Pages

Tuesday 28 November 2017

سنڌ جي ناليواري صحافي ستار ڀٽي جو وڇوڙو

صاحب خان ڀٽي
سنڌ ڌرتي صوفين جي سرزمين آهي، جتي ڪيترائي انمول ڪردار پيدا ٿيا آهن، جن ڏيهه توڙي پرڏيهه پنهنجي صلاحيتن سبب وڏو نانءُ ڪمايو آهي، ڪافي ڪردار اهڙا به جن پنهنجي سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي،اهڙن ڪردارن  مان ستار ڀٽي به هڪ هو، جنهن پنهنجي لکڻين سان سنڌ جي عوام جا اهنج اعليٰ ايوانن تائين پهچايا، ستار ڀٽي پنهنجي سڄي زندگي صحافت ۾ گذاري، جنهن پنهنجي قلم ذريعي ماروئڙن جا مسئلا بيان ڪري صحافت ۾ هڪ وڏو مقام حاصل ڪيو،
ستار ڀٽي سنڌ جي هر هڪ ٻرندڙ مسئلي کي پنهنجي قلم ذريعي نروار ڪندي صحافتي جنگ وڙهي، آخر ڪار اڀاڳي نومبر جي 14 تاريخ تي اسان سنڌ واسين کان هميشه لاءِ ڏور هليو ويو، جتان هو ڪڏهن به واپس اچي نه سگهندو، سندس وڇوڙي کان پوءِ صحافت ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. ستار ڀٽي هميشه حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جي هدايت ڪندو هو، هو جنهن سان به ملندو هو ته اهو شخص کانئنس ايترو متاثر ٿيندو هو، جو هو ساڻس ٻيهر ملڻ لاءِ اچي ويندو، سنڌ لٽريچر فيسٽيول هجي يا ڪو ٻيو ادابي پروگرام ستار ڀٽي ضرور شرڪت ڪندو هو، کيس ڪتابن سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي، جيڪو به ڪتاب ڏسندو هو، هو خريد ڪري ضرور پڙهندو هو، سندس ادب سان به تمام گهڻو لڳاءُ هو.
ستار ڀٽي جنهن سان به ملندو هو ته وڏي پاٻوهه سان ڀاڪر پائي ملندو هو، ناليواري صحافي ذوالفقار واهوچي سندس لاءِ لکيو آهي ته “ ستار ڀٽي جڏهن به موسيقي جا پروگرام ۽ سيمينار منقعد ڪندو هو تڏهن سنڌين جو چاڪليٽي هيرو سڏبو هو.تمام متحرڪ هوندو هو، پنهنجي ڳالھه  چوڻ ۾ هٻڪ بو نه هو، پ پ پ سان تمام گهڻو ويجهو هو”  جڏهن ته ٻين صحافين به ستار ڀٽي جي وڇوڙي کي سنڌي صحافت ۾ وڏو خال قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهو خال شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. ستار ڀٽي وڏيرن جي ستايلن، مظلومن ۽ ڏتڙيل طبقي جو آواز هو، هو هميشه عوامي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ قلم کي پنهنجو هٿيار بڻائندو هو، سندس لکڻين کي تمام گهڻو پڙهيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته سندس لکڻين ۾ سنڌ جو درد سمايل هوندو هو، اڄ  هو جسماني طور تي اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس لکڻين ۾ سنڌ واسين جي لاءِ درد  محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ستار ڀٽي غريبن جو غم خوار ۽ مسڪينن جو بي يار و مددگار هو، جيڪو ڪنهن به ماڻهو کي پريشان ڏسندو هو ته هو ان کان حال احوال ضرور وٺندو هو،
ستار ڀٽي  ٿورڙي ئي عرصي ۾ صحافت ۾ وڏو نانءُ ڪمايو هو،  جنهن مظلومن ۽ مسڪينن جي ڏکن، سورن ۽ اهنجن  کي پنهنجي مٿان بار سمجهندو هو، جنهن کي لاهڻ لاءِ قلم جو سهارو وٺندو هو ۽ هر هڪ مسئلي کي پنهنجي قلم ذريعي سمورن مسئلن کي ايوانن  تائين پهچائيندو هو. ستار ڀٽي جي لکڻين ماروئڙن، جهانگيڙن، مسڪينن ۽ غريبن  جو درد شامل هوندو هو، جنهن کي پڙهي اهو محسوس ٿيندو هو  ته اهو ڪنهن مسڪين، غريب ۽مظلوم جو درد نه پر سندس ذاتي درد آهي. اڄ جي دور ۾ شايد ئي ڪو اهڙو صحافي هجي جنهن پنهنجي لکڻين ۾ غريبن، مسڪينن جو درد بيان ڪيو هجي.
ستار ڀٽي سنڌ جو واحد صحافي هو، جنهن پنهنجي قلم ذريعي غريبن، مسڪينن لاءِ جهاد ڪيو، جيڪو شايد ئي ڪو ڪري سگهي.  ستار ڀٽي جڏهن به لکندو هو ته سندس لکڻين ۾ ڀٽ شاهه جي ديس جي خوشبو ايندي هئي، سندس لکڻين کي پڙهي ايئن محسوس ٿيندو هو، جيئن ٿر ۾ برسات پئي هجي ۽ ماروئڙا خوش ٿيا هجن. هونئن ته سڄي سنڌ ۾ڪيترائي صحافي آهن، جيڪي  سنڌ جا تمام وڏا صحافي ۽ ليکڪ سڏيا ويندا آهن پر ستار ڀٽي جي لکڻيون صرف ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهن جي لاءِ هونديون هيون. سنڌ جا ماڻهو سندس ڪتاب ايئن پڙهندا آهن جيئن ڪو اڃايل ماڻهو پاڻي کي پيندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ستار ڀٽي جڏهن به قلم کنيو، حق ۽ سچ لاءِ کنيو، هن قلم ڪڏهن به ڪنهن مظلوم ۽ غريب ماڻهو خلاف نه کنيو، هميشه پنهنجي قلم سان غريبن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس قلم هميشه حق ۽ سچ کي بيان ڪيو.
ستار ڀٽي سنڌ جي قلم ڌڻين مان هڪ وڏو قلمڪار هو، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ جو هڪ سچو سپاهي هو، هن قلم کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ لاءِ کنيو، جنهن پنهنجي ذات ذريعي جهر جهنگ جي ڏکن کي پنهنجن لکڻين ذريعي دنيا تائين پهچايو، هو ڪڏهن به ڪنهن وڏيري ۽ ڀوتار جي حمايت ۾ نه لکيو، هميشه حق ۽ سچ جي راهه تي هليو ۽ ٻين کي به حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جي هدايت ڪئي. سندس سوچ ۽ فڪر ۾ ماروئڙن جا درد شامل  هوندو هو. هن پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌ جي ننڍي وڏي مسئلي لاءِ آواز اٿاريو  ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي کنيو هو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن نفسا نفسي جي دور ۾ جتي هر هڪ ماڻهو پنهنجي پيٽ گذر سفر ڪرڻ  کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي پر ستار ڀٽي اهو واحد شخص هو ، جنهن پنهنجي ذات کان ڪنهن به شخص کي ڪا به تڪليف نه پهچائي هئي،
ناليواري صحافي ستار ڀٽي کي جيڪڏهن سنڌ جو ليجنڊ قرار ڏنو وڃي ته اهو به سندس شان ۾ تمام گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جو اهو هيرو هو جيڪو تمام گهڻو انمول هو، ستار ڀٽي جهڙيون شخصيتون صدين ۾ جنم وٺنديون آهن، 14 نومبر 2017 ع واري ڏنهن اسان سڀني سنڌين کان وڇڙي ويل ستار ڀٽي سنڌ جو هڪ اثاثو  هو، جيڪو اسان کان هميشه لاءِ کسجي ويو آهي، هو سنڌ جي لاءِ هڪ صدي جو خال ڇڏي هو، جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته ستار ڀٽي ظلم ۽ بربريت جي انتهاهجي يا ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل هجن، هو انهن مسڪينن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو هو.  ستار ڀٽي پنهنجي لکڻين ۾ ان وقت به سنڌ جي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن لاءِ لکيو  جڏهن حق ۽ سچ لکڻ تمام وڏو ڏوهه سمجهيو ويندو هو.هو هميشه  سڀني کي جيئڻ ۽ ٻين کي جيئارڻ جو درس ڏيندو هو. هن  بناڪنهن خوف جي سنڌ جي غريب ماڻهن جي لاءِ لکيو ۽ سنڌ جي هڪ سچي سپوت هجڻ جو ثبوت ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سڄي سندس وڇوڙي تي سوڳ ۾ ورتل ۾ آهي.
ستار ڀٽي جيڪي به خدمتون ڪيون آهن، کييس تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ سان ٿڃ  نڀائي ۽ سنڌ جي ماروئڙن جي حقن لاءِ  وڙهيو. ستار ڀٽي ڪيترائي ڪتاب به لکيا، هو سنڌ جي انهن قلمڪارن مان هو، جيڪي صرف سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ جيئندا آهن، هن هميشه حق ۽ سچ جي لاءِ قلم کي کنيو ۽ ٻين کي به ان راهه تي هلڻ جي هدايت ڪئي. ستار ڀٽي پورٽ قاسم ۾ ڪم ڪندو هو ريٽائرمنٽ کان پوءِ هو گهر ۾ موجود هو پر ان باوجود هو هميشه سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ قلم ذريعي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصفين کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ  لکندو هو، جيتوڻيڪ اڄ هو اسان وٽ جسماني طور موجود نه آهي پر سندس سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.


Sunday 26 November 2017

چونڊون وقت تي ٿينديون؟

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ چونڊون ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن، هڪ طرف تڪ بندين جو مسئلو آهي ته ٻي طرف وري سياسي جماعتن ۾ به ڇڪتاڻ جو سلسلو برقرار آهي، جنهن سبب هڪ طرف معيشت کي نقصان پهتو آهي ته ٻئي طرف وري عام ماڻهو مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ نوازليگ جاتي امرا ۾ گڏجاڻيون ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جنهن سبب حالتون بهتر ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن، جيڪڏهن ڪو احتجاجي ڌرڻوٿئي ٿو ته ان کي ختم ڪرائڻ لاءِ به فوج کي طلب ڪيو وڃي ٿو، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس به  حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي، جڏهن ملڪ جون   اهڙيون حالتون هجن ته ڪهڙي ريت هي ملڪ ايندڙ چونڊن کي برداشت ڪري سگهندو. هڪ طرف سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانوبڻائي وڃي ٿو ته ڪڏهن اسلام آباد جهڙي ريڊ زون ۾ صحافين تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ جوابدار گرفتار ئي نه ٿا ٿين ۽ نامعلوم دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندي پنهنجي ٻرن ۾ لڪي وڃي ويهي رهن ٿا.  بلوچستان ۽ سنڌ جون حالتون به ڪنهن کان لڪيل نه آهن، ميڊيا کڻي  ڪجهه به ڏيکاري پر دنيا سڄي حقيقت ڄاڻي ته پاڪستن ۾ اڄ ڪلهه ڪهڙيون حالتون آهن ۽ ان جو ذميوار ميڊيا يا عام ماڻهو نه پر هتان جون نامعلوم طاقتون آهن، جن جي غلط فيصلن سبب اڄ ملڪ اندر ڌارين جي لوڌ آهي، جنهن سبب بي روزگاري وڌي وئي آهي۽  هر طرف دهشتگردي جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن ۽ هتان جا ادارا ڌارين کي آباد ڪري  انهن جي مهمان نوازي ڪرڻ ۾ پورا آهن  ۽ هتانن جي اصلوڪن لوڪن مٿان واٽر ڪينن جو استعمال ۽ شيلنگ ڪئي پئي وڃي، سنڌ سرڪار جو به ساڳيو ئي ورتاءُ رهيو آهي، جهڙي  ريت وفاق سنڌ سان ڪري رهيو آهي، اهڙي ريت سنڌ سرڪار به سنڌ جي ماڻهن سان ساڳيو سلوڪ ڪري رهي آهي، وفاق به افغان مهاجرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري ٿو ته سنڌ سرڪار به بنگالين، بهارين، برمين کي آبادڪار لاءِ اليڪشن کان اڳ سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن، جيئن ته ڪجهه طاقتن سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اڳواڻن کي سرگرمين کان به روڪي ڇڏيو آهي پر ان باوجود سنڌ جا ساڃاهه وند اهڙي جبر کي سهندي پنهنجو آواز اٿارڻ لاءِ هر فورم استعمال ڪري رهيا آهن، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي  سنڌ جي مسئلن کي کڻڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي پرسوشل ميڊيا تي به هلندڙ مهم انهن کان برداشت نه ٿي ٿئي، جنهن سبب مختلف قانون پاس ڪري عوامي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙن کي محدود ڪيو ويو آهي. بهرحال اهو ظلم سنڌين تي هن ملڪ جي قيام کان وٺي هلي رهيو آهي، ڪڏهن سنڌ جي چونڊيل نمائندن سنڌ سان ظلم ڪيو  ته ڪڏهن ٻين صوبن جي پارٽين سنڌين جا حق کسيا. هن وقت ٿوريون حالتون تبديل ٿي چڪيو آهن، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ نوازشريف کي نااهل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پنجاب جي سڀ کان وڏي پارٽي مطلب ملڪ جي  وڏي پارٽي جو سربراهه آهي، اڄ ڪلهه عدالتن خلاف بيان ڏيڻ ۽ انتقام وٺڻ جون دانهون ڪري رهيو آهي. نيب به نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، احتساب جي حڪم تي شريف ڪٽنب تي ريفرنس بابت نيب جاچ به ڪري رهي آهي، هاڻ ته نواز ليگ جي لاءِ سياست به تمام گهڻو ڏکي ٿيندي پئي وڃي، هڪ طرف نوازشريف جي پارٽي جو مستقبل تي داءُ تي لڳي ويو آهي ته ٻي طرف سندس ڪٽنب جي خلاف جاچ به سندن لاءِ ڏکيائون پيد ڪري ڇڏيون آهن. ماضي ۾ جڏهن به نوازشريف تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته پيپلزپارٽي سندس تمام گهڻو ساٿ ڏنو هو پر افسوس جو اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي رويي سبب  پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ڇڪتاڻ تمام گهڻي وڌي وئي هئي، ايتري قدر جو ڪيترائي ڀيرا نواز شريف پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي پرچائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي پر مختلف وقتن تي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اينديون رهيون، جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ويجها دوست اغوا ٿي ويا هئا ته ان وقت به ايوانن ۾ماڻهن جي گم ٿيڻ جو آواز اٿاريو ويو هو ۽ سنڌ جي ڪامورن کي قانون به ياد آيو هو ، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ته ايوان ۾ تمام گهڻو آواز به اٿاريو ويو هو، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي کي آصف زرداري جي ويجهي ساٿين جي اغوا تي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافيون به ياد اچي ويون هيون، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف به سڄي سنڌ ۾ احتجاج شروع ڪيا ويا هئا پر هاڻ لڳي ٿو ته سنڌ کي سمورا حق ملي رهيا آهن جنهن سبب هاڻ ڪو به احتجاج  نه ٿي رهيو آهي. بهرحال هن وقت ٻنهي پارٽين ۾ وچ ۾ ويڇا ساڳي ريت موجود آهن ۽ پيپلزپارٽي واضح طور چئي چڪي آهي ته هو نوازشريف جو جمهوريت خاطر ساٿ ڏيندا هئا پر هاڻ هو نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي  سياسي ميدان خالي ٿي چڪو آهي ۽نواز ليگ جو پري پري تائين ڪو به سياسي مستقبل نظر نه اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف کي نااهل قرار ڏيڻ بعد نوا ليگ کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي ۽ پارٽي کي ساڳي پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ نوازشريف کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن نوازشريف تان نااهلي جو ليبل ختم به ٿي وڃي ٿو ته حديبيه پيپر ملز سميت ٻيا ڪيترائي  ڪيس شريف ڪٽنب مٿان هلي رهيا آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جاچ به هلي رهي آهي. حديبيا پيپرز ملز  جي ڪيس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار  به پيش ٿيو هو پر اڄڪلهه هو هن ملڪ کان ٻاهر آهي، سندس علاج ٿي رهيو آهي. خبر ناهي ته هو ڪڏهن ڏيهه ورندو پر ايترو ضرور آهي جو جڏهن به ڏيهه واپس آيو ته سندس گرفتاري جا تمام گهڻا امڪان آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن نيب شريف ڪٽنب کي پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا پر انهن مان هڪ به فرد نيب آڏو پيش نه ٿيو هو، جنهن تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو هو ته نوازشريف کي ڪرپشن ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري ڏيکاريندو. رهي ڳالهه تحريڪ انصاف جي ته  تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي به پارٽي فنڊنگ جو ڪيس هلي رهيو آهي، جيڪو به هڪ حساس ڪيس آهي ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪيس به تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان خلاف هلي رهيا آهن. پي ٽي وي تي حملو، پارليامينٽ تي حملو ۽ ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تشدد ڪيس سميت چار ڪيس دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت ۾ هلي رهيا آهن. جنهن جي هڪ ٻڌڻي ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به پيش ٿي چڪو آهي، مطلب ته نوازشريف خلاف فيصلواچي چڪو آهي ۽ باقي عمران خان خلاف فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، جنهن جو هن ملڪ جي عوام کي بيچيني سان انتظار آهي.  پر هن وقت جيڪي حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته چونڊون وقت  تي ڪرائڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي، هڪ طرف نيب ريفرنسز  جون ٻڌڻيون ته  ٻي طرف وري ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، جنهن سبب مهانگائي  به ٿي آهي ۽ معيشت کي به ڌڪ رسيو آهي ۽ سمورين سياسي جماعتن جي اها خواهش آهي ته انهن جو پارٽي سربراهه وزيراعظم ٿئي پر هاڻ  ايندڙ چونڊن ۾ ڪير وزيراعظم ٿو ٿئي، ان جو  فيصلو ته عوام کي ئي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته، نه ته ماضي جيان هن ڀيري به هلندڙڇڪتاڻ جو نقصان جمهريت کي ئي ٿيندو.


ڪمند جو فصل ۽ آبادگارن جي پريشاني

   صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار پاران هارين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، جنهن سببب نه ته هارين کي فصل جو سٺو اگهه ملي سگهي ٿو نه ئي وري انهن جي فصل کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪو تيار آهي، هڪ ته حڪومت هارين کي ٻين ضلعن ۾ فصل کڻي وڃي وڪرو ڪرڻ جي اجازت ٿي ڏئي ۽ نه ئي پرڏيهي ملڪن جي واپارين کي ملڪ ۾ آڻي سارين ۽ ڪڻڪ جو سٺو اگهه ڏيارڻ لاءِ ڪو قدم کڻي ٿي، جنهن سبب سنڌ جو آبادگار فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، اڄ به سنڌ ۾ ڪيترائي هاڻي پاڻي نه ملڻ سبب پريشان آهن ۽ ڪيترائي ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي پر حڪومت پاران  ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي. گذريل سال جيان هن سال به آبادگارن کي فصل جو صحيح اگهه نه ملڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون ۽ هارين پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج  به ڪيا ويا پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري آهي. هارين جو چوڻ آهي ته، نه ته انهن کي سارين جو سٺو اگهه ملي ٿو ۽ نه ئي وري انهن جي ڪڻڪ سٺن اگهن ۾ خريد ڪئي وڃي ٿي، هڪ ته ڀاڻ مهانگو آهي ته ٻي طرف پاڻي به کين گهٽ ملي رهيو آهي، ان باوجود جڏهن فصل تيار ٿئي ٿو ته حڪومت انڌي ٿي وڃي ٿي ۽ گهٽ اگهن تي فصل خريد ڪرڻ جامختلف حربا استعمال ڪيا ويندا آهن. بهرحال اڄڪلهه به ڪمند جي  خريداري نه ٿيڻ سبب آبادگار تمام گهڻو پريرشان آهن ۽ سندن  ڪمند سڪي رهيو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ به جڏهن هڪ نمائندي ڪمند جي خريداري بابت آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جي مائيڪ جو آواز بند ڪيو ويو، جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي ويو ته سنڌسرڪار ۾ ويٺل وزير، مشِير شگر مل مافيا جا ساٿاري آهن ۽ اهي آبادگار دشمن پاليسين جا حامي آهن، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته اڄ  سنڌ ۾ جيڪي به شگر ملز آهن ۽ اهي هڪ سياسي شخصيت جون آهن ۽ جيڪو مافيا وارو رول ادا ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ جي آٻادگارن کي پريشان ڪرڻ ۾ ڪا ب ڪسر نه ڇڏي اٿس، سنڌ ۾ صرف هڪ ئي جماعت آهي، جيڪا نٿي چاهي ته هارين جو ڀلو ٿي سگهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته اڄ ڪمند نه سڪي رهيو  هجي ها ۽ حڪومت اسيمبلي ۾ آواز اٿارڻ جو به چونڊيل نمائندي کان حق نه کسي ها.  هي ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي، اڳ به ڪيترائي ڀيرا سنڌ ۾ڪمند جي فصل تي  شگر ملز مافيا ۽ هارين وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي رهي آهي، گذريل سال هارين پاران اعلان ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن سندن هن ڀيري ڪمند نه ورتو ويو ته هو ڪمند جو فصل  ڪڏهن به نه ڪندا،، پر جيئن ته هن سال به هارين ڪمند جو  فصل پوکيو ته  شگر ملز مافيا ماضي ورجائيندي هارين کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪمند خريدڻ کان انڪار ڪري  ڇڏيو، جنهن سبب آبادگار پريشان  ٿي ويا آهن، ڪجهه زميندارن ته پنهنجي ڪمند کي ساڙڻ جي به ڌمڪي ڏني، ايتري قدر جو ڪمند کي باهه ڏئي ساڙي ان جي ويڊيو به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي،جنهن ۾ چيو ويو ته شگر ملز مافيا ڪڻڪ خريد نه پئي ڪري جنهن سبب هو ڪمند کي ساڙي  رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته کين ٻيو به فصل پوکڻو آهي. بهرحال اها وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته اهي غريب هارين جا مسئلا حل ڪن ۽ جيڪي شگر ملز مالڪ آهن، انهن کي پابند ڪيو وڃي ته جيڪي به  هارين جا مسئلا آهن انهن کي فوري طور حل ڪي وڃي ۽ ڪمند جي فصل جي وقت سر خريداري ڪئي وڃي ته جئين هارين جو معاشي قتل عام بند ٿي سگهي، جيڪڏهن اهو سلسلو  هن سال به نه رڪيو ته مستقبل ۾ آبادگار ڪڏهن به ڪمند نه پوکيندا  ۽ سنڌ ۾ ته کنڊ جو بحران ٿيندو پر سڄي ملڪ ۾ به شديد بحران پيدا ٿي ويندو ۽ ان جو نقصان به صرف عام ماڻهو کي ئي ٿيندو. وزير ۽ مشير جيئن آهن ۽ تئين رهندا ۽ مهانگي شين جو انهن تي ڪو به اثر نه پوندو. هاڻ ته اسان ته صرف سپريم ڪورٽ کي عرض ڪنداسين ته سنڌ جي آبادگارن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ فوري طور پاڻ مرادو نوٽيس وٺي شگر ملز مافيا جي هوڏ کي ختم ڪري ته جئين سنڌ جي  هارين جي پريشاني ختم ٿي سگهي. 

Saturday 25 November 2017

اسلام آباد ڇڪتاڻ جا جمهوريت تي پوندڙ اثر..!!

صاحب خان ڀٽي
اسلام آباد  ۾ فيض آباد انٽر چينج وٽ مذهبي جماعتن پاران قانون واري وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ لاءِ لڳل احتجاجي ڌرڻو 20 ڏينهن تائين جاري رهيو، عدالت پاران سوال به ڪيو ويو ته آخر انهن جي کاڌي پيتي جو خرچ ڪير پيو ڪري؟ ايتري قدر جو اسلام آباد هائيڪورٽ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت نوٽيس به جاري ڪيو ۽ عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪم به جاري ڪيو پر ان باوجود ڌرڻوختم نه ٿي سگهيو، وفاقي حڪومت پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن هون ڌرڻي خلاف ڪو قدم کڻندا ته حالتون به خراب ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته کين خبر پئي آهي ته  ڌرڻي تي ويٺل مذهبي جماعتن جي  ڪارڪنن وٽ هٿيار به موجود آهن،  جيڪڏهن حڪومت انهن خلاف آپريشن ڪيو ته حالتون خراب  ٿيون وينديون، عدالت پاران به ريمارڪس ڏيندي چيو ويو هو ته عدالتي حڪومت باوجود آپريشن نه ڪرڻ عدالتي حڪمن کي گهٽ ڏيکارڻ برابر اهي،
 بهرحال گذريل ڏينهن حڪومت ٿرٿلي ۾ آئي ۽ الٽيميٽم خمت ٿيڻ بعد گذريل ڏينهن 12 وڳي آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن بعد ريڊ زون علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، هر طرف والاريل ڪشمير جهڙا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، ڪراچي، لاهور ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ احتجاج ڪندڙن جي حمايت ۾ روڊن تي نڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو، اسلام آباد ۾ جڏهن آپريشن شروع ٿيو ته ان وقت ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ شيلنگ ڪئي وئي، آپريشن ۾ پوليس، ايف سي ۽ رينجرز اهلڪارن حصو ورتو، جن مظاهرين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ۽ ڳوڙها آڻڻ واري گيس جي شيلنگ ڪئي. جنهن کانپوءِ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ احتجاج ڪندڙن گاڏين کي باهيون ڏئي ڇڏيون ۽ ريڊ زون واري علائقي کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو، احتجاج ڪندڙن پاران اهلڪارن تي پٿراءُ به ڪيو ويو ۽ ڏنڊا بردار ماڻهن روڊن تي لڳل ٽريفڪ سنگنل ۽ گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين تي به پٿراءُ ڪيو،
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن اهو ڌرڻو جاري هو ته ان وقت ايمبولينس کي رستو نه ملڻ سبب هڪ ڄڻو فوت به ٿي ويو هو، جنهن مسئلي کي ميڊيا تمام گهڻو  کنيو هو، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ فيض آباد انٽرچينج بند ٿيڻ سبب شاگردن، شاگردياڻين، پورهيتن، وڪيلن ۽ ٻين سرڪاري ملازمن کي تمام گهڻيون ڏکيائون پيش اچي رهيون هيون ۽ هي ڌرڻو ڪو هڪ يا ٻه ڏينهن تائين جاري نه هو پر گذريل 20 ڏينهن کان اسلام آٻاد جي فيض آباد انٽر چينج وٽ لڳل هو، جيڪڏهن ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن ڌرڻو لڳندو آهي ته لکين ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن ۽ اهڙي صورتحال مان ڪراچي جا شهري به گذري چڪا آهن،
بهرحال  20 ڏينهن کانپوءِ جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي ڦڙتي ڏيکاري ته ان ۾ سندن اهلڪار ئي شهيد ٿيو ۽  ڪيترائي اهلڪار زخمي به ٿيا، جن کي پمز اسپتال سميت مختلف اسپتالن  ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو، پمز اسپتال جي ترجمان ته ميڊيا کي ٻڌايو هو ته زخمين ۾ پوليس ۽ ايف سي جا اهلڪار به شامل آهن. ٻي طرف انتظاميا پاران  اسلام آباد جي هوائي نگراني به ڪئي وئي، مري روڊ بند ٿيڻ سبب اسڪول  به بند رهيا،  حڪومت جڏهن  احتجاج ڪندڙن تي ضابطو نه آڻي سگهي  ته چينلن جي نشريات اف ايئر ڪرڻ جو حڪم  ڏنو ويو، پيمرا جي حڪم تي عمل به ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته پيمرا ڌرڻي جي سڌي ريت ڪوريج تي پابندي لڳائي هئي، پيمرا  جي هدايت تي ڪيترن ئي نيوز چينلن جي نشريات کي بند ڪري ڇڏيو هو.
اسلام آباد ڌرڻي سبب اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 80 .17 پوائنٽس لاٿ سان 41 .40248 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو، جنهن سبب مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جا هڪ ارب 78 ڪروڙ 15 لک 34 هزار 972 رپيا ٻڏي ويا. ايتري قدر جو مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن پاران اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي گهر تي حملو به ڪيو ويو ۽ سندس گهر  جي درين جا شيشا به ٽوڙيا ويا، جماعت اسلامي  جي امير سراج الحق چيو ته اسلام آباد ڌرڻي تي حڪومت طاقت جو استعمال ڪري معاملي کي الجهائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ڌرڻي سبب ملڪ تي تمام گهڻا اثر پئجي رهيا آهن، هڪ طرف اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي  هلي رهي آهي ته ٻي طرف وري ناڻي  واري وزير اسحاق ڊار خلاف به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندس ضامن  کي به عدالت طلب ڪيو هو، جنهن   ناڻي واري وزير کي پيش ڪرڻ لاءِ وقت گهريو هو، هن وقت  هڪ سياسي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ته ٻي طرف وري مذهبي ڇڪتاڻ به شروع ٿي وئي آهي، حلف نامي ۾ غلطي ڪنهن ڪئي ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ٿي، ان جي جاچ ٿيڻ به تمام ضروري آهي،  کي مڃي به ورتو آهي ۽ ان کي درست به ڪيو آهي پر مذهبي جماعت پاران  اهو مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيستائين ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو ۽ اهو  احتجاج 20 ڏينهن جاري رهيو، جنهن کانپوءِ  وڃي حڪومت قدم کنيا.
هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال آهي، هر طرف باهه ٻري رهي آهي، اسلام آباد ڌرڻو ختم ڪرائڻ خلا ف سڄي ملڪ ۾  ماڻهو مڇرجي پيا آهن ۽ مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن پاران ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج ڪيا ويا آهن، ڪراچي، لاهور، فيصل آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٻاهه ٻري رهي آهي، اهلڪارن تي حملا ۽ گاڏين تي پٿراءُ واريون خبرون  به رپورٽ ٿينديون رهيون، ايتري قدر جو حڪومت پاران پاڪ فوج کان مدد طلب ڪرڻ جي درخواست به ڪئي وئي،  ڪيترائي ايف سي ۽ پوليس جا اهلڪار زخمي به ٿيا، هڪ شهادت به ماڻي،  جيئن  ته نوازشريف هر طرف کان جڪڙيل نظر  اچي رهيو آهي ۽ سندس  پارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ ۾ به باقي ٿورو وقت رهيو آهي، ان وقت اهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ سان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ايندڙ اليڪشن وقت تي نه ٿي سگهندي،
هونئن به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنجاب جي ڪنهن وڏي پارٽي کي عدالت پاران نااهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان جي حڪومتي دور ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهن، جيڪهن نوازشريف کي چونڊون وقت تي ڪرائڻيون هجن ها ته اڄ ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه هجن ها، جيئن ته پيپلزپارٽي به هن ڏکئي وقت نوازشريف  جو ساٿ نه ڏئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته چونڊون به تمام گهڻو ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ پيپلزپارٽي ڪڏهن به نه چاهيندي ته هو هن وقت نواز ليگ جو ساٿ ڏئي پنهنجو سياسي ڪيريئر تباهه ڪري، هڪ طرف نوازشريف عدالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ته ٻي طرف وري ڪپتان عمران خان به هاڻ عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي، مطلب ته ٻنهي جو جهيڙو هاڻ عدالتن ۾ ئي حل ٿيندو، باقي رهي ڳالهه پيپلزپارٽي جي ته اها صر ف وقت جو انتظار ڪري رهي آهي ته جئين انهن ٻنهي جو جهيڙو انجام تائين پهچي سگهي. بهرحال پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته نوازشريف ميموگيٽ ۾ ڪارو ڪوٽ پهري پيپلزپارٽي خلا ف عدالتن ۾ پهتو هو ۽ هاڻ هو ڪهڙي منهن سان کانئن مدد گهري رهيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سياسي بحران پيدا ٿي چڪو آهي ۽ سموريون پارٽيون هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ پوريون آهن ۽ انهن جي جهيڙي سان صرف جمهوريت دشمنن کي ئي فائدو ٿي سگهندو.
بهرحال هن وقت ملڪ ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن ان جو ذميوار ٻيو ڪير نه نواز ليگ، تحريڪ انصاف ۽ ٻين جماعتن جي ڪري ئي پيدا ٿيون آهن ۽ ان جو فائدو صرف نواز ليگ کي ئي ٿيندو. هن وقت  ملڪ ۾ صرف مذهبي جماعتن جو احتجاج هلي رهيو آهي، سوشل ميڊيا ۽ نيوز چينلز جي بندش سبب نوازشريف وارو معاملو به دٻجي ويو آهي، هاڻ ان احتجاج سان چونڊون دير سان ڪرڻ جو به جواز ملي ويو آهي ۽ عدالتن ۾ نوازشريف خلا ف هلندڙ ڪيسن جي ٻڌڻين ۾ به دير ٿي سگهي ٿي، جنهن جو سڌو سنئون فائدو نوا زشريف کي ئي ٿيندو. هڪ ٻن وزيرن جي استعيفيٰ سان جيڪڏهن نوازشريف جي نااهليت ختم ٿي وڃي ته نوازليگ اهو به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي، جيئن دان ليڪس ۾ هڪ ٻن وزيرن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو هو. بهرحال اسلام آباد ڌرڻي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جا جمهوريت تمام گهڻا خراب اثر  پوندا جن بابت ڪو سوچي به نٿو سگهي، نوازشريف  کي انهن احتجاجن سان ته فائدو  ٿي سگهي ٿو پر عام ماڻهو جو نقصان اڳ به ٿي رهيو هو ۽ هاڻ به ٿي رهيو آهي،
جڏهن اسلام آباد ۾ ڌرڻو لڳو ته ان وقت به ماڻهو پريشان هئا ۽ اڄ ان کان وڌيڪ آهن، جيڪڏهن وفاقي سرڪار طاقت جو استعمال ڪرڻ بدران مذهبي جماعت سان ڳالهيون ڪري ها ته اڄ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين ها۽ اهلڪار به شهيد نه ٿين ها ۽ نه زخمي ٿين ها، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن به سنڌ ۾ ڪو احتجاج ٿيو آهي ته پوليس پاران انهن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو آهي پر ان جو ڪو به نوٽيس ناهي وٺندو پر اسلام آباد ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ شروع ٿيل آپريشن ۾ صر ف سيڪيورٽي ادارن جو ۽ عام ماڻهو جو نقصان ٿيو آهي، حڪومت جي رٽ ته اڳ به ڪا نه هئي پر گذريل ڏينهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي به ڪٿي به رٽ نظر نه آئي. هاڻ اسان جي حڪومت کي اهو ئي عرض آهي ته ٻيهر جيڪڏهن ڪو اهڙو احتجاج ٿئي جيڪو ڪنهن مذهبي جماعت پاران ڪيو وڃي ته ان تي طاقت جو استعمال ڪرڻ بدران ڳالهيون ڪري، باقي رهي ڳالهه پورهيتن جي، سرڪاري ملازمن جي ته  اهي جڏهن جائز حقن لاءِ احتجاج ڪن ته انهن تن لٺين جو وسڪارو ۽ وحشياڻو تشدد ڪيو وڃي، جيئن ماضي ۾ ٿيندو رهيو  آهي، ان سان نه ته قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي نقصان ٿيندو ۽ نه ئي وري حڪومت کي ڪو نقصان ٿيندو ۽ حڪومت جي به رٽ برقرار رهندي.

Friday 17 November 2017

سنڌ ۾ تباهه ٿيندڙ صنعتي ادارا

صاحب خان ڀٽي
سنڌ اندر صنعتي ادارن جو تباهه ٿين جو سڀ کان وڏو سبب وفاق جي عدم دلچسپي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ صنعتي ادارا تباهه ڏانهن وڌڻ لڳا، جيڪي به ٽيسڪٽائل فيڪٽريون قائم ڪيون ويون هيون، اهي آهستي آهستي بند ٿي رهيون آهن، ڄامشوري جي علائقي ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي ۾ به کوڙ ساريون فيڪٽريون بند ٿي چڪيون آهن، ان کان علاوه سنڌ جي سڀ کان وڏي مل اسٽيل مل تباهي ڪناري پهتل آهي، جنهن کي به خانگائڻ جون ڪوششون ٿيون رهيون آهن ۽ پي آءِ اي کي به خساري ۾ ڏيکاريو پيو وڃي  جنهن سبب اسٽيل مل کان ويندي سمورا ادارا تباهه ٿي رهيا آهن، اسٽيل مل واحد ادارو آهي، جنهن ۾ سمورن صوبن جا ماڻهو  ڀرتي ڪيا ويا هئا ۽ اهو ئي ادارو آهي جيڪو هن ملڪ کي تمام گهڻو ڪمائي ڏئي رهيو هو پر افسوس جو ان اداري کي هاڻ تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي ۽ هن مل جي مزدورن کي هن وقت تائين پگهارون نه ملي سگهيون آهن، جنهن سبب اسٽيل مل جا ملازم اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، بهرحال هي ته صرف اسٽيل مل آهي، جيڪو هن ملڪ جو سڀ کان وڏو ادارو هو، جنهن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت اڄ پگهارن لاءِ پريشان آهن.
صوبائي سرڪار ۽ وفاقي سرڪار ملڪ ۾ صنعتي ادارن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، جنهن سبب بي روزگاري به وڌي رهي آهي، وفاقي حڪومت وڏا وڏا منصوبا ته شروع ڪري رهي آهي ۽ پناهه گيرن کي پناهه ڏيڻ لاءِ هٿ پير به هڻي رهي آهي پر هن ملڪ جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ نه ڪي نيون فيڪٽريون لڳايون پيون وڃن ۽ نه ئي ڪي اهڙا ادارا قائم ڪيا پيا وڃن، جن سان هن ملڪ جا نوجوان روزگار سان لڳي سگهن، اهو ئي سبب  آهي جو هن ملڪ جا ماڻهو روزگار سانگي پرڏيهه وڃي رهيا آهن ۽ حڪومت عالمي ادارن کي خوش ڪرڻ لاءِ پناهه گيرن کي پناهه ڏئي ۽ انهن کي  هن ملڪ ترسائڻ ڌرتي ڌڻين جا حق کسي رهي آهي.  بهرحال هاڻ وفاقي سرڪار جي اها ذميواري آهي ته ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا فراهم ڪرڻ لاءِ نيون صنعتون قائم ڪيون وڃن ته جئين هن ملڪ مان بي روزگاري ختم ٿي سگهي. هن وقت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ ترقياتي ڪم تمام گهڻو تيزي سان ٿي رهيا آهن پر سنڌ ۾ نه ته ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن ۽نه ئي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ۾  نوجوان روزگار لاءِ در بدر ڀٽڪي رهيا آهن. جيڪڏهن صوبائي سرڪار يا وفاقي سرڪار  روزگار لاءِ ڪي قدم کڻي ته تمام سٺو قدم هوندو.
هڪ طرف سنڌ ۾ پورهيت پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ رپورٽ منظر عام تي آئي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کان صنعتي شهر هئڻ جو درجو به کسجي ويو آهي ۽ هاڻ لاهور ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪسٽائل صننعتون رکندڙ شهر بڻجي ويو آهي ۽ اهڙو انڪشاف ڪنهن ڪنهن ٻئي اداري نه پر واپار ۽ ٽيڪسٽائل واري وزارت جي سرڪاري دستاويزن ۾ ڪيو ويو آهي، ٽيڪسٽائل واري وزارت جي  جي دستاويزن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته ملڪ اندر ٽيڪسٽائل صنعتي يونٽن جو ڪل تعداد ٽي هزار  182 آهي، جنهن مان 60 سيڪڙو ان وڌيڪ صنعتون پنجاب ۾ قائم آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ جيڪي ٽيڪسٽائل فيڪٽريون آهن، جن ڪجهه  بند به ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ڪجهه اهڙا صنعتي ادارا آهن، جن ۾  ڪم ڪندڙ پورهيت اجرت نه ملڻ سبب سراپا احتجاج بڻيل آهن.
 بهرحال سنڌ سرڪار کي سڄي صوبي ۾ صنعتون قائم گهرجن ته جيئن سنڌ به بيروزگاري ختم ٿي سگهي سرڪاري نوڪريون ته پئسن ذريعي وڪرو ڪيون وينديون آهن، جنهن جو مثال نيب پاران شروع ڪيل ڪارروايون آهن.  باقي رهي ڳالهه پرائيوٽ سيڪٽر جي ته ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ٽيڪسٽائل واري وزارت جي دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب صوبي ۾ 1957 ٽيڪسٽائل صنعتون قائم آهن،، جن ۾ فيصل آباد ۾ 501، ملتان ۾ 111 ۽ لاهور ۾ 1305 ٽيڪسٽائل صنعتون قائم آهن. واضح رهي ته ماضي ۾ سنڌ جو راڄڌاني شهر ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو ٽيڪسٽائل صنعتي شهر هو، ڪراچي ۾ هن وقت 942 ٽيڪسٽائل صنعتون قائم  آهن، جڏهن ته سکر ۾ فقط 11 صنعتون قائم آهن.  بهرحال هاڻ اها سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته سنڌ ۾ تباهه ٿيندڙ  صنعتي ادارن  کي  بچائڻ سان گڏ نوان صنعتي ادارا قائم ڪيا وڃن ته جيئن اسٽيل مل جي ملازمن جيان ٻيا پورهيت ائين پگهارن لاءِ دربدر نه هجن ۽ نه ئي وري  صوبي ۾ ماڻهو روزگار سانگي پريشان هجن. هن وقت ڪيترائي ماڻهو روزگار جي ڳولا ۾ مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو هن ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا گهٽبا پيا وڃن، جيڪي صنعتي ادارا  آهن اهي آبادي جي حساب سان تمام گهٽ آهن، جيڪڏهن هن وقت نوان  صنعتي ادارا قائم نه ڪيا ويا ته سنڌ  ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو پوئتي هلي ويندو آهي.  هونئن به سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو پوئتي آهي.
بهرحال سنڌ سرڪار کي سنڌ جي عوام جي لاءِ روزگار جا ذريعا فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي سيڙپڪارن کي موقعو ڏيڻ گهرجي، صرف تيل ڪڍڻ ۽ ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ پرڏيهي ملڪن کي دعوت ڏني پئي وڃي ته جنهن سان سنڌ جي عوام کي ڪو به خاص فائدو نه ملي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جن به شهرن ۾ تيل ڪڍڻ جون ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، انهن ۾ سنڌي نه هئڻ برابر  آهي، رهي ڳالهه صنعتي ادارن جي ته اهي به تمام گهڻا گهٽ آهن، جيڪڏهن نوان صنعتي ادارا قائم ڪيا وڃن ته هن صوبي ۾بي روزگاري ختم ٿي سگهندي. جيڪڏهن نوان صنعتي ادارا قائم نه ڪيا ويا ته اڄ صرف سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کان صنعتي شهر  جو درجو کسجي ويو آهي، اڳتي هلي هتي صنعتي ادارا ئي ختم ٿي ويندا. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت بي روزگاري ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

Thursday 16 November 2017

Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


بلوچستان ۾ٿيندڙ قتل عام ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ دهشتگرد تنظيمن سبب امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، ڪڏهن دهشتگرد مزارن کي نشانو بڻائن ٿا ته ڪڏهن وري امام بارگاهن ۽ مسجدن کي نشانو بڻائي وڃي ٿو ۽ اهو سلسلو افغانستان ۾ شروع ٿيل جنگ کان پوءِ  شروع ٿيو آهي، اڳ ۾ دهشتگرد افغانستان ۾ ڪارروايون ڪندا  هئا پر هاڻ انهن جو رخ هن ملڪ ڏانهن ٿيو آهي، جنهن سبب نه صوفين جون مزار محفوظ آهن ۽ نه ئي وري مسجدون ۽ امام بارگاهون محفوط آهن، هونئن ته دهشتگرد سڄي ملڪ ۾ ڪارروايون ڪندا رهيا آهن پر بلوچستان جون حالتون ٻين صوبن جي ڀيٽ تمام گهڻو تبديل ٿي چڪيون آهن، جنهن سبب سيڪيورٽي فورسز پاران آپريشن به ڪيو پيو وڃي ته اتي اڄ تائين امن قائم نه ٿي سگهيو آهي،
ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي جون به اهڙيون حالتون هيون پر  بلوچستان جي حالتن ۾ ڪو به سڌارو نه اچي سگهيو آهي، حڪومت پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي چڪي آهي پر ان باوجود اتي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيو پيو وڃي، بلوچستان جي اصل حالتن بابت نه وفاقي سرڪار ٻڌائڻ چاهي ٿي ۽ نه ئي بلوچستن جي سرڪار ڪجهه ٻڌائڻ پسند ڪري ٿي، هن وقت بلوچستان جون اهڙيون حالتون ٿي چڪيون آهن جو اتي ماڻهو ڪمائڻ  جي لاءِ راضي نه ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت کان بلوچستان ۾ پورهيتن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيو پيو وڃي، ڪيترائي لاش سنڌ به اچي چڪا آهن، خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر مزدورن کي ڪير قتل ڪري رهيو آهي، هونئن ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جا انتظام به انتهائي سخت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي  آهي پر ان باوجود ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جنهن بابت حڪومت صرف مذمت ڪري رهي آهي،
هڪ طرف دهشتگرد  هن ملڪ ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري شرپسند، مطلب ته حڪومت  هن وقت تائين قتل عام کي روڪي نه سگهي آهي. جيئن ته بلوچستان هن ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ انهيءَ صوبي جي عوام پاران مايوسي جو اظهار به ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف تنظيمون رياست خلاف به ڪم ڪري رهيون آهن، ايتري قدر جو بلوچستان ۾ لاش ملڻ جو سلسلو هن وقت تائين رڪجي نه سگهيو آهي، ڪڏهن پورهيتن جا لاش  ملن ٿا ته ڪڏهن وري سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، اهڙو هڪ واقعو  ڪجهه  ڏينهن بلوچستان جي علائقي تربت ۾ پيش آيو آهي،  جتان پندرنهن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، جن جي سڃاڻپ پنجاب واسين طور ڪئي وئي، ان کان اڳ جڏهن بلوچستان مان لاش هٿ آيا هئا ته اهي پورهيتن جا هئا ۽ انهن جو تعلق سنڌ سان هو. بهرحال هن ڀيري جيڪي تربت مان لاش هٿ آيا آهن ۽ نه انهن  مان ڪجهه جو تعلق پنجاب سان ٻڌايو ويو، ليويز اهلڪارن پاران چيو ويو آهي ته پندرنهن ئي ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، بلوچستان جي ترجمان انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته جن ماڻهن جا لاش هٿ آيا، اهي ايران رستي نار ملڪن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن کي اغوا ڪري گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. 
بهرحال بلوچستان ۾ هي ڪو پهريون ڀيرو  واقعو پيش نه آيو آهي، ان کان اڳ به لاش هٿ آيا آهن، پر حڪومت صرف مذمت ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، جيڪڏهن واقعي ماڻهو روزگر سانگي پرڏيهه وڃي رهيا هئا ته انهن جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا فراهم ڪيا وڃن ها ته اهي نوجوان پرڏيهه وڃڻ جو سوچين ئي نه ها، نه ئي انهن کي بي دردي سان قتل ڪيو وڃي ها.
وفاقي حڪومت کي گهرجي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ۽ بلوچستان ۾ جيڪي محروميون جنم وٺي رهيون آهن، انهن کي به ختم ڪري، باقي رهي ڳالهه امن امان جي صورتحال جي ته ان کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجا اختلاف ختم ڪرڻ گهرجن ته جيئن سمورين پارٽين جو ڌيان ملڪ جي امن امان جي صورتحال ڏانهن وڃي، جيڪڏهن  هن وقت به سموريون پارٽيون اختلافن جو شڪار رهيون ته بلوچستان جي حالتن سان گڏ سڄي ملڪ جون حالتون ساڳيون ئي رهنديون.
عوام جي جان ۽مال جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، جيڪڏهن هن وقت به عوام جي جان ۽مال محفوظ نه رهيو ته آخر اهڙي حڪومت جو هئڻ جو ڪهڙو فائدو آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين هن ملڪ جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهي، خاص طور  طور  بلوچستان ۾ غريب پورهيتن جي قتل کي روڪڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن ته جين جيڪو خوف صوبي ۾ پيدا ٿي چڪو آهي، اهو ختم ٿي سگهي. جيڪي  پورهيت بلوچستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي تحفظ جي ذميواري به حڪومت جي آهي. جيڪڏهن بلوچستان مان لاش ملندا رهيا ته اسان ڪهڙي ريت  چئي سگهنداسين ته هن ملڪ کي امن جو گهنوارو بڻايو ويو آهي.
هي ڪو پهريون ڀيرو نه آهي جو بلوچستان ۾ لاش نه مليا هجن،  ڪجهه عرصو اڳ سنڌ مان لاش ملي رهيا هئا پر بلوچستان ۾ انسانيت جو قتل عام  جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، هونئن ته بلوچستان ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن، جن کي ٻڌي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچا جهڪي وڃي ٿو.  بلوچستان ۾ ڪڏهن پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو وڃي ته ڪڏهن وري سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪيا وڃن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ته سياسي جماعتن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جيئن ۾ بلوچستان جي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

Wednesday 15 November 2017

آدمشماري تي خدشا ۽ وقت سر چونڊن تي ٿيل اتفاق

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ ڇهين آدمشماري فوج جي نگراني ۾ ڪرائي وئي پر ان باوجود ڳڻپ دوران فارم پينسل سان ڀرڻ ۽ ٽيمون  نه پهچڻ جون شڪايتون رپورٽ ٿينديون رهيون، ڪراچي ۾ به ڪيترين ئي سنڌي وسندين جي ڳڻپ نه ٿيڻ جهڙيون خبرون اخبارن جي زينت بڻيل رهيون، جڏهن  ڳڻپ اداري پاران آدمشماري جا نتيجا ظاهر ڪيا ويا ته ان وقت سنڌ سرڪار سان گڏوگڏ سنڌ جي ساڃاهه وندن به ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر جيئن ته چونڊون بلڪل ويجهو اچي چڪيون آهن، تنهن جي لاءِ وقت کان اڳ نيون تڪ بنديون به ضروري آهن،  اهو ئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي جي درخواست تي وفاقي سرڪار گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جا اجلاس ٿيا هئا، جن ۾ به مختلف جماعتن پاران نين تڪ بندين ۽  آدمشماري جي نتيجن بابت غور ويچار ڪيو ويو هو پر انهن اجلاسن ۾ ڪو به اتفاق نه ٿي سگهيو هو.
جماعت اسلامي جي امير سراج  الحق ۽ ٻين جماعتن پاران به چونڊن کان اڳ نين تڪ بندين جو مطالبو ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا  چونڊن کان اڳ نيون تڪ بنديون تمام گهڻو ضروري آهن، جيئن ته هن ملڪ ۾ ڇهين آدمشماري ٿي چڪي آهي ۽ پهريون ڀيرون  افغان مهاجرن کي به ڳڻيو ويو آهي، پر ان باوجود صوبن کي آدمشماري تي خدشا آهن، سڀ کان وڌيڪ خدشا سنڌ کان آهن، ڇاڪاڻ ته افغان مهاجرن کان ويندي  بنگالين،  بهارين، برمين ۽ ٻي ڌاري لوڌ کي صرف سنڌ ۾ ئي ترسايو ويو آهي،  اڳوڻي آمر پرويز مشرف جن  مهاجرن کي هن ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏني، اهي به هن ملڪ واپس وڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهن ۽ هاڻ ته اهي هن ملڪ جي شهريت جو به مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ ان حوالي سان وفاقي سرڪار پاران اعلان به ڪيو ويو آهي. جنهن تي ساڃاهه وندن پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
ڪجهه ڏينهن کان هڪ  نام نهاد ٽولو فيس بڪ تي پرڏيهين جا  سڃاڻپ ڪارڊ شيئر ڪري رهيو آهي ،  جن جو مطالبو آهي ته جيڪڏهن چين جي ماڻهن کي پاڪستان جا سڃاڻپ ڪارڊ ملي سگهن ٿا ته پوءِ افغان پناهگيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڇو نه ٿا جاري ڪيا وڃن. اهو مطالبو ان جي ڪري  ڪيو پيو وڃي ته هن وقت اسان جي ملڪ وٽ اهو رڪارڊ ئي نه آهي ته ڪيترا ماڻهو افغانستان مان اچي هتي آباد ٿيا آهن، اهو صرف ان جي ڪري ٿي رهيو آهي ته  هن ملڪ کي هلائيندڙ طاقت افغان مهاجرن کي ڪئمپن رکڻ بدران سڄي ملڪ ۾ آباد ڪيو ۽ صرف هن ملڪ ۾ رهندڙ ملڪن سان دشمني نه هئي پر هن ملڪ سان به وڏي دشمني هئي، جيڪڏهن مهارجن کي ڪئمپن تائين محدود رکيو وڃي ۽ جيڪي  مهاجرن کي ترسائڻ جي لاءِ عالمي فنڊ جاري ڪياويا هئا، انهن پيئسن مان ئي افغان سرحد وٽ ئي انهن کي ترسايو وڃي ها ته اڄ هن ملڪ ۾ افغانستان جهڙيون حالتون نه پيدا ٿين ها ۽ نه ئي وري هن ملڪ ۾ افغانستان جيان دهشتگرد تنظيمن جو وجود هجي ها ۽ نه ئي هن ملڪ ۾ صوفي بزرگن جون درگاهون دهشتگردن جي نشاني تي هجن ها.
جيئن ته دهشتگردن هن ملڪ  کي معصوم ماڻهن  جي رت سان وهنجاري ڇڏيو آهي پر ان باوجود هن ملڪ جا حڪمران  اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته دهشتگردي جو خاتمو اچي  چڪو آهي ۽ ماضي سان ڀيٽ ڪرائي وڃي ته پيپلزپارٽي جي حڪومت هيترا ڌماڪا ٿيندا هئا ۽ سندن حڪومت ۾ گهٽ ڌماڪا ٿي رهيا آهن. بهرحال  آدمشماري صرف سنڌين سان هڪ ڀوڳ برابر آهي، هڪ افغان مهاجرن کي آبادڪري انهن کي هتي ترسايو وڃي ٿو ته ٻي طرف وري آدمشماري جو ڍونگ ڪري  عالمي برادري کي  اهو باور ڪرايو پيو وڃي ته هن ملڪ ۾ آدمشماري بهتر نموني ٿي آهي. جيڪڏهن  آدمشماري  صحيح نموني سان ٿئي ها ته اڄ سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند ايتري ڳڻتي ظاهر نه ڪن ها ۽ نه ئي وري  آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪيو وڃي ها.
هونئن ته آدمشماري  جي نتيجن بابت سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار وچ ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ڳالهيون ٿي چڪيون آهن پر ان وقت وفاقي سرڪار ڪو به  ڌيان نه ڏنو هو پر هاڻ جڏهن  چونڊون ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ اليڪشن ڪميشن به نين تڪ بندين کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته جيستائين آدمشماري جا نتيجا ۽ نقشا کين فراهم نه ڪيا ويندا تيستائين چونڊون ٿيڻ نا ممڪن آهن، اهڙي بيان کان پوءِ وفاقي سرڪارجون به ننڊون حرام ٿيون ۽  سنڌ سرڪار سان رابطا شروع ڪيا ايتري قدر جو پيپلزپارٽي جي اپيل تي وفاقي سرڪار پاران گڏيل مفادن وارو اجلاس به گهرايو ويو ، جنهن جي صدارت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪئي، ان اجلاس ۾ سمورين پارٽين ملڪ ۾ نين تڪ بندين لاءِ جلد قانون سازي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ، جڏهن ته ان اجلاس ۾ پيپلزپارٽي پاران ڪجهه مطالبا به رکيا ويا هئا، جنهن کي وفاقي حڪومت مڃي ورتي هو،  گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورن صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ چونڊون وقت تي ڪرائڻ جو عزم ڪيو ويو هو. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن  اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو هو ته حڪومت تڪ بندين جي لاءِ نئين ترميم جلد منظور ڪرائي، ڇاڪاڻ ته 1998 جي آدمشماري مطابق اليڪشن ڪرائڻ مشڪل هوندو، جنهن جي ڪري نين تڪ بندين جي لاءِ ترميم منطور ڪرائي وڃي.
 اجلاس ۾ صوبن جا آدمشماري بابت خدشا ختم ڪرائڻ جي  به خاطري ڪرائي وئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  ان اجلاس ۾ چيو هو ته وفاق آدمشماري جو سمورو ڊيٽا جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته آدمشماري جو هڪ سيڪڙو ٿرڊ پارٽي کان چيڪ ڪرائڻ جو حق ڏنو ويو آهي، جنهن تحت ڪنهن به هڪ بلاڪ جي آدمشماري چيڪ ڪرائي سگهجي ٿي، جيڪڏهن انگن اکرن ۾ فرق آيو ته وفاق ان جو ازالو ڪندو، ٻي طرف وري سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ڪجهه بلاڪن ۾ ٻيهر آدمشماري جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار کي آدمشماري جي نتيجن تي اعتراض آهي ۽ هو چاهيون ٿا ته ڪجهه بلاڪن ۾ ٻيهر مردم شماري ڪرائي وڃي. جيتوڻيڪ  آدمشماري جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي پر ڪجهه بلاڪن ۾ ٻيهر آدمشماري ٿي سگهي ٿي.
بهرحال وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته چونڊون جون 2018ع ۾ ئي ٿيندو، نه وقت کان اڳ ٿينديون ۽ نه ئي وري پوءِ ٿينديون پر تحريڪ انصاف چيئرمين  عمران خان مطالبو ڪري رهيو آهي ته وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون وڃن، هن وقت نواز ليگ ڪيترن ئي  چيئلنجز کي منهن ڏئي رهي آهي پر ان باوجود  چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هنيا پيا وڃن، ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته پيپلزپارٽي واحد پارٽي آهي جنهن پنهنجي حڪومتي دور جا پنج سال مڪمل ڪيا ۽  نواز ليگ به جمهوري دور جا پنج سال مڪمل ڪندي، خبر نه ٿي پئي ته آخر هن ملڪ ۾ جمهوريت  پنهنجو مدو پورو نه ٿي ڪري سگهي،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  پيپلزپارٽي به پنهنجي جمهوري دور جا پنج سال مڪمل نه ڪيا آهن ۽ پنج سال پورا ٿيڻ کان اڳ ئي پيپلزپارٽي جي وزيراعظم کي گهر وڃڻو پيو هو ۽ هاڻ به نواز ليگ جي وزيراعظم کي به گهر وڃڻو پيو آهي، بس فرق ايترو آهي جو  پيپلزپارٽي جي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي گهر موڪلڻ ۾ نوازشريف جو هٿ هو  ۽ نواز ليگ جي وزيراعظم نوازشريف  کي نااهل قرار ڏئي گهر موڪلڻ ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو هٿ آهي. مطلب ته هن ملڪ ۾ ڪنهن به پارٽي جمهوي  مدو پوري نه ڪري سگهي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي آهي ته هڪ ته سياسي پارٽيون متحد نه آهن ۽ ٻيو  اهي پارٽيون جيڪي آمريت جون حامي آهن، اهي ڪڏهن به جمهوريت جي ٽرين کي پٽڙي ته هلندي ڏسڻ نه ٿيون چاهين، اهو ئي سبب آهي جو بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ جمهوري نظام به گهڻو دير تائين نه هلي سگهيو هو ۽ هڪ چونڊيل وزيراعظم نااهل ٿي گهر هليو ويو هو، هاڻ ڏسڻو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چونڊون وقت تي ڪرائيندو يا وري چونڊين ۾ دير جا حربا استعمال ڪيا ويندا.
15-11-2017