڌڻ وارو نه  آهي،
عالمي يتيم خاني ڪراچي جي به هن وقت تائين ڪا سار سنڀال نه پئي لڌي وڃي، جيتوڻيڪ هن ملڪ  جي ٺهڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون سنڌين ئي ڏنيون هيون پر الائي جو  اڄ سنڌين کي ڪهڙي گناهه جي سزا ڏني پئي وڃي جو هتان جا ڪامورا توڙي وفاقي حڪومت صرف ان ڪوشش ۾ رڌل آهن ته ڪهڙي نموني ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪري انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا وڃن. اهو ڪنهن جي اشاري تي ٿي رهيو آهي، ان جي ته خبر نه آهي پر هر هڪ سنڌي کي اها خبر ضرور پئجي وئي ته هتان جا حڪمران جي حضوري ۾ پورا آهن، سنڌ جي خلاف جيڪو فيصلو ٿئي ٿو، ان جي جي حضوري ۾ پورا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا  تي خبرون هلي رهيون هيون ته پيپلزپارٽي پاران ڪراچي ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ بنگالي کي پاڪستان جي شهريت ڏيارڻ جو اعلان ڪيوويو آهي، جنهن بعدسنڌ ۾ هڪ ڳڻتي لهر پکڙجي وئي.
وفاقي سرڪار ۾ ويٺل نواز ليگ اڳواڻ جيڪڏهن هن رياست سان ٽڪراءَ جي جرئت نه ٿا ڪري سگهن ٿا، ان ۾ سنڌي قوم جو ڪهڙو ڏوهه آهي، سنڌي  قوم ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڏک ۽ سور سهي رهي آهي، سنڌ مان ملندر چچريل لاشن تي سنڌي خاموش رهيا  ته سرڪاري نوڪرين تي به ڌارين جي قبضي تي به خاموش رهيا، ايتري قدر جو قدرتي وسيلن مان به سنڌ کي ٽڪو به نه ڏنو ويو، ان کي ظلم کي به سنڌين برداشت ڪيو ته اڄ جڏهن نوازشريف کي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو آهي ته ان ۾ سنڌين جو ڪهڙو ڏوهه آهي، سپريم ڪورٽ ته   ذوالفقار علي ڀٽي کي به ڦاهي چاڙهيو هو ، پوءِ اڄ نواز ليگ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو بدلو سنڌين کان ڇو وٺي رهي آهي،آخر نواز ليگ ڌارين جي لوڌ کي سنڌين ۾ آباد ڪري ڪهڙي يهودي لابي کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، نواز ليگ جي اڳواڻن کي ٻڌائڻو پوندو ته آخر  ڇا جي ڪري  سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائڻ واري سازش  ڪئي پئي وڃي.

ملڪي حالتن ۽ سياسي پارٽين ۾ ايندڙ تبديلي

صاحب خان ڀٽي
ملڪ اندر امن امان جي صورتحال بحال ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، ان سان گڏ ڪرپشن خلاف به وٺ پڪڙ هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي جو اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ به گرفتار آهي، جنهن کان به پڇا ڳاڇا هلي رهي آهي، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف سعودي ۾ پنهنجي امڙ سان ملي واپس لنڊن روانو ٿي ويو، ملڪ واپس نه آيو، جنهن بعد نواز ليگ اڳواڻن عدالت ۽ فوج خلاف پنهنجو ورتاءُ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ادارن سان ٽڪراءُ  بدران خاموشي اختيار ڪئي آهي، ان جو اندازو تازو عدالتن جي فيصلن مان به لڳائي سگهجي ٿو،
 اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، سندس پٽ حسين نواز به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته هو عدالت ۾ پيش ٿيندو پر هو سعودي عرب تائين پهتو پر پاڪستان ڏانهن رخ نه ڪيو، جڏهن نوازشريف سعودي عرب ۾ پنهنجي امڙ سان ملاقات ڪري واپس لنڊن پهتو ته  ليگي اڳواڻن ۽ وزيرن جو اجلاس طلب ڪيو، جنهن دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ احتساب عدالت ۾ پيشي بابت مشاورت ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته ساڻس فيئر ٽرائل نه ٿيو آهي. ۽ هو 2 نومبر تي واپس پاڪستان وڃي رهيو آهي، ڪو به مائنس نواز فارمولا ناهي، پارٽي ۾ ڪا ورهاست نه ٿي رهي آهي، عدالت ۾ جيڪو ٽرائل ٿي رهيو آهي، اهو سڀني سامهون آهي،
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد به  ليگي وزيرن جي لنڊن ياترا جي خرچ بابت عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته آخر ليگي اڳواڻن جي لنڊن ياترا جو خرچ ڪير ڪري رهيو آهي؟ بهرحال نوازليگ جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ساک  خراب ٿي رهي آهي، هڪ ته نوازليگ اڳواڻن  مقدس ادارن خلاف ڳالهائي پنهنجي سياست جا دروازا هن ملڪ ۾  هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن، جيئن لنڊن ۾ ويٺل شخص هتان جي ادارن خلاف ڳالهائي پنهنجي نالي  تي ئي پابندي لڳرائي ڇڏي آهي، نواز ليگ خلاف به اهو ڪجهه ٿي سگهي پيو پر وقت سر نواز ليگ اڳواڻن پنهنجي زبان تي ضابطو آندو، جنهن کانپوءِ لڳي رهيو آهي ته نواز ليگ هاڻ سمجهي وئي آهي ته هو ادارن سان ٽڪراءَ واري پوزيشن ۾ نه آهي ۽ نه ڪا هن وقت پارٽي سندس ساٿ ڏيندي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جا ڪجهه اڳواڻ به ڪرپشن جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ انهن جو به سڄو ڌيان نيب تي ئي آهي، رهي ڳالهه جي يو آءِ (ف) ۽ جماعت اسلامي جي ته انهن جو مطالبو آهي ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، صرف هڪ جو نه ٿيڻ گهرجي،
جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ته مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاناما پيپرز ۾ جن به ماڻهن جا شامل آهن، انهن سڀني خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي پر انهن جو مطالبو ڪير به نه مڃي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو نواز ليگ جا اڳواڻ سرعام ڳالهائي رهيا آهن ته فيئر ٽرائل نه پيو ٿئي، ايتري قدر جو نواز ليگ اڳواڻن اهو به چيو  آهي ته ڪجهه ماڻهو عدالت ۾ پيش نه ٿي رهيا آهن ۽ چيلهه جو بهانو ڪري پرڏيهه هليا ويا آهن پر انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ٿئي پر جيڪي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهن، انهن کي ڳالهائڻ جي اجازت به نه پئي ڏني. بهرحال نواز ليگ جا لاءِ هاڻ رستا تنگ ٿيندا پيا وڃن، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ جا اڳواڻ چئي رهيا آهن ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف نواز ليگ  کي ٽيڪ اوور ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن  ته اهي به افواهون آهن ته احتساب عدالت جي فيصلي اچڻ کانپوءِ نواز ليگ جا ڪجهه ايم پي ايز پارٽي ڇڏي ويندا،  اهڙو انڪشاف عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد به ڪري چڪوآهي.
اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز چئي رهي آهي ته شريف ڪٽنب جي خلاف ثبوت ٺاهيا پيا وڃن، جڏهن پاناما پيپرز جي ٻڌڻي شروع ٿي هئي ته ان وقت  پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ وڇ ۾ ايترا ويڇا نه هئا، جيڪي اڄ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن،  پر جڏهن سپريم ڪورٽ نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو ته پيپلزپارٽي نواز ليگ کان ٿورو پري ٿي وئي ۽ اهو فاصلو اڄ به قائم ۽ دائم آهي ۽ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي فتح قرار ڏنو، نااهل ٿيڻ کانپوءِ نوازشريف جيڪا زبان ادارن خلاف استعمال ڪئي، ان سبب سندس معيار ٿورو گهٽجي وئي، ڇاڪاڻ ته مقدس ادارن سان ٽڪراءِ ۾ نواز ليگ جو ڪو به ماڻهو ساٿ نه ڏئي ها ۽ نه ئي هاڻ ڏيندو، اهو ئي سبب آهي جو  اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنهنجا رستا الڳ ڪري ڇڏيا آهن ۽ نواز ليگ کي مشورا ڏئي رهيو آهي ته ادارن سان ٽڪراءَ واري سياست سان پارٽي جوئي نقصان ٿيندو، جنهن سبب ادارن سان ٽڪراءَ کان  پاسو ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو پر ان باوجود نواز ليگ چوڌري نثار جي  اها صلاح نه مڃي ، نوازشريف جي ناٺي رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر جيڪي ڳالهيون ڪيون ان سان نواز ليگ  لاءِ وڏيون تڪليفون پيدا ڪري ڇڏيون ۽ عدالتن جا فيصلا تڪڙا  اچڻ لڳا،  جنهن تي  نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو ته  فيصلو پهرين ٻڌايو ويو ۽ ٻڌڻي هاڻ ٿي رهي آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي،  جو هڪ پارٽي اڪثريت سان حڪومت ۾ هئي ۽ ان ئي پارٽي جو سربراهه عدالت پاران  نااهل قرار ڏنو ويوآهي، مطلب ته اهو پنجاب جي تاريخ ۾ پهريون واقعو آهي ته ڪنهن پنجاب جي  پارٽي اڳواڻ خلاف عدالت جو فيصلو آيو هجي، هاڻ ته نواز ليگ لاءِ  ملڪ اندر حالتون تبديل ٿي چڪيو آهن ۽ نواز ليگ وٽ  هٿيار ڦٽا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه بچيو آهي. ڪجهه ماڻهو ته ملڪ ۾ مارشل لا جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن  ته ڪجهه وري ٽيڪنو ڪريٽ سيٽ اپ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنهن کانپوءِ ملڪ اندر حالتون تبديل ٿيندي نظر اچي رهيو آهن پر ان باوجود پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف  پارٽي چئي رهي آهي ته ملڪ ۾ چونڊون وقت تي ٿينديون  ۽ هن ڀيري وڏي تبديلي ايندي.
تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چئي رهيوآهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سندن پارٽي کٽيندي ته ٻي طرف وري پيپلزپارٽي به ايندڙ چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي کٽرائڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهي آهي، پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو،   جيڪڏهن جمهوريت جي  ريل گاڏي پٽڙي تان نه لٿي. هونئن ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضع طور چئي چڪو آهي ته پيپلز پارٽي نيشنل يا ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ برداشت نه ڪندي،  جڏهن ته احتساب ۾ ڪو فرق ن هئڻ گهرجي، پارٽي ۾ ڪو بدعنواني ۾ ملوث مليو ته ان جو ساٿ نه ڏنو ويندو. بهرحال اهو سٺو فيصلو آهي پر نوازشريف جو سياسي ڪيريئر  داءُ  تي لڳل آهي ۽ لڳي نٿو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪو نوازشريف حصو وٺي سگهندو، ڇاڪاڻ ته جيئن دهشتگرد مختلف وقتن تي پنهنجيون ڪارروايون ڪري معصوم ماڻهن جون حياتيون کسي رهيا آهن، ايئن ڪرپشن ڪرپٽ ماڻهن جو پيڇو نه ڇڏيندي ۽ جن به وزيرن  ۽ مشيرن ڪرپشن ڪئي آهي، اهي هن ڀيري سياست کان ٿورو ٻاهر ئي نظر ايندا.  

