Pages

Friday 31 March 2017

Sahib Khan Bhatti in KTN News Head office karachi


Daily Kalyan Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Sukaar Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Wafa-e-Sindh Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sarwan karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Sujag Karachi, Sahib khan bhatti article


پاران چنار ۾ دهشتگردي، زيان ٿيل اُ ملهه حياتيون

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ دهشتگردي سبب ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي به نيويارڪ ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اهو به چيو هو ته جڏهن به ڀارت سان ڳالهيون شروع ٿينديون آهن ته دهشتگرد ڪا نه ڪا ڪارروائي ڪري وٺندا آهن جنهن سان ڳالهيون معطلي جو شڪار ٿي وينديون آهن، هن ڀيري ڀارت سان لاڳاپن بابت ڪي خاص ڳالهيون ته نه ٿي رهيون هيون پر ان باوجود ملڪ اندر پارا چنار جي وچ شهر ۾ امام بارگاهه سامهون زور دار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شهري شهيد ٿي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، اهڙي دهشتگرد ڪارروائي جي هر طرف کان مذمت به ڪئي وئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪا پهريون ڀيرو دهشتگرد ڪارروائي نه ٿي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردن سيوهڻ ۾ آپگهاتي ڌماڪو ڪيو هو، جن جي سهولتڪارن کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ان آپگهاتي حملي ۾ به ڪيترائي معصوم ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا ۽ سوين ماڻهو زخمي به ٿيا هئا. ان کان علاوه لاهور، ڪوئيٽا ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ به دهشتگرد ڪارروايون ٿي چڪيون آهن. سڪيورٽي ادارن تي به دهشتگرد حملا ڪندا رهيا آهن، سرحد وٽ به دهشتگردن چيڪ پوسٽن تي به حملا ڪيا ويا هئا، جڏهن سيوهڻ ۽ لاهور ۾ ڌماڪا ٿيا هئا ته ان وقت طورخم سرحد کي بند ڪيو ويو هو جنهن کي 32 ڏينهن بعد کوليو ويو هو،
هڪ طرف طالبان دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري داعش جو ذڪر به ٿيندو رهي ٿو، هونءَ ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نٿار به داعش جي موجودگي کان انڪار ڪندو رهيو آهي پر گذريل ڏينهن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته سنڌ ۾ داعش مضبوط نه آهي، ڪجهه ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، بهرحال هن وقت ملڪ اندر دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ايترو ته مضبوط ٿي چڪو آهي ته جتي هو چاهين پيا اتي حملو ڪري ڏيکارين پيا، سيوهڻ ۾ دهشتگردن آپگهاتي بم ڌماڪو ڪري 80 کان وڌيڪ بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ان کان علاوه لاهور ۾ به ڌماڪا ڪيا ويا پر هن وقت تائين اهي دهشتگرد ڪارروايون ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيون آهن، ايتري قدر جو دهشتگرد سڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن کي به بخش نه ڪري رهيا آهن، ڪجهه ڏنهن اڳ افعان بارڊر وٽ دهشتگردن چيڪ پوست تي حملو ڪيو هو. جنهن ۾ به پاڪ فوج جا جوان شهيد ٿيا هئا، ان سان گڏ ڀارت سان به به وقفي وقفي سان سرحد وٽ ڇڪتاڻ هلندي رهي آهي، پاڪستان به گڏيل قومن کي ڀارتي اڳرائن کان آگاهه ڪندو رهيو آهي.  گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي چيو هو ته هو برابراري جي بنياد تي پاڙيسري وارا لڳاپا چاهين ٿا،
جيڪڏهن ڀارت جي بيانن تي نظر ڦيرائي وڃي ته ان معلوم ٿيندو ته ڀارت پاڪستان سان مختلف وقتن تي تڪرار پيدا ڪندو رهيو آهي، هونءَ ته ٻنهي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪتاڻ ڪشمير مسئلي جي سبب هلي رهي آهي پر ڀارت هن ڀيري سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪري  ڪشمير مسئلي کان وڌيڪ هڪ ٻيو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب هڪ طرف ڪشمير مسئلو ته ٻي طرف وري پاڻي جي ورهاست وارو معاملو آهي، جنهن سبب هن وقت پاڪستان دهشتگردي سميت سرحد وٽ ڇڪتاڻ کي به منهن ڏئي رهيو آهي. هونءَ ته ملڪ اندر ضرب عضب آپريشن کانپوءِ ردالفساد آپريشن به شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ۽ گرفتار به ڪيو ويو آهي پر ان باوجود دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندي پنهنجي موجودگي جو ثبوت ڏيندا رهيا آهن. گذريل ڏينهن به پارا چنار ۾ دهشتگردن ڪار بم ڌماڪو ڪيو جنهن جي نتيجي ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ زخمين کي اسپتالن به پهچايو آهي، ايتري قدر جو ڌماڪي کانپوءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي به لاڳو ڪئي وئي هئي،
اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به اهي خبرون هلي رهيون هيون ته جيڪي به ماڻهو زخمي ٿيا آهن، انهن جي حالت ڳنتي جوڳي آهي. اهڙي ڌماڪي جي سياسي، سماجي ڌرين طرفان مذمت به ڪئي وئي هئي، جيتونيڪ هن وقت ملڪ اندر دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ ردالفساد آپريشن جاري آهي پر ان باجود دهشتگرد معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ کان نه لنوائي رها آهن. هونءَ ته وزيراعظم نوازشريف به ڪيترائي ڀيرا  پنهنجي خطاب ۾ چئي چڪو آهي ته هنن ملڪ اندر امن امان قائم ڪرائي ڇڏيو آهي پر پارا چنار دهشتگردي حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. ڇاڪاڻ ته پارا چنار ڌماڪي ۾ به ڪيترائي معصوم شهري  شهيد ٿي چڪا هئا، ڪجهه عرصو اڳ نوراني نور درگاهه تي به ڌماڪو ڪيو ويو هو، جنهن دوران به ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿي ويا هئا. جيڪڏهن مجموعي طور تي دهشتگردن جي ڪاررواين جو اندازو لڳائجي ته هزارين معصوم ماڻهو دهشتگردن هٿان شهيد ٿي چڪا آهن.جنهن سبب ڪيترائي گهر اجڙي چڪا آهن پر افسوس جو ڪو ماڻهو انهن وٽ لڙي نه ويو آهي جن جا پيارا ڌماڪن ۾ شهيد ٿي چڪا آهن. هونءَ ته ملڪ اندر دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري آهي پر ان باوجود دهشتگرد معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن هڪ وزير چيو هو ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب دهشتگرد آسان حدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.
هڪ طرف دهشتگرد ملڪ اندر ڪارروايون پيا ڪن ته مٿان وري سرحد تي ڇڪتاڻ معمول بڻجي وئي آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته دهشتگردن ملڪ کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، هڪ سانحي مان اڃا قوم ٻاهر نڪري ئي نه ٿي ته مٿان وري دهشتگرد هڪ ٻي ڪهري ڪارروائي ڪري وٺن ٿا، جنهن سان ڪيترائي گهر اجڙي  چڪا آهن. جيڪڏهن هن وقت به حڪمران هڪ ٿي دهشتگردي کي مات نه ڏني ۽ سرحدن کي محفوظ نه بڻايو ته سيوهڻ، لاهور ۽ پارا چنار جهڙا سانحا پيش ايندا رهندا ، جنهن سان معوصم ماڻهن جون حياتيون زيان ٿينديون رهنديون. ان ڪري سمورين سياسي پارٽين کي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جئين اهڙن دهشتگردن کي سندن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏيجي. اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن سموريون جماعتون عوام سان گڏجي دهشتگردن خلاف هڪ آواز بڻبيون. اڄ ملڪ تمام ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، دهشتگرد ڪڏهن سيوهڻ ۾ڌماڪا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري لاهور  ۽ ڪوئيٽا ۾ بي گناهه ماڻهن کي شهيد ڪن ٿا، ڪڏهن ته وري سڪيورٽي اهلڪارن کي به نشانو بڻائن ٿا. ان ڪري وفاقي سرڪار کي سرحد وٽ چرپر کي روڪڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا ته جئين ملڪ اندر دهشتگردن کي داخل ٿيڻ کان روڪي سگهجي، جيڪڏهن دهشتگردن جي اچ وڃ ملڪ ۾ بند ٿي ويندي ۽ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويندا ته هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي مضبوط ٿي ويندي.

Thursday 30 March 2017

Daily Waka karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Sujag Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Fast Taimes Larkana, Sahib khan bhatti article


Daily Sukaar Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Pak karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


تبديل ٿيندڙ وايو منڊل ۽ سياست جو مستقل

صاحب خان ڀٽي
ملڪ اندر سياسي گرما گرمي عروج تي پهچي وئي آهي، اهي سياستدان جن کي هتان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڳولي رهيا هئا انهن اڳواڻن ملڪ اچڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ انهن کي سڪيورٽي به فراهم ڪئي پئي وڃي، ڊاڪٽر عاصم به آزاد ٿيڻ وارو آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ وڏي سياسي تبديلي اچي رهي آهي، اها تبديلي عوام جي لاءِ نه پر صرف سياستدانن لاءِ ئي آهي. هونءَ ته ملڪ ڪيترن ئي بحرانن جي ورچڙهيل آهي پر سياستدان به ڪجهه عرصو اڳ نيب ۽ ايف آءِ اي ٽيمن جي ڇاپن سبب پريشان هئا ۽ نيب جي ڪاررواين تي سنڌ جي سياستدانن کي تمام گهڻي ڳڻتي هئي ۽ بار بار اهو چيو ويندو هو ته پنجاب ۾ نيب ڪارروايون ڇو نه پئي ڪري ۽ اهڙي مطالبي تي سڀ راضي به هئا پر نيب طرفان اهڙي ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي جنهن سان نهن سياستدان مطئمن ٿي سگهن ها، بهرحال هاڻ سنڌ اندر به آهستي آهستي  سياستدانن لاءِ تبديلي اچي رهي آهي، پيپلزپارٽي کي به ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي تمام گهڻي ڳنتي هئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري طرفان چيو ويو هو ته سندس والد جي ڊاڪٽر کي حراست ۾ ورتو ويو هو،
ان کان علاوه شرجيل ميمڻ به ڪجهه ڏينهن ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هو ته جنهن تي به ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا هئا، اطلاعات کاتي جي اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ تي 5 ارب 76 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن جو ريفرنس داخل آهي. مطلب تي ان تي به ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن، اڃا به ڪيترائي اهڙا سياستدان آهن جيڪي ملڪ کان ٻاهر آهن، جڏهن شرجيل ميمڻ ملڪ کان ٻاهر هو ته ان وقت به ڪجهه ماڻهو اهو چئي رهيا هئا ته هو ڪڏهن به ڏيهه واپس نه ايندو پر  چونڊن کان اڳ شرجيل ميمڻ ڏيهه واپس پهچي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هونءَ ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي ڪيس آهن جيڪو پڻ علاج لاءِ دبئي ويو هو، پر هاڻ لڳي رهيو آهي ته هو به شايد چونڊن کان اڳ ئي ڏيهه واپس اچي وڃي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به ايندڙ چونڊن لاءِ پنجاب جو رخ ڪندي اڳواڻن کي سياسي پارٽين سان رابطا وڌائڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايتري قدر جو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري کي ٽيليفون ڪيو ۽ کانئس طبيعت بابت پڇاڻو ڪيو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 20 منٽن تائين ڊاڪٽر طاهر القادري سان ڳالهيون ڪيون ۽ سندس جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي. 
هڪ طرف ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت ٿيڻ بعد رليز آرڊر جاري ڪيا ويا آهن ته ٻي طرف وري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فاروق شاهه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڏني ڪئي، وڪيل پاران دليل ڏيڻ جي مهلت طلب ڪرڻ تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊي به گذريل ڏينهن بدين ۾ صحافين کي ڳالهائيندي چيو هو ته کيس خبر ناهي ته ايان علي کان چوڌري نثار الائي ڇو نه ٿي وسري ۽ اهو به چيو هو ته نواز سرڪار فوج جي ڪردار کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان کان علاوه ڊاڪٽر عاصم به جيڪو ڪروڙين روپين جي ٻن ڪرپشن کي ڪيس کي منهن ڏئي رهيو هو ان مٿان به بار گهٽجي رهيو آهي ۽ سندس جا هڪ ٻه ڏينهن اڳ رليز آرڊر به جاري ڪيا ويا هئا، ايتري قدر جو پ پ طرفان سندس پاسپوٽ بابت درخواست به جمع ڪرائي وئي هئي، اڳوڻو اطلاعات وارو وزير شرجيل ميمڻ به خيريت سان ڏيهه پهچي چڪو آهي، جنهن به ڪجهه ڏينهن اڳ رينجرز جي سڪيورٽي ۾ پنهنجي تڪ ۾ جلسو ڪيو هو، نوازشريف به سنڌ ۾ ڪجهه اهم سياسي اڳواڻن کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،
ايم ڪيو ايم به ميدان ۾ لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي پر هن وقت تائين ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ اڀري نه سگهي آهي، ان جو سڀ کان وڏو پي ايس پي آهي، پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال به ايم ڪيو ايم پاڪستان آڏو هڪ ديوار بڻجي ويو آهي، ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو زور ٽوڙي ڇڏيو آهي، جتي به ايم ڪيو ايم پاڪستان هئي اتي مصطفيٰ ڪمال جا حامي به موجود آهن، جڏهن متحده باني پاڪستان خلاف بيان ڏنا هئا تنهن ڏينهن کان هن ڏينهن تائين ايم ڪيو ايم پاڪستان سڌي نه ٿي سگهي آهي، ڀلي کڻي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه فاروق ستار هجي پر  ان باوجود اڪثريت فاروق ستار کي تسليم ڪندي نظر نه پئي اچي، مصطفيءِ ڪمال جيڪي به هن وقت تائين جلسا ڪيا آهن انهن ۾ ماڻهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي جلسن جي ڀيٽ ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو به آهي ته مصطفيٰ ڪمال بار بار اردو ڪميونٽي کي پاڻ ڏانهن مايل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ سندس پارٽي جو جهنڊو به پاڪستان  وارو ئي جهندو آهي جنهن سبب ڪراچي ۾ رهندڙ هرڪو ماڻهو سندس ڏنل بيانن تي يقين ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت عدالت مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي جو نالو تبديل ڪرڻ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ قومي جهنڊي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي پر ان باوجود هن وقت تائين پي ايس پي جو جهنڊو ساڳيو آهي، هاڻ ڏسڻو آهي ته مصطفيٰ ڪمال پي ايس پي جو جهنڊو ڪهڙو ٺاهي ٿو؟
 جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وزيراعظم نوازشريف به سنڌ ۾ سرگرم ٿي ويو آهي ۽ نواز ليگ کي چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ مضبوط ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا جلسا به ڪري رهيو آهي ۽ انهن جلسن ۾ اهڙا ته اعلان ڪيا آهن شايد تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن نه ڪيا هجن، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته انهن اعلانن تي آخر عمل ڪڏهن ٿيندو؟ بهرحال هن وقت پيپلزپارٽي هجي يا نواز ليگ ٻئي پارٽيون سندرا ٻڌي ميدان ۾ لهي  آيو آهن، پيپلزپارٽي جا اڳواڻ به ڏيهه واپس اچي رهيا آهن،تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڊاڪٽر عاصم جي آزادي  کي به مفاهمت قرار ڏئي ڇڏيو آهي. في الحال عمران خان ته ڪو به سياسي جلسو  نه ڪيو آهي ۽ نه ئي پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ خلاف ڪو اهڙو خاص بيان ڏنو آهي جنهن سان هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي صورتحال ۾ ٻڙڌڪ مچي وڃي ها. ڪجهه عرصو اڳ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به سنڌ جو رخ ڪيو هو پر هن وقت نه ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پنجاب ۾ جلسا ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي سنڌ ۾ ڪو اهڙو جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، رهي ڳالهه نواز ليگ جي ته نواز شريف  هڪ ٻن مهينن  دوران ڪيترن ئي منصوبن جا اعلان ڪري چڪو  آهي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ خطاب به ڪيا اٿس،. هاڻ ڏسڻو اهو آيه ته آخر  شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم جهڙن اهم معاملن کي پيپلزپارٽي ڪهڙي ريت منهن ڏئي ايندڙ چونڊن لاءِ تياريون ڪري ٿي.

Wednesday 29 March 2017

Daily Kalyan Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Sukaar Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Sujag Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Pak karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Nijat Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sarwan karachi, Sahib khan bhatti article


اين ايف سيءَ تي صحيح نه ڪرڻ سان حق ملندا؟

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي م اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو هو ته جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجو حق نه مليو ته اين ايف سيءَ تي صحيح نه ڪئي ويندي اهڙي بيان کان پوءِ لڳي رهيو هو ته شايد هن ڀيري پ پ سنڌ جي عوام جا لاءِ وفاقي حڪومت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهي رهي آهي، جڏهن سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو ته ان وقت به سنڌ جو ساڳيو ئي حال هو جيڪو اڄ آهي، فرق صرف ايترو آهي جو اڄڪلهه سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آهي ۽ اڳ ۾ سيد قائم علي شاهه هو، هونءَ ته پيپلزپارٽي به وفاق ۾ ڪيترائي ڀيرا رهي چڪي آهي پر ان باوجود سنڌ جو عوام اڄ به بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هر طرف بيروزگاري سبب ماڻهو دربدر ٿي رهيا آهن ۽ جن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، اهي به پگهارون نه ملڻ جون دانهون ڪري رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اهڙو واقعو ٺارو شاهه ۾ پيش آيو هو جتي هڪ پورهيت پگهارون نه ملڻ سبب پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي هئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو هو،
ان وقت به سنڌ جي ڪنهن به ڪاموري نوٽيس نه ورتو هو ۽ نه پورهيتن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا هئا، هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جو بحران وڌندو پيو وڃي پر ان باوجود سنڌ حڪومت انهن کي ختم ڪرائڻ لاءِ خاص قدم نه کڻي رهي آهي، پيپلزپارٽي هجي يا وري ن ليگ، مطلب ته ٻئي پارٽي صرف هن وقت ايندڙ چونڊن لاءِ سرگرم نظر اچي رهيون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ عدالت طرفان به چيو ويو هو ته سنڌ جا ماڻهو گٽرن جو پاڻي پي رهيا آهن ته ان وقت به سنڌ سرڪار خاموشي اختيار ڪئي هئي هر طرف ٻڙڌڪ مچي ويو هو ته آخر سنڌ حڪومت ڇا پئي ڪري جو اڄ اهڙيون ميڊيا تي به نشر ٿي رهيون آهن، هونءَ ته سنڌ اندر پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ روزاني احتجاج ٿين ٿا پر انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به اڳتي قدم نه ٿو وڌائي پر وڏي عرصي کان پوءِ اهو چوڻ ته سنڌ جا ماڻهو گٽرن جو پاڻي پيءُ رهيا آهن،اهو سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي هڪ سواليه نشان بڻجي وڃي ٿو پر افسوس جو ان ڳالهه کي به ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن پر صوبائي سرڪار سنڌ جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪري سگهي آهي.  
هڪ طرف استاد پگهارن لاءِ دانهو ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري ٽائون ڪميٽي جا ملازم احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو اهو چوڻ ته هنن وفاق کي چيو آهي ته سنڌ کي پنهنجو حق ڏنو وڃي نه ته اين ايف سيءَ واري مسودي تي صحيح نه ڪندا، پنهنجي جاءِ تي سئو سيڪڙو سچ آهي پر اها ڳالهه واضع ته ايف ايف سي ايوارڊ تي به سنڌ حڪومت وفاق آڏو احتجاج ڪندي رهي آهي پر ان باوجود سنڌ کي هن وقت تائين سنڌ کي پنهنجا جائز حق نه ملي سگهيا آهن، اڳوڻي وڏي سيد قائم علي شاهه اهو به چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ کي هڪ سئو ارب رپين جو فائدو ڏياري ۽ هو سرخرو ٿي عوام وٽ ويندا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ت هوفاق پاران پنجاب ۾ قدرتي گئس پيدا ڪرڻ جا97 منصوبا شروع ڪيا ويا آهن  پر سنڌ حڪومت مٿان وفاقي حڪومت وقتي پابندي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، بهرحال هن وقت سنڌ ۾ بجلي ، گيس ۽ پاڻي جي بحران تمام گهڻو وڌي ويو آهي،
 جيڪڏهن ملڪ اندر دهشتگردي تي نظر ڦيرائينداسين ته ملڪ جو ڪو اهڙو ڪو به شهر نه بچيو هوندو جتي دهشتگردن ڪارروائي نه ڪئي هجي، ڪراچي هجي يا  شڪارپور ، يا وري لاهور، مطلب ته دهشتگردن پنهنجيون ڪارروايون ڪيون آهن، جيڪڏهن دهشتگردي کي ڇڏي ملڪ جي ٻين مسئلن ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مسئلا نظر ايندا، ڇاڪاڻ ته بيروزگاري، ڌارين جي لوڌ، بجلي ۽ گيس بحران به ٻين صوبن جي ڀيٽ سنڌ اندر سڀني کان وڌيڪ آهي. سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي پريشان آهن ۽ زمينون غيرآباد ٿي رهيون آهن، سمنڊ ته زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي پر هتان جا حڪمران چئي رهيا آهن ته هنن سنڌ جي ماڻهن کي خوشحال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هنن سنڌ جي ماڻهن کي نوڪري ڏنيون آهن، پير مظهر الحق جي دور ۾ به ڀرتي ٿيل استاد اڄ به دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن  پر انهن جو ڪو به داد فرياد ٻڌڻ وارو نه آهي، ڳڙهي خدا بخش ۾ به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو  ويو پر حڪمران ان باوجود انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ قدم به نه پيا وڌائن.
هاڻ خبر نه ٿي پئي ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وفاق کان الائي جي ڪهڙا حق گهريا آهن، جن کي وفاقي حڪومت ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿي رهي آهي، هن وقت ملڪ اندر دهشتگردي سان گڏ ڌارين جي لوڌ جو به وڏو مسئلو آهي پر وفاقي حڪومت ان طرف به ڌيان نه ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي صوبائي سرڪار ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ لاءِ ڪي قدم کڻڻ جي جرئت ڪئي آهي، گذريل ڏينهن به ڪجهه اخبارن ۾ لکيل هو ته ڪراچي مان گرفتار افغاني شهرين کي رشوت عيوض ڇڏيو ويو آهي پر افسوس جو  وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اهڙن آفيسرن خلاف ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي جن پڪڙيل افغاني شهرين کي ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن سنڌ اندر افغان شهرين کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو هو ته ان وقت به سنڌ جي ساڃاهه وندن چيو هو ته اهو صرف ڏيکاءُ آهي ۽ انهن ماڻهن کي ڇڏيو ويندو ۽ هاڻ ائين ئي ٿي رهيو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته صوبائي توڙي وفاقي سرڪار افغان شهرين سميت ٻين پرڏيهين کي هن ملڪ مان نه ڪڍندي ۽ جيڪڏهن ڪو به صوبو  انهن کي ڪڍڻ جي لاءِ قدم کڻندو ته وفاقي حڪومت ان کي ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا،
جيڪڏهن ائين نه آهي ته وفاقي حڪومت هن وقت تائين اهڙن آفيسرن خلاف ڇو نه قدم کنيو آهي جن افغان شهرين کي حراست ۾ وٺڻ بعد ڇڏي ڏنو آهي، جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ آخر اهي خبرون اخبارن جي زينت ڪئين بڻيون اهن ۽ اهي پوليس اهلڪار موقف ڏيڻ کان ڇو لنوائي رهيا آهن. بهرحال هن وقت اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو اهو چوڻ ته جيڪڏهن وفاق کين حق نه ڏنا ته هو اين ايف سيءَ  ايوارڊ جي مسودي تي صحيحي نه ڪندا ته ان سان وفاق کي ڪو به فرق نه پوندو، هونءَ ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڇڪتاڻ هلندي پئي اچي پر هن وقت تائين نه ته صوبن جا مسئلا ختم ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي وفاق جو ننڍن صوبن سان رويو بهتر ٿي سگهيو آهي. ڀلي کڻي اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه جيڪي به دعوائون ڪري هتي اهو ئي ٿيندو جيڪو وفاق چاهيندو، جيڪي  پيپلزپارٽي کي وفاق کان حق وٺڻا ئي آهن ته ان کان سنڌ جي ماڻهن کي حق ڏنا وڃن جيڪي هن وقت پگهارون نه ملڻ سبب پاڻ کي ساڙي رهيا آهن ۽ انهن ماڻهن جا مسئلا به حل ڪيا وڃن جيڪي سراپا احتجاج بڻيل آهن.

Tuesday 28 March 2017

Daily Nijat Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami Soach karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sarwan karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Kalyan Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Sujag Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sobh Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Fast Taimes Larkana, Sahib khan bhatti article


مفاهمتي پاليسي ۽ ايندڙ عام چونڊون

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ مفاهمتي پاليسي تي گامزن حڪمرانن جمهوريت جي ٽرين کي پٽڙي تان لهڻ نه ڏنو آهي  ۽ نه حڪمرانن هن  ڀيري ڪنهن کي جمهوريت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي موقعو فراهم ڪيو آهي جنهن سبب جمهوريت هن ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي، جيڪي به حڪومتون عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿي اچي رهيون آهن اهي پنهنجو مدو به پورو ڪري رهيون آهن، پيپلزپارٽي به بنيظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ اقتدار ۾ آئي جنهن به پنهنجو حڪومتي مدو پورو ڪيو، نوازشريف به هاڻ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ وارو آهي، پر افسوس جو ان مضبوط ٿيندڙ جمهوريت ۾ عوام کي ڪجهه به حاصل نه ٿي سگهيو آهي، هن وقت به ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو بحران، پاڻي جو بحران ۽ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي جنهن سبب عوام ٻٽي عذاب جو شڪار ٿي ويو آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن جنهن سبب ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. حڪمران چئي رهيا آهن ته اهو  سڀ ڪجهه مشرف جي ڪارنامن جو نتيجو آهي جيڪي هو  اڄ ڀوڳي رهيا آهن ته اهڙي ريت  طالبان دهشتگردن بابت اهو ئي چيو وڃي ٿو،  جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ اندر دهشتگردي جو مسئلو سنگين ٿي ويو آهي پر ان باوجود حڪمران  ملڪ جي عوام  جي تحفظ لاءِ ڪي خاص قدم کڻندي نظر نه اچي رهيا آهن،
 وزيراعظم نوازشريف روزاني جي بنياد تي ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪري رهيو  آهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به پارليامينٽ ۾ اچڻ جا اعلان ڪري رهيو آهي پر ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگردي ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان نه وڃي رهيو آهي، هن وقت پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پنجاب جو رخ ڪيو  آهي ۽  نوازليگ اڳواڻن سنڌ جي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ايتري قدر جو نواز ليگ طرفان ناراض ٿي ويل ن ليگ اڳواڻن کي به پرچائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر نواز ليگ ڪهڙي ريت سنڌ اندر پنهنجا پير مضبوط ڪري سگهي ٿي،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سنڌ اندر پيپلزپارٽي جا پير تمام گهڻو مضبوط آهن ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ شڪست ڏيڻ نواز سرڪار جي لاءِ تمام گهڻو ڏکيو هوندو، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي اهڙيون شخصيتون به شامل ٿي ويون آهن جيڪي  چاهين ته بنا پارٽي جي به پنهنجي تڪ تان ڪامياب ٿي سگهن ٿيون پر ان باوجود انهن اهم ماڻهن پيپلزپارٽي شموليت ڪري ڇڏي آهي جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته هاڻ پيپلزپارٽي سان فنڪشنل ليگ کان  ويندي نواز ليگ تائين ڪا به جماعت سنڌ اندر اڪثريت سان مقابلو نه ٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن پنجاب ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته پي ٽي آءِ به نواز  سرڪار لاءِ  پنجاب ۾ هڪ وڏو چيلينج بڻيل آهي ۽ اتي نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو مقابلو ٿيڻ جو امڪان آهي، باقي رهي ڳالهه بلوچستان ۽ ڪي پي جي ته جيڪي ماضي ۾ ماڻهو کٽيندا رهندا هئا اهي ئي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا.  رهي ڳالهه پيپلزپارٽي جي ته  اها  پنجاب ۾ اڪثريت سان ڪامياب نه ٿي سگهندي.
هونءَ ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ سربراهه  عمران خان به سنڌ جو رخ ڪيو هو پر کيس ايتري موٽ نه ملي سگهي هئي جيتري پيپلزپارٽي کي ملندي رهي آهي،  نواز  ليگ ته حڪومت ۾ آهي ان هوندي به  نواز ليگ  جلسي ۾ ايترا ماڻهو جمع نه ڪري سگهي جنهن کي ڏسي هر هڪ ماڻهو چوڻ تي مجبور ٿي وڃي ها ته هزارين ماڻهو آيا آهن. بهرحال هن وقت پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وٽن گهڻو ڪجهه آهي پر ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو. آصف علي زرداري طرفان اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي سياسي صف بندي شروع ڪري ڇڏي آهي، صف بندي  کي حتمي شڪل پاناما ليڪس جي فيصلي کان پوءِ ڏني ويندي. پاناما ڪيس بابت ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته تنظيم سازي ڪري پاناما فيصلي کان پوءِ ۾ متحرڪ ٿي ويندا. وزيراعظم نوازشريف به حيدرآباد جلسي ۾ سنڌ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پيپلزپارٽي 2008ع کان وٺي حڪومت ۾ آهي ان باوجود سنڌ ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه  ڪرايا ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ به ٺٽي  جي جلسي ۾ وزيراعظم نوازشريف سمنڊ کي ڀت ڏيڻ جو اعلان به ڪيو هو، جنهن جي واکاڻ به ڪئي وئي هئي پر ان باوجود سمنڊ کي ڀت ڏيڻ  واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي هن وقت ملڪ اندر پاڻي جو بحران به وڌي ويو آهي ته پر ان باوجود وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومتون ڪي به قدم نه کڻي رهيون  آهن.
هونءَ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ملڪي ۾ تبديلي جو نعرو هڻندو آهي پر هن ڀيري وزيراعظم نوازشريف اهو چئي ڇڏيو ته ماڻهو تبديلي جو نعرو هڻندا آهن ۽ هن ملڪ کي تبديل ڪري ڏيکاريو آهي. وزيراعظم نوازشريف حيدرآباد جلسي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته  سندن دور ترقياتي ڪم شروع ٿيا ۽ ڪيترن ئي رٿائن تي هن وقت به ڪم هلي رهيا آهن. لوڊشيڊنگ بابت ڳالهائيندي وزيراظم چيو هو ته اڳ ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ان کي به هنن  گهٽايو آهي. بهرحال هن وقت سڄي ملڪ ۾ هڪ افرا تفري وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي  اڳ ۾ پي ٽي آءِ ڌرڻا هڻندي هئي ۽  وزيراعظم نوازشريف  جلسي ڪري رهيو آهي فرق صرف ايترو آهي  جو اڳ ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج ٿيندا هئا ۽ اڄڪلهه ايندڙ چونڊن لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي. هن وقت ڀلي کڻي هتان جا حڪمران اهو چوندا هجن ته هو پنهنجي قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن پر افسوس جو هن ملڪ ان جي سڀ ڪجهه ابتڙ ٿي رهيو آهي.هر طرف اهو چيو پيو وڃي ته مفاهمت جي نالي تي قوم کي لٽيو پيو وڃي  پر ڪو به قدم نه کڻي  رهي آهي. هون ءَ ته هن ملڪ اندر بيروزگاري ۽ دهشتگردي عروج تي آهي ۽ امام بارگاهن ۽ مسجدن ۾  به دهشتگردي  جي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ حڪمران صرف افسوس وارا بيان ئي ڏيندا رهيا.
 هن وقت سرحد تي به ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ۽ ان سان گڏ انسان  حقن جي لتاڙ به ٿي رهي آهي. وفاقي سرڪار ته دعويٰ ڪري رهي آهي ته هنن امن امان ڪرائي ڇڏيو  آهي  پر هن وقت به ملڪ اندر  سيوهڻ سانحي جهڙيون دهشتگرد  ڪارروايون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، بهرحال هن وقت  پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويون آهن، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو مرڪز پنجاب کي بڻايو آهي ۽ وزيراعظم نوازشريف سنڌ جو رخ ڪيو آهي، وزيراعظم نوازشريف اهڙا ته اعلان ڪيا آهن جو اڳ تاريخ ڪڏهن به نه ڪيا هئا، حيدآباد  جي شهرين لاءِ يونيورسٽي جو به اعلان ڪيو. ان سان گڏ وزيراعظم بين الاقوامي ايئرپورٽ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، حيدرآباد ۾ ميٽرو بس، ڪراچي کان ميرپورخاص تائين مهراڻ ايڪسپريس هلائڻ، پاسڪو معرفت سنڌ مان ڪڻڪ جي خريداري وڌائڻ، حيدرآباد جي شهرين کي هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ ۽ حيدرآباد جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي ترقياتي ڪمن لاءِ 50 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جي اعلان سميت ٻيا به ڪيترائي اعلان ڪيا. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته انهن اعلانن تي چونڊن کان اڳ ئي ڪم شروع ٿي ويندو يا وري ايندڙ  عام چونڊن تائين اهي اعلان صرف اعلان ئي رهندا.



Monday 27 March 2017

Daily Wafa-e-Sindh Karachi, Sahib khan bhatti article


Sahib Khan Bhatti with Majid Samoo in Daily Tameer-e-sindh head office


Sahib Khan Bhatti in Daily Tameer-e-sindh head office


Sahib Khan Bhatti with Majid Samoo in Daily Tameer-e-sindh head office


Sahib Khan Bhatti with Mujeeb sandeelo in Daily Tameer-e-sindh head office


Sahib Khan Bhatti with Sadaruddin aagam in Daily Tameer-e-sindh head office


Daily Barkha karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Tameer-e-sindh karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Jhoongar karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Jhoongar karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Jhoongar karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Jhoongar karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Sujag Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Pak karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Jeejal News Paper, Sahib khan bhatti article


Daily Jeejal News Paper, Sahib khan bhatti article


Daily Sukaar Karachi, Sahib khan bhatti article


روسي حڪومت جي ڪرپشن خلاف ٿيل احتجاج

صاحب خان ڀٽي
ڪجهه عرصو اڳ رومانيا ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو ويو هو ته ان وقت تجزيه نگارن جو خيال هو ته رومانيا جي عوام تمام گهڻي بهادر آهي جن حڪمرانن جي جوڙيل قانون آڏو ديوار بڻجي ويا ۽ انهن کي پنهنجي طاقت ذريعي فيصلو وٺڻ تي مجبور ڪيو ، ان کانپوءِ ٻين ملڪن ۾ به ڪرپشن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون، اسان جي ملڪ م به ڪرپشن خلاف احتجاج شروع ٿيا هئا، جن ۾ هاڻ ٺاپر اچي چڪي آهي، هونءَ ته هن ملڪ ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيندڙن جي گهٽتائي نه آهي پر تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان هن وقت به ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جا وڏا وڏا بيان ڏئي رهيو آهي ۽ مٿس ڪجهه سياسي اڳواڻ تنقيد به ڪري رهيا آهن پر ان باوجود هو پنهنجا حوصلا بلند ڪندو پيو اچي، بهرحال تحريڪ انصاف سربراهه ڪرپشن ڪندڙن ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهي يا نه، پر رومانيا جي عوام پنهنجي احتجاج آڏو حڪمرانن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو، پر هاڻ آمريڪا جي مخالف ملڪ روس ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج شروع ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته روسي صدر ولاد مير پيوٽن ڪيتري ئي عرصي کان  اقتدار تي رهيو آهي، ڪڏهن ڪهڙي عهدي تي ته ڪڏهن وري ڪهڙي عهدي تي پنهنجيون ذميواريون سنڀالينديون رهيو  آهي.
آمريڪا جي چونڊن ۾ به روس جي  مداخلت بابت ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيان ڏنا ويا آهن، مطلب ته ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ به اعتراف ڪندور هيو آهي، رهي ڳالهه اڳوڻي صدر بارڪ  اوباما جي ته  ان آمريڪي چونڊن کان اڳ اهو چيو هو ته روس چونڊن ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر روسي صدر ولادي مير پيوٽن اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته آمريڪا وٽ ڪي ثبوت آهن ته پيش ڪري، بهرحال هن وقت آمريڪا ۾ نئون صدر چونڊجي چڪو آهي ۽ بارڪ اوباما وائيٽ هائوس کي الوداع ڪري هليو ويو آهي ۽ ملڪ جون واڳون ڊونلڊ  ٽرمپ وٽ  آهن، شروعات ۾ ته ڊونلڊ ٽرمپ خلاف عوام روڊن  تي احتجاج ڪري رهيو هو پر هاڻ  انهن احتجاجن ۾ گهٽتائي نظر اچي رهي آهي، پر هڪ ڳالهه واضع ٿي وئي  آهي ته جيڪي به ماڻهو ڊونلڊ ٽرمپ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا انهن خلاف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪا به ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو هو ۽ نه ئي انهن کي گرفتار ڪيو ويو هو، پر هاڻ جڏهن روس ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج شروع ٿيو تڏهن اتان جي حڪومت مظاهرين کي گرفتار ڪري رهي هئي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته روس ۾ حڪومت جي ڪرپشن خلاف احتجاج ڪندڙن مان 900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ اليڪسي نوالني ۽ انساني حقن جا مبصر به شامل آهن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته روس اهو ملڪ آهي جنهن تي آمريڪي چونڊن ۾ مداخلت جو به الزام لڳل آهي، ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته روس ۾ ايتري سگهه آهي جو آمريڪا جهڙو ملڪ به روس کان ٿورو پاسو ڪندو نظر اچي رهيو آهي،  ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ به ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو ويو هو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهي خبرون به هلي رهيون آهن احتجاج ڪندڙ مخالف ڌر جي اڳواڻ اليڪسي نوالني کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ اهي به خبرون هلي رهيون آهن ته احتجاج دوران جن به ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي انهن کي آزاد ڪرڻ جون به هدايتون ڪيون ويون آهن،  آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مارڪ ٽونر طرفان ته روس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اليڪسي نوالني جي گرفتاري تي ڏک جو به اظهار ڪيو ويو آهي. مارڪ ٽونر طرفان چيو ويو آهي ته روس جي حڪومت کي گرفتار ڪيل مظاهرين کي جلد آزاد ڪر گهرجي. هونءَ ته روسي صدر ولادي مير پيٽو ڪيتري ئي عرصي کان روس تي حڪومت  ڪري رهيو آهي،
 صدر ولادي مير پيوٽن کان اڳ پهريون روسي صدر بورس يلٽسن هو جنهن 1991ع ۾ پنهنجو عهدو سنڀاليو  هو  ۽ 8 سال صدر جي عهدي تي رهيو. جهن 1999ع  ۾ پنهنجي عهدي جون ذميواريون ڇڏيون، ان کان پوءِ 1999ع ۾ ولادي مير پيوٽن 8 سالن لاءِ ملڪ جو صدر بڻيو جنهن 2008ع تائين ملڪ جون واڳيون سنڀاليون. ديميتري مدويديف به 2008ع ۾ روس جو صدر بڻيو، جيڪو صرف چار سال حڪومت ڪري سگهيو ۽ 2012 ع ۾ صدر جو عهدو ڇڏي ڏنو. ان کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ولادين ميرپيوٽن 2012ع ۾ ڪامياب ٿي  روس جو صدر بڻيو. جنهن هن وقت تائين لڳ ڀڳ چار سال 321 ڏينهن مڪمل مس ڪيا هئا ته سندس حڪومت جي ڪرپشن خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، هي روس ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ماڻهو حڪومت جي ڪرپشن خلاف ايڏي وڏي تعداد ۾ روڊن تي نڪتا هجن ان کان تاريخ ۾ ڪڏهن ته روسي حڪومت خلاف عوام اهڙي ريت روڊن تي ناهي نڪتو. هن وقت روسي صدر ولادي مير پيوٽن جيڪو ٻه ڀيرا ملڪ جو صدر به رهي چڪو آهي ان لاءِ وڏا  چيلينج سامهون اچي رهيا آهن. هن وقت روس جون حالتون به تبديل ٿي رهيون آهن، آمريڪا ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن ته مٿان وري روس ۾ به حڪومت جي ڪرپشن خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام جي احتجاج ۾ صرف فرق ايترو آهي  جو آمريڪا ۾  احتجاج ڪندڙن ماڻهن مٿان تشدد نه ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي انهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، پر روس مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ انساني حقن جي مبصرن کي به گرفتار ڪيو  پيو وڃي،
هونءَ ته ڪرپشن سڄي دنيا اندر ناسور بڻجندو پيو وڃي پر روسي عوام جي احتجاج دنيا جون حالتون تبديل ڪرڻ ڏانهن اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن لڳي رهيو آهي ته مستقبل ۾ دنيا اندرڪرپشن خلاف هڪ موثر آواز بلند ٿيندو ۽ جن ملڪن ۾ حڪمران ڪرپشن ڪري ملڪي ناڻو لٽي ٻاهرن ملڪن ۾ جمع ڪري رهيا آهن انهن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، ڀلي کڻي هن وقت روس ۾ لڳ ڀڳ هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويوآهي ۽ انهن کي ڇڏيو به ويندو پر روس جي عوام احتجاج هڪ وڏي تبديلي آڻيندو جيڪو ڪرپٽ حڪمرانن لاءِ هڪ وڏو سبق کڻي ايندو. هونءَ ته رومانيا ۾ به عوام ڪرپشن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو هو ۽ حڪومت کي عوام آڏو پنهنجا گوڏا به کوڙڻا پيا هئا پر هاڻ ان کان به وڌيڪ احتجاج روس ۾ ٿيو آهي، رومانيا ۾ به احتجاج ڪندڙن کي گرفتار نه ڪيو ويو هو پر روس جيڪو هن وقت دنيا اندر هڪ طاقت رکي ٿو اڄ انهي ملڪ اندر احتجاج ٿي رهيا آهن اهو احتجاج ڪي دهشتگردي نه پر ولادين ميرپيوٽن جي حڪومت جي ڪرپشن خلاف ٿي رهيا آهن.  هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر ولادي ميرپيوٽن جيڪو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان روس ۾ اقتدار ۾ رهيو آهي اهو پنهنجي ملڪ جي عوام کي ڪهڙي ريت مطئمن ٿو ڪري.جيڪڏهن هن وقت روسي صدر ولادي مير پيوٽن عوام جا احتجاج نه مڃي ته انهن احتجاجن ۾ شدت به اچي سگهي ٿي. هن وقت هڪ طرف روس جي مختلف ملڪن سان ڇڪتاڻ به هلي رهي آهي، جيڪڏهن هن وقت روسي صدر ولادي مير پيوٽن  کي ٿورو صبر جو مظاهرو ڪرڻ پوندو پر هڪ ڳالهه واضع آهي ته روس ۾ به عوام ڪرپشن خلاف احتجاج ڪري هڪ انقلابي قدم کنيو آهي.

Sunday 26 March 2017

Daily Sukaar Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Kalyan Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Nijat Karachi, Sahib khan bhatti article


ڪارنهن الزام هيٺ ٿيندڙ قتل

صاحب خان ڀٽي
هن ملڪ ۾ جهڙي دهشتگردي ناسور بڻجي  وئي آهي تهڙي ريت ڪارنهن الزام هيٺ قتل جون وارداتون به وڌنديون پيون وڃن. ڪجهه ڏينهن کان ٻيهر سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪارنهن الزام هني ڪيترن ئي عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويو آهي. ڪجهه جوڙا ته تحفظ لاءِ در بدر به ڀتڪي رهيا آهن، ڪجهه وري ٿاڻن  تي پهچي تحفظ  جي اپيل به ڪري رهيا آهن پر افسوس جو  هن وقت تائين صوبائي سرڪار توڙي وفاقي سرڪار ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيندڙ ماڻهن وارن واقعن جو نوٽيس نه ورتو آهي. جنهن سبب ڪارنهن الزام هيٺ هن وقت تائين ڪيتريون عورتون ۽ مرد مارجي چڪا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ ته هڪ وحشي انسان پنهنجي معصوم نينگري سميت پنهنجي گهر واري تي نوڪر سان ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ن خبرون به ميڊيا تي نشر ٿي هنيو، ان کان علاوه روزاني سنڌ جي مختلف شهرن م ڪارنهن الزام هيٺ عورتن جي قتل ٿيڻ جون خبرون به ملنديون رهن ٿيون، ڪڏهن گهوٽڪي ته وري ڪڏهن  وري سکر مان عورتن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن. ڪجهه عورتن کي مڙس قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندا آهن ته ڪجهه عورتن کي سندن ڀائر ئي ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيندا آهن،
اهي واقعا ان ڪري پيش اچي رهيا آهن جو هن وقت حڪومت جو سڄو ڌيان دهشتگردي تي آهي، جيڪڏهن اهو ڌيان عورتن جي تحفظ تي هجي ها ته ڪيتريون ئي حوا ڄائون وحشين هٿان بچي وڃن ها، ڪجهه ڏينهن اهو به ٻڌڻ آيو ته هڪ وحشي شخص پنهنجي گهر واري کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بابت وحشي شخص جا وارث ميڊيا کي چئي رهيا هئا ته سندس ذهني توازن درست نه هو، جنهن سبب هن پنهنجي گهر واري کي قتل ڪيو، جيڪڏهن واقعي اهو شخص ذهني معذور هو ته ان جي شادي ڪهڙي ريت ڪرائي وئي، شادي کي ڇڏيو ته جيڪڏهن واقعي ذهني معذور هو ته ان اڳ ۾ ڪنهن ٻئي کي قتل ڇو نه ڪيو يا وري  ان گهر جي ڪنهن ٻئي ڀاتي تي حملو ڇو نه ڪيو هو. صرف ذهني توازن خراب ٿيس ته پنهنجي گهر واري تي، اهو ڪئين ممڪن ٿي سگهي ٿو، بهرحال هن وقت سنڌ ۾ روزاني جي بنياد  تي عورتن کي ڪارنهن الزام هڻي ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي، تنهن تي صوبائي سرڪار کي نوٽيس وٺي لازمي ٿي وڃي ٿو ته جيڪڏهن هن وقت به وفاقي توڙي صوبائي سرڪار اهڙن حساس مسئلن تي نوٽيس نه ورتو ته پوءِ سنڌ ۾ روزاني  ڪيترائي ماڻهو مرندا رهندا.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ صوبي ۾ غيرت مندن هٿان عورتون قتل ٿينديون رهيون آهن پر افسوس جو هن وقت عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون ڀرپور نموني احتجاج نه ڪري سگهيون آهن ۽ نه ئي وري عورتن جي تحفظ لاءِ ڪو مضبوط پليٽ فارم جوري سگهيون آهن جنهن سان سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيندڙ عورتن جي وارداتن کي تحفط ملي سگهي.
 هونءَ ته سڄي سنڌ ۾ ڪيتريون تنظيمون آهن جيڪي اهي دعوائون ڪنديون رهنديون آهن ته اهي عورتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪنديون آهن پر هاڻ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ م عورتن کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ان تي ڪنهن به تنظيم آواز نه اٿاريو آهي ۽ نه ئي ڪا اهڙي تنظيم هن وقت تائي ٺاهي وئي آهي جيڪا سڄي سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيندڙ عورتن ۽ مردن جو رڪارڊ جمع ڪري ڇڏي، جيڪڏهن اهڙي ڪا تنظيم هجي ها ته اڄ  سنڌ اندر عورتن کي تحفظ ضرور ملي وڃي ها، هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته سنڌ اندر قبائلي جهيڙين سبب به عورتون ۽ ٻاررن کي قتل ڪيو ويندو آهي ۽ اتي پوليس به انهن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪري سگهندي آهي،
هن وقت به سنڌي اهڙا ڪيترائي قبائلي جيهڙا  ڪُر کنيو بيٺا آهن جنهن سان ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ڪجهه هنڌن تي ته پوليس حالتن تي ضابطو آڻڻ تي ڪامياب ٿي ويو آهن پر ڪجهه اهڙا به علائقا آهن جتي ڌريون هن وقت مورچا بند ٿيل آهن، جنهن جون خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به نشر ٿينديون رهن. رهي ڳالهه ڪارنهن الزام هني قتل ڪرڻ وارن واقعن جي ته ان جي خبر ئي نه ٿي پئي ته واقعي به ڪارنهن جو الزام هڻي ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو آهي يا وري ڪو زمين تڪرار تان عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويندو آهي. بهرحال اهو ڪم ته پوليس جو ئي آهي ته جيڪي به ماڻهو  عورتن ۽ مردن کي ڪارنهن جو الزام هني قتل ڪري رهيا آهن. انهن خلاف سخت قدم کڻي پر افسوس جو هن وقت تائين اهڙي ڪا خاص ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. گذريل ڏينهن به هڪ  عورت ٿاڻي تي پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته کيس ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪرڻ جو سازشون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب هو ڀڄي اچي ٿاڻي پهتي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو ڪو پهريون ڀيرو واقعو پيش نه آيو آهي سنڌ ۾ ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪيو ويو آهي، ڪجهه عورتن ۽ مردن کي جرڳي ذريعي ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪيو ويو ته ڪجهه عورتن ۽ مردن کي گهرن ۾ قتل ڪيو ويو آهي.
 جيڪڏهن هن وقت ملڪ اندر عورتن جي تحفظ لاءِ خاص ادارو قائم ڪيو وڃي ها ته ڪيترن ئي عورتن ۽ مردن جون حياتيون بچي وڃن ها. بهرحال هن وقت ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪرڻ واريون وارداتن  ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ خاص طور تي انهن علائقن ۾ پوليس ٿاڻن جي آفيسرن کي ان ڳالهه جو پابند بڻائجي جي ته جيڪي عورتون  ۽ مرد وٽن تحفظ لاءِ اچن ٿا انهن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ان کان علاوه جيڪي ماڻهو جرڳا ڪري رهيا آهن انهن خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ عدالتون موجود آهن  ۽ هن ملڪ ۾ ٿاڻا به موجود آهن ته پوءِ آخر اهڙي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو ڪجهه بااثر جرڳا ڪري پنهنجا من پسند فيصلا مڙهي رهيا آهن، خاص ڪري سنڌ اندر ڪارنهن الزام هيٺ ٿيل قتل جا جرڳا ٿي رهيا آهن ۽ ان سان گڏ قبائلي تڪرارن جا به جرڳا ڪيا پيا وڃن تنهن جي ڪري حڪومت کي گهرجي ته جيڪي به ماڻهو جرڳن جي سرپئنچي ڪري رهيا آهن انهن خلاف سخت قدم کنيا وڃن ته جعلي فتوائون ڏيڻ جي جرئت نه ڪري سگهي.هاڻ اها سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته فوري طور تي جرڳا ڪندڙ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ته جئين معصوم ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن بااثرن جي جرڳن ۾ ڏنڊ عيوض معصوم نياڻين کي به سڱ چٽي طور ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن اها جرڳا به روڪرايا وڃن ته ڪيتريون معصوم نياڻيون به ڏنڊ عيوض طور قربان ٿيڻ کان بچي سگهنديون.