Pages

Wednesday 31 January 2018

آرٽيڪل 62 ايف ون تحت نااهلي جو مدو: فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟


صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس کانپوءِ  ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ تمام گهڻي تيز ٿي وئي  هئي جيڪا اڄ به  هلندڙ آهي، تحريڪ انصاف پيپلزپارٽي ۽ عوامي مسلم ليگ سميت ٻيون کوڙ ساريون جماعتون هڪ ٻئي خلاف بيان ڏئي رهيون آهن، ايتري قدر جو  ڪڏهن ڪڏهن اهي پارٽيون اتحاد جوڙي حڪمران ڌرمٿان دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ان باوجود حڪمران ڌر پنهنجي روايت برقرار رکندي پئي اچي، جيتوڻيڪ پاناما ليڪس نوازشريف کي نااهل ڪرڻ ۽ عهدو ختم ٿيڻ جو سبب بڻيو آهي پر سندس چرچو ڏيهه توڙي پرڏيهه به ٿيو آهي، ايتري قدر جو سندس بيانن سان ملڪ اندر هڪ وڏو ٿرٿلو به مچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ لڳي رهيو آهي ته ادارن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، ظاهري طور ايئن لڳي به رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف جيڪي بيان ڏئي رهيو آهي، انهن بيانن کي ٻڌي هر هڪ اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نوازشريف جهڙي ريت بيان ڏئي رهيو آهي، ان مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته نوازشريف ادارن خلاف ڳالهائي پنهنجي مقبوليت وڌائڻ چاهي ٿو پر اهو ممڪن ٿيندو يا نه، اهو ته نواز ليگ کي ئي خبر هوندو. جڏهن سپريم ڪورٽ نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو ته ان وقت پارليامينٽ ترميم ڪري کيس نواز ليگ جو صدر مقرر ڪيو، جنهن تي به  تحريڪ انصاف پاران تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد انهيءَ پارليامينٽ مٿان لعنت وڌي هئي، جنهن تي تنقيد ٿي هئي، جڏهن پاناما ليڪس ۾ اهم انڪشاف ٿيا ته ان وقت ملڪ جون حالتون ٻيون هيون پر هاڻ تحريڪ انصاف جي  بيانن سبب حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ ماڻهن جو لاڙو نواز ليگ وڌي رهيو آهي، تنهن جي ڪري  سندس حامين ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي،
هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ته عام چونڊن کانپوءِ پنجاب ۾ پ پ حڪومت ٺاهيندي، ڏکڻ پنجاب ۽ لاهور جي حالتن ۾ تمام گهڻو فرق آهي. پاناما ٻاهران آيو هو، ڪنهن سيف الرحمان شروع نه ڪيو هو. پاناما عالمي سطح تي اٿيو جنهن ۾ شريف خاندان به شامل ٿيو، آصف زرداري اهو به چيو ته شريف ڀائرن جي سي پيڪ ۽ منگوليا جي سي پيڪ ۾ تمام گهڻو فرق آهي. آصف علي زرداري چيو ته شريف ڀائرن سي پيڪ کي سمجهو ئي ناهي. هن چيو ته نواز شريف ڪهڙو مظلوم آهي، ٻئي طرف وري پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله جو چوڻ هو ته ته عمران خان ۽ شيخ رشيد سازشي عنصرن جا مهرا آهن، ٻنهي کي مشورو آهي ته درست سياست ڪن. لاهور جلسي ۾ پارليامينٽ تي لعنت وجهندڙن تي خالي ڪرسين ۽ 21 ڪروڙ عوام جي لعنت پئي، نواز شريف کي روڪڻ لاءِ غير جمهوري طريقا ناڪام ٿي ويا آهن. هڪ سازش تحت نواز شريف کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن ملڪ کي پوئتي ڌڪي سگهجي، اها ڪوشش پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻجڻ جي رستي ۾ رنڊڪ آهي.، مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ حمزا شهباز چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت خلاف سازشون ٿينديون رهيون آهن، ملڪ کي ترقي ڪرڻي آهي ته رستو رڳو جمهوريت آهي. 
جيتوڻيڪ نيب پاران نوازشريف خلاف جاچ هلي رهي آهي ۽ احتساب عدالت ۾ ريفرنسز تي ٻڌڻي به ٿي رهي آهي پر ان باوجود نيب پاران پرڏيهه مان رڪارڊ جمع ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته اڃا تائين نيب نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف پڪا ثبوت گڏ نه ڪري سگهي آهي. هوڏانهن شريف خاندان خلاف ٻن پرڏيهي شاهدن پاڪستان آمد تي سڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ڪوئسٽ سالسٽر لا فرم جي پرنسپال راجا اختر نيب کي خط لکي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي. راجا اختر پنهنجي فارنزڪ ايڪسپرٽ رابرٽ ريڊلي جي خدشن کي بيان ڪيو آهي.
بهرحال تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي دعويٰ آهي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندو ته ٻئي طرف وري نواز ليگ دعويٰ ڪري رهي آهي ته ڪارڪردگي جي بنياد تي نواز ليگ ڪامياب ٿيندي، هاڻ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪير ڪامياب ٿيندو پر سڀ کان اڳ ملڪ جي موجوده صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان خلاف بيان ڏئي رهيو آهي ته مٿان وري ڀارت ايل او سي تي سرحدي ڇڪتاڻ کي وڌائي رهيو آهي،  جيڪا به هن خطي لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي،  بهرحال سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نواز ليگ  صدر ميان محمد نوازشريف هڪ نظريو کڻي روڊن تي نڪتو آهي پر اهو نظريو  رڳو سندس ڪارڪنن تائين محدود آهي، ڪا به پارٽي سندس حمايت ۾ نه اچي رهي آهي،  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به چيو هو ته هي ماڻهو وقت اچڻ تي هن ملڪ  کان ٻاهر هليا ويندا، مطلب ته سڄو اشارو نواز ليگ ڏانهن  ئي هو. بهرحال نوازشريف هر جلسي ۽ هر تقريب ۾ اهو ئي راڳ الاپي رهيو آهي ته کيس ڇو ڪڍيو ويو ؟ ۽ ان جو جواب به پاڻ ئي ڏئي رهيو آهي، جيئن ته پاناما ليڪس کان شروع ٿيندڙ معاملو نوازشريف کان شروع ٿيو ۽ نوازشريف تائين ئي ختم ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پاناما ۾ جيڪي ٻين ماڻهن جا نالا شامل آهن، انهن خلاف ڪارروائي سان ايترو فرق نه پئي ها، جيترو نوازشريف خلاف ڪرڻ سان ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو نواز ليگ ۽ جماعت اسلامي هميشه اهو ئي مطالبو ڪندي رهي آهي ته پاناما جن به ماڻهن جا نالا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
بهرحال نوازشريف جي نااهلي کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي به نااهل قرار ڏنو ويو، جنهن تي به نوازشريف ۽ ليگي اڳواڻن اعتراض ڪيو ته اهو فيصلو کين پسند نه آهي، مطلب ته هنن جو سڄو اشارو عمران خان ڏانهن ئي  هو. جيئن ته اڄ نوازشريف ۽ جهانگير ترين نااهل آهن ۽ جهانگير ترين خاموش آهي پر نوازشريف پنهنجي اندر جي باهه روڊن تي ڪڍي رهيو آهي، پر هاڻ لڳي رهيو آهي ته ٻنهي کي ٿوري رعايت ملڻ واري آهي، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ ۾  آرٽيڪل 62 ايف ون تحت نااهلي جو مدو طئي ڪرڻ لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي به سپريم ڪورٽ ۾ شروع ٿي وئي آهي ۽ جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ مدو طئي ٿي ويو ته ٻنهي ڄڻن کي رعايت ملي سگهي ٿي ۽ سندن نااهلي جو مدو به طئي ٿي سگهي ٿو ۽ مستقبل ۾ اهي اليڪشن ۾ حصو به وٺي سگهن ٿا،  گذريل ڏينهن به سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾  آرٽيڪل 62 ايف ون تحت ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نااهلي جو مدو طئي ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي ٿي هئي هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر ڪڏهن ٻنهي لاءِ سياست ۾ اچڻ لاءِ دروازا کلن ۽ اهي چونڊن ۾ حصو ٿا وٺن.  