Monday 30 October 2017

شرمين عبيد چناءِ ۽ سوشل ميڊيا تي هيسائڻ وارو مامرو

صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چئي ٿو ته سوشل ميڊيا نه هجي ها ته هو آمريڪا جو صدر نه ٿي سگها ها،  هن اهو بيان ان وقت ڏنو، جڏهن سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا تي پابنديون لڳائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، ڪيترن ئي ملڪن ۾ ته سوشل ميڊيا تي رياست مخالف يا پنهنجي حقن بابت آواز اٿاريندڙن کي گرفتار  به ڪيو ويو آهي، پر ان باوجود ماڻهن جو سوشل ميڊيا تي آواز اٿارڻ جو سلسلو بند ٿي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي عوامي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ ۽ عوامي خبرون هلائڻ ايترو آسان نه آهي، ان بابت ناليواري صحافي حامد مير به سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ چيو هو ته ڪهڙيون خبرون هلائڻون  آهن، ڪهڙيون نه هلائڻون آهن، ان جو فيصلو ٻيو ڪير ڪندو آهي. بهرحال سوشل ميڊيا هن وقت هر هڪ ماڻهو لاءِ هڪ وڏو ۽ مضبوط هٿيار بڻجي چڪو آهي، جتي هو پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي. جيڪو ڪجهه ماڻهن کي پسند نه آهي، جنهن سبب پابنديون لڳائڻ  واريون تياريون جاري ۽ ساري آهن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا جو درست استعمال ڪندا آهن ته ڪجهه وري ان جو استعمال صرف وقت گذارڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، مطلب ته سوشل ميڊيا هر هڪ ماڻهو کي مصروف ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪو به ماڻهو واندو ۽ بور نه ٿو ٿي سگهي، پر ڪجهه ماڻهن ته سوشل ميڊيا کي روزگار  جو به ذريعي بڻايو ڇڏيو آهي، جيڪي گهر ويٺي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجو روزگار ڪري رهيا آهن، جتي سوشل ميڊيا ڪيتريون سولايون پيدا ڪيون آهن، اتي وري ڪجهه ڏکيائون به پيش اچي رهيون آهن، جنهن جو مثال “ بلو وهيل گيم” مان به ملي سگهي ٿو، جنهن شخص ان گيم کي ٺاهيو هو، ان جو چوڻ هو ته هن اها گيم ان جي ڪري ٺاهي آهي، جيڪي واندا ماڻهو آهن، سڄو ڏينهن انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا، انهن کي هن دنيا مان ختم ڪري سگهي.  جيڪڏهن اسان فيس بڪ، ٽوئيٽر، واٽس ايپ، گوگل پلس ۽ ٻيون  سوشل ويب سائٽس جي ڳالهه ڪنداسين ته انهن ويب سائٽس سان ماڻهن کي فائدو به ٿي  رهيو  آهي، ڇاڪاڻ ته اڳ رابطو ڪرڻ تمام ڏکيو هو ۽ ڪنهن ماڻهو اهو به نه سوچيو هو ته ڪڏهن هڪ ٻئي جي تصوير  به ڏسي سگهبي پر اڄ سوشل  ميڊيا ذريعي اسان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهندڙ ڪنهن به شخص سان رابطو ڪري سگهون ٿا، ان سان ڳالهائي سگهون ۽ ان شخص  کي ڏسي به سگهون ٿا، مطلب ته سوشل ميڊيا تمام گهڻو فائد مند آهي، 
جيڪڏهن اسان فيس بڪ جي ڳالهه ڪنداسين ته ان سوشل ويب سائٽ جا به ڪيترائي فيچرز آهن، جن جي  استعمال سان وقت جي خبر ئي نه پوندي، فيس بڪ ته اسان فلم به ڏسي سگهون، ٿا، گانا به ٻڌي سگهون ٿا، ايتري قدر جو  ڪنهن به پروگرام کي لائيو ڪوريج به ڏئي سگهجي ٿي، هڪ ٻئي سان ويڊيو ڪچهري به ڪري سگهجي ٿي. فيس بڪ ته اسان پنهنجيون تصويرون، ويڊيوز ۽ پنهنجو رڪارد به جمع ڪري سگهون ٿا.  دنيا جي مختلف ملڪن جي ماڻهن سان دوستي به ڪري سگهون ٿا. مطلب ته سوشل ميڊيا جا نقصان جي ڀيٽ ڪيترائي فائدا آهن. پر ڪجهه ڏينهن کان شرمين عبيد چناءِ ۽ سندس ڀيڻ جو مامرو سوشل ميڊيا تي باهه جيان ڀڙڪي اٿيو آهي، هر طرف سوشل ميڊيا تي جنسي طور هيسائڻ وارو معاملو هلي رهيو آهي، سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ جيڪي به ماڻهو آهن، انهن مان گهڻو انگ شرمين عبيد تي سخت تنقيد ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته شرمين عبيد ٽوئيٽر تي هڪ پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو ته پاڪستان ۾ جنسي طور هيسائڻ جي ڪا به حد نه آهي، ايتري قدر جو ٻه ڀيرا آڪسر ايوار ماڻيندڙ عبيد شرمين چناءِ پنهنجي ٽوئٽ ۾ اهو به چيو ته فيس بڪ تي “ فرينڊ رڪيسٽ ” موڪلڻ به  جنسي طو هيسائڻ جي برابر آهي. هن اها پوسٽ ان ڪري شيئر ڪئي جو سندس ڀيڻ کي ڪنهن ڊاڪٽر فيس بڪ تي فرينڊ رڪيسٽ موڪلي جيڪا ڳالهه کيس پسند نه آئي ۽ هن ڪاوڙ ۾ اچي اسپتال انتظاميا کي شڪايت ڪئي، جنهن کانپوءِ ان اسپتال جي انتظاميا دير ئي نه ڪئي ۽ خبرون آهن ته ان ڊاڪٽر کي اسپتال انتظاميا نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن شرمين عبيد  چناءِ جي جاءِ تي ڪا ٻي عورت هجي ها ته فرينڊ رڪيسٽ موڪلڻ واري شڪايت تي ڪنهن جي به نوڪري نه وڃي ها.
