Pages

Wednesday 30 September 2020

Daily Awami Awaz article by Sahib khan bhatti


 

Daily Hilal e Pakistan Sahib khan bhatti article


 

Daily Pak Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily sindh Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily sindh Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily Sukaar article by Sahib khan bhatti


 

Daily Sindh Sujag article by Sahib khan bhatti


 

Daily Jeejal karachi article by sahib khan bhatti


 

Daily Awami Awaz article by Sahib khan bhatti


 

Daily Hilal e Pakistan Sahib khan bhatti article


 

Daily Hilal e Pakistan Sahib khan bhatti article


 

Daily Hilal e Pakistan Sahib khan bhatti article


 

Daily Awami Awaz article by Sahib khan bhatti


 

اسٽيبلشمينٽ ۽ نواز ليگ ٽڪراءُ، اڳتي ڇا ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي


ڪرپشن جو راڳ الاپي اقتدار حاصل ڪندڙ تحريڪ انصاف ملڪ کي  اهڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي، جتان واپس موٽڻ ناممڪن نظر اچي رهيوآهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو پنجاب ۾اسٽيبلشمينٽ خلاف نعرا لڳي رهيا آهن ۽ اهي نعرا  ملڪ جي وڏي جماعت جا ڪارڪن هڻي رهيا آهن، خيبرپختونخواهه، سنڌ۽ بلوچستان کانپوءِ پنجاب ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف نعرا ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ته آخر اهڙي صورتحال جو ذميوار ڪير آهي؟ آخر پنجاب جي وڏي جماعت نواز ليگ اسٽيبلشمينٽ جو سامهون ڇو ٿي آهي؟ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي به نوازشريف جيان جيل ۾ وڌو ويو هو، پر انهن ملڪ ڇڏڻ بدران ڄمي مقابلوڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ميان محمد نواز شريف  بيماري بهاني ملڪ مان هليو ويو ۽ لنڊن مان تقريرون ڪري جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اهڙي تقرير ڪري ها ته مٿس غداري جي فتويٰ لاڳو ٿي چڪي هجي، سندس سڄو ڪٽنب ۽پارٽي ڪارڪن جيل ۾ هجن، ايتري قدر جو  ڀٽو جيان کيس ڦاهي به چاڙهيو وڃي ها پر جيئن ته اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف جو تعلق پنجاب سان آهي، ته اهو ممڪن نظر نه ٿو اچي باقي ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته اهو پنجاب جي وڏي پارٽي ۽  اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هلندڙ پنهنجو ذاتي تڪرار آهي، جيئن گهر ۾ ٻه ڀائر پاڻ ۾ وڙهندا آهن، تئين اهي پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، ٿوري وقت کان پوءِ پاڻ ۾ ٺهي ويندا، باقي نواز ليگ جو ساٿ ڏيندڙ پارٽين سان تمام خراب حشر  ٿيندو.


بهرحال اهو ته وقت ئي ٻڌائندو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جيڪا اسٽيبلشمينٽ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي، ان کي ثابت قدم ٿي وڙهندو يا وري متحده سربراهه جيان پردي تان ئي غائب ٿي ويندو، تاريخ شاهد آهي ته ملڪ ۾ جنهن به اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪايو آهي، ان جو وجود ئي ناهي رهيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته بنگلاديش گوءِ انهن کان کٽي ويو، پر ميان محمد نواز شريف بنگلاديش جو بنگالي ناهي، هو پنجاب جي پارٽي مسلم ليگ ن جو قائد آهي، جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي آشيروارد سان ميدان ۾ لٿو هو، هاڻي ٻي ڳالهه اهي جو  جنگ جو اعلان ڪري رهيو آهي، هونئن ته اسان  اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهائيندڙن کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ملندي ڏٺا آهن پر اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ميان محمد نواز شريف کي اڃا تائين سرٽيفڪيٽ ناهي مليو، ان جو مطلب آهي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ناراض ڀاءُ کي پرچائڻ جي خواهش رکي ٿي، هاڻ اهو ڪهڙي وقت پرچي وڃي ٿو، اهو  ته وقت ئي ٻڌائندو پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ  جي حڪومت  وئي ته اسان کي اهڙن مقدس ماڻهن جي ملڪيت جا راز معلوم ٿي ويندا ، جن خلاف اسان ڪڏهن سوچيو ئي نه هوندو، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جون ملڪيتون به منظرعام تي اينديون، ڇاڪاڻ ته ملڪيتن تي سياست ڪرڻ واري پاليسي پي ٽي آءِ جي آهي، هن وقت ته پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، ان باوجود سندن اڳواڻن جون تازو خريد ڪيل ملڪيتون ظاهر ٿي رهيون آهن، جڏهن هي حڪومت گهر ڀيڙو ٿيندي ته ان وقت ڇا ٿيندو؟ ان جو سڀني کي يقين اندازو ضرور هوندو.


اسٽيبلشمنٽ ۽ پنجاب جي سڀ کان وڏي جماعت مسلم ليگ (ن) وچ  ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آهي، ٻئي ڌريون آمهون سامهون آهن، آل پارٽيز ڪانفرنس کان پوءِ ٻنهي ڌرين جي پڌرائي به جاري ٿي چڪي آهي، اي پي سي کانپوءِ جهڙي ريت  اپوزيشن خلاف ڪيس اٿليا ۽ گرفتاريون شروع ٿيون آهن، جنهن  مان اندازو لڳائي سگهجي ٿوته اسٽيبلشمينٽ جو رويو نواز ليگ لاءِ نرم آهي، جنهن سبب رڳو گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، پر  نواز شريف جنهن جنگ جو اعلان ڪيو آهي، اهو حقيقي جمهوريت ڏانهن وڃي ٿو پر  هو اها جنگ کٽي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته ميان محمد نوازشريف جڏهن به حالتون خراب ٿيندي ڏٺيون آهن معاهدي ڪري ملڪ ڇڏي هليو ويندو آهي، ماضي ۾ ڪيل سندس معاهدن جي ڪري پيپلزپارٽي توڙي ٻيون جماعتون  مٿس مڪمل اعتبار نه پيون ڪن پر پنجاب  مان اسٽيبلشمينٽ مخالف نعرن مان  لڳي ٿو ته  هاڻي ننڍن صوبن کي حق ضرور ملندا، اڳ ۾ رڳو هڪ پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ ننڍن صوبن جا حق غضب ڪيا ويندا هئا، پر هاڻ پنجاب مان به ساڳيا نعرا ٻڌڻ ۾ نظر اچي رهيا آهن، جيڪو جمهوريت لاءِ سٺو سنوڻ آهي، پر سوچڻ جي ڳالهه  آهي ته پنجاب مان هيل تائين ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو شروع ناهي  ٿيو پر جڏهن ٿيو ته  انهيءَ مخالف نعرن سان نواز ليگ کي اڃا وڌيڪ جياپو ملندو ، جمهوريت مضبوط ٿئي يا نه ٿئي پر  ننڍن صوبن جا حق کين ضرور ملندا. ريلوي وارو وزير شيخ رشيد ريلوي جي خراب صورتحال  تي ڳالهائڻ بدران پي ٽي آءِ جو  ترجمان ٿي  اپوزيشن کي جواب ڏيڻ ۾ لڳو پيو آهي، ايئن پيو لڳي ته شيخ رشيد ريلوي جو وزير گهٽ وزيراعظم عمران خان جو ترجمان وڌيڪ لڳي پيو.


جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ جون وڏيون توڙي ننڍيون جماعتون  ظاهري طور  هڪ نظر اچي رهيون آهن پر سمورين جماعتن جي ڳجهين ملاقاتن جا به راز فاش ٿي رهيا آهن، جنهن سان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته اپوزيشن متحد نه آهي، رڳو نواز شريف ۽  جي يو آءِ ف هڪ پيج تي آهن، انهيءَ ٻنهي جماعتن جو موقف به هڪ نظر اچي رهيو آهي، ڀلي نوازشريف وٽ وڙهڻ جي سگهه نه هجي پر  جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان وٽ ايتري طاقت آهي جو هو ڪنهن جو به مقابلو ڪري سگهي ٿو، جنهن جو اندازو ڪجهه عرصو اڳ ڪيل سندس لانگ مارچ  مان لڳائي سگهجي ٿو،  مولانا فضل الرحمان پاڻ ئي چئي ڇڏيو آهي ته اسان سان ڌرڻو  ختم ڪرڻ وقت جيڪي واعدا ڪيا ويا انهن کي پورو ناهي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي ۽ انهيءَ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نوازشريف جي تقرير ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو، عسڪري قيادت کي به پنهنجو موقف پيش ڪرڻو پئجي ويو ۽ چيو ويو ته فوج کي سياست کان پري رکيو وڃي، پي ٽي آءِ  جون ته ننڊون ئي حرام ٿي ويون ۽ وزيراعظم عمران خان قوم جو ڌيان هٽائڻ لاءِ سنڌ خلاف بيان ڏيڻ شروع ڪيا، ٿيڻ ايئن گهرجي ها ته عمران خان سڌي ريت پيپلزپارٽي جو نالو وٺي ها سنڌين سان پنهنجي نفرت جو اظهار نه ڪري ها، جيڪڏهن سنڌي قوم کيس ووٽ ناهي ڏنو ته ڇا  هو اسان جي مقدس ڌرتي خلاف ڳالهائيندو،  اهو عمل سنڌي قوم ڪڏهن به برادشت نه ڪندي، وزيراعظم عمران جا بيان غير  ذميواراڻا آهن، جيڪي ملڪ ۾ اندر بنگلاديش واري صورتحال پيدا ڪرڻ کي هٿي ڏئي رهيا آهن.


بهرحال نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز  هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن کي ميڊيا نشر ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچي رهي هئي ته نشر ڪجي يا نه؟ جنهن کانپوءِ مريم نواز  جتي به حڪومت خلاف ڳالهائي رهي هئي، ان جو آواز بند ڪيو پئي ويو، لڳي ايئن پيو ته مريم نواز هن ملڪ جي شهري نه پر ڀارت جي شهريت رکندڙ هئي، جنهن جو بيان نشر ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪيا ويا، پر جيئن ته سوشل ميڊيا تي مريم نواز، رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر ۽ ٻين نواز ليگ اڳواڻن جا بيان سڌي ريت شيئر ڪيا ويا، جن کي ٻڌي خبر پئي ته آخر هن ملڪ ۾ ميڊيا ڪيترو آزاد آهي؟ جيئن ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنجاب ۾ بغاوت ٿي آهي ۽ نعرا لڳي رهيا آهن ته  اسٽيبلشمينٽ  کي به سوچڻو پوندو ته آخر اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ آخر  نوازشريف سان اهڙو ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو جو هو باغي ٿي بيهي رهيو آهي؟   اهو رڳو اقتدار تان هٽائڻ جي ڪري ٿيو يا وري ان پٺيان ڪا ٻي ڳالهه آهي، اهو ته نوازشريف پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جمهوريت ته ڪيترائي ڀيرا راتاهو هنيو ويو آهي پر ان نالي ماتر جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ سياستي جماعتن جون نظرون سگهاري ڌرين ڏانهن ڇو هونديون آهن؟ ان جو به جواب اي پي سي مان ملي ويو آهي ته آخر انهن جي ڪهڙي مجبور هوندي آهي جو اهي سگهاري طاقتن سان رابطي ۾ رهندا آهن.


جيئن ته هاڻي پنجاب  جو عوام سجاڳ ٿي رهيوآهي، ان مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته رڳو  غداري جا سرٽيفڪيٽ سنڌ ۽ بلوچستان نه پر پنجاب وارن کي ملندا،  پر اهي حالتون ملڪ کي ڪهڙي طرف وٺي وينديون، شايد سگهاري قوتن کي ان جو اندازو نه آهي ڇاڪاڻ ته وزيراعظم عمران خان  وڏي عهدي تي ويهي سڄي ملڪ جي  ترجماني ڪرڻ بدران نفرتون پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سنڌ ته 1971ع کان  اڳ ظلم ۽ نانصافيون برادشت ڪري رهيو آهي، ان جو ڪارڻ به عمران خان جهڙا سياسي ليڊر آهن، جيڪي پيپلزپارٽي جي  مقبوليت برادشت ناهن ڪري سگهندا ۽ سنڌين خلاف ڳالهائي ويهي رهندا آهن، سياسي ليڊر اهي   هوندا آهن جيڪي ڪنهن قوم تي ڳالهائڻ بدران پنهنجي سياسي مخالف خلاف ڳالهائيندا آهن پر هتي گنگا ئي ابتي وهي پئي، جيڪو به  پ پ کان ڪاوڙجي ٿو، سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڄڻ  سنڌي قوم رڳو پ پ کي ووٽ ٿا ڏين. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ خلاف سڌي ريت ڳالهائڻ ڪنهن جي وس ڳالهه نه آهي، پر نواز ليگ سربراهه ميان محمد نوازشريف پرڏيهه آهي ۽ اتان بيان ڏئي پيو ته اهو پيغام رڳو ملڪ نه  پر سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي ته  آخر اسان جي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ جيڪڏهن ملڪ ۾ نوازشريف ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ نه گهٽي ته ِضرور ملڪ ۾ هڪ اهڙي باهه ٻرندي، جنهن کي وسائڻ ڪنهن جي وس ۾ نه هوندي، تنهن جي ڪري ضروري آهي ته عوام جي ووٽ کي عزت ڏئي عوامي مينڊيٽ ماڻيندڙن کي اقتدار ڏنو وڃي، باقي رهي ڳالهه ڪرپشن جي ته اها سڀني کي خبر آهي، ته ڪنهن سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي آهي، جيڪا ملڪيتون ظاهر ڪرڻ واري راند شروع ڪئي وئي آهي، انهيءَ راند ۾ تمام جلد وڏا وڏا بت وائکا ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته نوازشريف ڪو سنڌ  ڄائو ناهي جو اوهان ان کي سولائي سان ڦاهي چاڙهي ڇڏيندا.

Tuesday 29 September 2020

وزيراعظم عمران خان جو غيرذميواراڻو بيان

صاحب خان ڀٽي

سنڌ خلاف بغض رکندڙ  تعصب پرست ڌريون آهستي آهستي وائکو ٿي رهيون آهن، پيپلزپارٽي هجي يا نواز ليگ يا وري پي ٽي آءِ، سموريون  پارٽيون رڳو سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪنديون رهيون آهن، پر ان باوجود سموريون  سياسي پارٽيون پيپلزپارٽي  جي بغض ۾ اهو وساري  ويهنديون آهن ته سنڌ رڳو ڀٽو نه آهي پر سنڌ سيد به آهي، سنڌ رڳو ڀٽو جي پوئلڳ ناهي، اتي ته سيد جا جوڌا به رهندا آهن، جن هن مقدس ڌرتي جي آجپي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرنا ڏنا آهن، مائرن پنهنجا ڳڀرو نوجوان هن ڌرتي تان قربان ڪيا آهن، ڀينرن پنهنجي ڀائرن کي سنڌ تي قربان ٿي فخر محسوس ڪيو آهي، جيڪا به پارٽي سنڌ کي لبيڪ ڪندي آهي، ان پٺيان سيد جو ٽولو لڳي ويندو آهي، سنڌ جا ماڻهو ته انسانيت جا پوجاري آهن، اهو ئي سبب آهي جو پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪو به غير مقامي نه آهي، اتي ماڻهو رهڻ کان اڳ  سئو بار سوچيندو آهي، پر سنڌ ڌرتي جا ماڻهو مهمان نوازي لاءِ ڏيهه توڙي پرڏيهه مشهور آهي، اهو ڪارڻ آهي، جو اڄ مهمان نوازي ڪندي ڪندي ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿي ويا آهن ۽ اڄ اها مهمان نوازي اسان جي ايتري ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي، جو سنڌ جا نوجوان ڊگريون حاصل ڪرڻ باوجود بيروزگار آهن ۽ افغانستان مان آيل ماڻهو سرڪاري نوڪرين تي قابض آهن، سنڌ سان اهو ظلم نئون نه آهي، جنهن ڏينهن سنڌين هن ملڪ کي ٺاهيو آهي، ان ڏينهن کان سنڌ دشمن سنڌين خلاف سازشن ۾ رڌل آهن.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهڻ کانپوءِ به سنڌين پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا، مير مرتضيٰ ڀٽو  جي شهادت تي سنڌي ثابت قدم رهيا، ايتري قدر جو راولپنڊي ۾ سنڌ جي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي  شهيد ڪيو ويو، ان وقت به سنڌ جي ماڻهن پاڪستان کپي جو نعرو هنيو پر ان باوجود سنڌ خلاف تعصب رکندڙ ڌريون سازشن کان ناهن مڙيو، ڪڏهن   سنڌ جو پاڻي روڪيو ويو ته ڪڏهن وري سنڌ جي تعليم  کي تباهه ڪرڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا ويا، قومي ميڊيا تي به سنڌين خلاف تعصب کي هٿي ڏياري وئي آهي، غير مقامي ماڻهن کي اهو تاثر ڏنو ويو ته اوهان ئي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جا رهواسي آهي، سنڌي ڪراچي جا وارث ناهن، ڇا ان پٺيان  اردو ميڊيا مالڪن جي سازش آهي، جا وفاق جي چرچ تي سنڌين ۾ احساسي محرومي پيدا ڪري 1971ع واريون حالتون پيدا ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي؟ سنڌ  ۾ آفيسون هئڻ باوجود سنڌ خلاف ڳالهائڻ جي جرئت آخر اردو چينلن کي  ڪنهن ڏياري آهي؟ ان جو جواب ته شايد وفاقي حڪومت ئي ڏئي سگهي ٿي.

هونئن ته تعصب پرست حڪمران پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندي ڪندي پاڪستان جي خالق سنڌ ڌرتي خلاف ڳالهائي ويهندا آهن، پر تاريخ ۾ مقدس ڌرتي سنڌ خلاف ايئن ڪنهن ناهي ڳالهائي جيڪو  موجود حڪومت ۾ ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ته اقتدار کان اڳ به سنڌ خلاف پنهنجو زهر اوڳاڇي چڪو آهي، جنهن تي کيس سنڌي ٽي وي چينلن تي اچي پنهنجي وضاحت به پيش ڪرڻي پئجي وئي هئي، هاڻ ته ميانوالي سان تعلق رکندڙ عمران  خان جنهن کي سڄي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو آهي، جنهن اندروني سنڌ جو لفظ استعمال ڪري پيپلزپارٽي جي بغض ۾ سنڌ خلاف ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان غير ذميواراڻو بيان ڏيندي چيو آهي ته اندرواني سنڌ مان اقتدار ۾ ايندڙ جماعت ڪراچي لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان صاحب! اوهان ئي ٻڌايو ته هن ملڪ جي خالق سنڌ ڌرتي جي وسيلن جي ڦرلٽ آخر ڪير ڪري رهيو آهي، پاڪستان جو وجود هن دنيا جي نقشي ته موجود نه هو، ان وقت به ڪراچي سنڌ جو اهو واحد شهر هو، جتي روزگار جا ذريعا موجود هئا ۽ رڳو سنڌي رهندا هئا، مذهب جي بنياد تي هن ملڪ کي قائم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن کي ڪهڙي ريت اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اها ڳالهه ڪنهن کان لڪيل نه آهي، هن وقت به اوهان جي دوست ملڪ افغانستان، جتي دهشتگردن جا مضبوط ٺڪاڻا آهن، جن سان آمريڪا به مقابلو نه ڪري سگهيو آهي، اهڙن خطرناڪ دهشتگردن کي اوهان سنڌ ۾ آباد ڪري ڇڏيو، ڇا  رڳو سنڌ ئي مذهبي ڀائرن جو ٺيڪو  کنيو آهي؟ يا وري سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قابض رهڻ لاءِ ماضي جي پيترا استعمال ڪيا پيا وڃن؟  وفاق جي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ۾ سنڌ مان چونڊيل اقتداري پارٽي به اوهان جي ساٿياري بڻيل آهي ۽ ترقي جي نالي تي سنڌ جي سون جهڙي زمين ڌارين کي حوالي ڪرڻ واري اوهان جي رٿا جي حامي بڻيل آهي، ڇا اوهان  ڪراچي کان علاوه سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ويا آهيو؟ جيڪڏهن نه ته ڪراچي  سنڌ جي ٻين شهرن مان وڌيڪ ترقي يافته آهي، جتي  ٻين  صوبن جي ماڻهن جي لوڌ لٿل آهي، جتي سنڌ  جي سرڪاري نوڪرين ۾   سنڌي نه پر پنجابي، پٺان، بنگالي ۽ بيهاري ڀرتي ٿيل آهن، اهو ظلم اسان سان ڀارت نه پر  وفاق ڪري رهيو آهي؟  ان باوجود به اوهان جو اندوني سنڌ لفظ استعمال ڪرڻ صاف ظاهر ڪري رهيو آهي ته اوهان جي اندر ۾  پيپلزپارٽي خلاف بغض نه آهي، اوهان جي  اندر سنڌ خلاف بغض آهي، جيڪو   چونڊن کان اڳ به اسان ڏسي چڪا آهيون پر  اوهان پاران سنڌي ٽوپي پائڻ کان پوءِ اسان وساري چڪا آهيون پر اوهان جي بغض جو اهو ٽانڊو هاڻي لاوو  بڻجي ويوآهي، جنهن سبب اوهان لاڳيتو  سنڌ خلاف  ڳالهائي رهيا آهيو، اوهان کي پارٽي تي تنقيد ڪرڻ جو پورو حق آهي پر 7 ڪروڙ سنڌي عوام جي دل آزاري جو ڪو به حق نه آهي، اوهان  ايئن نه سمجهو ته  اوهان جي پارٽي ڪراچي مان ڪجهه سيٽون کنيون آهن ۽اوهان  متحده جي سيٽ والاري ورتي آهي ته  اها زبان ڳالهائڻ شروع ڪندا، وزيراعظم طرفان اهڙا بيان ڏيڻ  مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته اوهان  جي سياسي پرورش ڪندڙن جي به اها ئي ٻولي هوندي، جن اوهان کي آندو آهي، اهي به سنڌ خلاف اهڙا ئي بيان ڏيندا هوندا. 

بهرحال اڳ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽارگيٽ ڪيو ويندو و، پر هاني سڌي ريت سنڌ کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، قومي ميڊيا تي ويٺل اينڪر پرسن ايئن ڳالهائي رهياآهن، جيئن هو جنگ جي ميدان ۾ بيٺل آهن، عربن جيان سنڌ کي فتح ڪري ويا هجن پر انهن نام نهاد اينڪرن کي خبر ناهي  ته جنهن سنڌ ڌرتي جو نانءُ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کنيو هجي، جنهن پيغمبر کي سنڌ ڌرتي جي خوشبو ايندي هجي، ان کي ڪيڏو طاقتور دشمن ڇو نه هجي ختم نه ٿو ڪري سگهي، اها ڳالهه  واضح آهي ته سنڌ جا ماڻهو پوئتي پيل آهي، وڏيرن، گادي نشينن ۽ سنڌ دشمنن جي ونگارين سنڌ ڌرتي جي تعيلم تباهه ڪري ڇڏي آهي، سنڌي قوم کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ وسيلن تي ڌارين جو قبضو ڪيو آهي، غير مقامي ماڻهن کي آباد ڪري سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ ڀرتي ڪيو ويوآهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ کوڙ سارا اهڙا علائقا آهن، جيڪي جديد دور ۾ به گئس ۽ بجلي سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن.شايد وزيراعظم عمران خان سنڌ خلاف زهر اوڳاڇڻ کان  اڳ سنڌ جي زيارت ڪري ها، رڳو سياست جي بنياد تي متحده ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري ها. وزيراعظم عمران خان سميت سمورين ڌرين کي اها ئي التجا آهي ته پيپلزپارٽي سان اوهان ڪيترو به بغض رکو پر صوفين جي ڌرتي خلاف ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيو، اوهان اها توهين رڳو سنڌ جي نه پر هن ملڪ جي به ڪري رهيا آهيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڌرتي ئي پاڪستان جي خالق آهي.


Daily Sarwan Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily Sindh Sujag article by Sahib khan bhatti


 

Daily Wafa-e-Sindh Karachi, Sahib khan bhatti article


 

Daily Hilal e Pakistan Sahib khan bhatti article


 

Daily Hilal e Pakistan Sahib khan bhatti article


 

Daily Hilal e Pakistan Sahib khan bhatti article


 

Daily Hilal e Pakistan Sahib khan bhatti article


 

Daily sobh Bes Sindhi article by Sahib khan bhatti


 

Daily Sindh Sujag article by Sahib khan bhatti


 

Daily Jeejal karachi article by sahib khan bhatti


 

Daily sobh Bes Sindhi article by Sahib khan bhatti


 

Daily Hilal e Pakistan Sahib khan bhatti article


 

Daily Sindh Sujag article by Sahib khan bhatti


 

Daily sindh Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily Sukkar Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily Pak Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily sobh Bes Sindhi article by Sahib khan bhatti


 

Daily Awami Awaz article by Sahib khan bhatti


 

Daily Awami Awaz article by Sahib khan bhatti


 

Daily sindh Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily sindh Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily pak sindh Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily Sindh Sujag article by Sahib khan bhatti


 

Daily sindh Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily Jeejal karachi article by sahib khan bhatti


 

Daily Pak sindh Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


 

Daily Hilal e Pakistan Sahib khan bhatti article


 

Monday 28 September 2020

ڪمزور مخالف ڌر ۽ زوال پذير معيشت

صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ اپوزيشن هر ڀيري ورهايل نظر آئي آهي، ڀلي آمريتي دور هجي يا وري  جمهوري دور، هر دور ۾ مخالف ڌر اڳواڻ هڪٻئي خلاف بيان ڏيندي نظر آيا آهن، ظاهري طور ته هو پاڻ ۾ هٿ ملائيندا آهن پر جڏهن نالي ماتر جمهوريت اچي ويندي آهي ته وري هڪٻئي خلاف سازشون ڪرڻ لڳندا آهن، جڏهن 2007ع ۾ بينظير ڀٽو  کي راولپنڊي ۾ بم ڌماڪي ۾ شهيد ڪيو ويو ته  آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي اقتدار حاصل ڪيو، ان کان اڳ ڪراچي  ۾ جڏهن شهيد بينظير ڀٽو  ايئرپورٽ تي لٿي هئي ته ان وقت به دهشتگردن  سوين ماڻهن کي ڌماڪي ۾ شهيد ڪيو هو،  پر  بينظير ڀٽو دهشتگردن جي حملي ۾ بچي وئي هئي پر  محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ  همت نه هاري ۽ راولپنڊي ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هي اهو علائقو آهي، جتي دهشتگردن جو موجود هئڻ ملڪ لاءِ وڏو خطرو آهي، جنهن کي اسان حساس علائقو به چئي سگهون ٿا پر ان باوجود دهشتگردن بينظير ڀٽو سميت سوين ماڻهن کي شهيد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جاچ به اهڙي اداري کان ڪرائي وئي، جنهن رڳو ايترو ٻڌايو ته کيس گولي لڳي، جنهن کان پوءِ سندس مٿو گاڏي جي ليور سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جاچ کان خاص طور تي سنڌ جو عوام مطئمن نه هو ۽ پيپلزپارٽي سان محبت ڪندڙن جو صرف هڪ ئي مطالبو ڪري رهيا هئا ته بينظير ڀٽو جي قاتلن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، جيڪو ناممڪن نظر اچي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اڳ ئي نعرو هڻي چڪا هئا ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، انهيءَ نعري کان پوءِ سڀ ئي سمجهي ويا هئا ته هاڻي جمهوريت ته هلندي پر بينظير  ڀٽو جا قاتل قانون جا پڪڙ ۾ اچڻ ناممڪن آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل به شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جيان ڪڏهن به منظرعام تي نه آندا ويندا پر چوندا آهن ته سچ گهڻو دير تائين لڪائي نه ٿو سگهجي، هڪ نه هڪ ڏينهن شهيد بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل وائکا ضرور ٿيندا ۽ قاتلن کي سزا انشاءَ الله ضرور ملندي.

بهرحال شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي ۽ نواز شريف  پيپلزپارٽي حڪومت خلاف روڊن تي لهي پيو هو ۽ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ سميت مختلف مطالبا ڪندو رهيو، ڪڏهن وڪيلن جي آڙ ۾ حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪڏهن وري  اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو ۽ ڌرڻا هنيا، پيپلزپارٽي جي حڪومت ملڪ کي سنڀالي ها يا وري نواز ليگ کي، ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه پيو آيو جڏهن ته پيپلزپارٽي مفاهمت واري پاليسي اختيار ڪري ويٺو هئي، جڏهن  به شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ٿيندي هئي، ان وقت هر هڪ پارٽي ڪارڪن بينظير جي قاتلن لاءِ پڇندو هو، هڪ ڏينهن ڪنهن صحافي اڳوڻي صدر آصف علي زرداي کان سوال ڪيو ته بينظير جا قاتل ڪير آهن، جنهن تي هو ڪاوڙ ۾ اچي ويو هو، هن ڪاوڙ ۾ چيو ته مون کي خبر آهي قاتل ڪير آهن ؟ آصف علي زرداري جي ڪاوڙ کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اها پڇڻ جي جرئت ناهي ڪئي ته آخر بينظير جا قاتل ڪير آهن ۽ نه ئي پيپلزپارٽي جي قيادت بينظير جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ ڪا سنجيده نظر آئي، جيئن مير مرتضيٰ جي قتل ڪيس ۾ڪا اڳڀرائي نه ٿيندي هئي، ايئن پيپلزپارٽي جي پنج سالن واري اقتداري دور ۾ قتل ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي ڏسڻ ۾ نظر نه آئي.

جيئن ته آصف علي زرداري جي حڪومتي دور ۾ نوازشريف ڌرڻا هڻي رهيو هو، ايئن نوازشريف کي منهن ڏيڻو پيو، بس فرق ايترو هو جو  پيپلزپارٽي بدران پي ٽي آءِ وارا نوازشريف خلاف روڊن تي نظر اچي رهيا هئا، آصف علي زرداري ته پنج سال پورا ڪيا ۽ جمهوريت حڪومت  هڪ ٻي پارٽي حوالي ڪئي پر نوازشريف کي پنج سالن دوران گاريون ٻڌڻيون پيون، ڌرڻن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ٽي وي چينلن تي چور چور جا اشتهار به نشر ڪيا ويا، ايتري قدر جو کيس  ڌيءُ سميت جيل به ڏسڻي پئي، ان کانپوءِ  پي ٽي آءِ حڪومت اقتدار ۾ آئي، هڪ ڳالهه ته واضح  هئي ته نوازشريف جڏهن  وزيراعظم ٿيو ته ان وقت ڪراچي ۾ رت جون نديون  وهائيندڙ دهشتگرد سرگرم هئا، جن خلاف پيپلزپارٽي حڪومت  طرفان ڪارروائي ڪرڻ  ناممڪن هو پر نوازشريف ايندي ڪراچي ۾ دهشتگردن کي ڳولي ڳولي ختم ڪيو، ڪراچي جن دهشتگردن جي هڪ اشاري تي بند ٿي ويندو هو ۽ روڊن تي لاش پيل هوندا هئا، ان وقت جي وزيراعظم ميان محمد نوا شريف پنج منٽن ۾ ڪراچي مان دهشتگردن جو صفايو ڪيو ۽ امن امان جي صورتحال بحال ڪرائي ۽ملڪي معشيت کي پنهنجي پيرن  تي بيهاريو، اهو ئي سبب آهي، جو نوازشريف کي اڄ به ملڪ  جو عوام محبت ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪراچي مان دهشتگردن جو خاتمو نه ڪري ها ته اڄ اسان ڪراچي ۾ سک سان رهي نه سگهون ها.

بهرحال پي ٽي آءِ  جي حڪومت اچڻ کانپوءِ ڪروڙين ماڻهو بي روزگار ٿي ويا، ڪيتريون ئي فيڪٽريون بند ٿي ويون، سيڙپڪار ملڪ ڇڏي بنگلاديش طرف هليا ويا، رڳو بلڊر مافيا هن وقت به ملڪ ۾ سرگرم نظر اچي رهي آهي،  خاص طور تي سنڌ جي زمينن کي ايئن  قبضو ڪيو پيو وڃي ته جيئن  ڀارت کان فتح ٿيل هجي، سنڌ کي عالمي يتيم خانو سمجهي ترقي جي نالي تي سنڌ جي  زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ايتري قدر جو  سنڌ مان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙ تنظيم به وفاق جي سنڌ دشمن پاليسين تي حامي ڀري رهي آهي، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ قومپرست ڌريون  احتجاج ڪري رهيون آهن پر ان جو شايد ئي سنڌ سرڪار  تي ڪو اثر پوندو،

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  جڏهن  پي ٽي آءِ حڪومت قائم ٿي ته ان وقت  اپوزيشن الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ  کي ڌانڌلي ڪري اقتدار ۾ آندو ويو ۽ چيو ويو ته  عمران خان سليڪٽيڊ وزيراعظم آهي، پر ان باوجود اپوزيشن  استعيفائون نه ڏنيون، ايتري قدر جو جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان  به اپوزيشن کي چئي چڪوآهي ته اسيمبلين مان استعيفائون ڏنيون وڃن پر  پيپلزپارٽي توڙي نواز ليگ اهڙي تجويز  کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن،  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي به ڪرپشن  ڪيسن ۾ به جيل وڃڻو پيو،   نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي به جيل ۾ وڌو ويو، مطلب ته ڪو به اپوزيشن اڳواڻ ڪرپشن ڪيسن کان پاڪ نه هو، ها پر اهي ماڻهو پاڪ ٿي ويا، جن پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي، انهن خلاف نه ڪيس هليا نه ئي انهن تي ڪو به ڪرپشن جو الزام آهي، وزيراعظم عمران  خان پاڻ به چيو هو ته جيڪو به پي ٽي آءِ ۾ اچي رهيو آهي، صاف  ۽ پاڪ ٿي پوءِ ايندو آهي، مطلب ته انهن خلاف ڪيس کولڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.

بهرحال  هن ڀيري  آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوءِ متحد نظر آئي پر جڏهن ڪانفرنس ختم ٿي ته اپوزيشن  اڳواڻن جا بيان مختلف نظر آيا، مطلب ته اهي پي ٽي آءِ حڪومت خلاف  متحد نه آهن، مولانا فضل الرحمان چاهي ٿو ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو  وڃي پر پيپلزپارٽي جمهوري طريقي  تي يقين رکي ٿي، نوازشريف جي تازي بيان ته رياست کي ئي لڏائي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ  عسڪري قيادت کي به بيان ڏيڻو پئجي ويو ته اسان جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي، اسان کي سياست کان پري رکيو وڃي، پر ان  باوجود نوازشريف چئي رهيو آهي ته اسان جي ويڙهه عمران خان سان نه پر عمران خان کي آڻيندڙن سان آهي،  اهڙي بيان کانپوءِ لڳي نه ٿو ته هاڻ نوازشريف جي تقرير ميڊيا تي نشر ٿيندي، نوازشريف جي اهڙي تقرير کانپوءِ نوازليگ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر تر تپايو ويو آهي، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي عبوري ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نواز ليگ اڳواڻن تي حراسان ڪرڻ جا به الزام لڳي رهياآهن، مطلب  ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرائيندڙ تنظيم خلاف واويلا شروع ٿي وئي آهي، اپوزيشن جي ڪانفرنس کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ  فريال ٽالپر تي ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو  ڪئي وئي آهي، انهن ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو  ٻيهر  تيزي ان وقت آئي آهي، جڏهن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نواز شريف پنهنجو موقف بيان ڪيو آهي، نوازشريف جي بيان کانپوءِ اپوزيشن تي دٻاءُ ته اچڻو هو، هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڇا اپوزيشن رڳو ڪيسن کي منهن ڏيندي يا وري ڪا حڪمت عملي جوڙي متحد ٿيندا، هونئن به ملڪ جو عوام اڳ ئي معشيت جي تباهه ٿيڻ ۽ مهانگائي وڌي وڃڻ جي ڪري تمام گهڻو پريشان نظر اچي رهيو آهي، حڪومت وري  رڳو ڀنگ پوکڻ جي اجازت  ڏيڻ ۽ تماڪ کي فصل جو درجو ڏيارڻ ۾ لڳي پئي آهي، جيڪڏهن هن وقت اپوزيشن متحد ٿي وئي ته عوام کي به مهانگائي مان ڇٽڪارو ملي ويندو ۽  مٿن وڌندڙ دٻاءُ به گهٽجي ويندو.

Sahib Khan Bhatti With Ihsan Lashari in Daily Ekta news paper Head office


 

Sahib Khan Bhatti With Raheel Jameel in Daily Ekta news paper Head office


 

Sahib Khan Bhatti With Raheel Jameel in Daily Ekta news paper Head office


 

Sahib Khan Bhatti With Raheel Jameel in Daily Ekta news paper Head office


 

Sahib Khan Bhatti With Raheel Jameel in Daily Ekta news paper Head office


 

Sahib Khan Bhatti With Usman Abbasi in Time news head office


 

Sahib Khan Bhatti With Usman Abbasi in Time news head office


 

Sahib Khan Bhatti With Majid Sandilo in Time news head office


 

Sahib Khan Bhatti With Majid Sandilo in Time news head office


 

Sahib Khan Bhatti With Zuhaib soomro and Masoom memon in Time news head office