Tuesday 30 January 2018

سينيٽ چونڊون ۽ ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي
آخرڪار ملڪ ۾ چونڊون ويجهو ايندي ئي سياسي پارٽين پاران عوامي سرگرمين ۾ واڌ اچي چڪي آهي، مسلم ليگ نون ، پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف کانسواءِ ٻيون کوڙ ساريون پارٽيون ميدان ۾ لهي آيو آهن،  جڏهن ته هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو به سلسلو به جاري آهي، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پاران سينيٽ جي چونڊون کٽڻ لاءِ  سمورا حربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنجاب ۾ ناراض ميمبرن کي  پرچائڻ ۽ پنهنجي طرف ڇڪڻ جي حڪمت عملي به جوڙي وئي آهي، جنهن بعد نواز ليگ پاران پيپلزپارٽي تي هارس ٽريڊنگ جا الزام به لڳايا پيا  وڃن، جڏهن ته نواز ليگ ايندڙ چونڊن ۾ ٻيهر ڪامياب ٿي اقتدار ۾ اچڻ جا خواب ڏسي رهي آهي،  نوازليگ اڳواڻ ۽ وفاقي ريلوي وارو وزير خواجا سعد رفيق به پيپلزپارٽي کان پڇي رهيو آهي ته  انهن پنهنجي دور ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي، ايتري قدر جون هن پنهنجي پارٽي جي اقتداري دور ۾ ٿيل ترقياتي رٿائن جا به حوالا ڏنا۽ چيو ته سندن حڪومت ۾ سي پيڪ سميت ٻيا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا، جن مان ڪيترائي مڪمل به ڪيا ويا آهن پر جيڪي پارٽيون نواز ليگ تي تنقيد ڪري  رهيون آهن، انهن پنهنجن اقتداري دور ۾ ڪجهه به نه ڪيو.
بهرحال پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ سميت ٻين سمورين جماعتن طرفان ايندڙ چونڊن جي تياري ڀرپور نموني سان هلي رهي آهي ۽ مختلف شهرن ۾  جلسا به  ڪيا پيا وڃن،  جنهن سبب ملڪ ۾ چونڊن مهم جهڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي.  پر هاڻ نواز ليگ جي اها اميد ته نوازشريف به چونڊن ۾ حصو وٺندو، اهو ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف ته تاحيات نااهل ٿي چڪوآهي ۽ اهو  چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندو،  اهوئي  سبب آهي جو نوازشريف  ادارن خلاف تقريرون ڪري رهيو آهي، جنهن خلاف ڪجهه ماڻهو سندس خلاف عدالتن ۾ درخواستون به جمع ڪرائي رهيا آهن، جيئن ته نوازشريف گريٽر پنجاب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، تنهن تي مٿس تنقيد به ٿ رهي آهي، پر ان باوجود  نواز ليگ صدر ميان محمد نواز شريف پنهنجي تقريرن  ٿوري به رعايت نه ڪئي آهي. جنهن بعد سندس لاءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون پيون وڃن، سندس پارٽي ۽ مٿس  روزانو ڪنهن نه ڪنهن عدالت درخواستون داخل ٿي رهيون آهن ، جيئن  ڪجهه عرصو اڳ لنڊن ۾ ويٺل شخص خلاف داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون هيون،  لنڊن واري شخص خلاف درخواستون ان وقت داخل ٿيون هيون، جڏهن هن هن ملڪ جي ادارن خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو هو، نه ته اهو لنڊن وارو شخص اڳ ۾  انهن ئي ادارن جو لاڏلو هو. بهرحال لنڊن واري شخص ۽ نواز ليگ جي صدر ميان نوازشريف وچ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي،
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازشريف چونڊن کان اڳ پنهنجو رويو تبديل ڪري ٿو يا وري  لنڊن واري شخص جيان  پاڻ تي پابندي ٿو لڳرائي ؟. بهرحال  عدالتن به نااهلي بابت ڪو دڳ ضرور ڳوليو ويندو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به شخص کي تا حيات نااهل ڪرڻ سان پارٽين ۾ ڪاوڙ سان گڏ ادارن خلاف ڳالهائڻ وارو لاڙو وڌي سگهي ٿو، جيئن نوازشريف ۽ نواز ليگ اڳواڻن جو رويو تبديل ٿي ويو آهي، پاناما ليڪس کانپوءِ نوازشريف کي نااهل ڪيو ويو، جنهن تي هن وقت به نواز ليگ پريشان آهي ۽ ان معاملي مان نڪرڻ جي ڪوشش به ڪري رهي آهي پر هن وقت تائين پنهنجي جند آجي نه ڪرائي سگهي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ اسان کي ٻڌڻ ۾ آيو هو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اها دعويٰ ڪئي هئي ته ڪجهه به ٿئي  پئي هو هڪ سيڪنڊ به اڳ پنهنجو اقتدار نه ڇڏيندا ۽ نواز ليگ پنهنجو مدو پورو ڪندي، جڏهن ته تحريڪ انصاف سميت ڪجهه پارٽيون نواز ليگ سرڪار کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪنديون رهيون آهن پر ان باوجود لڳي ٿو ته انهن سمورين پارٽين کي منهن ڏيڻ جي مڪمل طور حڪمت جوڙي رکي آهي جو اهي ايترو مطئمن آهن ته  چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ وقت کان اڳ استعيفيٰ نه ڏيندا، جيئن ته چونڊن ۾ اچي ڪجهه وقت بچيو آهي  ۽ اليڪشن ڪميشن پاران به  3 مارچ تي  سينيٽ جي چونڊن جو اعلان ڪندي شيڊيول جاري ڪئي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊيول موجب، نامزدگي ڪاغذ 4 فيبروري کان 6 فيبروري تائين جمع ڪرائي سگهبا، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 9 فيبروري تائين مڪمل ڪئي ويندي، . ميڊيا رپورٽس موجب، اسحاق ڊار، نزهت صادق، ڪامران مائيڪل، ذوالفقار کوسا ۽ نثار ميمڻ به رٽائرڊ ٿيرهيا آهن،  پ پ جي 26 ميمبرن مان 18 سينيٽرز، مسلم ليگ ن جي 27 مان 9 سينيٽرز رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته اسلام آباد مان 2 ۽ فاٽا مان به 4 سينيٽرز رٽائرڊ ٿي رهيا آهن. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو طاهر مشهدي، نسرين جليل ۽ فروغ نسيم به رٽائرڊ ٿيندڙن ۾ شامل آهن، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊيول موجب، سينيٽ جي چونڊن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي، ٻئي طر اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته 11 مارچ تي 104 مان سينٽ جا 52 ميمبر رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، جن ۾ پنجاب ۽ سنڌ مان 12، 12، ڪي پي ۽ بلوچستان مان 11، 11 سينيٽرز رٽائرڊ ٿي رهيا آهن.
بهرحال نواز ليگ پنهنجي ناراض اڳواڻن کي پرچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، ان حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير پير حميد الدين سيالوي سان ملاقات ڪري معاملي کي حل ڪرائڻ جي به ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب به ويو،  نواز ليگ جا ناراض ۽ پارٽي تان استعيفائون ڏيندڙ به آهستي آهستي نواز ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، ڏيڍ مهينو اڳ ختم نبوت جي معاملي تي مسلم ليگ ن جي 4 پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، انهن به پنهجو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي، استعيفيٰ واپس وٺڻ وارن ۾ نظام الدين سيالوي، مولانا رحمت الله، رضا نصر الله ۽ محمد خان بلوچ شامل آهن. هوڏانهن تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن ۾ پرڏيهي فنڊنگ بابت هلندڙ ڪيس جي ڪارروائي روڪڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن واري دائري کي چئلينج ڪيو ويو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڪبر ايس بابر جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو. جنهن جو فيصلو گذريل سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي تحريڪ انصاف جي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي،بهرحال ٻئي پارٽيون عدالتن کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ هاڻ پيپلزپارٽي کي به عدالتن ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف ته روزاني عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيون آهن پر پيپلزپارٽي تي ڪو به ڪيس نه هلي رهيو هو ، ان حوالي سان تحريڪ انصاف به پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ کي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا واقعي نواز ليگ سرڪار سينيٽ جون چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي  ٿي يا وري   اهو  معاملو به اڳتي هليو ويندو.  

Tuesday 23 January 2018

ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو؟

صاحب خان ڀٽي
هونئن ته ڌارين جي  آبادڪاري جو سلسلو هن ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي هلي رهيو آهي ۽ مذهب جي نالي تي ڪنهن به ملڪ سان تعلق رکندڙ ماڻهو هن  ملڪ ۾ اچي پنهنجا اجها اڏائي رهيو آهي،  جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي، اهو سلسلو ظاهري طور ان وقت وائکو ٿيو، جڏهن  آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ۽ هن ملڪ جي سگهاري طاقتن جو ان جو ساٿ ڏنو . تڏهن کان افغانستان مان مهاجرن  جي قانوني طور پاڪستان ڏانهن لڏ پلاڻ جو سلسلو  شروع ٿيو، جن  کي ترسائيڻ لاءِ عالمي ادارن پاران امداد  ڏيڻ جو به اعلان ڪيو، جن مهاجرن کي ڪيمپس ۾ ترسائڻ گهرجي ها، انهن کي هن ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن وڃڻ جو مڪمل اختيار ڏنو ويو، جنهن جو حشر هيءُ ٿيو جو اڄ اهي هن ملڪ جا شهري بڻجي چڪا آهن ۽ سمورن ادارن ۾ آهستي آهستي  هو ضم ٿي رهيا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ ڪم به ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو اهڙين يونيورسٽين ۾  مهاجرن جا ٻار پڙهي رهيا آهن، جتي سنڌي  شاگردن کي به داخلا نه ملندي آهي. اهو سلسلو افغانستان جي جنگ کان شروع ٿيو آهي پر هاڻ ان ۾ وقت سان گڏ تيزي به اچي رهي آهي، جڏهن کان آمريڪا پاران پاڪستان تي الزام لڳايا ويا آهن ته هن ملڪ جي سگهاري طاقتن پاران افغان مهاجرن کي ڪڍڻ تي غور ويچار ڪيو ويو آهي پر افسوس جو هاڻ وقت هٿن مان نڪري چڪو آهي ۽ جيڪي  افغان مهاجر هن ملڪ ۾ لڏپلاڻ ڪري آيا، اڄ انهن وٽ هن  ملڪ جو قانوني سرٽيفڪيٽ آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ هاڻ ناممڪن ٿي چڪي آهي.
هاڻ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته آخر انهن مهاجرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڪنهن جاري ڪيا ۽ انهن مٿان هٿ رکندڙ سگهاري  طاقتون ڪهڙيون هيون جو افغان مهاجر هن ملڪ ۾ پنهنجيون ملڪيتون به خريد ڪري ويا ۽ پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي، جيڪڏهن انهن ماڻهن کان پڇاڻو ٿئي ته  افغان مهاجر جي هن ملڪ ۾ ڪيتري تعداد آهي ته اهي به نه ٻڌائي سگهندا، ڇاڪاڻ ته پاڪ افغان سرحد تان ڪيترائي افغان مهاجر غيرقانوني طور به  هن ملڪ ۾ داخل ٿيا، جن جو رڪارڊ نه ته پاڪستان وٽ آهي ۽ نه ئي افغانستان وٽ آهي ،  جيئن ته وقت گذرڻ سان گڏ نه افغان مهاجر پنهنجي وطن  واپس وڃڻ چاهين ٿا ۽ نه ئي هن ملڪ ۾ ادارن وٽ ايترا وسيلا آهن جو انهن کي هتان ڪڍي ڇڏي ۽ نه ئي وري ڪو عالمي ادارو هاڻ امداد  ڏيندو ته انهن افغان مهاجرن  جي واپسي وارو عمل شروع ٿي سگهي ، جنهن سبب هاڻ اسان کي ذهني طور تيار رهڻ گهرجي ته ڪڏهن به افغان مهاجر جي واپسي وارو عمل شروع نه ٿي سگهندو. ان جو به ڪو هڪ ڪارڻ نه آهي، ان جا به ڪيترائي ڪارڻ آهن، سڀ کان وڏو  سبب نادرا آهي، جيڪو هن ملڪ جو حساس ادارو آهي، جن ۾ اهڙا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪجهه پيسن عيوض پنهنجو ضمير  به وڪڻڻ لاءِ تيار ويٺا آهن،  نادرا جو اهو حال آهي ته ڪو به پرڏيهي آساني سان پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي سگهي ٿو، جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته الائي ڪيترن ئي دهشتگردن وٽ هن ملڪ جا سڃاڻپ ڪارڊ هوندا، جنهن جو اسان اندازو به نٿا ڪري سگهون.
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن چوڌري  نثار  وفاقي گهرو وزير هو ته هُن به ڪيترن ئي پرڏيهين جا ڪارڊ بلاڪ ڪيا هئا، جنهن تي ڪجهه افغانستان همدرد تنظيمن واويلا ڪئي هئي ۽ ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ واري معاملي تي  ايوانن ۾ آواز اٿاريو هو، پوءِ اهو معاملو به دٻجي ويو هو، هاڻ وري نادرا پاران ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ وارو معاملو اٿيو آهي. مختلف ٽي وي چينلز تي به نشر ٿي رهيون آهن ۽ رپورٽون به هلي رهيون آهن ته نادرا  جي ڪجهه آفيسرن تي افغانين سميت مختلف ملڪن جي ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو الزام آهي، جن خلاف جاچ به ٿي رهي آهي، جيڪڏهٿن ڏٺو وڃي ته اهو  معاملو هن ملڪ جي ادارن لاءِ وڏو شرم جوڳو آهي، جيڪڏهن پيسن عيوض حساس ادارو ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري رهيو آهي ته پوءِ هن ملڪ ۾ ڪيترائي دهشتگرد سڃاڻپ ڪارڊ کڻي گهمندا ڦرندا وتندا هوندا. جنهن جو اسان کي اندازو به نه هوندو.
هن ملڪ جي وڏي خابرو اداري خبر نشر ڪئي آهي ته ڊي اي ڊائريڪٽر قمر نديم وي آءِ پي نادرا رجسٽريشن سينٽر نادرا هيڊ ڪوارٽر ۾ افغانين کي ڪارڊز جاري ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي ته کيس هٽايو ويو، جڏهن ته نادرا رجسٽريشن سينٽر بلديا ٽائون ون ڪراچي جي ڊي اي ڊائريڪٽر محمد خان  کي به اهڙي الزامن تحت برطرف ڪيو ويو. خانگي ٽي وي جي  رپورٽ  موجب، هڪ فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نادرا جي 400 کان وڌيڪ اهلڪارن مبينا طور 2005 کان اٽڪل 72 هزار غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا. جن جي نادرا  سرڪاري سطح تي به تصديق ڪئي آهي. نادرا جي ترجمان  ٻڌايو ته مسٽر انصار تي غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ واري عمل ۾ مبينا طور ملوث هئڻ  جو الزام آهي، جنهن خلاف جاچ به هلي رهي آهي. جڏهن ته نادرا جو سينيئر آفيسر ڪرنل ( ر) طاهر مقصود انهن الزامن جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي جي سربراهي ڪري رهيو آهي.
خانگي ٽي وي جي رپورٽ ۾ ٻيو گهڻو ڪجهه ٻڌايو آهي ته  آخر ڪار  نادرا جا ملازم ڪئين پرڏيهين کي  سڃاڻپ ڪارڊ جاري  ڪري رهيا آهن. بهرحال  سنڌ ۾ به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن،  سنڌ سان محبت رکندڙ ڪجهه تنظيمون ڌارين  جي آبادڪاري واري حساس معاملي تي آواز به اٿارينديون آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري. هن وقت جڏهن  هن ملڪ ۾ مهاجرن  کي پنهنجي گهر موڪلڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ان وقت نادرا ٿرٿلي ۾ اچي ويو آهي ، خاص ڪري  نادرا جي اهي ملازم جيڪي پيسن عيوض ڪارڊ جاري ڪري رهيا آهن، انهن لاءِ ته عيد اچي وئي آهي.  شڪارپور مان به  رپورٽون آهن ته نادرا آفيسن ٻاهران افغان مهاجرن جا ڪٽڪ لٿل آهن، جيڪي ڪارڊ ٺهرائي رهيا آهن پر انهن خلاف ڪير به ڪارروائي  نه ڪري رهيو آهي.
جيڪڏهن رڳو هڪ ننڍڙي شهر جي اهڙي حالت آهي ته  سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جو ڪهڙو حال هوندو؟ ان جو ته اسان اندازو به نٿا ڪري سگهون، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان  انهيءَ شهر مان داعش جا دهشتگرد به گرفتار ٿيا ته ماريا به ويا ۽ ڪيترن ئي مقابلن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي دهشتگردن کي به ماريو ويو ۽ هميشه ان شهر تي دهشتگردن جو راڄ ئي رهيو آهي، جنهن سبب هن شهر جا شهري هميشه خوف ۾ ورتل رهيا آهن. هاڻ ته آپريشن کانپوءِ  ڪراچي شهر جون حالتون گهڻي حد تائين بهتر ٿي چڪيو آهن پر نادرا  جي ادارن جو ڪهڙو  حال هوندو، شايد ڪنهن کي به خبر نه هوندي، هي اهو بدنصيب شهر آهي جتي  ڌاريا لکن جي تعداد ۾ رهن ٿا، هن شهر کي ته عالمي يتيم خانو به چئجي ته گهٽ هوندو،
جيڪڏهن هن شهر کي  پرڏيهين جو ٺڪاڻو چئون ته به اهو گهٽ آهي.  هن شهر ۾ ڌرتي ڌڻين جا گهر ڊاهي انهن کي مارڻ آسان آهي پر غيرملڪين کي ڪڍڻ ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو عمل آهي. جنهن  جو اندازو اوهان سنڌي وسندين کي ڊاهڻ واري عمل مان لڳائي سگهو ٿا، ڪيئن وردي پهريل هٿيار بند رات ۽ ڏينهن جي  وقت سنڌي وسندين تي حملو ڪري  گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انهن خلاف ڪير به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي  ۽ انهن اهلڪارن کي تمام گهڻي همت به هوندي آهي ته اهي سنڌي وسندين تي آساني سان يلغار ڪندا آهن پر انهن کي ايتري همت نه هوندي آهي ته ڪراچي ۾  افغان مهاجرن جي وسندين  کي ڊاهين ۽ نه ئي انهن کي ايتري جرئت هوندي آهي جو اهي وڃي ڪنهن  بنگالين ۽ ٻين غير ملڪين جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪن. بهرحال اسان سنڌين جن کي به ووٽ ڏنو آهي، اهي به ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهڻ  ۾ ملوث رهيا آهن ۽ اهي ئي ڪامورا ڌارين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا اعلان ڪندا آهن ۽ سنڌي عوام خاموش تماشائي بڻيل هوندو آهي. جن کي اسان ووٽ ڏيندا آهيون ، اهي ئي ڌارين  کي ڪارڊ ٺهرائي  جا اعلان ڪري فخر محسوس ڪري رهيا آهن. بهرحال هن رياست جي ذميواري آهي ته غيرملڪين کي غيرقانوني طور  سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري، جيئن دهشتگردن خلاف آپريشن هلي رهيا آهن ۽ ايئن نادرا ۾ ردالفساد  ۽ ضرب عضب جهڙو آپريشن ٿيڻ گهرجي ته جيئن پيسن عيوض ڪارڊ جاري ڪندڙ نادرا جي عملي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾  آڻي ملڪ سان غداري جو ڪيس هلايو وڃي.



عوام سپريم ڪورٽ کان ڇا ٿو چاهي؟

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هن ملڪ ۾ هاڃيڪار شيون وڪرون ٿي رهيون آهن پر تاريخ ۾ ڪنهن به نوٽيس نه ورتو هو پر هن ڀيري وڏي عدالت، تعليم، صحت سميت مختلف معاملن تي نوٽيس وٺي رهي آهي، جنهن جي تمام گهڻي واکاڻ به ڪئي پئي وڃي. مطلب ته ملڪ جي موجوده صورتحال کي ڏسندي  ملڪ جون عدالتون به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهي پيون آهن ۽ عوامي جي ڀلائي لاءِ  پوئتي نه هٽڻ جو  عزم ورجايو آهي، ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي تي به عدالتي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب عوامي مسئلن جي حل واري عمل ۾ تيزي  اچي رهي آهي، اهي مسئلا جيڪي سياسي اڳواڻ ڪڏهن به حل نه ڪري سگهن ها، اهي مسئلا عدالتي عدالت حل ڪري رهي  آهي، ڇاڪاڻ ته شگر ملون، کير جون فيڪٽريون ۽ ڪاليجز سياستدانن جا آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ادارن جي لاءِ تمام گهڻي ڏکئي ڳالهه آهي پر سپريم ڪورٽ پاڻمرادا نوٽيس وٺي  عوام جي مسئلن کي ٻڌي رهي آهي. هن وقت به سنڌ ۾ جيڪي به شگر ملون آهن، انهن مل مالڪن اڃا تائين آبادگارن کان ڪمند نه خريد ڪيو آهي، جنهن سبب کين لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، اهڙي طرح سنڌ ۾ استاد به احتجاج ڪري رهيا آهن، جن مٿان  صوبائي حڪومت ڏنڊا به وسايا هئا.
بهرحال چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار به عوامي  لاءِ هاڃيڪار شين جي روڪٿام لاءِ  حڪم جاري ڪيا آهن.  ان حوالي سان چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ کير، کاڌي پيتي جي شين ۽ تعليم بابت به نوٽِس ورتو آهي. ان حوالي سان چيف جسٽس ثاقب نثار يمارڪس ڏيندي چيو هو ته انصاف ۾ دير وڏو مسئلو آهي، الزام به عدالتن تي لڳي ٿو، محدود وسيلن  ۽ گهٽ وقت ۾ ڪيسن جي اڪلاءٌ جي ڪوشش ڪيون ٿا. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ وي آءِ پي موومينٽ بابت پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو  هو ته روڊ بند ڪرڻ سان شهرين کي ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، پروٽوڪول جي نالي ۾ روڊ بند نه ڪيا وڃن، ايتري قدر جو چيف جسٽس سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڪرو ٿيندڙ هاڃيڪار کير جو به نوٽيس ورتو هو، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري صحت لاءِ هاڃيڪار کير جي وڪرو تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو ويو، جنهن حڪم ۾ سيڪريٽري هيلٿ ۽ ڊرگ انسپيڪٽر کي مارڪيٽ ۾ مينهن کي لڳندڙ انجڪيشن جي وڪرو تي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو هو ته مارڪيٽ ۾ رکيل سمورن انجيڪشن کي هٿ ڪري دڪان سيل ڪيا وڃن، جڏهن ته ايڊووڪيٽ محمد واوڊا کي سمورن دٻن ۾ وڪرو ٿيندڙ کير جي ڪمپني جي لسٽ تيار ڪري کير جي دٻن کي ٽي سي ايس آر مان ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار  لاهور رجسٽري ۾ پاڻمرادي نوٽيس دوران ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته انجيڪشن ذريعي حاصل ڪيل کير سبب ٻارڙن ۾ هارمونز تبديل ٿي رهيا آهن ۽ هو وقت کان اڳ پوڙها ٿي رهيا آهن ، جنهن سبب چوپايو مال تي انجيڪشن استعمال نه ڪيو وڃي. ايتري قدر جو چيف جسٽس حڪم جاري ڪيو هو ته چوپايو مال کي لڳائيجندر انجيڪشن تي به پابندي لڳائي هئي، غير معياري کير بابت عدالتي حڪم جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ٻن هفتن ۾ سمورن کير جي دٻن جي ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن سان گڏ ڪمپني جي کير ليبارٽري جو معائنو ڪيو وڃي.  پريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اسپتالن ۾ گندگي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو هو ته ماحوليات وارو کاتو سڀني کان نڪمو آهي، هي ماڻهن جي صحت جو معاملو آهي، انساني زندگين سان کيڏيو پيو وڃي.لاهور جي 6 هنڌن  تي آلودگي  آهي،  
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ وڌيڪ فيس وٺڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو هو ته ڪيسز جي ٻڌڻي لاءِ مان روزانو اسلام آباد کان لاهور ايندو آهيان، ٻڌڻي ۾ پيش نه ٿيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڪيسز جي ٻڌڻي لاءِ روزانو  اسلام آباد کان لاهور ايندو آهيان، ٻڌڻي ۾ پيش نه ٿيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو هو ته انصاف ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽرن ۽ ادارن جي وقار به برقرار رکڻو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو هو ته جيڪي ماڻهو دڪان هلائين ٿا ، انهن وٽ به وڪالت جي ڊگري آهي،يونيورسٽيز جي وي سيز کي لا ڪاليجز جي انسپيڪشن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ملڪ ۾ گهڻي تعداد ۾ پرائيوٽ يونيورسٽيون کلڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، هاڻي غير معياري لا ڪاليجز هلڻ نه ڏينداسين، چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو هو ته عدالت 6 هفتن ۾ لا ڪاليجز جو نظام ٺيڪ ڪرڻ چاهي ٿي، هر يونيورسٽي پنهنجو نظام ٺاهي ڇڏيو آهي. بدقسمتي سان اسان پنهنجي ادارن کي مضبوط نه  ڪيو، هاڻي ڊگريون محنت ڪندڙن کي ملڻ گهرجن.
هونئن ته سنڌ ۾ به تعليمي ادارن جي اهڙي ئي حالت آهي، جئين پنجاب ۾ آهي پر سنڌ ۾تعليم سان گڏ پاڻي جو به وڏو مسئلو آهي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ به نوٽيس ورتو آهي، جنهن سبب اهو انڪشاف ٿيوآهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا ماڻهو گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور  آهن.جنهن سبب ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺي رهيون آهن. سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي به گدلي پاڻي جي فراهمي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي طلب ڪيو هو، جنهن دوران گدلي پاڻي بابت هڪ ويڊيو رپورٽ به ڏيکاري  وئي هئي،  جنهن تي سنڌ جي ساڃاهه وندن  پاران سخت ڳڻتي جو  اظهار ڪيو ويو هو. هن وقت سڄي سنڌ ۾ به ان معاملي تي احتجاج ٿي رهيا آهن ته پاڻي نه پيو ملي پر ان باوجود سنڌ سرڪار جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.
بهرحال سپريم ڪورٽ جا قدم واکاڻ جوڳا آهن، ملڪ  جي عوام کي نه کيير بهتر ملي رهيو آهي ۽ نه ئي وري صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ان کان علاوه تعليم جو به ٻيڙو ٻڏل آهي. امتحانن کان اڳ ئي پيپر آئوٽ ٿي وڃن ٿا ۽ پيپر آئوٽ ڪندڙن خلاف ڪا به اثرائتي ڪارروائي نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن اهڙن معاملن تي به نوٽيس ورتو وڃي ها  ته بهتر ٿئي ها، عوام ته  رڳو اهو ئي چاهي ٿو ته جئين سندن مسئلا حل  ٿين، کين تعليم جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، کين بهتر صحت جون سهولتون ميسر هجن ۽ اهي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري به آهي. جيڪڏهن اهي سموريون سهولتون عوام کي ڏنيون وڃن ته سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادي نوٽيس وٺڻ جي ڪا به ضرورت نه پئي ها. سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيسز سان عوام ۾ هڪ اميد پيدا  ٿي  آهي. چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ اهڙو نظام جوڙي جنهن سان سرڪاري ملازمن جا ٻارڙا ۽ غريب ماڻهن جا ٻارڙا سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن، اڄ ڪلهه ججن ۽ سرڪاري آفيسرن جا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ها ٿا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليمي نظام بهتر نه ٿي سگهيو آهي، رڳو غريبن جا ٻار ئي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، جڏهن ججن، سياستدانن ۽ سرڪاري آفيسرن جا ٻار به سرڪاري   اسڪولن ۾ پڙهندا ته ته  سرڪاري اسڪولن  جي تعليم جو نظام بهتر ٿي ويندو ۽ ملڪ  جي عوام جون سموريون ڏکيائون ختم ٿي وينديون.



Saturday 20 January 2018

آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ پارليامينٽ خلاف ڳالهايل گٿا لفظ

صاحب خان ڀٽي
سموريون پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته جيڪڏهن هن ملڪ  ۾ جمهوريت  کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏيڻ لاءِ ڏنو وڃي ها ته اڄ هن ملڪ ۾ دهشتگردي ، بدامني ۽ معاشي گهوٽالو نه هجي ها، ڇاڪاڻ ته غير جمهوري حڪومت ۾ غير جمهوري فيصلا ٿيندا آهن، ان جو وڏو ثبوت هن ملڪ ۾ رهندڙ افغان مهاجر  آهن، جيڪي ڪئپمپن ۾ رهڻ بدران هن ملڪ ۾ ايئن ڇڏيا ويا ڄڻ ته هو ڪي هن ملڪ جا اصل رهاڪو هجن ان کان علاوه ٻيا کوڙ سارا معاملا به مضبوط جمهوريت نه هئڻ سبب پيدا ٿيا آهن، بجلي جو بحران، پاڻي جو بحران، گئس جو بحران ۽ معاشي بحران به جمهوريت جي وڏي عرصي  ته قائم نه هجڻ سبب ئي آهي. اڄ ملڪ ۾ دهشتگردي، بدامني ۽ سرحديون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن ۽ سرحد پار کان دهشتگرد ملڪ اندر داخل ٿي ڪڏهن سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائن ٿا ته ڪڏهن معصوم شهرين کي بي گناهه قتل ڪن ٿا  ۽ انهن جي ذميواري به قبول ڪن ٿا پر افسوس جو انهن خلاف ڪو به اثرائتي حڪمت عملي نه جوڙي وئي آهي، جيڪڏهن   مهاجرن کي ڪئمپن ۾ رکيو وڃي ها ته اڄ هن ملڪ جي اهڙي صورتحال نه هجي ها. بهرحال هاڻ ڳالهه دهشتگردي کان وڌي اچي سياسي ڇڪتاڻ تي پهتي آهي ۽ هر هڪ پارٽي هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ پوريون آهن، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ۾ اچي ٿورو ئي وقت بچيو آهي  ۽ نواز ليگ جو صدر ميان محمد نوازشريف گريٽر پنجاب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ هن هڪ پنهنجو  نظريو به ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ ان نظريي تحت هو هلي رهيو آهي.
تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي، عوامي مسلم ليگ ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ هڪ پليٽ فارم تي گڏجي نوازشريف خلاف مهم هلائڻ ۾ پوريون آهن، تحريڪ انصاف نوازشريف کي مودي جو يار چئي رهي آهي ته پيپلزپارٽي به ان سان ها ۾ ها ملائي رهي آهي، جنهن کي چئبو آهي، سياست، مطلب ته اهو سارو عمل صرف ايندڙ چونڊن جي ڪري ئي ٿي رهيو آهي. پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله سميت ٻيا نواز ليگ اڳواڻ چئي رهيا آهن ته ڊاڪٽر طاهر القادري  وقت اچڻ تي ٻيهر ڪينيڊا هليو ويندو، ڇاڪاڻ ته سندس مستقبل ڪنهن ٻئي ملڪ سان سلهاڙيل آهي. باقي رهي ڳالهه پيپلزپارٽي جي ته اها به انهن جو ساٿ ڏئي جمهوريت خلاف نظر اچي رهي آهي، جنهن سبب  پيپلزپارٽي کي پنهنجي واضح ڪرڻي پوندي، ڊاڪٽر طاهر القادري ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته جيڪڏهن هو چاهي ته هڪ پاسي کان عمران خان کي ۽ هڪ پاسي کان  آصف زرداري کي ويهاري سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ هن اهو به چيو ته هو جيڪڏهن ڌرڻو هڻندا ته هڪ ئي ڪنٽينر هوندو، جنهن تي سمورا اڳواڻ بيهي خطاب ڪندا . اهڙي طرح هن پنهنجو واعدو پورو به ڪيو ۽ نواز ليگ خلاف هڪ وڏو احتجاجي جلسو به ڪري ڏيکاريو پر اتي جيڪو واقعو پيش آيو، اهو ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به پيش نه آيو، ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري پارٽي پيپلزپارٽي پارليامينٽ کي لعنت وجهڻ  واري خطاب وقت خاموش بيٺي رهي، نه ته ڪو احتجاج ڪيو ۽ نه ان وقت انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي پارليامينٽ تي لعنتون وجهي رهيا ۽ پارليامينٽ خلاف گٿا لفظ ڳالهائي رهيا هئا. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ شيخ رشيد جي بيان مان لڳي رهيو هو ته هو پنهنجو پلاند نواز شريف کان نه پر پارليامينٽ کان وٺي رهيا هئا. هن وقت عدالتون به خاموش آهن ۽ پارليامينٽ جا ميمبر به خاموش آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر به آخر پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي پيپلزپارٽي ايوان ۾ به اهڙو ڪجهه خاص نه ڳالهايو، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ها ته پارليامينٽ کي گار ڏيڻ درست عمل نه هو،
جيڪڏهن نوازشريف ڪرپشن ڪندڙ آهي ته ان کي جيڪو به چيو وڃي ها ته ڪجهه به نه هو پر پارليامينٽ جيڪو هن ملڪ جو سپريم ادارو آهي، ان مٿان لعنت وجهڻ ڪٿان جو درست عمل آهي.  چيف جسٽس ثاقب نثار  به مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي دوران اهي ريمارڪس ڏنا آهن ته هو پارليامينٽ کي  پنهنجو سپريم ادارو سمجهن ٿا ۽ اهو به چيو آهي ته عدليا آزاد آهي، ڪنهن به جج کي  مرضيءَ جا فيصلا ڪرڻ جي اجازت ناهي هوندي، عدليا جو ڪم فتنو ختم ڪرڻ آهي. انصاف فراهم ڪرڻ ڪنهن تي احسان ناهي پر ججن جي ذميواري آهي، جنهن سپهه سالار کي ڏيڍ لک فوج هجي ان کي پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. چيف جسٽس جي ريمارڪس به ظاهر آهي ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي ته پوءِ آخر  تحريڪ انصاف پارليامينٽ کي برو ڀلو ڇو چيو، آخر ڇو پيپلزپارٽي  ان وقت خاموشي اختيار ڪئي، جڏهن پارليامينٽ مٿان لعنتون وڌيون ويون.
بهرحال ملڪ جون حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن، جيڪي پارٽيون ملڪ ۾ تبديلي جو نعرو هڻنديون هيون، انهن جي زبان پارليامينٽ تي لعنتون وجهي رهي آهي، هاڻ اڳتي ڏسنداسين ته اسان کي  هن ملڪ ۾ اڃا ڪيتري تبديلي ٿي ملي. هڪ طرف چيو پيو وڃي ته ملڪ جي ادارن جو احترام ڪيو وڃي، ٻئي طرف وري انهن ادارن   تي لعنت وجهڻ ڪٿان جو عقل وارو ڪم آهي.  اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه به قومي اسيمبلي ۾ واضح طور چيو  ته نوازشريف ۽ عمران خان ۾ ڪو به فرق نه آهي. هونئن ته سڄو ملڪ خاموش هو پر لاهور ۾ مال روڊ تي ٿيل  احتجاجي جلسي کان پوءِ حالتون تمام گهڻو تبديل ٿي ويون آهن، سمورا اڳواڻ پارليامينٽ خلاف ڳالهايل گٿن لفظن جي مذمت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پارليامينٽ تي لعنت وجهندڙن کي چئلينج آهي ته بي اعتمادي رٿ پيش ڪري ڏيکارين، سندن سياست شرافت ۽ خدمت جي سياست آهي. هن اهو به چيو ته پهريون ڀيرو اها سياست سامهون آئي آهي ته اقتداري اداري تي ئي لعنت وڌي پئي وڃي، ڪجهه ڏينهن اڳ مال روڊ تي جلسو ڪيا ويا، جنهن دوران تقريرون ڪندڙ وڌيڪ ۽ ٻڌندڙ گهٽ هئا، ڪڏهن ڌرڻا لڳا، ڪڏهن رنڊڪون وڌيون ويون پر اسان پوئتي نه ٿياسين. ن ليگ هميشه صوبن کي ملائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيو ته مال روڊ تي ڪنٽينر مٿان چڙهيل ماڻهن جي چهرن تي 2018ع جي چونڊن جي شڪست نظر اچي رهي هئي. مخالف نه استعيفيٰ وٺي سگهيا ۽ نه وري وقت کان اڳ چونڊون ڪرائي سگهيا آهن مخالفن ساڍن چئن سالن دوران ڪو به ڪم نه ڪيو آهي، عام چونڊن ۾ شڪست سندن مقدر آهي، مخالف ڪم ڪن ها ته امپائر جي آڱر جي اشاري جي ضرورت نه پوي ها.
بهرحال هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي پاسداري هئڻ گهرجي ته بهتر آهي،ڇاڪاڻ ته هن وقت  آمريڪا سان به پاڪستان جي ڪي لاڳاپا بهتر نه آهن ۽ نه ئي ڀارت ڪا سرحد تي خاموش ويٺل آهي، افغانستان  به پاڪستان تي مختلف وقتن تي الزام لڳائي رهيو آهي، رهي ڳالهه ايران جي ته سعودي  فوجي اتحاد کانپوءِ  ايران  به پاڪستان کان   ٿورو پاسو ڪري ورتو آهي ۽ ملڪ اندر به بدامني، دهشتگردي ۽ معاشي بحران آهي، ڊالر ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿي رهيو آهي، پيٽروليم شين جا اگهه به وڌندا پيا  وڃن  ۽ سياسي  پارٽين اقتدار خاطر جمهوريت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن وقت  آمريڪا ۽ ڀارت کي جواب ڏيڻ لاءِ سمورين پارٽين جو متحد ٿيڻ تمام گهڻو ضروري آهي، جيڪڏهن  سموريون پارٽيون متحد نه ٿيون ته پوءِ آمريڪا ۽ ڀارت ته ڇا افغانستان جهڙو ملڪ به اسان جي ملڪ خلاف ڳالهائڻ کان نه مڙندو، ڇاڪاڻ ته انهن کي پڪ ٿي وئي آهي ته ملڪ ۾  سياسي پارٽين ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، افغان مهاجرن جي آڙ ۾ ترسيل دهشتگرد هن ملڪ لاءِ ناسور بڻجي ويا آهن،  انهن ئي افغان مهاجرن سبب هن ملڪ ۾ آيل طالبان نظريو هن ملڪ کي دهشتگردي ڏانهن ڍڪي رهيو آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻي رهيا آهيون.  جڏهن ته سمورن فرقن جي عالمن سڳورن به آپگهاتي بمبارن بابت فتويٰ به جاري ڪري ڇڏي آهي پر جيستائين سموريون سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿينديون تيستائين هن ملڪ ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.


Wednesday 17 January 2018

پيپلزپارٽي، عوامي تحريڪ ۽ عمران خان جو اتحاد: چونڊون ٿينديون؟

صاحب خان ڀٽي
پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر نوازشريف خلاف ملڪ جون ٽي وڏيون پارٽيون، پيپلزپاٽي، تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويون آهن، ڊاڪٽر طاهر القادري جو مطالبو آهي ته پنجاب جو ڏو وزير شهباز شريف ۽ قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جي استعيفائن کانسواءِ ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن کي انصاف نه ملي سگهندو ۽ سموريون پارٽيون ، ان موقف تي متفق ٿي ويون آهن ته ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن  کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هو سمورا اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي ويندا. جيئن ته ڊاڪٽر طاهر القادري  ڪجهه ڏينهن اڳ چيو ته سندس ساڄي پاسي زرداري ۽ کاٻي پاسي عمران خان آهي، جنهن مهل هو انهن کي سڏ ڪندو ته هو وٽس هليا ايندا  ۽ ايئن ٿي رهيو آهي. هن وقت سموريون پارٽيون ڊاڪٽر طاهر القادري سان گڏ ٿي ويون آهن، شيخ رشيد کان ويندي تحريڪ انصاف تائين سمورا  اڳواڻ ڊاڪٽر طاهر القادري سان گڏ آهي، هن  وقت سموريون پارٽيون هڪ طرف آهن ته نواز ليگ هڪ طرف آهي، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف نااهلي کانپوءِ  به ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، جنهن تي سموريون پارٽيون تنقيد ڪري رهيون آهن،  هونئن ته هن ملڪ ۾ ڪڏهن جمهوريت مضبوط نه ٿي آهي، ان جو ثبوت پيپلزپارٽي جي دور مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪليو ويو هو ۽ هڪ کي ڦاهي چڙهائي ويو هو، ايتري قدر جو جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ  محترمه بي نظير ڀٽو کي به شهيد ڪيو ويو، جڏهن به جمهوريت ٿورا قدم اڳتي وڌايا ته جمهوريت جي دشمنن جمهوريت پسند ماڻهن کي استعمال ڪيو، جيئن نوازشريف پيپلزپارٽي خلاف تحريڪ هلائي هئي ۽ هاڻ وري ٻيون پارٽيون نوازشريف خلاف تحريڪ هلائي رهيون آهن. فرق ايترو آهي جو  پيپلزپارٽي جي صدر  ته پنج سال جو مدو پورو ڪيو پر  وزيراعظم پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيو هو، هاڻ  به ايئن ڪجهه ٿيو آهي، نوازشريف به پنهنجا پنج سال مڪمل نه ڪري سگهيو، يوسف رضا گيلاني کي به خط نه لکڻ تي نااهل ڪيو ويو هو ۽ نوازشريف کي پاناما ليڪس تحت نااهل ڪري  گهر موڪليو ويو.
ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ چونڊون ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن، هڪ طرف تڪ بندين جو مسئلو آهي ته ٻي طرف وري سياسي جماعتن ۾ به ڇڪتاڻ جو سلسلو برقرار آهي، جنهن سبب هڪ طرف معيشت کي نقصان پهتو آهي ته ٻئي طرف وري عام ماڻهو مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ نوازليگ جاتي امرا ۾ گڏجاڻيون ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جنهن سبب حالتون بهتر ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن، جيڪڏهن ڪو احتجاجي ڌرڻوٿئي ٿو ته ان کي ختم ڪرائڻ لاءِ به فوج کي طلب ڪيو وڃي ٿو، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس به  حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي، جڏهن ملڪ جون   اهڙيون حالتون هجن ته ڪهڙي ريت هي ملڪ ايندڙ چونڊن کي برداشت ڪري سگهندو. هڪ طرف سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانوبڻائي وڃي ٿو ته ڪڏهن اسلام آباد جهڙي ريڊ زون ۾ صحافين تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ جوابدار گرفتار ئي نه ٿا ٿين ۽ نامعلوم دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندي پنهنجي ٻرن ۾ لڪي وڃي ويهي رهن ٿا.  بلوچستان ۽ سنڌ جون حالتون به ڪنهن کان لڪيل نه آهن، ميڊيا کڻي  ڪجهه به ڏيکاري پر دنيا سڄي حقيقت ڄاڻي ته پاڪستن ۾ اڄ ڪلهه ڪهڙيون حالتون آهن ۽ ان جو ذميوار ميڊيا يا عام ماڻهو نه پر هتان جون نامعلوم طاقتون آهن، جن جي غلط فيصلن سبب اڄ ملڪ اندر ڌارين جي لوڌ آهي، جنهن سبب بي روزگاري وڌي وئي آهي۽  هر طرف دهشتگردي جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن ۽ هتان جا ادارا ڌارين کي آباد ڪري  انهن جي مهمان نوازي ڪرڻ ۾ پورا آهن  ۽ هتانن جي اصلوڪن لوڪن مٿان واٽر ڪينن جو استعمال ۽ شيلنگ ڪئي پئي وڃي، سنڌ سرڪار جو به ساڳيو ئي ورتاءُ رهيو آهي، جهڙي  ريت وفاق سنڌ سان ڪري رهيو آهي، اهڙي ريت سنڌ سرڪار به سنڌ جي ماڻهن سان ساڳيو سلوڪ ڪري رهي آهي،
 وفاق به افغان مهاجرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري ٿو ته سنڌ سرڪار به بنگالين، بهارين، برمين کي آبادڪار لاءِ اليڪشن کان اڳ سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن، جيئن ته ڪجهه طاقتن سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اڳواڻن کي سرگرمين کان به روڪي ڇڏيو آهي پر ان باوجود سنڌ جا ساڃاهه وند اهڙي جبر کي سهندي پنهنجو آواز اٿارڻ لاءِ هر فورم استعمال ڪري رهيا آهن، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي  سنڌ جي مسئلن کي کڻڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي پرسوشل ميڊيا تي به هلندڙ مهم انهن کان برداشت نه ٿي ٿئي، جنهن سبب مختلف قانون پاس ڪري عوامي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙن کي محدود ڪيو ويو آهي. بهرحال اهو ظلم سنڌين تي هن ملڪ جي قيام کان وٺي هلي رهيو آهي، ڪڏهن سنڌ جي چونڊيل نمائندن سنڌ سان ظلم ڪيو  ته ڪڏهن ٻين صوبن جي پارٽين سنڌين جا حق کسيا. هن وقت ٿوريون حالتون تبديل ٿي چڪيو آهن، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ نوازشريف کي نااهل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پنجاب جي سڀ کان وڏي پارٽي مطلب ملڪ جي  وڏي پارٽي جو سربراهه آهي، اڄ ڪلهه عدالتن خلاف بيان ڏيڻ ۽ انتقام وٺڻ جون دانهون ڪري رهيو آهي. نيب به نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، احتساب جي حڪم تي شريف ڪٽنب تي ريفرنس بابت نيب جاچ به ڪري رهي آهي، هاڻ ته نواز ليگ جي لاءِ سياست به تمام گهڻو ڏکي ٿيندي پئي وڃي، هڪ طرف نوازشريف جي پارٽي جو مستقبل تي داءُ تي لڳي ويو آهي ته ٻي طرف سندس ڪٽنب جي خلاف جاچ به سندن لاءِ ڏکيائون پيد ڪري ڇڏيون آهن. ماضي ۾ جڏهن به نوازشريف تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته پيپلزپارٽي سندس تمام گهڻو ساٿ ڏنو هو پر افسوس جو اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي رويي سبب  پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ڇڪتاڻ تمام گهڻي وڌي وئي هئي، ايتري قدر جو ڪيترائي ڀيرا نواز شريف پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي پرچائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي پر مختلف وقتن تي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اينديون رهيون، جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ويجها دوست اغوا ٿي ويا هئا ته ان وقت به ايوانن ۾ماڻهن جي گم ٿيڻ جو آواز اٿاريو ويو هو ۽ سنڌ جي ڪامورن کي قانون به ياد آيو هو ، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ته ايوان ۾ تمام گهڻو آواز به اٿاريو ويو هو، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي کي آصف زرداري جي ويجهي ساٿين جي اغوا تي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافيون به ياد اچي ويون هيون، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف به سڄي سنڌ ۾ احتجاج شروع ڪيا ويا هئا پر هاڻ لڳي ٿو ته سنڌ کي سمورا حق ملي رهيا آهن جنهن سبب هاڻ ڪو به احتجاج  نه ٿي رهيو آهي. بهرحال هن وقت ٻنهي پارٽين ۾ وچ ۾ ويڇا ساڳي ريت موجود آهن ۽ پيپلزپارٽي واضح طور چئي چڪي آهي ته هو نوازشريف جو جمهوريت خاطر ساٿ ڏيندا هئا پر هاڻ هو نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا.

 جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي  سياسي ميدان خالي ٿي چڪو آهي ۽نواز ليگ جو پري پري تائين ڪو به سياسي مستقبل نظر نه اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف کي نااهل قرار ڏيڻ بعد نوا ليگ کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي ۽ پارٽي کي ساڳي پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ نوازشريف کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن نوازشريف تان نااهلي جو ليبل ختم به ٿي وڃي ٿو ته حديبيه پيپر ملز سميت ٻيا ڪيترائي  ڪيس شريف ڪٽنب مٿان هلي رهيا آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جاچ به هلي رهي آهي. حديبيا پيپرز ملز  جي ڪيس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار  به پيش ٿيو هو پر اڄڪلهه هو هن ملڪ کان ٻاهر آهي، سندس علاج ٿي رهيو آهي. خبر ناهي ته هو ڪڏهن ڏيهه ورندو پر ايترو ضرور آهي جو جڏهن به ڏيهه واپس آيو ته سندس گرفتاري جا تمام گهڻا امڪان آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن نيب شريف ڪٽنب کي پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا پر انهن مان هڪ به فرد نيب آڏو پيش نه ٿيو هو، جنهن تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو هو ته نوازشريف کي ڪرپشن ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري ڏيکاريندو. رهي ڳالهه تحريڪ انصاف جي ته  تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي به پارٽي فنڊنگ جو ڪيس هلي رهيو آهي، جيڪو به هڪ حساس ڪيس آهي ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪيس به تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان خلاف هلي رهيا آهن. پي ٽي وي تي حملو، پارليامينٽ تي حملو ۽ ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تشدد ڪيس سميت چار ڪيس دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت ۾ هلي رهيا آهن. جنهن جي هڪ ٻڌڻي ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به پيش ٿي چڪو آهي، مطلب ته نوازشريف خلاف فيصلواچي چڪو آهي ۽ باقي عمران خان خلاف فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، جنهن جو هن ملڪ جي عوام کي بيچيني سان انتظار آهي.  پر هن وقت جيڪي حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته چونڊون وقت  تي ڪرائڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي، هڪ طرف نيب ريفرنسز  جون ٻڌڻيون ته  ٻي طرف وري ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، جنهن سبب مهانگائي  به ٿي آهي ۽ معيشت کي به ڌڪ رسيو آهي ۽ سمورين سياسي جماعتن جي اها خواهش آهي ته انهن جو پارٽي سربراهه وزيراعظم ٿئي پر هاڻ  ايندڙ چونڊن ۾ ڪير وزيراعظم ٿو ٿئي، ان جو  فيصلو ته عوام کي ئي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته، نه ته ماضي جيان هن ڀيري به هلندڙڇڪتاڻ جو نقصان جمهريت کي ئي ٿيندو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڊاڪٽر طاهر القادري هن چئن پنجن مهينن ۾  نوازليگ جو تختو اونڌو  ڪري سگهندو يا وري ماضي جيان ڪينيڊا واپس هليو ويندو؟