جيئن ته شرمين عبيد هن ملڪ جي مظلوم عورتن تي فلمون ٺاهي آڪسر ايوارڊ ماڻيا آهن ۽ سندس نالو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهو آهي، ان جي ڪري اسپتال انتظاميا سوچيو هوندو ته ان عورت جا تعلق دنيا ۾ الائي ڪٿي ڪٿي هوندا، متان اسپتال ئي کي تالو لڳي وڃي، ان کان سٺو آهي ته ڊاڪٽر کي نوڪري تان ڪڍي ڇڏجي ته بهتر آهي. هن وقت سوشل ميڊيا تي ڊاڪٽر ۽ شرمين عبيد جي ٽوئيٽ تي ئي بحث هلي رهيو آهي ۽ سمورا ماڻهو ڊاڪٽر جي سپورٽ ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ شرمين عبيد هڪ عورتن لاءِ آواز اٿاريندڙ شخصيت آهي پر ان باوجود سوشل ميڊيا تي عورتون به سندس ٽوئيٽ جي مخالفت ڪري رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا جو مطلب ئي اهو ئي  هوندو آهي  ته ماڻهو دنيا  جي مختلف ملڪن سان رابطا وڌائي، جيڪڏهن ڪنهن بئي سان رابطو ناهي رکڻو ته پوءِ آخر ڪهڙي ضرورت آهي سوشل ميڊيا تي اچڻ جي، خاموشي پنهنجو ڪم ڪار ڪيو وڃي.
بهرحال اڄ جي جديد دور موبائل فون هڪ ننڍڙو ڪمپيوٽر بڻجي ويو آهي، جنهن کي اسين ويڊيو، آڊيو ۽ انٽرنيٽ فون ڪالز جي لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ اڄ جي جديد موبائل فونز ۾  اهڙو سسٽم آهي جو جيڪو به  اوهان کي هڪ ڀيرو ڪال ڪري يا وري مس ڪال ڏئي ته ان نمبر تي ٺهيل واٽس ايپ، فيس بڪ اڪائونٽ ۽ٽوئيٽر اڪائونٽ ظاهر ٿي پوندو آهي ۽ اسان آساني سان ان کي سڃاڻي ويندا آهيون ۽ ان کي فرينڊ رڪيسٽ موڪلي سگهون ٿا يا ان کي فالو ڪري سگهون ٿا. جيئن ته شرمين عبيد ترقي يافته ملڪن ۾ رهي ٿي ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان جي مظلوم عورتن تي ٿيندڙ ظلم جون فلمون ٺاهي ناڻو ڪمائي رهي آهي، جنهن سبب کيس هر هڪ آزاد خيال ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ عورت سمجهندا هئا پر جڏهن هن پنهنجي ڀيڻ بابت جيڪا سوشل ميڊيا تي پوسٽ شير ڪئي، تنهن کان پوءِ سندس اصليت دنيا آڏو اچي وئي آهي، ڇاڪاڻ  ته هو چاهي ٿي ته سوشل ميڊيا تي ڪو به مرد عورت سان دوستي نه ڪري ۽ نه ئي وري ڪا عورت مرد کي پنهنجو دوست بڻائي،
جيڪڏهن شرمين عبيد کي هڪ مرد پاران عورت کي فيس بڪ فرينڊ رڪيسٽ موڪلڻ جنسي طور هيسائڻ لڳي ٿو ته پوءِ سندس ويڊيوز جيڪي انٽرنيٽ تي گردش ڪري رهيون آهن، اهي جنسي طور هيسائڻ نه آهن، بهرحال سوشل ميڊيا تي کيس هڪ شخص تمام سٺو جواب  ڏيندي چيو آهي ته شرمميل عبيد جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ جنسي طور هيسائڻ جي ڪا به حد نه آهي، جيڪڏهن واقعي ايئن آهي ته هوءَ هن ملڪ اچي رات جو يانهن کان 12 وڳي تائين روڊن رستن تي گهمي سگهي ٿي، کيس سڀ ڪجهه خبر پئجي ويندي، جيڪڏهن شرمين عبيد واقعي ايڏي بهادر آهي ته هوءَ نيويارڪ جي روڊن تي رات جو اٺين يا نائين وڳي روڊن تي اڪيلي گهمي ڏيکاري ته کيس خبر پئجي ويندي ته جنسي طور هيسائڻ جي زيرو حد ڪٿي آهي؟
شرمين عبيد چناءِ هڪ ڊاڪٽر جي نوڪري وڃائڻ سان گڏ سوشل ميڊيا  کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ سوشل ميڊيا تي هزارين فرينڊ ايڊ ڪري ويٺي آهي، ٽوئيٽر تي به سندس هزارين فالو ورس آهن، پر ان باوجود شرمين عبيد چناءِ جو اهو چوڻ ته فيس بڪ تي هڪ مرد پاران فرينڊ رڪيسٽ موڪلڻ غلط آهي ته پوءِ جيڪي عورتون فرينڊ رڪيسٽ موڪلينديون آهن، اهي ڇا آهن، ڇا اسان به عبيد شرمين چناءِ  وانگر انهن تي اهو ئي الزام لڳايون، مون کي ته افسوس ٿو ٿي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ ۽ آزاد خيال جي عورت هڪ ننڍڙي ذهنيت جي مالڪ به ٿي سگهي ٿي، اهڙي عورت کي مظلوم عورتن جي حقن جي باري ۾ ڪهڙي خبر هوندي جيڪي انهن مظلوم عورتن تي ٿيندڙ ظلم کي پنهنجو ڪاروبار سمجهنديون هجن.
بهرحال اهو معاملو اتي ختم نه ٿيندو، هن وقت سوشل ميڊيا تي شرمين عببد چناءِ جي اصليت سڀني جي سامهون اچي چڪي آهي، جيڪا عورت ٻين عورتن کي حق وٺي ڏيڻ لاءِ  جدوجهد ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي آهي، ان جي سوچ بس ايتري آهي ته جيڪڏهن ڪو فيس بڪ تي فرينڊ رڪيسٽ موڪلي ته اهو به جنسي طور هيسائڻ جي برابر آهي، هاڻ ناليواري آڪسر ايوارڊ يافته شرمين عبيد کي گهرجي ته فيس بڪ استعمال ڪرڻ لاءِ  پنهنجي ڀيڻ کي ڪو استاد مقرر ڪري ته جيئن اهو استاد سندس ڀيڻ کي سيکاري ته فيس بڪ ۾ ڪيترئي اپشن آهن، جن استعمال سان نه ته ڪو اوهان کي آساني سان فيس بڪ تي ڳولي سگهي ٿو نه ئي وري اوهان کي اوهان جي اجازت کانسواءِ فرينڊ رڪيسٽ موڪلي سگهي ٿو، ايتري قدر جو جيستائڻ فيس بڪ استعمال ڪندڙ شخص پاڻ اجازت نه ٿو ڏئي ڪو ماڻهو تصوير به ٽيگ نٿو ڪري سگهي. ان کان علاه ٻيا به کوڙ سارا اپشن آهن، جيڪي استعمال ڪري سگهجن ٿا پر الائي ڇو  آڪسر ايوارڊ يافته شرمين عبيد ۽ سندس ڀيڻ کي خبر نه هئي.

ڀٽي براري جي متحد ٿيڻ جي گهُرج

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين ڀٽي برادري مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، ڪٿي قبيلائي جهيڙا آهن ته ڪٿي وري تعليم ۽ صحت جهڙي مسئلن کي منهن ڏيڻ وارا مسئلا نروار ٿيندا رهن ٿا، پر هن وقت تائين ڪنهن به ڀٽي برادري جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا وک نه وڌائي آهي، جيڪڏهن ڀٽي برادري مان هر هڪ ماڻهو  نوجوانن جي تعليم، صحت  ۽ روزگار لاءِ قدم کڻي، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ڀٽي برادري جا چڱا مڙس هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي وک اڳتي وڌائيندا، هن وقت تائين سنڌ ۾ ڀٽي برادري جي مئسلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به اهڙو خاص اتحاد نه ٺهي آهي، جيڪو مسئلن جي حل لاءِ ڪي تڪڙي وک وڌائي.
 جيڪڏهن سنڌ اندر ڪو مضبوط اتحاد قائم هجي ته اڄ ڀٽي برادري جا نوجوان روزگار نه هجن ها نه ئي وري قبيلائي جهيڙن کي منهن ڏين ها، هن وقت ڀٽي برادري کي متحد ٿيڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ اڄ جي ٽيڪنالاجي دور ۾  ڀٽي برادري جا نوجوان تمام گهڻو پوئتي آهن، مطلب ته هر شعبي ۾ پوئتي آهن، ڪيترائي اهڙا  نوجوان آهن، جن کي تعليم جهڙي به به سهولت مُهيا  ٿيل آهن، جيڪڏهن ڀٽي برادري جا جا چڱا مڙس هڪ پليٽ فارم تي گڏ  ٿي ڪا حڪمت عملي جوڙين ۽ اهڙن خاندانن جي مدد ڪن، جن جا ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن ته اهو ڏينهن پري نه آهي، جڏهن ڀٽي برادري جا نوجوان دنيا اندر سنڌ جو نالو روشن ڪرڻ کان پوئتي نه هوندا، هن وقت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڀٽي برادري سان تعلق رکندڙ ڪيترائي خاندان آهن، جن جا ٻارڙا موذي بيمارين ۾ به ورتل آهن، جن جي ڪير به پرگهور لهڻ وارو نه آهي، جنهن جي ڪري اڄ هڪ مضبوط پليٽ فارم جي تمام ضرورت آهي،
هونئن ته  ڪيترائي ڀٽي اتحاد قائم آهن پر اهي صرف ڪجهه شهرن تائين محدود آهن، ڪراچي ۾ به اهڙو ڪو خاص مرڪز نه آهي، جتي ڪو اچي ڀٽي برادري جي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ  ڪا حڪمت عملي جوڙي، جيڪڏهن ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر يا وري ڪنهن ٻئي شهر ۾ ڀٽي اتحاد جو مرڪز قائم ڪيو وڃي ۽ ننڍن ننڍن شهرن ۾ آفيسون کوليون وڃن ۽ سمورا ڀٽي برداري جا ماڻهو انهن کي فنڊنگ ڪن ته جئين اهي هر هڪ غريب ۽ مستحق ڀٽي برادري جي خاندانن جي مدد ڪن ۽ جن جا ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم آهن، انهن کي تعليم مهيا ڪن ۽ جيڪي ڀٽي برادري جا ماڻهو ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن انهن جا مسئلا حل ڪن ته سمورا مسئلا آساني سان ختم ڪري سگهجن ٿا. پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ڪو حڪمت عملي جوڙڻ تيار هوندو.
هونئن ته ڀٽي برادري جا ڪجهه ماڻهو برادري جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جاکوڙ جاري رکيو يا اچن پر اها محدود آهي، انهن سمورن ڀٽي برادري جي هڏ ڏوکي ماڻهن کي هاڻ وڌيڪ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، اسان جي ته خواهش آهي ته آل سنڌ ڀٽي اتحاد جو مرڪز به ڪراچي ۾هئڻ گهرجي ته جيئن ته جيڪي ڀٽي برادري جا نوجوان ڪراچي ڪمائڻ يا پڙهڻ لاءِ اچن ٿا، انهن جي ان مرڪز ذريعي مدد ڪري سگهجي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽ سکر ۾ به آفيسون هجن ته جيئن جيڪي ماڻهو ڀٽي برادري جي ماڻهن کي پريشان ڪري رهيا آهن ۽ حق نه پيا ڏين، انهن ڀٽي برادري جي خاندانن جي انهي پليٽ فارم تان مددڪري سگهجي.
هاڻ اهو اسان جو ئي فرض آهي ته اسان ڪئين پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ متحد ٿا ٿيون. سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا خاندان آهن جن وٽ وسيلا نه هئڻ سبب پنهنجي گهر جو خرچ به نٿا هلائي سگهن، جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي انهن جا مسئلا حل ڪيون ته اها ڀٽي برادري جي لاءِ وڏي خدمت هوندي. ان جي ڪري سنڌ ۾ رهندڙ ڀٽي برادري جي نيڪ، خلق جي خدمت ڪندڙن ۽ ڀٽي برادري جي مسئلن کي پنهنجو مسئلو سمجهندڙن  کي بس اها درخواست هوندي ته اهي جلد کان جلد متحد ٿي سنڌ ۾ رهندڙ ڀٽي برادري جي نوجوانن جي تعليم، صحت ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو اثرائتو اتحاد ٺاهين ته جيئن سمورا ڏتڙيل ڀٽي برادري جي خاندان خوشحال ٿي سگهن.


شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ وارو مامرو

صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ تعليم ايمرجنسي لاڳو آهي ۽ ان ايمرجنسي جا اثر به نظر اچي رهيا آهن، ڪٿي شاگردن کي  حراسان ڪيو پيو وڃي ته ڪٿي وري شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ وارا واقعا پيش اچي رهيا آهن، ڪراچي يونيورسٽي  ۾ ته ڌرتي ڌڻين جي لاءِ  دروازا ڪيتري ئي عرصي کان بند آهن، جيڪي شاگرد  ڪراچي  جي يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن انهن کي به ڄاڻي واڻي پوئتي ڪرڻ وارا حربا استعمال ٿيندا  رهيا آهن، ڪيترن ئي شاگردن کي ته يونيورسٽين ۾داخلائون ئي نه ملنديون آهن، هن وقت به  اهو سلسلو جاري ۽ ساري آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيڪل  انٽري ٽيسٽ  سٺي سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ڪرائي وئي، جنهن جو پرچو به آئوٽ ٿيڻ وارو معاملو ميڊيا تي آيو، جنهن بعد شاگرد سراپا احتجاج بڻجي ويا،جنهن مان پڪ ٿي وئي ته واقعي سنڌ اندر تعليمي ايمرجنسي لاڳو آهي، جيڪڏهن تعليمي ايمرجنسي لاڳو نه هجي ته اڄ شاگرد روڊن تي نه هجن ها، بهرحال اهو ته انٽري ٽيسٽ جو معاملو هو، ڪڏهن ڪاپي ڪلچر جو بحث ٿيندو آهي ته ڪڏهن وري  ٻين صوبن جي شاگردن کي سنڌ اندر پيپر ڏياريا ويندا آهن، جن کي روڪڻ لاءِ ۽ ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليمي ايمرجنسي  لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر  ان تي عمل ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي،  شابس آهي، مختلف عدالتن جي ججن کي جيڪي   مختلف اسڪولن تي ڇاپا هڻي حڪومت جو ڪارڪردگي کي وائکو ڪري رهيا آهن ۽ بند پيل اسڪول ٻيهر کولرائي رهيا آهن. جنهن سان تعليمي نظام بهتر ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا  آهن.
هاڻ ته سنڌ يونيورسٽي اندر به ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،  ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي ڪلاسن مان کنڀيو  ويندو آهي ته ڪڏهن وري قانون جا رکوالا سنڌي شاگردن  کي پنهنجي ثقافت کي اپنائڻ جو به حق کسي رهيا آهن، ڪجهه عرصو اڳ  سنڌ يونيورسٽي ۾ قانون جي رکوالن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ تي پابندي لڳائي جيڪو ماملو ميڊيا تي اچڻ بعد اها پابندي شاگردن تان ختم ٿي  پر اڃا به شاگرن کي هيسائڻ وارو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي. هاڻ ته سنڌ يونيورسٽي اندر  شاگرد تنظيمن تي به اڻ سڌي طرح پابندي لڳل آهي، جنهن سبب اهي  ڪجهه استاد مقدس پيشي  کي بدنام ڪري رهيا آهن،  جيڪي خبرون هن وقت ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن شاگرد تنظيمن تي پابندي نه هجي ها ته اڄ نه ڪنهن شاگردياڻي کي   حراسان ڪيو وڃي ها نه ئي وري ڪو سنڌ سان نفرت ڪندڙ سنڌي شاگردن کان ٽوپي ۽ اجرڪ لاهرائڻ جي جرئت ڪري ها. بهرحال هن وقت سنڌ يونيورسٽي جي بس ڊرائيور کان ويندي  مقدس پيشو رکندڙ استاد تائين سمورا ماڻهو قانون جي زور تي  شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن. سپريم ڪورٽ به ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ڪارروائي جو حڪم به ڏنو آهي، پر اهو معاملو ڪڏهن حل ٿيندو ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو. 
جڏهن کان سنڌ سرڪار طرفان تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي آهي تڏهن کان سنڌ اندر ان جا نتيجا به اچڻ شروع ٿيا ويا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ هڪ پوليس آفيسر گارڊ ساڻ ڪري امتحاني سينٽر تي ڇاپو هنيو ته ٻه ڏينهن اڳ گهوٽڪي جي اي ايس پي آصف بهادر بهادري جو ڪارنامو ڏيکاريندي ٻن نياڻين کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن مان ظاهرٿي رهيو آهي ته واقعي سنڌ اندر تعليمي ايمرجنسي تي عمل جاري آهي، هاڻ اها تعليمي ايمرجنسي جا اڃا وڌيڪ ڪيترا نتيجا سامهون ايندا اهو ته وقت ئي ٻڌائندو. هونءَ ته سنڌ اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، جنهن سبب روزاني اخبارون چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن جي وارداتن سان ڀريل هونديون آهن، سنڌ جو شايد ئي ڪو اهڙو شهر بچيو هجي جتي دهشتگردي يا ٻيو ڪو وڏو واقعو پيش نه آيو هجي، پوليس به  امن امان قائم ڪرائڻ جون  وڏيون وڏيون دعوائون ڪندي رهي آهي پر ان باوجود سنڌ جي عوام پوليس خلاف دانهيندي رهي آهي، ڪٿي بلڊر مافيا سان سهڪار ڪري ڳوٺ ڊاٿا ويندا آهن ته ڪٿي وري بي گناهن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي، پر چوندا آهن ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، هتي به اهو سلسلو هلي رهيو آهي، جنهن سبب ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين هزارين ماڻهو پوليس گردي جو شڪار ٿي چڪا آهن، ڪجهه ماڻهو ته پوليس گردي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ان باوجود اختيارين جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري،
هونءَ ته پوليس طرفان امن امان قائم ڪرڻ جون وڏيون دعوائون ڪيون وينديون آهن پر افسوس جو هن وقت تائين ڪٿي به چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ گهٽتائي ٿيندي نظر نه پئي اچي، جنهن سبب روزاني اهڙين خبرن سان اخبارون ڀريل هونديون  آهن، بهرحال جيڪي پوليس پنهنجن علائقن ۾ چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾گهٽتائي نه ڪري سگهي، اها اڳتي هلي دهشتگردي جي ڪاررواين کي ڪهڙي ريت روڪيندي، بهرحال هن وقت پوليس پنهنجو رخ تعليمي ادارن ڏانهن ڪيو آهي، جنهن سبب تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ خوف واري فضا قائم ٿي چڪي آهي پر اهڙي عمل خلاف ڪو به نوٽيس وٺڻ وارو نه آهي، جنهن سبب سنڌ اندر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گرفتار ڪرڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. جڏهن کان سنڌ اندر نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان شروع ٿي ويا آهن، پوليس اهلڪارن پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي امتحاني سينٽرن جو رخ ڪيو آهي، ايتري قدر جو ڊي سي ۽ ٻيا عملدار به گارڊ ساڻ ڪري امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري رهيا آهن، جن کي ڏسي شاگرد اڃا وڌيڪ پريشاني جو شڪار ٿي وڃن ٿا،
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا پيپر شروع ٿيا  ته هر طرف کان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪجهه شهرن مان ته اهي به خبرون مليون ته ڪجهه ماڻهو صحافتي ذميواريون پوريون ڪرڻ بهاني اٺ ڏهه ماڻهو ساڻ ڪري امتحاني سينٽرن جي  دورو ڪيو، ايتري قدر جو  پاڻ کي چڱو مڙس سڏرائيندڙ به امتحاني سينٽرن جو دورو ڪرڻ لڳا پر افسوس جو تعليمي بورڊن طرفان جوڙيل ٽيمون ڪٿي  به نظر نه آيون، جنهن جو اصل ڪم سينٽرن تي ڇاپا هڻڻ هو، جيڪو ڪم تعليمي بورڊ جي ٽيمن کي ڪرڻو هو ، اهو ڪم ڪامورا ۽ پوليس اهلڪار ڪري رهيا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ به هڪ عورت پوليس اهلڪار وڏي بهادري جو ڪم ڪيو هو، جنهن پاڻ سان گڏ گارڊ ساڻ ڪري هڪ امتحاني سينٽر تي ڇاپو هنيو، جنهن سبب شاگرد تمام خوف ۾ وٺي ويا هئا، ان عورت پوليس اهلڪار جي ڇاپي دوران واري وڊيو ڏسي ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ هوءَ ڪنهن وڏن وڏن دهشتگردن کي پڪڙي  رهي هئي، بهرحال ان وقت به تعليم واري کاتي طرفان  ڪو به ردعمل سامهون نه آيو هو ، جنهن سبب هڪ ٻيو واقعو حيدرآباد کان پوءِ گهوٽڪي ۾پيش آيو،
هونءَ ته اسان جي ملڪ ۾ ناڻو لٽي ٻاهرن ملڪن جي بينڪن ۾ رکندڙن خلاف جيڪي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، اهي سڀني جي سامهون آهن، جيڪڏهن هن وقت تعليم جي بهتري لاءِ حڪومت قدم کڻي ته شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي ٿو. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ خبرون  آهن ته آءِ جي سنڌ گهوٽڪي واقعي جو نوٽيس وٺندي اي ايس پي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جاچ ٽيم به جوڙي ڇڏي  آهي، بهرحال اها ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته جنهن به معاملي کي لئه مٽي ڪرڻو هوندو آهي ته ان جي لاءِ جاچ ٽيم جوڙي ويندي آهي ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيل نياڻين سان ناانصافي واري واقعي جو به حشر به اهو ئي ٿيندو، جيڪو ماضي ۾ جوڙي جاچ ٽيمن ڪيو آهي. هن وقت هر طرف اهو بحث هلي رهيو آهي ته سنڌ اندر ڪاپي جي ڌم متل آهي پر هن وقت تائين اهم مسئلي بابت ڪو به بحث نه ڪيو آهي ته جيڪي اسڪول بند پيا آهن انهن کي کولرائڻ جو ڪم ڪنهن جو آهي ۽ جيڪي استاد اسڪول نه ٿا وڃن انهن کي اسڪول اچڻ لاءِ ڪهڙي ريت پابند بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، پر حڪومت بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ ڪي تڪڙا اپاءُ نه ورتا آهن، ظاهري طور ته  تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي آهي پر  اها ايمرجنسي امتحاني سينٽرن تي  ڇاپا هڻي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي گرفتار ڪرڻ تائين محدود نه ڪيو وڃي، ڪاپي کي روڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ٻارڙن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري آهي پر افسوس جو هن وقت تائين  تعليمي نظام ۾ ڪا خاص بهتري اچي نه سگهي آهي، جنهن سبب ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن. جيڪڏهن وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومت چاهي ته سنڌ اندر تعليمي نظام بهتر ٿي سگهي ٿو ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن عملي طور قدم کنيا وڃن باقي اعلانن سان ڪجهه به نه ٿيندو. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته تعليمي ايمرجنسي گڏ عملي قدم کڻڻ لاءِ به وک وڌائي ته جيئن سنڌ جا مقدس تعليمي ادارا محفوظ رهي سگهن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مسقبل به بچي سگهي.

Friday 27 October 2017

ملڪي سياسي بحران ۽ ڪرپشن جو رينگٽ

صاحب خان ڀٽي
جمهوري حڪومت  ۾ ڪرپشن هڪ عذاب بڻجي ويندو آهي، جيڪي به ترقياتي منصوبا هلي رهيا هوندا آهن، انهن ۾ ڪو نه ڪو نقص ڪڍي ان کي اڌ ۾ روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ڪڏهن چونڊيل نمائندن  کي ڪرپشن جي الزام ۾ سوگهو ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري حڪومت جو تختو ئي اونڌو ڪيو ويندو آهي، پر هاڻ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، ترڪي جي ناڪام بغاوت جي ڪوشش کان پوءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ جمهوريت مضبوط ٿيندي نظر اچي رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ به مشرف جي وڃڻ کان پوءِ جمهوريت کي هڪ ڊگهو عرصو مليو آهي ۽ اڃا به جمهوريت جي ريل گاڏي پٽڙي تي هلي رهي آهي،
 مختلف وقتن تي سياستدان پاڻ کي جمهوريت جي ٽرين کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ناڪام ويا، ڪن سياستدانن ته غير جمهوري قوتن کي اچڻ جي دعوت به ڏني، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ غير جمهوري قوتن کي اچڻ جي دعوت جا بينر به لڳايا ويا پر ان باوجود جمهوريت جي ٽرين لوڏن سان پنهنجو سفر ڪري رهي آهي، پر  ڪجهه سياسي پارٽين کي جمهوريت هضم نه ٿي رهي آهي، ان جي ڪري اهي اهڙا قدم کڻي رهيون آهن، جنهن سان ملڪ اندر جمهوريت کي نقصان پهچي سگهي ٿو، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جڏهن به جمهوريت ايندي آهي ته ان وقت ترقياتي ڪم ته ٿيندا آهن پر انهن ۾ ڪرپشن جو ذڪر به ٿيندو آهي،
نواز ليگ جي حڪومت آئي ته ان پنجاب ۾ تمام گهڻا  ڪم ڪرايا پر ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر ٽڪي جو ڪم به نظر نه اچي رهيو آهي. پيپلزپارٽي به ڪيترو ئي عرصو اقتدار ۾ رهي آهي ۽ لاڙڪاڻي کي پيرس بڻائي ڇڏيو آهي، جتي وڃي عوام کي واقعي لڳندو آهي ته هي شهر سنڌ جو سڀ کان خوشحال شهر آهي، جتي نه ته بيروزگاري آهي ۽ نه ئي وري اتي وڌيڪ سهولتن جي گهرُج آهي. اهو مان نه پر چونڊيل نمائندا چوندا آهن ته  هنن سنڌ کي خوشحال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن،
جيڪڏهن اسان صرف سنڌ جي روڊن رستن تي ئي نظر ڦيرائينداسين ته اسان کي سنڌ جا روڊ قاتل نظر ايندي، جن تي روزاني روڊ حادثا ٿين ٿا ۽ قيمتون جانيون زيان ٿين ٿيون، ان جو سبب اهو ئي آهي جو سنڌ جي روڊن رستن جي  حالت بهتر نه آهي، جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. جيڪڏهن ڪٿي روڊ ٺهيل به آهي ته اهو ايترو ننڍو آهي  جو  گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي وڃن  ٿيون، ڄامشورو کان سيوهڻ ۽ دادو تائين روڊ به ڪنهن عذاب کان گهٽ نه آهي، انهيءَ روڊ کي قاتل روڊ به چئي سگهجي ٿو، انهي ءَ روڊ تي هزارين قيتون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته ان روڊ کي ويڪرو ڪري ون وي به ڪري سگهي ٿي پر اهڙو قدم نه پيو کنيو.
بهرحال جمهوري نظام ۾ اهو  سڀ ڪجهه هلندو رهندو آهي، پر سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب ترقياتي ڪم تمام گهڻا ٿيا آهن ۽ ان صوبي ۾ زراعت به بهتر آهي ۽ اتي روزگار جا موقعا به مُهيا ڪيا ويندا آهن پر سنڌ ۾سنڌين جي حڪومت هوندي به ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن کي داخلائون نه ٿيون ملن ۽ نه ئي وري انهن کي ڪي روزگار جا ڪي موقعا مُهيا ڪن وڃن ٿا، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ به سنڌين وسندين کي ڊاٿو پيو و ڃي ۽ ڌرتي ڌڻين کان اجها ڦريا پيا وڃن، جنهن تي سنڌ جو عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چُري.  
نواز ليگ چئي رهي آهي ته انهن پنهنجي حڪومت ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ امن امان جي صورتحال به بهتر بڻائي آهي ۽  نوازشريف خلاف جيڪا ڪارروائي ٿي رهي آهي، اهو به صرف ان ڪري ٿي رهي آهي ته نوازشريف ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ عوام جي خدمت ڪئي آهي، ايتري قدر جو  ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرائڻ جو ڪريڊٽ به نواز ليگ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو،  جڏهن کان نواز ليگ حڪومت جون واڳيون سنڀاليون آهن، ان ڏينهن کان تحريڪ انصاف، عوامي مسلم ليگ، عوامي تحريڪ، پيپلزپارٽي ۽ ٻيون جماعتون سندس مخالف ٿي ويون آهن، پر ان باوجود پيپلزپارٽي نوازليگ جو تمام گهڻو ساٿ ڏنو آهي،  جڏهن پيپلزپارٽي اقتدار ۾ هئي ته ان وقت نواز ليگ پيپلزپارٽي جي حڪومت خلاف رڻ ٻاري ڏنو هو پر بعد ۾ اهو سلسلو ختم ٿي ويو هو، جڏهن يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار  ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو ويو هو، ان وقت به پيپلزپارٽي هڪ قدم به پوئتي نه ڪيو هو ۽ نئون وزيراعظم چونڊرايو هو.
جيئن ته هن وقت ملڪ اندر جمهوري حڪومت قائم آهي ۽ ملڪ اندر “ ملڪ اندر مائنس ون “ فارمولي تي به ڪم هلي رهيو آهي، ڪراچي کي پاڪ ڪرايو ويو آهي، دهشتگردي، ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙ پارٽي تي اڻ سڌي ريت پابندي لڳائي وئي آهي، جنهن سبب ٻن تنظيمن جنم ورتو آهي، هڪ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ٻي پي ايس پي شامل آهي، جيڪي پڻ ان تنظيم مان پيدا ٿيون آهن، جنهن جو سربراهه ماضي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ميڊيا تي ملڪ کي  يرغمال بڻائندو هو ۽ هتان جا ادارا خاموش تماشائي بڻيل رهندا هئا، ايئن لڳندو هو ته هر ادارو جي حضوري ۾ آهي. ايم ڪيو ايم لنڊن تي ڪڙي نظر رکڻ سبب ان جون سرگرميون به محدود ٿي ويون آهن. پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ به اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم  لنڊن، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي ختم ٿي وينديون ۽ هڪ نئين تنظيم تنظيم ٿيندي، مطلب ته ان جو  اشارو دبئي ۾ ويٺل شخص ڏانهن هو. جيڪو چيلهه جي تڪليف  سبب اتي ترسيل آهي.
پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ جي اڳڪٿي کانپوءِ  آل پاڪستان مسلم ليگ جي صدر پرويز مشرف   پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي  چيو ته ڪراچي ۾ وڏو خال پيدا ٿي چڪو آهي جيڪو هو سياسي اتحاد قائم ڪري ڀريندو، اڳوڻي آمر پرويز مشرف ته اهو به چيو آهي ته موجوده حالتن مان ٽن قسمن جي صورتحال جنم وٺي سگھي ٿي، هڪ صورت حڪومت کي ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائڻ آهي ٻي صورت قومي حڪومت جوڙي وڃي، جڏهن ته ٽئين صورت مارشل لا لاڳو ڪرڻ آهي. جيڪو ممڪن ناهي. اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي اهڙي بيان مان لڳي رهيو آهي ته تمام جلد پرويز مشرف ڏيهه ايندو، جيئن هن پنهنجي حڪومت ايم ڪيو ايم کي مضبوط ڪيو ۽ ٻارنهن مئي جهڙا سانحا پيش آيا، ايتري قدر جو ڪراچي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو تي به حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾  سوين ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا، جن جا قاتل اڄ به قانون کان آجا آهن ۽ نه ئي حڪومت چاهي ٿي ته انهن دهشتگردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ ٿيل ڌماڪي جي جاچ ڪرائي ها ته شهيد ٿيلن جي وارثن کي آٿت ملي ها پر افسوس جو قاتلن کي اهو چئي ڇڏيو ويو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي.
جڏهن کان ملڪ ۾ پڇاڻي جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان  سنڌ ۽ پنجاب ۾ سياسي پارٽين لاءِ  پريشاني وڌندي پئي وڃي. پنجاب ۾ نواز ليگ تي ڪرپشن جو الزام آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ڪرپشن ڪيس ۾ ڦاسجي پيا آهن، جن ۾ شرجيل ميمڻ به شامل آهي، جيڪو پاڻ پنهنجي مرضي سان عدالت ويو ۽ کيس  ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ حراست ۾ ورتو ويو هو. نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته شرجيل ميمڻ جي گرفتاري عدالت جي حڪم تي ٿي، ان ۾ ڪنهن سان ناانصافي جو تاثر ڏيڻ درست ناهي، هاڻي احتساب بنا فرق ۽ قانون مطابق ٿيندو.
بهرحال تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جيڪو عدالتن ۾ پيش نه ٿيندو هو، اهو به گرفتاري جا وارنٽ  جاري ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کان توهين عدالت  جي  ٻن درخواستن تي معافي گهري، جنهن کي اليڪشن ڪميشن قبول ڪيو، پر مٿس ڪراچي ۾ ڪيل تقرير واري درخواست برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو. هڪ طرف عمران خان خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نااهلي جي درخواست هلي رهي آهي ته  ٻئي طرف وري نوازشريف خلاف نئب ريفرنسز  ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، هونئن ته نوازشريف  نيب جي ٽنهي ريفرنس کي گڏ ڪري هڪ ئي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي پر ان کي عدالت رد ڪري ڇڏيو هو. جيڪو هن وقت احتساب هلي رهيوآهي، ان ۾ پنجاب ۾ ته ڪا خاص گرفتاري عمل ۾ نه آهي پر  سنڌ ۾ گرفتاريون عمل ۾ آيون آهن، پيپلزپارٽي جو اڳواڻ شرجيل ميمڻ به گرفتار ٿي چڪو آهي، جنهن خلاف به ڪرپشن جو ڪيس هلي رهيو آهي.پر پنجاب ۾ ڪا به گرفتاري  عمل ۾ نه اچڻ تي پيپلزپارٽي کي به تمام گهڻي ڳڻتي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته ٻٽو معيار رکيو پيو وڃي، جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو.

Thursday 26 October 2017

نيون تڪ بنديون ۽ آدمشماري ۾ ٿيل ويساهه گهاتيون

صاحب خان ڀٽي
2017ع  ۾ جڏهن آدمشماري جو عمل شروع ٿيو ته ان وقت صوبن پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو، خاص طور تي سنڌ کي ان آدمشماري تي تمام گهڻا خدشا هئا، جنهن سبب وفاقي سرڪار پاران آدمشماري  وارو عمل فوج جي نگراني ۾ ڪرايو ويو، جڏهن آدمشماري ٿي رهي هئي ته خاص طور تي ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي نظر انداز ڪيو ۽ جڏهن اهي خبرون ميڊيا تي نشر ٿيون ته شماريات کاتي طرفان چيو ويو ته جيڪي علائقا رهجي ويا، انهن علائقن ۾ ٻيهر آدمشماري ڪرائي ويندي،
ڳڻپ واري عمل دوران اهي شڪايتون به مليون ته آدمشماري ڪندڙ عملو فارم پين بدران پينسل سان ڀري رهيو هو، جڏهن انهن کان پڇيو ويو ته انهن چيو هو ته متان ڪا غلطي ٿي وڃي، جنهن سبب پينسل سان فارم ڀريا پيا وڃن ته جيئن بعد ۾ انهن کي درست ڪيو وڃي پر شماريات کاتي پاران پينسل سان فارم ڀرڻ  کان سختي سان روڪيو ويو هو پر ان باوجود عملو پنهنجي مرضي هلائي رهيو هو، ان سان گڏوگڏ عملي پاران ڪيترائي علائقا رهايا ويا هئا، جن بابت چيو ويو ته انهن علائقن جا وٽن نقشا ئي نه آهن، جنهن سبب  هو انهن علائقن جي ڳڻپ نه ڪندا ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪراچي جي انهن علائقن ۾ ٿي رهيو هو، جتي صرف سنڌي رهن ٿا،
جڏهن شماريات کاتي پاران نتيجا پڌرا ڪيا ويا ته سنڌ سرڪار ان کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽  شماريات کاتي کان رڪارڊ طلب ڪيو هو، جيڪو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو هو، اليڪشن ڪميشن جي نين تڪبندين بابت اعليٰ سطحي اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ شماريات کاتي کان آدمشماري جي ڊيٽا وٺڻ جو فيصلو ڪيو  ويو هو، جڏهن ته شمايارت کاتي جي سربراهه پاران ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي وئي هئي، پر جڏهن سنڌ سرڪار ڊيٽا جو مطالبو ڪيو ته ان کي رد ڪيو ويو هو.
بهرحال اليڪشن ڪميشن آدمشماري جا نتيجا ۽ نقشا فراهم نه ڪرڻ تي نين تڪبندين جو ڪم مڪمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات چيو آهي ته جيڪڏهن آدمشماري جا نتيجا ۽ نقشا فراهم نه ڪيا ويا ته تڪ بندين جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهندو، آدمشماري جي نتيجن ۽ نقشن بابت حڪومت کي چيو آهي پر ڪو اطمينان جوڳو جواب ناهي مليو. جيڪڏهن تڪ بنديون نه ٿيون ته ان جو ذميوار ادارا ئي هوندا ٻي طرف وري وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران وفاقي ڪابينا نين تڪ بندين لاءِ آئيني ترميم آڻڻ جي اجازت ڏني هئي، . شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا قانون واري وزارت کي فوري طور نين تڪ بندين لاءِ آئيني ترميم جو بل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئيني ترميم تي پارليامينٽ ۾ کليل بحث ڪرايو ويندو، سڀني پارٽين جي صلاح مشوري سان ئي نين تڪ بندين جي ترميم کي منظور ڪيو ويندو.
بهرحال هن ملڪ ۾ ٿيل ڇهين آدمشماري تي سنڌ  سرڪار ۽ سنڌ واسين تي تمام  گهڻا خدشا آهن، ڇاڪاڻ ته  هن ملڪ ۾ هڪ طرف ڌارين جي لوڌ آهي ته ٻي طرف وري آدمشماري ۾ ڌارين جي لوڌ کي هن ملڪ جو شهري ڏيکاري ويو آهي، ان جو مثال هن ملڪ ۾ رهندڙ، افغانين، بهارين، برمين، بنگالين مان به ملي ٿو. هونئن ته سنڌ سرڪار ۽ وفاق کي سنڌي وسنديون نظر اينديون آهن  ، جڏهن اليڪشن ٿي رهيا هوندا پر  جڏهن چونڊن جو سلسلو ختم ٿي ويندو آهي ته پوءِ  ڪامورن پاران انهن ئي وسندين کي ڊاهڻ ۾ دير ئي  نه لڳندي آهي، ڪراچي ۾ ڪيتريون اهڙيون سنڌي وسنديون آهن، جتان شهيدن جي پارٽي جا اڳواڻ کٽيندا  ته آهن پر اهي  اڳواڻ ڪڏهن به سنڌي وسندين جو تحفظ نه ڪري سگهندا آهن، جنهن جي ڪري ڪراچي اندر  سنڌي وسندين کي ڊاهڻ وارو سلسلو مشرف جي دور کان شروع ٿيل هن وقت تائين ختم نه ٿي سگهيو آهي. پيپلزپارٽي جي  حڪومت جڏهن وفاق ۾ آئي ته سنڌين سوچيو  هو ته هن ڀيري ڪراچي جون سنڌي وسنديون ليز ڪيون وينديون پر اعلان ته ڪيو ويو پر بعد  ان وقت جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  پنهنجو ئي  اعلان واپس  وٺي ڇڏيو هو، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سنڌ دشمنن جون نظرون سنڌي وسندين ۽ سنڌين تي ئي آهن ۽  اهي نٿا چاهين ته  ڪراچي ۾ قائم سنڌي وسنديون ليز ٿي سگهن ۽ ڌرتي ڌڻين کي حق ملي سگهن. جنهن سبب سنڌ سرڪار ۾ ويٺل ڪامورا  انهن بلڊر مافيا سان گڏجي سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جو اختيار  انهن ماڻهن کي ڏئي ڇڏيندا آهن جيڪي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي وسندين کان نفرت ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي  جو ڪراچي ۾ افغان بستيون، بنگالين جون ڪاليونيون، برمين ۽ بهارين جا گهر نه ڊاٿيا ويندا آهن صرف ۽ صرف سنڌين  جي اجهن کي ڊاهي انهن کي بي گهر ڪيو ويندو آهي،
اهو ئي سبب  آهي جو اڄ جي جديد دور ۾  ڪراچي جون سنڌي وسنديون بنيادي سهولتن  کان محروم بڻيل آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار ئي چاهي ته سنڌي وسنديون پڪيون ٿي سگهن پيون ۽ پر ايئن نه ڪيو ويو. هونئن ته هر دور ۾ ڪامورن اهو واعدو ڪيو آهي ته  عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو فراهم ڪيو ويندو  پر  آمريت ۽ جمهوريت ۾ سنڌين سان  ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي. آدمشماري  جي نتيجن کي سنڌ جي ساڃاهه وندن ان جي ڪري ئي رد ڪيو آهي جو سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آهي ۽ ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ  مهُيا ڪيا ويا آهن ۽  اهڙا انڪشاف  به ٿيندا رهيا آهن پر ان باوجود  وفاقي سرڪار جي اک ئي نه ٿي کلي ته جيڪا ڌارين جي لوڌ  سنڌ ۾ ڀري وئي آهي، انهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي،
بهرحال جڏهن به هن ملڪ ۾ آدمشماري ٿي آهي ته ان وقت سنڌين جي آبادي کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ڌارين  جي لوڌ کي  وڌيڪ  ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،  جنهن سبب سڄي سنڌ کي ڳڻتي آهي ته هن وقت به اهي ئي سازشون ٿي رهيون آهن، جيڪي ماضي ۾ ٿينديون رهيون آهن، جيڪڏهن   شماريات کاتو  نتيجا پڌرا درست نموني ڪري ها ۽  سنڌ ۾ رهندڙ  ڌارين  کي الڳ ڪري  ڳڻي ها ته ان سان تمام وڏو فائدو ٿئي ها پر جيئن ته هن ملڪ اهو سلسلو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلندو پيو اچي، ان کي ڪير ختم به نٿو  ڪرائي سگهي. جيتوڻيڪ  سنڌ جي قومپرست  اڳواڻن تي اڻ سڌي طرح پابندي لاڳو آهي ، جنهن سبب اهي عوامي حقن لاءِ  آواز نه پيا اٿاري سگهن، جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪري به رهيو آهي ته ان جي آواز  کي دٻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي هئي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ سرڪار آدمشماري جي نتيجن تي وفاق آڏو پنهنجو ڪهڙو سوال ٿي رکي؟ ڇاڪاڻ ته   ايندڙ چونڊن ۾ ٿورو ئي  عرصو بچيو آهي، جيڪڏهن هن وقت اليڪشن ڪميشن کي شماريات کاتي پاران  انگ اکر ن ڏنا ويا ته پوءِ نيون تڪ بنديون ٿيڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو.