Pages

Wednesday 30 January 2019

Sahib khan bhatti with Nadeem Khan Burro.

Friendship


Sahib khan bhatti with Nadeem Khan Burro.


Sahib khan bhatti with Nadeem Khan Burro.


Sahib khan bhatti with Nadeem Khan Burro.


Sahib khan bhatti with Noor Malghani.


Sahib khan bhatti with Noor Malghani.


Sahib khan bhatti with Noor Malghani.


Sahib khan bhatti with Noor Malghani.


Tuesday 22 January 2019

ساهيوال سانحو ۽ محافظن ۾ تربيت جي کوٽ


صاحب خان ڀٽي

ساهيوال سانحو

ساهيوال سانحو: هن ملڪ ۾ قانون جا محافظ ملڪ جي عوام کي غلام سمجهن ٿا ۽ اهي جڏهن چاهين آڌي رات جو به ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿي سگهن ٿا ۽ ڪنهن کي به کنڀي وڃن سگهن ٿا ۽ انهن کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي ۽ نه هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪندڙن کان ڪو پڇڻ وارو آهي، جيڪو جيترا گهڻا ماريندو آهي ۽ انهي آفسر جو وڏو نانءُ ٿيندو آهي، ان جو اندازو نقيب الله قتل ڪيس مان به لڳائي سگهي ٿو، ان جو اندازو ڪراچي ۾ قتل ٿيل هڪ بروهي پورهيت جي قتل مان لڳائي سگهجي ٿو پر افسوس  جو  اهڙن آفيسرن کي لغام ڏيڻ وارو اڄ ڏينهن تائين ڪو پيدا نه ٿيو آهي، ڪيترائي اهڙا مقابلا هوندا آهن، جن ۾ پنج پنج دهشتگرد مارجي ويندا آهن پر  ان مقابلي ۾ اهلڪارن کي ڪجهه نه ٿيندو آهي، جيڪڏهن اصل مقابلو ٿيندو آهي ته پوءِ رڳو  اهلڪار ئي شهيد ٿيندا آهن.
 وزيراعظم جي خاص معاون نعيم الحق چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ محافظن ۾ تربيت جي کوٽ آهي، آخر ڇو اهلڪارن کي ڄنگهه تي گولي هڻڻ جي تربيت نه ٿي ڏني، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کي اها تربيت  ٽريننگ  دوران ڏني ويندي آهي پر جڏهن انهن کي وردي ملي ويندي آهي ته پوءِ  انهن آفيسرن کي  ماڻهن کي مارڻ جو لائسنس ملي ويندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪيس داخل آهي ته ان کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي  پر افسوس جو هن ملڪ ۾ ايئن نه ٿي رهيو آهي.
عام طور تي هن ملڪ ۾ چيو ويندو آهي ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي پر افسوس جو هن ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر نه آهي،  امير جي لاءِ قانون الڳ  آهي ۽ غريب جي لاءِ قانون الڳ آهي، جنهن جا اسان وٽ هزارين مثال موجود آهن، هن ملڪ ۾ استادن کي هٿڪڙيون لڳائي عدالت ۾ ته پيش ڪيو ويندو آهي پر ملڪ جو ناڻو لٽيندڙن کي هٿڪڙيون نه لڳايون وينديون آهن، هن ملڪ ۾ غريبن جو رت وهائيندڙن کي ضمانتون ملي وينديون آهن پر بي گناهن کي انصاف نه ملندو آهي، هن ملڪ ۾ جيڪڏهن غريب هڪ رپئي جي چوري ڪري ته ان کي قتل جي سزا ڏني ويندي آهي پر جڏهن ڪو امير قتل ڪري ته پيسا ڏئي پنهنجي جان آجي ڪري ويندو آهي، ريمنڊ ڊيوس جهڙا بااثر ماڻهو پيسا ڏئي قتل ڪري معاف ڪرائي ويندا آهن ته ڪجهه ماڻهن لاءِ قانون تبديل ٿي ويندو آهي، ڪراچي ۾ پورهيت کي قتل ڪندڙ پوليس اهلڪار وارثن کي ڌمڪيون ۽ پيسا ڏئي پنهنجو خون معاف ڪرائي وٺندو آهي پر ان کي ڪا به سزا نه ڏني ويندي آهي، ڪراچي ۾ جڏهن ڪنهن نوجوان کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قتل ڪندا آهن ۽ ان جي ويڊيو منظر عام تي ايندي آهي ته به انهن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ٿيندي آهي، اسان جي ملڪ ۾ جڏهن ڪو چور نه ملندو آهي ته اسان جا قانون جا محافظ انهن جي عورتن کي کنڀي کڻي ايندا آهن پر انهن کي ڪو چوڻ وارو نه هوندو آهي ۽ نه ئي وري جوابدارن جي بي گناهه ماءُ، پيءُ ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي  گرفتار ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، اسان جي ملڪ ۾ ته  اسان جا محافظ وڏيرن، بااثرن ۽ پيسا ڏيندڙن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي انهن کي سلامي پيش ڪندا آهن پر انهن خلاف  اڄ ڏينهن تائين ڪنهن نه پڇيو آهي،
هن ملڪ ۾ ته جيڪڏهن چوري ڪندڙ جوابدار نه ملندو آهي ته اسان جا محافظ گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيندا آهن ۽ وڏي فخر سان ٻڌائندا آهن ته  جوابدار هٿ نه اچڻ تي گهرن کي باهه ڏني آهي جيڪڏهن اهڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي  ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن ها. بهرحال ملڪ ۾ اهڙا ته سانحا پيش اچي رهيا آهن جو انهن سان انسانيت جو ڪنڌ ئي جهڪي وڃي ٿو پر حڪمران پنهنجي هوڏ تان لهڻ تيار ئي نه آهن ۽ نه ئي حڪمران عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي طئي ڪن ٿا، جنهن سان عام ماڻهو جو قانون تان ڀروسو کڄندو پيو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو ڪنهن به چوري ڦر جي واردات جو ڪيس داخل ڪرائڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندا آهن ته متان کين تنگ نه ڪيو وڃي.انصاف جي نالي تي اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي اڄ عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ کان لاچار آهي، اهو ئي سبب آهي جو  حڪمران جماعت جي وزيرن جي وات تي تالو لڳي ويو آهي ۽ اهي  ڪنهن به عوامي معاملي تي ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندا آهن.  بهرحال هن وقت پنجاب جي علائقي ساهيول ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي جو هر هڪ جو هانءُ ڦاٽي پيو آهي ۽ هر هڪ جي اک آلي ٿي وئي آهي پر ان باوجود حڪمرانن کي ڪو به رحم نه اچي رهيو آهي،
آچر ڏهاڙي لاهور جي علائقي ڪوٽ لکپت جو رهواسي محمد خليل پنهنجي سئوٽ رضوان جي شادي ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ بوري والا ڏانهن نڪتو، سندس ڪار ۾ سندس گهر واري نبيله، چار ٻار ۽ سندس دوست ذيشان هو، جيڪو گاڏي هلائي رهيو هو. معصوم ٻار به تمام گهڻو خوش هئا ته هو شادي ۾ شرڪت ڪندا پر کين اها خبر نه هئي ته وري پهريل دهشتگرد سندن راهه تڪي رهيا هئا ته ڪڏنهن اهي بي گناهه ماڻهو هتان گذرندا ۽ اهي انهن مٿان گولين جي برسات ڪندا، جڏهن انهيءَ بدنصيب ڪٽنب جي گاڏي ساهيوال جي حدن ۾ داخل ٿي ته ٽولا پلازه وٽ ڪائونٽر ٽيررازم پوليس جي گاڏين  محمد خليل جي ڪار کي روڪڻ جو اشارو ڪيو هو نه رڪي، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته ڏينهن ڏٺي جو پوليس اهلڪارن گاڏيءَ ۾ ويٺلن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن بعد خبر نشر ٿي ته ساهيوال ڀرسان ٽول پلازا ۾ سي ٽي ڊي جي فائرنگ ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا، سي ٽي ڊي جي فائرنگ ۾ عورت نبيلان سندس مڙس محمد خليل، 13 ورهين جي نياڻي اريبا ۽ هڪ پاڙيسري ذيشان شامل هئا، زخمين ۾ عمير ۽ ٻه معصوم نياڻيون شامل هيون، ان وقت سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي هئي ته اهي دهشتگرد هئا، جڏهن ته زخمي ٻار ۽ اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن کانپوءِ واقعو شڪي ٿي ويو آهي. اکين ڏٺل شاهدن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي جي تيز رفتار گاڏي هڪ ڪار کي ٽڪر هنيو، جيڪا هڪ پاسي وڃي بيهي رهي  ۽ پوءِ اهلڪار فائرنگ ڪري چئن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته  ڪار مان ڪا به مزاحمت نه ڪئي وئي،
شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ڊرائيور ذيشان کي 10 گوليون هنيون ويون، 13 ورهين جي اريبه کي 6 گوليون، سندس والده نبيله کي 4 ۽ والد خليل کي 13 گوليون هنيون ويون. جڏهن ته ٽنهي ٻارن کي بعد ۾ لاهور منتقل ڪيو ويو. زخمي ٻارڙن مان عمير ۽ منيبه کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته عمير کي ساڄي ڄنگهه ۾ گولي لڳي هئي ۽  گاڏيءَ جا شيشا ٽٽڻ سبب منيبه جو هٿ زخمي ٿيو، باقي 4 ورهين جي هاديه کي گهر پهچايو ويو آهي، پر ان سان گڏ سوشل ميڊيا تي اهي خبرون گردش ڪنديون رهيون ته معصوم ٻارڙن ۽ اکين ڏٺن شاهدن کان بيان وٺڻ تي وردي پهريل اهلڪار مڇرجي پيا هئا ۽ صحافين سان به بدتمزي ڪئي هئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن حڪومت ۾ هاڻ اهو سڀ ڪجهه ئي ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن حڪومت ۾ سهپ نظر نه اچي رهي آهي. بهرحال ساهيوال سانحي جون ٻه ويڊيون به منظر عام تي آيون پر ان باوجود هن وقت تائين جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، جيڪا ويڊيو جاري ڪئي وئي آهي، ان ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿو ته  وردي پهريل اهلڪارن چئن ڄڻن کي شهيد ڪرڻ بعد اتان ٻارڙن کي کڻي هليا وڃن ٿا ۽ لاش اتي پيل رهن ٿا، هاڻ اتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته  جيڪڏهن اهي دهشتگرد هئا ته پوءِ  اهلڪارن مان هڪ ٻه اهلڪار واقعي هنڌ رڪيا ڇو نه ؟ اهي سي ٽي ڊي جا ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد فرار ڇو ٿي ويا، مون کي اڃا به ياد آهي ته جڏهن اها خبر آئي ته پنجاب جي يوسف بوري والا ٿاڻي جي ايس ايڇ او بيان جاري ڪيو هو ۽ چيو هو ته سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري  ٻن عورتن سميت چئن اغواڪندڙن کي ماري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٽن ٻارڙن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ايتري قدر جو سي ٽي ڊي لاهور جو به بيان  آيو،جنهن ۾ چيو ويو  ته چارئي جاوبدار ٻارڙن کي اغوا ڪري وڃي رهيا پر  ڌڻي پاڪ جي نيڪ ماڻهن سوشل ميڊيا تي انهن قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو ۽ جيڪا ويڊيو شيئر ڪئي وئي، ان ويڊيو کي ٻار ڏسي به چئي سگهيو پيو ته وڏو ظلم ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ هڪ ٻي سي ٽي ڊي جي وضاحت پيش ڪئي وئي ته مارجي ويل ٽئين ڄڻا دهشتگرد نه هئا پر ڊرائيور خليل دهشتگرد هو، جنهن پنهنجي گهر ۾ ٽن دهشتگردن کي پناهه ڏني هئي، جيڪي فرار ٿي ويا آهن
. ايتري قدر جو سي ٽي ڊي اهو ٻڌايو هو ته مارجي ويل دهشتگرد هئا ۽ انهن جي تحويل مان 3 ٻار به آزاد ڪرايا ويا، جڏهن ته پوليس ان بابت لاعلمي جو اظهار ڪيو. هو، وحشي صفت اهلڪارن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٻارڙي عمير چيو ته هو پنهنجي خاندان سان گڏ لاهور وڃي رهيو هو ته واچتو سندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي. ٻار جو چوڻ هو ته ڪار ۾ مارجي ويلن ۾ منهنجا والدين، وڏي ڀيڻ ۽ پيءُ جو دوست شامل هئا، پيءُ جو نالو خليل احمد آهي، جنهن فائرنگ کان اڳ اهلڪارن کي درخواست ڪئي ته اسان کان پئسا وٺو پر فائرنگ نه ڪيو، ان باوجود اهلڪارن فائرنگ ڪئي. جڏهن اها خبر سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي وئي ته مقابلو شڪي ثابت ٿيو ته وزيراعظم عمران خان واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي. ايتري قدر جو ساهيوال واقعي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي وئي، جنهن ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جا آفيسر به شامل آهن.. ٻئي طرف ساهيوال واقعي خلاف سينيٽ ۾ به احتجاج ڪيو ويو،  سينيٽر سراج الحق چيو ته شڪر ٿيو اهو واقعو ڏينهن جو پيش آيو ۽ ماڻهن اهو سمورو واقعو  موبائل ۾ رڪارڊ ڪري ورتو، جيڪڏهن اهو واقعو رات جو  ٿئي ها ته  انهن بي گناهن کي دهشتگرد ئي قرار   ڏنو وڃي ها.سراج الحق اهو به چيو ته رڳو اهي گوليون هلائينڊر ذميوار نه آهن پر جن انهن کي اطلاع ڏنو انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾  آندو  وڃي. جيڪڏهن ماڻهن کي ايئن ئي مارڻو آهي ته پوءِ عدالتن کي تالا لڳائي ڇڏيو.  اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ساهيوال سانحي ۾ مارجي ويل ڊرائيور جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي لاش دفناي ويو، . ڪو به معاملو سرد خاني ۾ رکڻ جو هجي ته جي آءِ ٽي ٺاهي ويندي آهي، ڪريل حڪومت به هجي ها ته حقيقت سامهون اچي ها. ساهيوال سانحي ۾ دهشتگرد قرار ڏئي قتل ڪيل ڊرائيور ذيشان جي ماءُ وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته منهنجي پٽ تان دهشتگردي جو الزام ختم ڪيو وڃي، عندليب عباس جي ڏيرياڻي منهنجي پٽ کي پڙهايو هيو ۽ اسان ان جي گھر ۾ ئي رهياسين. 
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ساهيوال  واقعو ڪو هي پهريون واقعو نه آهي، ان کان اڳ به وردي پهريل اهلڪارن جي دهشتگردي  ڪئمرا جي اک ۾ رڪارڊ ٿيل آهي پر افسوس جو جوابدارن کي سزا نه ملڻ سبب اهڙن واقعن جو ورجا ٿيندو پيو اچي، جيڪڏهن حڪومت هن معاملي کي منتقي انجام تائين پهچائڻ چاهي ٿي ته پوءِ فوري طور  ساهيوال سانحي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ۽ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار جيڪو پنهنجي ڪنهن دوست جي توهين به برداشت نه ڪندو آهي ۽ توهين ڪرڻ تي ڊي پي او کي تبديل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندو آهي، اهو به هن معاملي تي پنهنجيون اکيون کولي ۽ ٽن معصوم ٻارڙن کي يتيم ڪندڙن کي اهڙي عبرت جي نشان بڻائي ته مستقبل ۾ ڪو اهڙو قدم کڻڻ کان سئو ڀيرا سوچي.

Saturday 19 January 2019

dailykalyan.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailykalyan.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti



dailypak.net Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailysindhdharti.com, Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailysarwan.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailyjeejal.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailyjeejal.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


Sahib Khan Bhatti In KTN News office


Sahib Khan Bhatti with Shah Zamman Bhanger


Sahib Khan Bhatti with Shah Zamman Bhanger and Masoom Sindhi


Sahib Khan Bhatti with Shah Zamman Bhanger and Masoom Sindhi


Sahib Khan Bhatti with writer and journalist Allah Bux rathore


Sahib Khan Bhatti with writer and journalist Allah Bux rathore


Sahib Khan Bhatti with writer and journalist Allah Bux rathore


آءِ ايم ايف جو قرض، مني بجيٽ ۽ پيڙهيل عوام

صاحب خان ڀٽي
وفاقي حڪومت 23 جنوري تي مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ هڪ ٻيو مهانگائي جو طوفان اچڻ وارو آهي، حڪومت مني بجيٽ کان اڳ ئي دوائون  به مهانگيون ڪري  ڇڏيون آهن، ان کان علاوه بجلي ۽ گيس جا اگهه به واