Pages

Thursday 29 June 2017

بهاولپور سانحو ۽ سادگي سان ملهايل عيد

صاحب خان ڀٽي
رمضان المبارڪ ۾ هڪ طرف چيمپئين ٽرافي جي ڪاميابي ۾ جشن ملهايو پئي ويو ته ٻي طرف وري عيد کان اڳ اهڙا سانحا پيش آيا جو  سڄي ملڪ ۾ سوڳ واري فضا قائم ٿي وئي. رمضان المبارڪ مهيني ۾ دهشتگردي جي لهر ۾ به اضافو اچي ويو هو، هڪ طرف ڪوئيٽا ۾ آءِ جي آفيس ويجهو بم ڌماڪيو ٿيو ته ٻئي طرف وري پارا چنار ۾ ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، ان کان علاوه ڪراچي ۾ به پوليس  اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو. جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ دهشتگردي جو خطرو به وڌي ويو هو پر ان باوجود چيمپئين ٽرافي جي ڪاميابي تي ماڻهو سوڳ سان گڏ خوش به نظر اچي رهيا هئا، 
هونئن ته هر هڪ کي دهشتگردي جو خطرو  کٽڪي رهيو هو پر اها ڪنهن کي خبر نه هئي ته پنجاب جي علائقي  بهاولپور ۾ ڪيترائي گهر اجڙي ويندا، هڪ طرف ماڻهو عيد جي تيارين ۾ لڳل هئا ته ٻئي طرف وري بهاولپور جي احمد پور شرقيه واري علائقي ۾   آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ سبب پيٽرول کڻڻ لاءِ آيل ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. اکين ڏٺل شاهدن ميڊيا کي ٻڌايو هو ته جڏهن آئل ٽينڪر ڪلٽي  ٿيو ته ان وقت 250 کان وڌيڪ ماڻهو پيٽرول کي کڻڻ لاءِ پهچي ويا هئا، جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا، ڪجهه ماڻهو ميڊيا کي ٻڌائي رهيا هئا ته پيٽرول کڻڻ لاءِ آيل ماڻهن مان ڪنهن  تيلي دکائي ته آئل ٽينڪر کي باهه لڳي وئي ۽ آئل ٽينڪر ۾ ڌماڪو ٿيو ۽  160 کان وڌيڪ ماڻهو ان باهه جي لپيٽ ۾ اچي سڙي فوت ٿيا ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا، جن کي  پنجاب جي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. 
ميڊيا تي اهي به خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون فراهم نه ٿيل هيون جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ اضافي ٿيو. اهڙي سانحي کان پوءِ ملڪ اندر  سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو هو ، هڪ طرف عيد  جون تياريون هلي رهيون ته ٻئي طرف وري بهاولپور ۾ لاش کڄي رهيا هئا ۽ ۽ 160 کان ماڻهو  سڙي فوت ٿي ويا هئا، جن  مان اڪثر ماڻهن جي سڃاڻپ ئي نه ٿي رهي هئي. سڙي زخمي ٿيلن جا وارث علاج جون سهولتون نه هجڻ جون دانهون به ڪري رهيا هئا، جنهن بعد پنجاب حڪومت جي ترجمان به اهو اعتراف ڪيو ته اسپتالن ۾ گهربل سهولتون فراهم نه ٿيل آهن، اهڙي بيان کان پوءِ ايئن لڳي رهيو هو ته جئين سيوهڻ سانحي ۾ سهولتون نه هئڻ سبب مارجي ويلن ماڻهن جو انگ وڌي ويو هو ، بهاولپور سانحي ۾ به اهڙيون شڪايتون ٻڌڻ ۾ آيو،  جيئن سيوهڻ سانحي ۾ ايمبولينس ۽ ٻين سهولتن جون دانهون ڪيون ويون. 
بهرحال جڏهن بهاولپور سانحو پيش آيو تنهن وقت به بهاولپور جي وڪٽوريا اسپتال سميت ٻين اسپتالن ۾ برنس وارڊ نه هجڻ  سبب زخمين کي ملتان ۽ لاهور  جي اسپتالن ڏانهن  منتقل ڪيو ويو، ايتري قدر جو پاڪ فوج جي جٿن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو هو ۽ اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ  به ڪيو ويو هو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پنجاب حڪومت هميشه اهي دعوائون ڪندي رهي آهي ته پنجاب  ۾ سموريون سهولتون فراهم ٿيل آهن پر بهاولپور سانحي پنجاب حڪومت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، هاڻ شايد اڳتي هلي پنجاب حڪومت اهڙيون ڪوششون ڪري الائي نه ڪري پر هڪ ڳالهه ته واضع ٿي چڪي آهي ته پنجاب حڪومت خاص طور تي سرائيڪي پٽي وارن علائقن کي ڪي به سهولتون فراهم نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب انهن علائقن جا ماڻهو بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. 
بهرحال هي وقت تنقيد ڪرڻ جو نه آهي پر حڪومت کي به سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسپتالون ٺاهيون ويون آهن انهن ۾ علاج جون گهربل سهولتون به فراهم ڪرڻ گهرجن ها، جيڪڏهن بهاولپور جي اسپتالن ۾ گهربل سهولتون موجود هجن ها ته بهاولپور ۾ ٿيل آئل ٽينڪ جهڙن حادثن ۾ وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار نه ٿين ها. هونئن ته وزيراعظم نوازشريف سميت ٻين سمورن سياسي، سماجي پارٽين طرفان بهاولپور سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو  پر  اهڙن سانحن کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به هڪ پارٽي طرفان عملي طور قدم نه کنيو ويو آهي. 
بهاولپور حادثو جڏهن پيش آيو هو، تڏهن پرڏيهي ميڊيا  چئي رهي هئي ته لالچ سبب ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو حادثو لالچ نه پر هن ملڪ اندر غربت، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي سبب پيش آيو، ڇاڪاڻ ته  جنهن علائقي ۾ اهو سانحو پيش آيو  ان علائقي جي ڀرپاسي وارن علائقن مان ماڻهو ٻچن سميت دٻا ۽ ٻيو سامان کڻي پيٽرول کڻڻ لاءِ پهچي ويا هئا. جيڪڏهن انتظاميا بروقت ڪارروائي ڪري ها ته  ماڻهو ايڏي انگ ۾ سڙي فوت نه ٿين ها، هونئنءَ ته آئل ٽينڪر جي پٺيان خطرو لکيل هوندو آهي پر ان باوجود اهڙي خطري کان بچڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا هئا. 
جيڪڏهن آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيو هو ته ان وقت انتظاميا  کي ان هنڌ سڪيورٽي سخت ڪرڻ گهرجي ها ۽ اتي پهچي  هاريل پيٽرول کان ماڻهن کان پري رکڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ها پر انتظاميا طرفان ڪو به اهڙو قدم نه کنيو هو. آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ جو ڪو  هي پهريون حادثو پيش نه آيو آهي، ان کان  سنڌ ۾ به اهڙو حادثو پيش اچي چڪو آهي پر بهاولپور وارو سانحو  ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيش آيو آهي، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ هي حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن عيد جون آخري تياريون هلي رهيون  هيون ۽ اهڙي سانحي کان پوءِ هر هڪ ماڻهو سوڳ ۾ مبتلا ٿي ويو هو، 
هڪ طرف ماڻهن جي گهرن ۾ جنازا کڄي رهيا هئا ته ٻئي طرف وري ڪجهه ماڻهو سادگي سان عيد ملهائي رهيا هئا، وزيراعظم نوازشريف به پنهنجو لنڊن وارو دوري ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. پنجاب جي وڏي  وزير شهباز شريف به بهاولپور  سانحي ۾ سڙي فوت ٿي ويلن جي وارثن لاءِ امداد جو به اعلان ڪيو ، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ اندر  تاريخ  جو وڏو سانحو بهاولپور سانحو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا، ڪجهه ماڻهو ته ملڪ اندر پنهنجي پيارن جي گمشدگي خلاف احتجاج به ڪري رهيا هئا، بهرحال عيد ته سڄي ملڪ اندر سادگي سان ملائي وئي پر بهاولپور سانحو ڪيترن ئي گهرن کي اجاڙي ڇڏيو. 

Daily Sobh, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Sunday 25 June 2017

پاناما ڪيس جو فيصلو ڪهڙو ايندو؟

صاحب خان ڀٽي
عيد کانپوءِ  ملڪ اندر سياسي منظر ٿورو تبديل نظر ايندو ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پنهنجي حتمي  رپورٽ 10 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي رهي آهي، وزيراعظم نوازشريف، سندس وڏي پٽ حسين نواز ۽ ننڍي پٽ حسن نواز جا به بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، ايتري قدر جو وزيراعظم نوازشريف جي ناٺي ڪيپٽن صفدر جو به بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ پيپلزپارٽي جي سينيٽر رحمان ملڪ به جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو  بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي،  حديبيه  پيپرز ۽ لنڊن جي فليٽس بابت به وزيراعظم جي ڪٽنب کان پڇا ڳاڇا ٿي چڪي آهي ۽ ان حوالي سان جي آءِ ٽي پنهنجيون رپورٽون به سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي رهي آهي، 
عيد کانپوءِ  هڪ ڀيرو ٻيهر  پاناما ليڪس تي سياست چمڪائڻ وارو سلسلو شروع ٿي  ويندو، ٿي سگهي ٿو ته فيصلو وزيراعظم نوازشريف جي حق ۾ به اچي ڇاڪاڻ ته جيڪا به جاچ هن وقت تائين ٿي چڪي آهي، اها صرف وزيراعظم نوازشريف جي ڪٽنب کان ٿي آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته وزيراعظم نوازشريف  کي ان  مان ڪو به نقصان نه پهچندو، باقي رهي ڳالهه حديبيه پيپرز جي  ته ان حوالي سان  ميڊيا رپورٽس ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير  شهباز شريف کان ان حوالي سان پڇا ڳاڇا ٿي چڪي آهي،
جئين ته مُملڪتي وزير مريم اورنگزيب  ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي پريس بريفنگ چئي چڪي آهي ته پاناما ليڪس بابت جيڪي جاچ ٿي رهي آهي،  اها جاچ ڪرپشن يا مني لانڊرنگ جي نه آهي پر اها جاچ صرف آف شور ڪمپنين جي آهي،  جيڪي ماڻهو جي آءِ ٽي آڏو  پيش ٿي رهيا آهن اهي صرف گواهه طور پيش ٿي رهيا آهن ۽ انهن جو پاناما ليڪس ۾ نالو نه آهي. بهرحال هن وقت ملڪ اندر هڪ ته دهشتگردي عروج تي آهي ته مٿان وري پاناما جو راڳ به هلي رهيو آهي، ٻنهي جي هوندي ملڪ اندر عوام ڪهڙي ريت سک سان ويهي ٿي سگهي، حڪمرانن ۽ سياسي اڳواڻن جو سڄو ڌيان صرف پاناما تي آهي ۽ امن امان جي صورتحال تي به صرف خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي،
جيتوڻيڪ هن وقت وزيراعظم نوازشريف ڪٽنب سميت ملڪ ٻاهر آهي پر ان باوجود پاناما ليڪس بابت سياست چمڪائڻ  وارو سلسلو جاري آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به سياسي اڳواڻ  ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي تي ڪو سنجيده بيان نه ڏنو آهي، جنهن مان اهو محسوس ٿئي ته هن ملڪ اندر به ڪا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪا تحريڪ هلندي هجي.هڪ طرف عيد ته ٻي طرف وري دهشتگردي ٿي رهي آهي ۽ حڪمران ملڪ کان ٻاهر آهن،  هڪڙا سياستدان پاناما تي سياست چمڪائي رهيا آهن ته هڪڙا وري ايندڙ چونڊن جي خوشي ۾ مست نظر اچي رهيا آهن جيڪي اهي خواب به ڏسي رهيا آهن ته ايندڙ چونڊن ۾ هو ملڪ اندر ڪاميابي ماڻي ملڪ جون واڳون  سنڀاليندا،  هونئن ته وچ اوڀر جي صورتحال به انتهائي خراب آهي ۽ وزيراعظم نوازشريف کي به وچ اوڀر جي اچي ڳڻتي ورايو آهي پر کيس هن ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي بابت ڪا به ڳڻتي نه آهي، ٻين ملڪن ۾ جڏهن ڪا وڏي دهشتگردي ڪارروائي ٿيندي آهي ته اتان جا حڪمران فوري طور عوام کي خطاب ڪري  ان حوالي سان آگاهي ڏيندا آهن  پر افسوس جو هن ملڪ جا حڪمران ته دهشتگردي وقت ملڪ کان ٻاهر هوندا آهن،
جيڪڏهن هن ملڪ اندر موجود به هوندا  آهن ته انهن کي خطاب ڪرڻ جي به ڪا زحمت نه ٿيندي آهي اهي صرف  بيان ڏئي پنهنجو فرض پورو سمجهندا آهن. هن وقت ملڪ اندر پارا چنارا جهڙو وڏو سانحو   پيش آيو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳت 68 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن.  ان کان اڳ ڪوئيٽا ۾ به ڌماڪو ٿيو هو ان ۾ به 14 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا ، ڪراچي ۾ به پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو هو. بهرحال هن وقت  حڪمرانن کي ان جي ڪا پرواهه به نه هوندي ڇاڪاڻ ته اهي  ادارن آڏو پيش ٿي رهيا آهن ۽ انهن کان سوال به ڪيا پيا وڃن، جئين ته وزيراعظم نوازشريف جي ٻنهي پٽن کان پڇاڻو ٿي چڪو آهي ۽ وزيراعظم پاڻ به جي آءِ ٽي آڏو پيش بيان رڪارڊ  ڪرائي چڪو آهي، جنهن تي تحريڪ انصاف وارا تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيا آهن ۽ بيان ڏنا پيا وڃن ته وزيراعظم نوازشريف کي  جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ  جو ڪريڊٽ  عمران خان ڏانهن وڃي ٿو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به نه آهي ته وزيراعظم نوازشريف کي  جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ئي وڃي ٿو ۽ عمران خان تي هلندڙ ڪيسن جو ڪريڊٽ  وري وزيراعظم نوازشريف ڏانهن وڃي ٿو، مطلب ته ٻنهي پارٽين ۾ هاڻ عدالتي جنگ هلي رهي آهي،  شروع ۾ روڊن تي جنگ هلي جنهن ۾ تحريڪ انصاف تي وڏي تنقيد به ٿي ڇاڪاڻ ته عمران خان جيڪي به جلسا ٿيندا هئا ان ۾ عورتن جي تذليل به ڪئي ويندي هئي ۽ جڏهن ميڊيا تي اهڙيون خبرون هلنديون هيون ته تحريڪ انصاف وارا تمام گهڻو ناراض به ٿيندا آهن، مطلب ته تحريڪ انصاف وارا عورت  جي تذليل ڪندڙن تي نه ڪاوڙبا هئا پر اهي ميڊيا تي ڪاوڙبا هئا ته اهي آخر ڇو اهڙيون خبرون ڏيکاريا آهن،
جئين ته هن وقت تحريڪ انصاف وارا سوشل ميڊيا کي وڏو هٿيار بڻائي ڇڏيو آهي، اهڙي ريت جڏهن به تحريڪ انصاف جا جلسا ٿيندا هئا ۽ انهن جلسن ۾ عورتن جي تذليل ٿيندي هئي ته اهي وڊيو سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويندا هئا ۽ مجبور  ٽي وي چينلن کي به ڏيکارڻو پوندو هو، بهرحال جي آءِ ٽي ته پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري رهي آهي ۽ عيد کانپوءِ حتمي رپورٽ به پيش ڪئي  وئي ويندي پر  وزيراعظم نوازشريف جو عيد کان پوءِ ڇا ٿيندو ان بابت هن وقت چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف چونڊن ۾ اچي تمام ٿورو وقت رهيو آهي ۽ ڪا به سياسي پارٽي نه چاهيندي ته جمهوريت ڊي ريل ٿئي پر تحريڪ انصاف جي ته شروعات کان ئي اها ڪوشش رهي آهي ته چونڊون وقت کان اڳ ٿين پر پيپلزپارٽي اهڙو ڪا به هن وقت تائين خواهش ظاهر نه ڪئي  آهي ۽ نه اهڙو ڪو بيان ڏنو ويو آهي جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي  سگهي ته پيپلزپارٽي به چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ چاهي ٿي.
هونئن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهو چئي چڪو  آهي ته پاناما ليڪس جو فيصلو جيڪو به اچي قومي سياست تي ڪو به اثر نه پوندو ۽ اهو به چيو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ جيڪي به ڳالهيون  آهن انهن سان عدالت مطئمن نه ٿي سگهي  آهي. جڏهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهو بيان ڏنو وقت هن اهو به چيو هو ته کيس لڳي ٿو ته عمران خان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندو. ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته سيد مراد علي مطلب ته پيپلزپارٽي به هاڻ سمجهي چڪي آهي ته تحريڪ انصاف چئني صوبن ۾ آهستي آهستي پکڙجي رهي آهي ۽  ايندڙ چونڊن ۾ کوڙ ساريون سيٽون ٻوهاري  وٺندي. هونئن ته پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي اهو چئي چڪي آهي ته  ساڻن ڪو به سهڪار ه پيو ڪري ايتري قدر جو سپريم ڪورٽ  ان حوالي سان ڪاوڙ جو به اظهار ڪري چڪي آهي.  هاڻ ڏسڻو  اهو آهي ته عيد کانپوءِ ڪهڙي ريت وزيراعظم نوازشريف پنهنجي ڪٽنب کي پاناما ليڪس جي ڌٻڻ مان بچائي.

Saturday 24 June 2017

ملڪ ۾ وڌندڙ ٻيهر دهشتگردي

صاحب خان ڀٽي
ملڪ اندر دهشتگردي هڪ ناسور بڻجي چڪي آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ سڪيورٽي فورسز توڙي حڪمران وڏيون وڏيون دعوائون به ڪري رهيا آهن پر ان باوجود هن ملڪ ۾ دهشتگردي جو خاتمو نه ٿي رهيو آهي، ڪراچي جي سائيٽ ايريا واري علائقي ۾ اڻڄاتل دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت چار پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ ان کان علاوه ڪراچي اندر ڦرن جي وارداتن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، حڪمران صرف پاناما ليڪس وارو راڳ ڳائي رهياآهن ۽ ادارا به ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن دهشتگردي جي خاتمي  لاءِ ادارا اهڙي طرح سرگرم نظر اچن ها ته اڄ هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجي ها ۽ هن ملڪ اندر سيوهڻ ۽ ڪوئيٽا جهڙا سانحا پيش نه اچن ها پر افسوس جو حڪمران صرف پنهنجي مفاد لاءِ سرگرم نظر اچي رهيا آهن ۽ خير سگالي طور ڪيل فيصلن سبب هن ملڪ کي دهشتگردن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي،
اڳ ۾ ڪراچي شهر کي دهشتگردن جي ان ڪري حوالي ڪيو ويو ته مفاهمت هلي رهي هئي پر هاڻ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪو به سنجيده قدم کڄندي نظر نه اچي رهيو آهي، ڪراچي تي الله تعاليٰ رحم ڪيو ۽ لنڊن واري شخص جي بيان کان پوءِ ڪراچي مان  دهشتگردن کان هٿيار  واپس ورتا ويا ۽ انهن  خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي پر هاڻ جيڪا دهشتگردي هن ملڪ اندر ٿي رهي آهي، ان بابت سڪيورٽي ادارا ۽ اسان جا حڪمران چئي رهيا آهن ته دهشتگرد افغانستان مان اچي رهيا آهن ۽ جن دهشتگردن کي هن ملڪ ۾ ماريو پيو وڃي انهن جي باري ۾ به اهو ئي چيو پيو وڃي ته اهي دهشتگرد افغانستان مان تربيت حاصل ڪري آيا هئا، گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار افغان سرحد تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي پر اها سڪيورٽي سخت ڪرڻ واري هدايتن سان ڪهڙو فرق  پوندو؟ ڇاڪاڻ ته هن ملڪ افغانين جي ڪا کوٽ آهي جو سرحدن جي سڪيورٽي وڌائڻ سان ڪو فرق پوندو؟ جيستائين ملڪ اندر موجود افغان دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي تيستائين هن ملڪ اندر امن امان جي صورتحال قائم نه ٿيندي،
جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم چيمپين ٽرافي ۾ ڀارت کي تاريخي شڪست ڏني هئي ته ان وقت هڪ ناليواري صحافي اخبار ۾ لکيو هو ته هي ملڪ ۾ هٿيارن جا انبار موجود آهن، اهي هٿيار  ان وقت استعمال به ڪيا ويا جڏهن پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت کي شڪست ڏني هئي، بهرحال ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي گذريل ڪيتري عرصي کان هلي رهي آهي ۽ پوليس اهلڪارن کي ڳولي ڳولي شهيد ڪيو ويو پر هتان جي ادارن انهن دهشتگردن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار ڊيوٽي کان پوءِ  گهر ويندي وردي لاهي سادا ڪپڙا پهري پوءِ گهر ويندا آهن، مطلب ته عوام ماڻهو سان گڏ سڪيورٽي ادارن کي  به پنهنجي جان جو خطرو آهي، ان مان ثابت ٿي ويو  آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگرد اڃا به موجود آهن، لنڊن سان لا تعلقي هجي يا انهن سان رابطو ختم ڪرڻ جا اعلان ڪيا وڃن، ان سان ڪوبه فرق نه پوندو، اڳ به سڪيورٽي ادارن کي  ڪراچي ۾ نشانو بڻايو ويو ۽ هاڻ به سڪيورٽي ادارا  ۽ عوام دهشتگردن جي نشاني تي آهي،
ڪجهه ڏينهن اڳ  هڪ ايماندار پوليس آفيسر ميڊيا تي بيان ڏنو هو ته  دهشتگردن جي سپورٽ ڪندڙ ايوانن ۾ ويٺا آهن. بهرحال دهشتگردن جا سهولتڪار ايوانن ۾ هجن يا لنڊن ۾ هجن، دهشتگرد، دهشتگرد ٿيندو آهي، جئين ڊگري جعلي هجي اصلي ڊگري ڊگري ٿيندي آهي، ميڊيا تي اهي به خبرون هلي رهيون آهن ته ڪجهه ملڪ پاڪستان بابت چئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾  دهشتگردي جي ورچڙهيل آهي، جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ دهشتگردي نه هجي ها ته سيوهڻ سانحو پيش نه اچي ها ۽ نه ڪوئيٽا ۾ بار بار ڌماڪا ٿين ها ۽نه ئي معصوم ماڻهو دهشتگردي جو شڪار ٿين ها. اڄ هن ملڪ اندر دهشتگردي عروج تي آهي پر اسان جا حڪمران ۽ سياستدان صرف هڪ ٻئي جي خلاف بيان بازي ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي کي ڪرپٽ ۽ چور چئي رهيا آهن ۽ جڏهن به هن ملڪ ڪو وڏو سانحو پيش اچي ٿو تڏهن صرف مذمتي بيان ڏئي پنهنجو فرض پورو سمجهن ٿا.
گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني نمائيندي مليحه لوڌي ڪجهه ڏينهن اڳ بيان ڏنو هو ته پاڪستان افعان سرحد وٽ ڪنڊيڊار تارون لڳائي رهيو آهي، جيڪو تمام سٺو عمل آهي پر ان سان گڏ هن اهو به چيو ته 20 لک افغان پناهگيرن جي پاڪستان ميزباني به ڪري رهيو  آهي، مطلب ته افغان جنگ وقت صرف 20 لک افغان پناهگير هن ملڪ ۾ آيا هئا جيڪي شايد هاڻ ان کان وڌيڪ هن ملڪ اندر ترسيل آهن ۽ انهن جو انگ اکر به هن ملڪ جي ادارن وٽ موجود نه هوندو.
رهي ڳالهه افعانستان جي سرحد کي محفوظ بڻائڻ جي ته ان تي هاڻ  هتان جي ادارن عمل شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي بيان موجب ته هن افغان سرحد وٽ سڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ان مان هاڻ اميد به پيدا ٿي آهي ته مستقبل دهشتگرد افغان رستي پاڪستان داخل نه ٿيندا ۽ ڪوئيٽا ۽سيوهڻ سانحا ٻيهر ڪڏهن هن ملڪ ۾ نه ٿيندا. هڪ ٻه ڏينهن اڳ جيڪو ڪوئيٽا جي گلستان روڊ تي آءِ جي آفيس ويجهو آپگهاتي بم ڌماڪو ٿيو.  جنهن ۾ پوليس اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، ان کان علاوه ڪراچي ۾ به دهشتگردن پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو پر هن وقت تائين حڪمرانن ۽سياستدانن طرفان ڪو به هنگامي اجلاس نه گهرايو ويو ۽ نه ئي وري ان کي پاناما ليڪس کان وڌيڪ اهم معاملو سمجهيو. ٻين ملڪن ۾ جڏهن به دهشتگردي ٿيندي آهي ته حڪمران ۽ اتان جا سياستدان ٿرٿلي ۾ اچي ويندا آهن پر افسوس جو هن ملڪ ۾ حڪمرانن ۽ سياستدانن کي عوام  ۽ هتان جي سڪيورٽي ادارن جي ڪا به پرواهه نه آهي ،
جيڪڏهن حڪمران ۽ هن ملڪ جا سياستدان ٿورو به سنجيده هجن ها ته جئين پاناما ليڪس بابت آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائيندا آهن ۽ ايندر لائحه عمل طئي ڪندا آهن اهڙي ريت ملڪ تازي دهشتگردي بابت به مشاورتي اجلاس طلب ڪري سگهجن پيا پر افسوس جو  هن ملڪ ۾ انساني جانين جو ڪو به قدر نه آهي ۽ نه ئي وري سياستدان هڪ بينچ تي ويهي ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ  ڪو  فيصلو ڪري رهيا آهن، رهي ڳالهه حڪمران ڌر جي ته اها هميشه اها ئي دعويٰ ڪندي رهي آهي ته ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن آهي، خبر ناهي ته اها ترقي الائي ڪهڙي آهي، ڪوئيٽا ۾ سڪيورٽي ادارن تي حملو ڪيو وڃي ٿو، سنڌ درگاهن تي حملا ڪيا وڃن ٿا، پنجاب ۾ ڌماڪن ۾ ماڻهن کي ماريو وڃي ٿو، مطلب ته ڪو به ملڪ جو اهو شهر نه بچيو آهي جتي دهشتگردن پنهنجيون قهري ڪارروايون نه ڪيون هجن،
جيڪڏهن اها دهشتگردي ترقي آهي ته اهڙي ترقي هن ملڪ جي عوام کي نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيستائين عوام جي جان ۽ مال محفوظ نه هوندو ته اهڙي ترقي کي ڇا ڪبو، سڀ کان اڳ ۾ هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، نه ڪي روز روز نون نون منصوبن جو اعلان ڪرڻ آهي. ملڪ ۾ بيروزگاري، بک بدحالي ۽ پناهگيرن جي آمد سبب تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيا آهن پر انهن جي خاتمو صرف اعلانن سان نه ٿيندو پر عملي طور قدم کڻڻ سان ٿيندو، ان جي ڪري هتان جي سياستدانن کي هڪ بينچ تي ويهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ويهڻو پوندو، ٻين جو نوڪر ٿيڻ تي فخر ڪرڻ کان بدران ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ افغانستان جي سرحد کي اڃا وڌيڪ محفوظ بڻائڻو پوندو ته جئين ملڪ اندر دهشتگردي جو خاتمو اچي سگهي ۽ هتان جو عوام جو سک جو ساهه کڻي، نه ته ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سڪيورٽي ادارن سان گڏ عوام کي دهشتگرد ايئن نشانو بڻائيندا رهندا.


پاناما ليڪس ۽ ادارن جي ٿيندڙ تضحيڪ

صاحب خان ڀٽي
تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ سرڪار  پاناما ليڪس واري معاملي تي هڪ ٻئي جي ايئن سامهون اچي ويون آهن جئين ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪا ڪرڪيٽ ميچ ٿي رهي هجي ۽ سڄو عوام ٻنهي مان هڪ  جي کٽڻ جو انتظار ڪندو هجي. جڏهن کان پاناما ليڪس وارو معاملو شرو ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان ملڪ اندر صرف پاناما جو راڳ ئي ٻڌڻ ۾ آيو آهي، سڌ سماءَ  واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاناما ليڪس معاملو ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو نه آهي پر اهو معاملو آف شور ڪمپنين جو آهي. اهڙي بيان کان پوءِ لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف به خاموش نه ويهندو ڇاڪاڻ شروع کان تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اها چوندو رهيو آهي ته ملڪ جو پيسو لٽي لنڊن ۾ ملڪيت ٺاهي وئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين هڪ ٻه ڏينهن اڳ پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته پي ٽي آءِ عوام سان ملڪ مان لٽيل پيسو واپس واعدو ڪيو هو ۽ وزيراعظم نوازشريف جو جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ئي وڃي ٿو.
 جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وزيراعظم نواشريف ڪو پهريون وزيراعظم نه آهي، جيڪو ادارن آڏو پيش ٿيو هجي ان کان اڳ ٻيا به وزيراعظم عدالتن آڏو پيش ٿي چڪا آهن ۽ نااهل به قرار به ڏنا ويا آهن پر  ڪجهه نواز ليگ اڳواڻ اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته وزيراعظم نوازشريف جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي تاريخ رقم ڪئي آهي، پر ائين ناهي، ڇا ڪاڻ ته وزيراعظم نوازشريف ان اداري آڏو پيش ٿيو آهي، جنهن جا آفيسر سندس ماتحت آهن ۽ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب به چئي چڪي آهي ته  سپريم ڪورٽ پاران پاناما ليڪس بابت جوڙيل جاچ ٽيم جي آءِ ٽي آڏو وزيراعظم پيش ٿيو جيڪو سندن لاءِ فخر جوڳو عمل آهي ۽ هن اهو به واضع ڪيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف ٽن نسلن جو حساب ڏنو آهي،  جيڪي ماڻهو جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي رهيا آهن، انهن جو پاناما ليڪس ۾ نالو آهي ۽ اهي شاهد طور پيش ٿي رهيا آهن. تحريڪ انصاف جو سربراهه جيڪو ٻين کي ليڪچر ڏئي رهيو  آهي، اهو پاڻ عدالتن مان  فرار آهي.
جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۽  نواز سرڪار جي بيان ڏانهن ڌيان ڏينداسين ته لڳي رهيو آهي ته فيصلو هاڻ فائنل رائونڊ ۾ داخل ٿي ويو آهي، جئين ته چونڊون به ويجهو اچي چڪيون آهن ته فيصلو به هاڻ جلد اچي ويندو، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ به پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي 60 ڏينهن جي مهلت ڏني هئي جنهن کي به 45 ڏينهن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ ان حوالي سان جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ سپريم ڪورٽ ۾ پاناما بابت ٿيل اڳڀرائي جي ٽئين رپورٽ به داخل ڪرائي چڪو آهي ۽ سپريم ڪورٽ پاران به صاف صاف طور واضع ڪيو ويو آهي ته  جاچ لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو ۽ عدالت ۾ جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ  به سپريم ڪورٽ ۾ اهو چئي چڪو آهي ته هو جاچ  مقرر وقت مڪمل ڪندا ۽ عيد تي به صرف هڪ ڏينهن موڪل ڪئي ويندي، جڏهن ته وڏي به چيو آهي ته پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي سان ادارا سهڪار نه ڪري رهيا آهن.
هونئنءَ ته ڪجهه ڏينهن اڳ جي آءِ ٽي ميمبرن کي به ڌمڪيون ڏيڻ ۽ حراسان ڪرڻ جون خبرون هليون هيون ۽ ان حوالي سان نواز ليگ سينيٽر نهال هاشمي خلاف به عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته جيڪي وزيراعظم نوازشريف جي اولاد جو احتساب ڪري رهيا آهن انهن جي لاءِ پاڪستان جي سرزمين تن ڪئي ويندي، جڏهن ته نهال هاشمي عدالت ۾ واضح ڪري چڪو آهي ته هن ڪنهن به اداري کي ڌمڪيون نه ڏنيون آهن ۽ نه هن پنهنجي تقرير ۾ ڪنهن جي آءِ ٽي جي ميمبر جو نالو کنيو آهي، بهرحال هن وقت پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ ٽيم کي ڪجهه ڏينهن ئي بچيا آهن مطلب ته 7 جولاءِ تي پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ ٽيم کي حتمي رپورٽ پيش ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ ته جي آءِ وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس پٽ حسين نواز ۽ حسن نواز کان به پڇا ڳاڇا  ڪري چڪي آهي، ايتري قدر جو پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کان به جي آءِ ٽي بيان ورتو آهي، ڪجهه ذريعا چئي رهيا آهن ته شهباز شريف کان حديبيه پيپرز بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته ڪجهه وري لنڊن فليٽس سميت آف شور ڪمپنين بابت پڇاڻي جو ٻڌائي رهيا آهن،
رهي ڳالهه وزيرياعظم نواز شريف جي وڏي پٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي ته سپريم ڪورٽ به اهڙي معاملي کي پاسي تي ڪندي ويڊيو رڪارڊنگ کي جائز قرار ڏنو آهي، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز  حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري ڪيس جي عدالتي فيصلي اچڻ کان اڳ  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته پاڪستان جي قانون ۾ وڊيو رڪارڊنگ جي اجازت نه آهي ۽ هو قانون ۽ ملڪ جي آئين جي تحت سپريم ڪورٽ ۾ تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي عدالت جو در کڙڪايو هو. بهرحال هاڻ عدالت وڊيو رڪارڊنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، رهي ڳالهه تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي ته اهڙي فيصلي کانپوءِ هاڻ شايد ان تي سياست نه ڪئي ويندي. باقي رهي ڳالهه پاناما ليڪس جي ته هو به شايد عيد کان پوءِ حل ٿي ويندو، مطلب ته ڪو نه ڪو فيصلو ضرور اچي ويندو  پر پي ٽي آءِ  ۽ نواز ليگ جو اهڙو جهيڙو هلندو رهندو ڇاڪاڻ ته نواز ليگ  چئي رهي آهي ته  هر دور ۾ سندن احساب ٿيو آهي.
پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ نواز سرڪار جو احتساب ڪيو ويو ته آمريت ۾ نواز سرڪار جو احتساب ڪيو، بهرحال  پاناما ليڪس واري معاملي کان پوءِ  جهڙي ريت قومي ادارن کي گهليو ويو آهي ان جو مثال تاريخ ۾نه ٿو ملي ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس تي سياست ڪندڙ پارٽيون هن وقت ٿورو خاموش آهن ڇاڪاڻ ته عمران خان به مختلف ڪيسن کي منهن ڏينهن رهيو آهي،  هڪ طرف مٿس  يهودين ۽ ڀارت کان فنڊ وٺڻ اوري ڪيس کي ڏئي رهيو آهي تي ٻي طرف وري مٿس نااهلي ۽ توهين عدالت ڪيس به هلي رهيو آهي. هونءَ ته تحريڪ انصاف اڳواڻ عمران خان تي نواز ليگ سرڪار اهو الزام لڳائيندا رهيا آهن ته عمران خان پيش نه ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن به پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان کان جواب طلب ڪيو ويو هو، جيڪو به تحريڪ انصاف طرفان جواب جمع ناهي ڪرايو ويو، مطلب ته هن وقت تحريڪ انصاف ۽ نواز سرڪار وچ ۾ عدالتي جنگ هلي رهي آهي.
هاڻ اها  جنگ شايد چونڊن ان اڳ ختم نه ٿي سگهندي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ پاناما ڪيس سميت مختلف مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي رهيون آهن ۽ اهي ٻئي جماعتون ايندڙ  چونڊن ۾ ڪيتريون سيٽيون کڻنديون هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائيندو پر هڪ ڳالهه ته ظاهري طور واضح ٿي چڪي آهي ته  جيڪڏهن ملڪ ۾ هن ڀيري چونڊون ٿيون ته ڪا به پارٽي اڪثريت ۾ ڪامياب نه ٿيندي ۽ نه هن وقت ڪا اهڙي پارٽي نظر اچي رهي آهي جيڪا چئن صوبن ۾ اڪثريت ۾ هجي ۽ عوام ان کي ووٽ ڏئي. بهرحال هن وقت  نوازسرڪار ۽ تحريڪ انصاف ۾ ڪرپشن جو ورلڊ ڪپ جاري  آهي، جيڪو هن وقت فائنل ۾ داخل ٿي چڪو آهي پر افسوس جو هن وقت تائين تحريڪ انصاف ڪو خاص سياسي ڌڪ نواز ليگ کي نه پهچائي سگهيو  آهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان  جي عدالت وڃڻ کان پوءِ نواز سرڪار به عمران خان خلاف عدالت وئي  ۽ هاڻ ٻنهي پارٽين تي ڪيسن جون ٻڌڻيون هلي رهيون آهن،
 هاڻ جيڪو ڪجهه ٿيندو عيد کان پوءِ ٿيندو.  رهي ڳالهه قومي ادارن جي تضحيڪ جي ته اهو بحث به ملڪ اندر هلي رهيو آهي ته قومي ادارن جي تضحيڪ ڪئي پئي وڃي ۽ تضحيڪ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي جو ڪنهن وڏي اداري بيان ڏئي واپس ورتو هجي، هن وقت سوشل ميڊيا تي نواسرڪار ۽ قومي ادارا تمام گهڻو ڪاوڙيل آهن ڇاڪاڻ ته عوام جيڪو ڪجهه ڏسي رهي آهي جيڪو ڪجهه انهن کي غلط نظر اچي رهيو آهي ته ان جي اظهار وري سوشل ميڊيا تي ڪيو پيو وڃي پر اهو اظهار  هتان جي ادارن کي پسند نه آهي، جنهن سبب انهن کي غدار تصور ڪري انهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي،
تحريڪ انصاف به اهو ئي چئي رهي آهي ته هنن جي ڪارڪنن کي ايف آءِ اي گرفتار ڪري رهي آهي  هونءَ ته گهرو وزير چوڌري نثار به ڪجهه ڏينهن اڳ تقرير ڪندي چيو هو ته سوشل ميڊيا تي قومي ادارن جي تضحيڪ ڪئي پئي وڃي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان گهرو وزير ڪارروائي جون هدايتون به جاري ڪيون هيون. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سوشل ميڊيا تي قومي ادارن تي ڪڏهن به آڱريون نه کڄيون  آهن پر پاناما ليڪس بعد نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ قومي ادارن پارن ڪيل فيصلن تي جيڪو بحث سوشل ميڊيا تي ٿيو آهي اهو ڪٿي به نظر نه آيو آهي، جنهن کي نه نواسرڪار برداشت ڪري رهي آهي ۽ نه ئي وري هتان جا قومي ادارا برداشت ڪري رهيا آهن.  

Tuesday 13 June 2017

Sahib khan bhatti in office


Sahib khan bhatti with Qazi Abid ali


Sahib khan bhatti with Qazi Abid ali


Sahib khan bhatti with Qazi Abid ali


Sahib khan bhatti with Qazi Abid ali and Samad Solangi


Sahib khan bhatti with Samad Solangi


Sahib khan bhatti with Qazi Abid ali and Samad Solangi


Sahib khan bhatti with Samad Solangi


Sahib khan bhatti with Samad Solangi


Sahib khan bhatti with Qazi Abid ali and Samad Solangi


پنهنجي حڪومت، پنهنجو احتساب

صاحب خان ڀٽي
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو  آهي جو ملڪ اندر حڪمران پنهنجو احتساب ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن ۽ اهڙيون تصويرون به جاري ڪيون پيو وڃن جنهن محسوس ٿي سگهي ٿو ته  حڪمران احتساب واري عمل ۾ ڪا به سوديبازي نه ڪري رهيا آهن. سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چئي رهي آهي ته وزيراعظم نوازشريف ٽن نسلن جو حساب ڏنو آهي ته تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان چئي رهيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف پنهنجا اثاثا لڪائي رهيو آهي، مطلب ته ٻئي ڌريون هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ۾ مصروف آهن، هي ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو هجي ان کان اڳ به جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ ٻيون کوڙ ساريون تنظيمون وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري چڪيون آهن، مسلم ليگ نواز چئي رهي آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ملندو پر حقيقت ۾ هن ملڪ اندر ڪڏهن به صاف شفاف چونڊون ٿيون ئي نه آهن، جيڪڏهن صاف شفاف چونڊون ٿيون هجن ها ته مختلف پارٽيون هڪ ٻئي تي ڌانڌلي جا انتظام نه لڳائن ها ۽ نه ئي وري بيلٽ باڪس ڀريل مليل آهن، ماضي ۾ جيڪي چونڊيون ٿيون ته ان وقت به ڪجهه اهڙيون ويڊيو منظر عام تي آيون جو ماڻهو ڏسي حيران ٿي ويا هئا ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪجهه هنڌن تي ٻيهر چونڊون به ڪرايون ويون هيون،
ڪجهه هنڌن تان اليڪشن ڪميشن کي شڪايتون مليون هيون ته ڪجهه هنڌن تان اعتراض واريا ويا هئا. بهرحال چونڊن ۾ ڌانڌليون ته ٿينديون  آهن پر هن ملڪ ۾ هن ڀيري پاناما ليڪس واري معاملي هڪ نئون اختيار ڪري ورتو آهي ۽ تاريخ ۾ پهريون هن ملڪ اندر ٻه ڀيرا جمهوري نظم مڪمل ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ سياسي پارٽين ڏانهن ئي وڃي ٿو پر ان جمهوريت جو هن ملڪ جي عوام کي ڪو به فائدو نه پهچي سگهيو آهي، ان جو سڀ کان سبب اهو آهي ته سياسي پارٽين کي اڃا به کٽڪو آهي ته متان وري ڪو آمر اچي سندن حڪومت جو تختو اونڌو نه ڪري هجي، ان حوالي سان مختلف پارٽين طرفان احتياط کان به ڪم ورتو پيو وڃي، جنهن سبب ملڪ  اندر هن وقت تائين جمهوري نظام برقرار آهي پر نوازسرڪار طرفان اهڙا قدم کنيا ويا آهن جو انهن کي برداشت ڪرڻ انتهائي مشڪل هو پر هن وقت تائين نوازسرڪار جي حڪومت ان ڪري بچي پئي آهي جو پيپلزپارٽي ڪجهه عرصو اڳ چيو هو ته هو  نواز ليگ سرڪار خلاف نه آهن ۽ نه ئي ڪو اهڙو قدم کنيو ويندو جنهن سان هن ملڪ ۾ جمهوريت کي نقصان پهچي پر هاڻ پيپلزپارٽي به پنهنجو موقف تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته هاڻ  پيپزپارٽي نوازسرڪار جو ساٿ نه ڏيندي، ايتري قدر جو پاناماليڪس معاملي تي وزيراعظم نوازشريف کان به استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو هو.
بهرحال هن وقت ملڪ اندر سڀ کان اشو صرف پاناما هلي رهيو آهي، ان حوالي سان جي آءِ ٽي طرفان جاچ جو سلسلو به هلي رهيو ۽ سپريم ڪورٽ پاران ڏنل سٺ ڏينهن جي رپورٽ مڪمل ڪري جمع به ڪرائڻي آهي ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ  ايف آءِ اي جي واجد ضياءَ جي صدارت هيٺ جوڙيل جاچ ٽيم کي وڌيڪ وقت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي ۽ عدالت طرفان چيو ويو آهي ته انهن ڏينهن ۾ ئي جاچ رپورٽ مڪمل ڪري پيش ڪئي وڃي، هونءَ ته پندرنهن ڏينهن واري رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي پر هن وقت تائين جاچ مڪمل نه ٿي سگهي  آهي، وزيراعظم جي وڏي پٽ کي به جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻو پيو هو ۽ ننڍي پٽ حسن نواز به پاناما جي آءِ ٽي آڏو حاضري ڀري هئي، هاڻ ته نوازسرڪار طرفان وڏي فخر سان اها دعويٰ ڪئي  پئي وڃي ته ملڪ اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن پر ان باوجود عوام پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪو حڪومت جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي.
جڏهن سپريم ڪورٽ پاران پاناما ليڪسجو نوٽيس ورتو ويو هو ته ان وقت جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو هو ته احتساب سمورن لاءِ هجڻ گهرجي ۽ وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جيستاپاناما جي جاچ هلي رهي آهي تيستائين ڪنهن ٻي کي وزيراعظم بڻايو وڃي ڇاڪاڻ ته جنهن پارٽي جو سربراهه وزيراعظم هجي ته  ان خلاف ئي جاچ هلي رهي هجي ته ان وقت ڪڏهن به ملڪ اندر  صاف شفاف جاچ نه ٿي سگهندي.پر چوندا آهن ته ڏاڍي جي مٿي کي ٻه مٿي، سو وزيراعظم نوازشريف اپوزيشن جي اهڙي مطالبو کي منظور نه ڪيو ۽ نه ئي وري تحريڪ انصاف پارٽي خلاف بيان بازي جو سلسلو ختم ڪيو ويو آهي. هن وقت ملڪ اندر حالتون تمام گهڻو تبديل ٿي رهيون آهن ان جو سڀ کان وڏو ثبوت اڃا ٻيو ڪهڙو ملي سگهي ٿو جڏهن ملڪ اندر ئي حڪمرانن جي اولاد جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻو پيو، هونءَ ته ماضي ۾ پيپلزپارٽي جي وزيراعظم خلاف به جاچ  ڪري هٽايو ويو هو پر وزيراعظم نوازشريف استعيفيٰ ڏيڻ جو ڪو به ارادو نه آهي. جماععت اسلامي جي امير سراج الحق چيو هو ته وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي پر افسوس جو حڪمرانن اهڙيون حالتن باوجود ڪو به قدم عوامي مفاد وٽان نه کڻي رهي آهي، جنهن سبب هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ اندر ڇڪتاڻ واي صورتحال پيدا ٿيندي پئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو کان پڇيو وڃي ته ڇا احتساب ٿيندو ته ان جا ڪيترائي جواب ملي رهيا آهن  پر هن قت تائين حڪمران ڌر طرفان ڪو به خاص رد عمل ظاهر نه ڪيو ويو آهي،
هڪ طرف ملڪ اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ ته ٻيو وري مهانگائي عوامم جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو هو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ ملڪ اندر صوبا پنهنجا توانائي وارا منصوبا  شروع ڪري سگهن ٿا پر هن وقت تائين هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا نه ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن واقعي صوبن کي توانائي جا منصوبا شروع ڪرڻ جي اجازت آهي ته پوءِ آخر ڇاجي ڪري هن وقت تائين ڪنهن به صوبي توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪو به بندوبست نه ڪيو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر نوازسرڪار معصومن جون تصويرون جاري ڪري عوام جون همدرديون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيندي يا وري ان پڇا ڳاڇا کي اڃا وڌيڪ ڳنڀير بڻايو ويندو، ڇاڪاڻ ته جنهن ڏينهن کان پاناما جي جاچ شرروع ٿي  آهي تنهن ڏينهن کان ملڪ اندر  هر هڪ ماڻهو پريشاني جو شڪار ٿي ويوآهي  پر ان باوجود حڪمران صرف پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا اهن جيڪڏهن پاناما جو مسئلو حل به ٿي وڃي ٿو  پر ان باوجود نواز سرڪار کي ڊان ليڪس ۽ ۽ ٻين مسئلن  کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪجهه ماڻهو ته ان احتساب کي قبول به نه ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته هي احتساب  ڪڏهن به صاف شفاف نه ٿيندو.
هونءَ به هن ملڪ اندر گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهو ٻڌندا پيا اچون ته ملڪ ترقي ڪري رهيو  آهي پر ان باوجود  ماڻهو پنهنجي ٻچن جي روزگار خاطر آپگهات ڪري رهيا آهن ۽ ڪجههه ته پنهنجا ٻچا به وڪڻي رهيا آهن، مطلب ته هر طرف مهانگائي  عروج ته آهي، سياسي جماعتون به صرف پاناما ليڪس واري معاملي تي متحد آهن پر بجلي جي واڌو بلن ۽ گيس جي بندش واري معاملي تي  ڪو آواز نه اٿاريو ويو آهي ۽ نه ئي وري انهن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ  ڪي ڌرڻا هنيا ويا  آهن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته حڪمران ڪهڙي ريت پاناما واري جاچ کي صاف شفاف بڻائين ٿا، ڪجهه ماڻهن جو خيال  آهي ته جي آءِ ٽي  ڪڏهن به صاف شفاف نموني جاچ نه ڪري سگهندي ڇاڪاڻ ته وقت به ٿورو آهي ۽ ان شخص جي اولاد خلاف جاچ ٿي رهي آهي جيڪو هن وقت وزيراعظم جي عهدي تي آهي.


اسلامي ملڪن جو ٽٽندڙ اتحاد

صاحب خان ڀٽي

ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سعودي عرب اسلامي اتحادي ملڪن جو اجلاس ٿيو ته ان ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن کي خطاب ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو، ايتري قدر جو وزيراعظم نوازشريف به پنهنجي واري جو انتظار ڪندو رهيو، پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي، ايئن لڳي رهيو هو ته سمورن اسلامي ملڪن جو سربراهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هو ۽ ٻيا سمورا ملڪ   جي ماتحت هئا، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس خطاب ڪري هليو ويو ته خطي اندر حالتون تبديل ٿيڻ لڳيون، آمريڪي صدر اسرائيل جو به دورو ڪيو ته فلسطين جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي، جنهن بعد لڳي پيو ته آمريڪي صدر دونلڊ ٽرمپ فلسطين مسئلي کي سنجيده طور حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي پر اهو سڀ ڪجهه صرف ڏيکاءُ هو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ڪڏهن به نا چاهيندو ته هو اسرائيل کي ڪڏهن ناراض ڪري، پوءِ هڪ ڳالهه ته واضع ٿي وڃي ٿي ته آمريڪا ڪڏهن به نه چاهيندو ته فلسطين مسئلو حل ٿئي، هونءَ ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب کي پنهنجي طاقت جو زور ڏيکاري چڪو آهي پر ان باوجود ايران ۽ اتر ڪوريا ٻه واحد ملڪ آهن جيڪي آمريڪا لاءِ  هڪ چيلنج بڻيل آهن جنهن سبب آمريڪا مختلف وقتن تي ٻنهي ملڪن خلاف بيان ڏيندو رهيو آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ جون واڳيون سنڀاليون هيون ته ان وقت ئي هن چيو ته جن ملڪن کي هو تحفظ مهيا ڪري رهيا آهن انهن ملڪن کان هو معاوضو وٺندا، مطلب ته هنن سعودي عرب کان به حفاظت جي مد ڪجهه نه ڪجهه ضرور ورتو ويندو. هن وقت عرب ملڪن اندر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ئي چرچا آهن ۽ آمريڪي صدر جو سڄو ڌيان ايشيائي ملڪن تي آهي، هڪ طرف چين پنهنجو اليڪٽرانڪس سامان مختلف ملڪن جي مارڪيٽن تائين پهچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي ته آمريڪا وري خطي اندر حالتون خراب ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کنيا پيا وڃن جنهن سان خطي امن قائم ٿيڻ نا ممڪن ٿي ويندو.  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چئي رهيو آهي ته قطر بابت هن پاڻ ئي عرب ملڪن کي هدايت ڪئي آهي،  اهو بيان تڏهن آيو جڏهن سعودي عرب، بحرين، عرب امارات ۽ مصر پاران قطر سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، سعودي عرب ته قطر سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا ختم ڪري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خطري کان بچڻ ۽ قومي سلامتي کي نظر ۾ رکندي قطر سان پنهنجي سرحد کي بند ڪري ڇڏيو هو. گڏيل عرب امارات به قطري سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي هئي. جن به اسلامي ملڪن قطر سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو انهن ملڪن طرفان چيو ويو هو ته قطر تي دهشتگرد، انتهاپسند ۽ فرقيوار تنظيمن جي حمايت ڪري رهيو آهي. بهرحال هن وقت قطر جا ٻين اسلامي ملڪن سان ٽٽندڙ  لاڳاپن خطي کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته قطر تي اهو به الزام آهي ته هن ايران جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ڪجهه ملڪن طرفان قطر سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ان وقت پاڪستان جي پرڏيهي وزارت طرفان صاف صاف بيان ڏنو ويو ته هنن اڃا لاڳاپا ختم ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه ڪيو آهي ۽ هو مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ايران به سعودي عرب سميت ٻين پاڙيسري ملڪن ي زور ڀريو آهي ته پنهنجي اختلافن کي ڳالهين ذريعي  حل ڪيو وڃي. ايران طرفان اهو به چيو ويو آهي ته  قطري معاملي تي پاڙيسري ملڪ ڳالهين جو عمل شروع ڪن. هن وقت خطي ۾ داعش نالي دهشتگرد تنظيم جي دهشتگردي سان گڏ قطر بحران ئي هلي رهيو آهي جيڪڏهن ان مسئلي کي حل نه ڪيو ويو ته هي خطي خطرناڪ هٿيارن سبب دوز بڻجي ويندو ۽ اهو ڪم هتي موجود دهشتگرد تنظيمون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته پاڙيسري مستقل ٿيندا آهن ۽ سرحدون به تبديل نه ٿيون ڪري سگهجن، ايراني پرڏيهي وزير تازي صورتحال تي ترڪي، انڊونيشيا، عراق ۽ عمان جي پرڏيهي وزيرن سان فون تي رابطو ڪري علائقائي تبديلين تي ڳالهيون ڪيون آهن. بهرحال هن وقت عرب ملڪن جا سربراهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اشاري تي هلي رهيا آهن،  جنهن جو ثبوت ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ذريعي ڏئي ڇڏيوآهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته سعودي سميت ٻين ملڪن سندس چوڻ  تي ئي قطر سان لاڳاپا ختم ڪيا آهن، جيڪڏهن هر فيصلا هاڻ آمريڪا ڪندو ته  سعودي عرب سميت سمورن اسلامي ملڪن اندر ئي حالتون خراب ٿي وينديون، جنهن جو اندازو هاڻ اسان قطر جي تازا حالتن مان به لڳائي سگهون ٿا، جتي ماڻهن امڪاني خطري سبب گهرن اندر سامان وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،هن وقت لڳي رهيو  آهي ته واقعي آمريڪا ايران کي خطي ۾ اڪيلو ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ايران  واحد ملڪ آهي جيڪو آمريڪا جي داٻن ۾ نه اچي رهيو آهي، باقي ايشيا جا ٻيا ملڪ آمريڪا آڏو ڪنڌ جهڪايو ويٺا آهن، هڪ ٻيو ملڪ به آهي جيڪو آمريڪا جي پابندين باوجود ايٽمي تجربا ڪندو رهيو آهي، جيڪو به آمريڪا لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي. بهرحال هن وقت جڏهن سمورن اسلامي ملڪن ايران جي حمايت ڪندڙ ملڪن تي پابنديون لڳايون ته اهي پابنديون صرف ايران نه پر انهن ملڪن لاءِ به هڪ چيلينج  بڻجي ويندو ڇاڪاڻ ته  صرف ٻن اسلامي ملڪن جي جنگ ۾ سمورن اسلامي ملڪن جو ئي نقصان ٿيندو، جنهن لاءِ سمورن اسلامي ملڪن کي ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جئين خطي ۾اسلامي ملڪ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيڻ کان بچي سگهن ۽ ڪيتريون ئي حياتيون بچي سگهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ايران جي گادي واري شهر ۾ پارليامينٽ ۾ هٿياربندن داخل ٿي ڪجهه  ميمبرن کي يرغمال بڻايو ۽ فائرنگ به ڪئي جنهن  جي نتيجي ۾ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿي پيا هئا، ايتري قدر جو  امام خميني جي مزار ويجهو به هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي بم سان اڏيو ۽ هڪ کي حراست ۾ ورتو ويو هو جنهن پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري پاڻ کي ماري ڇڏيو هو ۽ اهي دهشتگردي ايران ۾ ان وقت ٿي آهي جڏهن امريڪا به ايران جي خلاف ٿي بيٺو آهي ۽ سعودي عرب سميت ٻين اسلامي ملڪن طرفان قطر سان سفارتي لاڳاپا  ختم ڪيا ويا آهن.  هڪ ڳالهه ته بلڪل سامهون  اچي چڪي آهي ته آمريڪا هاڻ سرعام ايران سان مهاڏو اٽڪائي رهيو آهي ۽ داعش جهڙي خطرناڪ جماعت به ايران ۾ پير رکي ڇڏيا آهن جنهن سبب ايران جهري سرزمين تي داعش جا آپگهاتي بمبار  ماريا ويا. هن وقت سڄي دنيا جون نظرون صرف قطر ۽ ايران تي لڳل آهن ۽ ڪو به اهڙو خاص بيان نه پيو ڏنو وڃي جنهن سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ناراض ٿي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو سعودي عرب به آمريڪا آڏو بيوس بڻيل  آهي. 

سرمائيدارن جي بجيٽ جي ور چڙهيل عوام

صاحب خان ڀٽي

ڊان ليڪس، پاناما ليڪس ۽ ماڊل ٽائون سانحي کي منهن ڏيندڙ نواز سرڪار آخر ڪار پنهنجي حڪومتي دور جي پنجين بجيٽ پيش ڪرڻ ڪامياب ٿي وئي آهي، جنهن تي نواز سرڪار تمام گهڻو فخر به ڪري رهي آهي پر دهشتگردي ۽ بجلي جو بحران هتان جي حڪمرانن کي نظر ئي نه اچي رهيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾ سرمائيداري نظام تمام گهڻو مضبوط آهي تنهن جي ڪري هتان جا سرمائيدار ملڪ جون واڳيون سنڀالي رهيا آهن، جيڪي ايوانن ۾ ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقريرون ڪري عوام کي وڏا وڏا خواب ڏيکاري پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪري رهيا آهن، جڏهن به اهي بجيٽ پيش ڪندا آهن ته عوام کي اها اميد پيدا ٿيندي آهي ته شايد هن ڀيري کين ريليف ملندو پر  افسوس جو عوام کي ريليف ته نه ملندو آهي پر ملڪ جي ترقي جي نالي تي عوام مٿان ٽيڪس جو ايترو ته بار وڌو ويندو آهي جو غريب ماڻهو ٽيڪس جي گهاڻي ۾ پيڙهجندا رهندا آهن ۽ اهي سرمائيدار  هر سال رڳو انگن اکرن جي ڪوڙي راند کيڏي عوام کي اهو يقين ڏياريندا  آهن ته هنن هن ملڪ کي تمام گهڻو فائدو پهچايو آهي، جيڪواصل حقيقت ۾ هتان جي اٻوجهه عوام کي بي وقوف بڻائڻ جي برابر آهي.

وزيراعظم نوازشريف چئي رهيو آهي ته جڏهن هنن ملڪ جون واڳيون سنڀاليون ته ملڪ جون حالتون بهتر نه هيون ۽ هنن هن ملڪ کي پنهنجن پيارن تي بيهاريو آهي، هاڻ خبر نه ٿي پئي ته نوازسرڪار ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿي  يا وري پنهنجا سياسي پير هن ملڪ اندر مضبوط ڪرڻ جي ڀرپور نموني ڪوشش ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن اڳوڻي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف نواز ليگ جي حڪومت جو تختو ڪلٽي ڪيو هو ته ان وقت نواز ليگ ملڪ اندر ڏسڻ ۾ نه اچي رهي هئي ۽ نوازشريف خاندان سميت سعودي عرب هليو ويو هو ۽ ان کانپوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هن ملڪ ۾ واپس آئي ته نوازشريف جي به ملڪ اچڻ جا امڪان وڌي ويا هئا، شهيد بينظير  ڀٽو جي جمهوريت خاطر ڪيل ڪوششن ئي سبب وزيراعظم نوازشريف کي ڏيهه اچڻ جي اجازت جي حمايت ملي جنهن بعد جمهوريت جي دهشتگردن شهيد بينظير ڀٽو کي پنجاب ۾ شهيد ڪري ڇڏيو ۽ ان وقت آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي هن ملڪ جون واڳيون سنڀاليون جنهن به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي حڪومتي دور جا پنج سال پورا ڪيا پر ان وقت به جمهوريت جي دعوائيدارن حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي  ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو هو جو ان وقت به يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽڻو پيو هو اهو ڇا جي ڪري ٿيو ۽ يوسف رضا گيلاني کي استعيفيٰ ڏيڻي ڇو پئي ۽ ان وقت نواز ليگ ڪهڙا بيان ڏئي رهي هئي ان کان هر هڪ ماڻهو با خبر آهي پر نوازسرڪار ڊان ليڪس جهڙي قومي سلامتي جي حساس معاملي ۾ ڦاٿل آهي پر ان وقت به وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙن کي غير آئيني قرار ڏنو پيو وڃي،

ڊان ليڪس ته ٺهيو پاناما ليڪس ۽ ماڊل ٽائون سانحن کي منهن ڏيندڙ سرڪار به پنجين بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي جيڪا واقعي هڪ وڏي تاريخ آهي اها تاريخ صرف نوازسرڪار جي نه هن جمهوريت جي به آهي ٻين کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ ۽ پاڻ کان استعيفيٰ گهرندڙن کي غلط قرار ڏئي رهيا آهن.نئين مالي سال جي پنجين بجيٽ پيش ڪندڙ نوازسرڪار حڪومت هاڻ تمام گهڻو مطئمن نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ته سندس پاناما جند آجي ٿيندي پئي وڃي ٻيو وري حڪومت ختم ٿيڻ ۾ هاڻ ڪجهه مهينا باقي بچيا آهن. جيڪڏهن هاڻ ايندڙ سال ڪنهن ٻي جماعت جي حڪومت آئي يا گڏيل حڪومت قائم ٿي ته ان وقت به نواز سرڪار کي ئي فائدو ٿيندو ڇاڪاڻ ته نواز ليگ پنجاب تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته صرف پنجاب ئي پاڪستان آهي جتي سمورا ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن ڪوئل پاور پلانٽ جو افتتاح به صرف پنجاب ۾ ٿيندي نظر اچي پيو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پنجاب کان علاه ٻين سمورن صوبن ۾ عوام روڊن تي نظر اچي رهيو آهي،

بجلي جي لوڊشيدنگ هجي يا وري پاڻي وارو معاملو هر طرف کان اهي ئي دانهون آهن ته وفاقي سرڪار ساڻن ناانصافي ڪري رهي  آهي پر انهن جي دانهن کي ورنائڻ وارو ڪو به نه آهي، هڪ طرف ملڪ ۾ نوجوان گم ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري پورهيتن کي ڳولي ڳولي شهيد ڪيو پيو وڃي، ان سڄي صورتحال کي ڏسندي هر هڪ ماڻهو هاڻ تمام گهڻو پريشان ٿي ويو آهي ته آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن هن ملڪ اندر امن امان جي صورتحال قائم ٿيندي. نوازسرڪار جي دعويٰ موجب ته هنن ملڪ کي پيرن تي بيهاريو آهي، جيڪڏهن واقعي ملڪ ۾ ڪا ترقي ٿئي ها يا وري ملڪ اندر امن امان جي صورتحال قائم ٿئي ها ته هن ملڪ ۾ داعش نالي خطرناڪ دهشتگرد تنظيم جو وجود قائم نه ٿئي ها ۽ نه ئي هن خطرناڪ دهشتگرد تنظيم جا پليت پير هن سرزمين تي پون ها، هونءَ ته نواز سرڪار تي ان معاملي تي تمام گهڻيون آڱريون اٿنديون رهنديون آهن ته نوازسرڪار امن امان جي صورتحال کي خراب ڪري آهي ۽ ان جو وڏو سبب اهو ئي ٻڌايو ويندو آهي ته نوازسرڪار پنجاب اندر دهشتگردن خلاف ڀرپور نموني ڪارروائي نه پئي ڪري جنهن سبب  پنجاب ۾ دهشتگرد آزاد گهمي رهيا آهن جتي به ضرب عضب آپريشن ۽ ردالفساد آپريشن تي مڪمل عمل ٿيڻ گهرجي ته جئين پنجاب ۾ انتهاپسند تنظيمن جو خاتمو ٿي سگهي نه ته دهشتگردن افغان رستي اچي پنجاب ۾ رهي ڪري ٻين صوبن ۾ دهشگرد ڪارروايون ڪندا رهندا ان جو مثال نوري لغاري واري معاملي مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڇاڪاڻ ته سڪيورٽي ادارن پاڻ ئي چيو آهي ته نورين لغاري لاهور ۾ داعش جي دهشتگردن سان رهي آهي

جيڪڏهن واقعي اها ڳالهه آهي ته پوءِ اتي به ڪارروائي ٿيڻي گهرجي. بهرحال هن وقت ملڪ اندر نئين مالي سال جي بجيٽ عوام جي چيلهه  چٻي ڪري ڇڏي آهي جئين نواز سرڪار دعويٰ ڪندي آهي ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ائين هتان جو عوام نوازسرڪار جي بجيٽ کان متاثر ٿي رهيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار به نئين مالي سال جي 48 کرب رپين جي 9 کرب رپين جي خساري واري بجيٽ  پيش ڪندي چيو هو ته ايندڙ بجيٽ ۾ بنيادي ڍانچا، توانائي ۽ سي پيڪ منصوبا پهرين ترجيح قرار ڏنا ويا آهن. ترقياتي بجيٽ 10 کرب رپين کان وڌيڪ هوندي، جڏهن ته دفاع تي 9 کرب 40 ارب خرچ ڪيا ويندا.ايتري قدر جو ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ديامير ڀاشا ڊيم منصوبي لاءِ 21 ارب، داسو هائڊرو پاور منصوبي لاءِ 53 ارب 77 ڪروڙ ۽ نيلم جهلم هائيڊرو پاور منصوبي لاءِ 19 ارب 57 ڪروڙ رکيا ويا، جڏهن ته تربيلا چوٿين توسيعي منصوبي لاءِ 16 ارب 39 ڪروڙ رپيا رکيا ويا. جيڪڏهن ان سموري اعلانيل بجيٽ تي نظر وجهنداسين ته اهو معلوم ٿيندو ته ان بجيٽ ۾ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪمت  عملي نه جوڙي وئي آهي ۽ نه ئي وري زراعت سميت ٻين اهم شين تي عوام کي ريليف فراهم ڪيو آهي، جنهن مان اهو ته صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته هي بجيٽ عوام دوست نه پر عوام دشمن آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها بجيٽ واقعي عوامي هجي ها ته اسلام آباد ۾ ڪسان اتحاد طرفان احتجاجي مظاهرو نه ڪيو وڃي ۽ ها نه اهي  سياستدان رڙيون ڪن ها  جيڪي پنهنجن صوبن ۾ استادن  تي حق گهرڻ تان ڏنڊا وسائيندا آهن ۽ نه ئي وري انهن ماڻهن کي موقعي ملي ها  جيڪي پنهنجن صوبن ۾ پيسن عيوض نوڪريون وڪرو ڪندا  آهن.

بهرحال اها ڳالهه ته واضع ٿي وئي  آهي ته جنهن ملڪ  جي حڪمرانن جو سجن جندا ل جهيڙي واپاري سان واسطو هجي ۽ جيڪي ٽيڪس بچائڻ لاءِ آف شور ڪمپنيون کولين انهن مان اهڙي بجيٽ کان ٻي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾ هر سال سرمائيدار ئي بجيٽ پيش ڪندا آهن جيڪي هن ملڪ جي نالي تي قرض کڻي پنهنجا بينڪ اڪائونٽ ڀريندا آهن ۽ اهو قرض لاهڻ لاءِ ايترا ته ٽيڪس لاڳو ڪندا آهن جو هتان جو عوام بي حال ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ ڪو بدامني، دهشتگردي ۽ کنيل قرضن بابت پڇندو آهي ته ان کي غداري جو لقب ڏئي هميشه لاءِ خاموش ڪرايوويندو آهي، صرف سياستدان هڪ ٻئي خلاف بيان ڏئي عوام کي خوش ڪري ڇڏيندا آهن ته جئين  عوام کي خبر پئي ته هو هر قسم جي ڪرپشن کان پاڪ آهي، اڄڪلهه تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ وزيراعظم نوازشريف جي اثاثن بابت به وڏو بحث هلي رهيو آهي پر عوام انهن بحثن ڏانهن ڌيان ڏئي يا وري مهانگائي  ڊرون حملن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري.

sahibalisindhi@gmail.com



سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل جرڳا

صاحب خان ڀٽي
هن وقت ملڪ اندر جرڳن تي پابندي آهي پر باوجود سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جرڳن ذريعي فيصلا ڪرڻ وارو  سلسلو جاري آهي، جنهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا روڪرائي نه سگهيا آهن،   جنهن سبب سنڌ جي مختلف شهرن۾ روز ڪٿي نه ڪٿي جرڳن ذريعي اهڙا فيصلا ڪيا ويندا آهن جن کي ٻڌڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويندو آهي، اهڙو هڪ واقعو ڪجهه عرصو اڳ ڪي پي جي شانگلا ۾ به پيش آيو هو ۽ هڪ اسڪينڊل سامهون آيو هو، ايتري قدر جو هڪ ويڊيو به جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته چار عورتون هڪ هڪ غير مرد سان  جهومر راند کيڏي رهيون آهن، اهڙي ميڊيا منظر عام تي اچڻ بعد انهن چئن عورتن کي جرڳي ذريعي قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏني وئي آهي، ان کان علاوه به ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن جن کي روڪرائڻ لاءِ ڪيا به قدم نه کنيا ويا آهن.
جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ انصاف لاءِ ڪيترائي ادارا موجود آهن پر ان باوجود ماڻهو پنچائتن ۽ جرڳائي نظام ۾ ڦاٿل آهن، جنهن سبب روزانو ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارو واقعو پيش ايندو رهندو آهي، ڪجهه واقعا ته هن ملڪ ۾ اهڙا به پيش اچي چڪا آهن، جن کي ٻڌندي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو پر ان باوجود حڪومت جرڳائي نظام جي خاتمي لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نه کڻي رهي آهي، گذريل 3 فيبروري جمعي ڏهاڙي تي قومي اسيمبلي ۾ پنچائت ۽ جرڳن کي قانوني شڪل ڏيڻ جو بل منظور ڪيو ويو هو. قومي اسيمبلي ۾ متبادل حل طلب تڪرارن جو بل 2016 ڪجهه ترميمن سان اتفاق راءِ منظور ڪيو ويو هو ۽ اهو بل وفاقي وزير زاحد حامد ڪيو هو. جنهن بابت چيو ويو هو ته پنچائتن ۽ جرڳن ۾ عورتن جي نمائندگي ضروري آهي، سڀ کان وڌيڪ استحصال عورتن جو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه ڪافي حد تائين درست به آهي پر قومي اسيمبلي ۾ويٺل عورت ميمبر به عورتن جي حقن بابت ڪو خاص نه آواز نه اٿاري رهيون آهن. چونڊيل نمائندا به صرف اسيمبلين ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ بعد خاموش ويهي رهندا آهن، جن تي عمل نه ٿيڻ سبب املهه حياتيون ضايع ٿينديون رهنديون آهن، جرڳائي نظام سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ ئي ٿيو آهي، گهر ۾ چوري ٿي وڃي يا وري ڪو قبيلائي تڪرار هجي پنچائت ۽ جرڳن ذريعي ڌرين تي ايترا ته ڏنڊ وڌا ويندا آهن جو ٻڌي ائين لڳندو آهي ته جن ماڻهن جو جرڳو ڪيو ويو آهي ته اهي ڪي غريب نه پر ڪي زميندار هجن، اهڙا ڪيترائي جرڳا سنڌ اندر روز ڪٿي نه ڪٿي ٿيندا رهندا آهن، جن مان ڪجهه ميڊيا جي خبرن جي زينت به بڻجي ويندا آهن
هونءَ ته سڄي سنڌ ۾ ڪيتريون تنظيمون آهن جيڪي اهي دعوائون ڪنديون رهنديون آهن ته اهي عورتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪنديون آهن پر هاڻ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ م عورتن کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ان تي ڪنهن به تنظيم آواز نه اٿاريو آهي ۽ نه ئي ڪا اهڙي تنظيم هن وقت تائي ٺاهي وئي آهي جيڪا سڄي سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيندڙ عورتن ۽ مردن جو رڪارڊ جمع ڪري ڇڏي، جيڪڏهن اهڙي ڪا تنظيم هجي ها ته اڄ  سنڌ اندر عورتن کي تحفظ ضرور ملي وڃي ها، هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته سنڌ اندر قبيلائي جهيڙين سبب به عورتون ۽ ٻاررن کي قتل ڪيو ويندو آهي ۽ اتي پوليس به انهن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪري سگهندي آهي،
هن وقت به سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي قبيلائي جيهڙا  ڪُر کنيو بيٺا آهن جنهن سان ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ڪجهه هنڌن تي ته پوليس حالتن تي ضابطو آڻڻ تي ڪامياب ٿي ويو آهي پر ڪجهه اهڙا به علائقا آهن جتي ڌريون هن وقت به مورچا بند ٿيل آهن، جنهن جون خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به نشر ٿينديون رهن ٿيون. رهي ڳالهه ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪرڻ وارن واقعن جي ته ان جي خبر ئي نه ٿي پئي ته واقعي به ڪارنهن جو الزام هڻي ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو آهي يا وري ڪو زمين تڪرار تان عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويندو آهي. بهرحال اهو ڪم ته پوليس جو ئي آهي ته جيڪي به ماڻهو  عورتن ۽ مردن کي ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪري رهيا آهن. انهن خلاف سخت قدم کڻي پر افسوس جو هن وقت تائين اهڙي ڪا خاص ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. گذريل ڏينهن به هڪ  عورت ٿاڻي تي پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته کيس ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪرڻ جو سازشون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب هو ڀڄي اچي ٿاڻي پهتي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو ڪو پهريون ڀيرو واقعو پيش نه آيو آهي سنڌ ۾ ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪيو ويو آهي، ڪجهه عورتن ۽ مردن کي جرڳي ذريعي ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪيو ويو ته ڪجهه عورتن ۽ مردن کي گهرن ۾ قتل ڪيو ويو آهي
ڪجهه عرصو اڳ ته هتان جا ڪامورا به وڏي خوشي ۽ فخر سان جرڳا به ڪندا هئا، پر جڏهن کان جرڳائي نظام خلاف احتجاج ٿيڻ شروع ٿيا آهن تنهن ڏينهن کان ڪجهه ڪامورن پنهنجا پير پوئتي ڪري ڇڏيا آهن. هن وقت ته هر هڪ ساڃاهه وند به جرڳائي نظام جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن حڪومت سنجيده ٿي جرڳا ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ جيڪي ماڻهو جرڳا ڪري بي گناهه ماڻهن جون حياتيون کسي رهيا آهن تن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ضروري آهي، سنڌ ۾ ته ڪجهه اهڙا به جرڳا ٿيا آهن، جن کي ٻڌي ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن بااثر قتل جي جرڳي دوران متاثر ڌر وٽ پئسا نه هجڻ سبب سڱ چٽي جو به ڏنڊ هڻندا آهن، پوءِ ڀلي کڻي اهو ڇوڪري ڪنهن پوڙهي کي ڇو نه پرڻائي ڏني وڃي، جنهن کي نه ته پوليس روڪي سگهندي آهي ۽ نه ئي وري متاثر ڌر مڃڻ کان انڪار ڪري سگهندي آهي، اهڙا کوڙ سارا جرڳا ۽ پنچائتون ميڊيا جي زينت به بڻيا آهن، جرڳائي نظام اڄ به سنڌ ۾ ان ڪري قائم ۽ دائم آهي جو هتي قانون تي عمل نه ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن قانون تي عمل ٿئي هئا ۽ ماڻهن کي تڪڙو انصاف ملي ها ته غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو جرڳائي نظام ۾ ڦاٿل نه هجن ۽ نه ئي وري املهه حياتيون ضايع ٿين ها. هاڻ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن ته جئين ڪو ٻيو جرڳن ذريعي معصوم ماڻهن جي حياتي سان کيڏي سگهي.

سنڌ جي شاهي بجيٽ ۽ غريب عوام

صاحب خان ڀٽي
بک بدحالي، بيروزگاري ۽ دهشتگردي ۾ پيڙهجندڙ عوام مٿان هن سال به بجيٽ جي نالي تي ٽيڪسن جو وڏو بار وڌو ويو آهي ۽ اهو بار صرف صوبائي حڪومتن طرفان نه پر وفاق طرفان  وڌو ويو آهي ۽ شايد ڪو صوبو ان کان بچي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي ۽ اهي قرض ادا ٿين يا نه ٿين پر ٽيڪس ڏيڻ هن ملڪ جي ماڻهن جو مقدر بڻجي ويو آهي، عالمي اداري موڊيز به دعويٰ ڪئي آهي ته  پاڪستان ۾ ٽيڪس اوڳاڙي هن سال تمام گهڻو مشڪل هوندي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته  ايندڙ چونڊين ۾ وڏو خرچ اچي سگهي ٿو. هن وقت ملڪ اندر دهشتگردي، ڌارين جي لوڌ ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا موجود آهن پر انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو سنجيده نظر نه اچي رهيو آهي، بينظير جي شهادت کان هن وقت تائين صرف ناراض ٿيڻ ۽پرچائڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ جنهن سبب مسئلا حل ٿين ته ڪيئن ٿين، جيڪڏهن هن ملڪ ڪو احتجاج به ڪري ٿو ته انهن مٿان لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويندو آهي،
هن وقت وزيراعظم نوازشري دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ملڪ اندر ترقياتي  ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي تي سي پيڪ منصوبي کان سواءِ هن ملڪ اندر ڪو به ترقياتي ڪم نظر نه اچي رهيو آهي ۽ جيڪي پاور پلانٽس جو افتتاح ڪيو ويو آهي اهو به صرف پنجاب تائين محدود آهي، جيڪڏهن  سنڌ مان چونڊيل پارٽي جي ڪارڪردگي ڏانهن هڪ نظر ڦيرائينداسين ته ان جي دور ۾ به سنڌ اندر ڪي  خاص ترقيات ڪم شروع نه ڪيا ويا هئا، ڇاڪاڻ ته ان وقت رٺلن کي پرچائڻ  وارو سلسلو هلي رهيو هو ۽هن ڀيري به ساڳي ئي صورتحال آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ اندر مهانگائي، دهشتگردي عروج تي آهي  ۽ ان جو فائدو پاڙيسري دوست ملڪ حاصل ڪري رهيا آهن جن بابت اسان جا حڪمران  پنهنجي وات مان هڪ لفظ به ڪڍندا  آهن. بهرحال هن ڀيري رمضان ۾ نئين مالي سان جي بجيٽ  پيش ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن صوبي جي عوام کان پڇيو ويندو ته اها بجيٽ عوامي هئي يا نه ؟ ته ان بابت اهو ئي جواب ملندو ته سنڌ جي حڪمرانن سنڌ جي عوام کي ٽيڪسن جي گهاڻي ۾ پيڙهي ڇڏيو آهي. جئين دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪئي ويندي آهي ائين سنڌ  جي حڪمرانن عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي،
نيب پاران ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سنڌ ۾ ڪارروايون ڪيون ويون هيون ته ان وقت سنڌ جا ناانصافي جون دانهون ٿي رهيون هيون پر جڏهن سنڌ جا ماڻهو روزگار نه ملڻ سبب سراپا احتجاج هئا ته ان وقت هتان جا حڪمران خاموش  هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀلاري مهيني ۾ نئين مالي سال 18-2017، لاءِ سنڌ جي 10 کرب، 43 ارب، 18 ڪروڙ، 56 لک رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جڏهن وڏو وزير اعلان ڪري هو تڏهن سنڌ جا آبادگار اها اميد ڪري رهيا هئا ته هن ڀيرري کين ڪو ريليف فراهم ڪيو ويندو پر افسوس جو زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪي به خاص قددم نه کنيا ويا.هونءَ ته سنڌ جو دارو مدار ئي زراعت تي آهي پر الائي سنڌ حڪومت  کي ڇا ٿي ويو آهي جو هارين کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي اهم قدم نه کنيا ويا آهن. جيڪڏهن پاڪستان جي قيام کان هن وقت تائين سنڌ جي دريائن جي صورتحال کي ڏسنداسين ته  اهو ئي لڳندو ته دريائن جا ڪپر مضبوط ڪرڻ لاءِ نه ته وفاقي حڪومت ڪي قدم کنيا  آهن ۽ نه ئي وري  صوبائي حڪومت کي محسوس ٿيو  آهي ته  دريائن کي  ڪپرن کي مضبوط ڪرائڻ گهرجي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به برسات پوندي آهي  تنهن ڏينهن کان گهارا پوڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي.
هونءَ ته وفاق وٽ پنجاب ۾ ڊيم ٺاهڻ لاءِ ته تمام گهڻا پيسا آهن پر افسوس جو ٿر سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڊيمن  کي ٺاهڻ لاءِ وفاقي سرڪار وٽ ٽڪو به نه  آهي ۽ نه وري سنڌ حڪومت سنڌ ۾ ڪو ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي رهي آهي، هڪ طرف زراعت تباهه ٿي رهي آهي ته ٻي طرف وري سمنڊ سنڌ جي زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي، جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته ايندڙ وقت سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. بهرحال سنڌ جي وڏي نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 49 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ماضي جيڪي نوڪريون ڏنيون ويون انهن کي  جعلي قرار ڏئي ڪڍيو ويو ۽ اهي دانهون به ڪري رهيا  آهن  ته نوڪري ڏيڻ عيوض  انهن کان لکين روپيا ورتا ويا ۽ ان حوالي سان ڪيترائي ڀيرا سنڌ ۾ احتجاج به ٿي چڪا آهن پر چوندا آهن ته جتي قانون جي عملداري نه هوندي آهي ته دهشتگري  ۽ ڪرپشن عروج تي هوندي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه اسان جي ملڪ ۾ به ٿي رهيو آهي،
هن ملڪ ۾ غريب لاءِ هڪڙو قانون ۽ ڏاڍي لاءِ ٻيو قانون جوڙيو ويو آهي، جيڪي نوڪريون  ڪري رهيا آهن انهن خلاف ڪو به ڪارروائي ڪرڻ  تيار نه آهي، جيڪڏهن انهن خلاف ڪارروائي جي شروعات ٿئي به ٿي ته انهن جا چمچا غريب اٻوجهه عوام کي سنڌ جي حقن ۽ شهيدن  جا واسطا ڏئي روڊن تي آڻيو ڇڏين جيڪو نظارو اسان ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ ڏسي به چڪا آهيون. جڏهن سنڌ ۾ سنڌي نوجوان گم ٿي رهيا هئا ۽ چچريل لاش ملي رهيا هئا ته ان وقت سنڌ جا ڪامورا خاموش هئا پر جڏهن سندن اهم ماڻهو گم ٿيا ته انهن ڪامورن جون ننڊون ئي حرام ٿي ويون هيون ۽ عوام کي قانون به ياد ڏياريو پيو وڃي ته  جيڪڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪيو وڃي ته انهن کي  24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽  ايوانن ۾ به انهن گم ٿيل ماڻهن لاءِ آواز اٿاريو ويو پر سنڌ جي نوجوانن جا اهنج  انهن ڪامورن کي نظر نه آيا، هن وقت سنڌ جا نوجوان بک ۽ بدحالي واري زندگي گهارن تي مجبور آهن ۽ روزگار سانگي جيڪڏهن بلوچستان وڃن ٿا ته انهن جا لاش موڪليا وڃن ٿا، اهي لاش ان ڪري موڪليا پيا وڃن ته حڪمران هن ملڪ جي عوام کان حقيقتون لڪائي عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن ۽ صرف ڪاغذي طور دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ترقياتي منصوبن جا افتتاح ڪيا پيا وڃن،
جيڪڏهن سنڌ جي اندر ئي سنڌ جي نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي ها ته اڄ بلوچستان مان سنڌي پورهيتن جا لاش نه اچن ها ۽ نه ئي سنڌ جا نوجوان بيروزگاري سبب  آپگهات ڪن  ها، هن بجيٽ جيڪي نوڪرين جا اعلان ڪيا ويا آهن اهي به ماضي ۾ ٿيل اعلانن جيان هوندو ڇاڪاڻ ته سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو عالمي يتيم خانو آهي، جتي دنيا جا عالمي يتيم ترسيل آهن ۽ نوڪريون به انهن کي  ئي ڏنيون پيون وڃن، اهو ئي سبب  آهي جو هن ملڪ جيڪي به ادارا آهن انهن ۾ سنڌي نوجوان نه هجڻ جي برابر آهي، ڪجهه عرصو اڳ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز به گڏيل قومن جي  هڪ اجلاس ۾ وڏي فخر سان چئي رهيو هو ته هنن لکين ڌارين جي لوڌ کي پاڪستان ۾ روزگار ڏنو ويو. بهرحال نوڪريون ٻين کي ڏنيون وڃن يا نه ڏنيون وڃن پر سڀ کان پهريان حق سنڌ ۾ سنڌين جو آهي ۽ سنڌ اندر ئي ادارن ۾ ڌارين جي لوڌ کي ڀرتي ڪري سنڌين کي نظر  انداز ڪيو وڃي ته ان کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي ناانصافي ٿيندي. هونءَ ته سڀني کي خبر آهي ته ٻين ادارن ۾ ڪيترا سنڌي نوجوان روزگار ڪري رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ شاهي سيد به اهو چيو هو ته ڪراچي ۾ پٺاڻن جي وجود کي تسليم ڪيو وڃي،
 ان کان اڳ واريون حالتون ته سڀني کي خبر آهي ته هڪ ڀائي جي اشاري تي ڪراچي ۾  خون جون نديون وهايون وينديون هيون ۽ ڪراچي کي پنهنجي جاگير سمجهيو ويندو هو . بهرحال اها سٺي ڳالهه آهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملازمن جي پگهارن ۾ پندرنهن سيڪڙو ۽ پينشن ۾ ڏهه سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي، پر جيڪو نوڪرين جو اعلان ڪيو ويو آهي ان تي شايد ڪڏهن عمل نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته اڳ ئي ڌارين جي لوڌ آهي ۽ اهي نوڪريون انهن کي ئي ملي سگهن ٿيون ڇاڪاڻ ته ماضي جيان هن ڀيري ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي ميرٽ جي سڀني کي خبر آهي ته هتي ڪامورا ميرٽ  ڇا کي چوندا آهن ، اهي نوڪريون ميرٽ رکندڙ  کي ئي ملي سگهن ٿيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ مجموعي طور ترقياتي خرچن لاءِ 3 کرب 44 ارب، 6 ڪروڙ، 78 لک رپيا رکيا آهن، جنهن ۾ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 2 کرب 44 ارب رپيا ۽ ضلعي ترقياتي خرچن لاءِ 30 ارب رپيا شامل آهن. هاڻ ڏسڻو اهو  آهي ته اهو ترقياتي ڪم قلندر لعل جي مزار جي تعميراتي ڪم جيان جاري رهندا يا وري جانهن ترقياتي ڪمن لاءِ رکيل پئسن ک امانت طور واپس وفاق جي حوالي ڪيو ويندو،
 ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ به سنڌ حڪومت اهو اعتراف ڪري چڪي آهي ته هو بجيٽ کي خرچ نه ڪري سگهيا آهن. سنڌ جا روڊ رستا به سڀني جي سامهون آهن،  بجلي  جي پيدا وار سنڌ ۾ ٻڙي برابر آهي جيڪڏهن سڪيورٽي معاملي تي اينداسين سان ته ان ۾ به سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي جيڪڏهن سنڌ اندر سڪيورٽي جا انتظام سخت هجن ها ته ججن جا ٻار اغوا نه ٿين ها ۽ نه ئي وري روڊ حادثن ۾ ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ها. صوبائي حڪومت بجيٽ ۾ تعليم لاءِ ٻه کرب ۽ ٻه ارب رکيا آهن، هڪ طرف تعليم ايمرجنسي آهي ته ٻي طرف چين کان ليپ ٽاپ وٺي ورهائڻ جي لاءِ اعلان به  ڪيا پيا وڃن، مطلب ته ليپ جو ٺيڪو ٻي ڪنهن ملڪ نه پر پاڙيسري ملڪ کي ئي ڏنو ويندو، اهو ڀلو ٿيو جو ته پاڙيسري ملڪ سان دوستي لاڳاپ بهتر آهن ان کي خوش ڪرڻ لاءِ هتان جي غريب شاگردن کي ليپ ٽاپ ملي رهيا آهن نه ته هي حڪمران اهو پيسو به گم ڪري ڇڏين ها. خبر ئي نه پئي ها جيئن ماضي جيڪي قرض ورتا ويا جن بابت هن وقت تائين خبر نه پئجي سگهي ته اهي آخر ڪهڙن ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪيا ويا.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ حڪومت کي ليپ ٽاپ ورهائڻ کان اڳ سنڌ جي بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ گهرجي ۽ جن علائقن ۾سرڪاري اسڪول نه آهن اتي اسڪول تعمير ڪرايا وڃن ته جئين سنڌ جي ماڻهن جو مستقبل بچي سگهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تعليم جيان صحت جون سهولتون به سنڌ اندر نه هئڻ برابر آهي، جنهن سبب هزارين ماڻهو  ڪيترن ئي بيمارين ۾ مبتلا آهن. هونءَ ته ڪجهه  سرڪاري اسپتالن کي  اين جي اوز  جي به حوالي ڪيو ويو آهي. جنهن سبب مريض پريشان آهن. هونءَ ته وڏي ويري سيد مراد علي  شاهه چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪسس نه لڳايو ويندو، هن اهو به چيو هو ته پرڏيهي امدادي منصوبن جي مد ۾ وصولين جو ڪاٿو 42.7 ارب رپيا آهي. ٽيڪس ۽ غيرٽيڪس وصولين جي مد ۾ صوبي جي پنهنجن وسيلن مان آمدني جو ڪاٿو هڪ کرب 99 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. خرچن جي مد ۾ بجيٽ جو ڪاٿو 10 کرب 43 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.  بهرحال هي بجيٽ به عوام لاءِ فائديمند ثابت نه ٿي  سگهندي ڇاڪاڻ ته هن صوبي ۾ گيس، پيٽرول ۽ ٻيا معدني ذخيرا هوندي به سنڌ جي حڪمرانن توانائي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي وري گيس سميت  ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.


Friday 9 June 2017

برطانيا ۾ جڙندڙ گڏيل حڪومت

صاحب خان ڀٽي
برطانيا ۾ جي چونڊن ۾ ڪنزرويٽو پارٽي اڪثريت سان سيٽون حاصل ڪيون آهن سندس مقابلي ۾ ليبر پارٽي آهي پر ان باوجود  ڪنزرويٽو پارٽي ئي اتحادي حڪومت جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته ڪنزرويٽو پارٽي يونسنسٽ پارٽي سان به رابطا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن، اليڪشن کان اڳ برطانوي وزيراعظم يورپي يونين کان  مڪمل طور ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو به عوام سان  واعدو ڪيو هو  پر جڏهن چونڊون ويجهو آيون ته ملڪ اندر حالتون خراب ٿي ويون ۽ مجبورن برطانوي وزيراعظم کي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪرڻو پيو، پر جڏهن لنڊن برج تي حملو ٿيو ته ان وقت برطانوي وزيراعظم ٿريسامي مقرر وقت تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو .
جڏهن  برطانيا ۾ چونڊن جو اعلان ٿيو تڏهن ئي  اتي حالتون  خراب ٿي ويون  هيون پر ان باوجود برطانوي وزيراعظم ٿريسامي اهو اعلان ڪيو هو ته چونڊون وقت موجب ٿينديون ۽ ان ۾ ڪو به ردو بدل نه ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان چونڊن جا انتظام بهتر ڪيا ويا هئا پر افسوس جو  هن ڀيري  ڪنزرويٽيو پارٽي کي برطانيا ۾ اڪثريت نه ملي سگهي آهي، ان جا به ڪيترائي سبب آهن پر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا اندر  عورت اميدوارن وڏي انگ ۾ ڪامياب حاصل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ عورت اميدوار تمام گهڻو گهٽ هيون پر هاڻوڪي چونڊن کانپوءِ برطانيا ۾ عورت اميدوارن جي انگ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.جئين ته برطانيا ۾ٿيل چونڊن ۾ ڪنزرويٽو پارٽي اڪثريت حاصل ڪئي آهي پر حڪومت ٺاهڻ لاءِ کيس 326  سيٽنن جي ضرورت آهي پر ڪنزرويٽو پارٽي صرف 318 سيٽون کڻي سگهي آهي.
جڏهن ته ليبر پارٽي سان تعلق رکندڙ 8 پاڪستاني نسل برطانوي شهرين سميت 111 اميدوار به ڪامياب قرار ڏنا ويا آهي، برطانيا ۾ 650 سيٽن تي چونڊون ٿيون هيون جن مان 3 هزار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو هو، جنهن ۾ 30 پاڪستاني نسل جا برطانوي شهري به شامل هئا، جن مان 11 پاڪستاني نسل جي برطانوي شهرين ڪاميابي ماڻي آهي.  جيڪي پاڪستاني نسل برطانوي شهري اميدوار ڪامياب ٿيا آهن انهن ۾ پنج عورتون به شامل آهن. برطانوي چونڊين ۾ جيڪي پاڪستاني نسل جي برطانوي شهري اميدوار ڪامياب ٿيا  آهن انهن مان اميدوار ليبر پارٽي  جا آهن.  جڏهن ته ٽن جو تعلق ڪنزويٽو پارٽي سان آهي. نصرت، رحمان چشتي ۽ ساجد جاويد  به پاڪستاني نسل برطانوي شهرين ۾ شامل آهن جن جو تعلق ڪنزرويٽو پارٽي سان آهي.  جڏهن ته فيصل رشيد، شبانه محمود، افضل خان، عمران حسين، ناز شاهه، خالد محمود، روزينا الين خان  ۽ ياسمين قريشي جو تعلق وري ليبر پارٽي سان آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ڀيري برطانيا اندر ڪنزرويٽو پارٽي  ۽ ليبر پارٽي ۾ چوٽي جو مقابلو ٿيو آهي، جيئن ته هن ڀيري برطانيا اندر ڪا به پارٽي اڪثريت نه ماڻي سگهي آهي، جيڪڏهن ڪنزرويٽو پارٽي گهربل سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته برطانيا اندر بنا اتحاد جي حڪومت ٺاهي سگهي پئي پر هن  ڀيري  برطانيا اندر حالتون تبديل ٿي چڪيون آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ هڪ ته يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ٻيو ته دهشتگردي جا واقعا به ڪنزرويٽو پارٽي جي حڪومت ۾ تمام گهڻا پيش اچي رهيا هئا جيڪي اڄ به جاري ۽ ساري آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته برطانوي وزيراعظم ٿريسامي جي يونسنسٽ پارٽي سان اتحاد ڪري ٿي ته  پوءِ  سندس پارٽي جون سيٽون 329 تائين پهچي وينديون  ۽ هو  آساني سان حڪومت ٺاهي سگهي ٿي،
ليبر پارٽي جڏهن ويلز ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ 29 واڌو سيٽون کنيون هيون ته ان وقت چيو ويو ته اقليتي حڪومت ڪڏهن نه ٺاهي ويندي، بهرحال هن وقت ڪنزرويٽو پارٽي  کي سرسي حاصل آهي.  جيڪڏهن ايس اين پي، لبر ڊيمڪوريٽس، گرين پارٽي ۽ پلائيڊ ڪيمري جي اتحاد ۾ شامل ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ  لبير پارٽيون جون ٽوٽل سيٽون 313  ٿينديون جنهن سبب ليبر پارٽي ڪنهن به صورت ۾ برطانيا اندر   حڪومت  ٺاهي نه ٿي سگهي، باقي رهي ڳالهه ڪنزرويٽو پارٽي جي ته  اها پارٽي هن وقت به اڪثريت ۾ آهي ۽ ان حوالي سان  برطانوي وزيراعظم ٿريسامي بڪنگهم  پيلس ۾  راڻي سان ملاقات ڪئي ۽  اهو  پنهنجي عوام سان واعدو به ڪيو آهي ته هو برطانيا کي يورپي يونين کان نجات ڏياريندي.
 بهرحال هن وقت سڀ کان وڏو چيلنج  ڪنزرويٽو پارٽي لاءِ  يونسنسٽ پارٽي جي حمايت کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال آهي، ڇاڪاڻ ته   بڪنگهم پيلس ۾ راڻي  سان ملاقات کانپوءِ هن تمام وڏا واعدا ڪيا آهن ته هو عوام  جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي ۽ يورپي يونين کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ويندو.  هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر ڪهڙي ريت ڪنزويٽو پارٽي حڪومت ٺاهي عوام جي مسئلن کي حل ڪندي  پر  برطانيا جي هاڻوڪي چونڊين ۾ هڪ  ڳالهه ته واضع ٿي وئي  آهي ته  برطانيا ۾ به  هاڻ ٻين ملڪن وانگر ڪا پارٽي اڪثريت ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندي.

هاڻوڪي چونڊن  بعد برطانيا اندر انهن انتهاپسندن کي به شڪت ملي آهي جيڪي برطانيا اندر مذهبن جي نالي تي دهشتگردي پکيڙي رهيا آهن، جڏهن آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون ٿيون هيون ته ان وقت ماحول  ڪافي مختلف هيو ڇاڪاڻ ته اتي  ڊونلڊ ٽرمپ مسلمانن تي پابندي لڳائڻ سان گڏ  اهڙا اعلان ڪري رهيو  هو جنهن سان اتان جي عوام کانئنس پريشان ٿي وئي  هئي. هون ءَ ته برطانوي چونڊن ۾ کوڙ ساري پارٽين چونڊن ۾  حصو ورتو آهي، جڏهن  برطانوي ٿريسامي دهشتگردي بعد چونڊن جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت چيو پئي ويو ته هن ڀيري به اها ئي پارٽي ڪامياب ٿيندي ڇاڪاڻ ته دهشتگردي خلاف جيڪي به ٿريسامي طرفان اعلان ڪيا ويا انهن مان اتان جي عوام مطئمن نظر اچي رهي  هئي. بهرحال دهشتگردي سبب برطانيا اندر مسلمان خلاف جيڪي نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، اها ناڪام ٿي پر آمريڪا اندر جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هو، هن ڀيري  ماضي جي ڀيٽ ڪيترن ئي مسلمان اميدوارن به برطانيا ۾ چونڊن دوران ڪاميابي ماڻي آهي ۽ مسلمان اميدوارن جي ڪاميابي کانپوءِ  برطانيا اندر اهو تاثر ختم ٿيڻ لڳو آهي ته برطانيا اندر صرف مسلمان ئي دهشتگردي ڪري رهيا آهن، برطانوي وزيراعظم ٿريسامي چيو آهي ته هو ڊي يو پي سان گڏجي مضبوط حڪومت ٺاهيندا  ۽ عوام جي خدمت ڪندا.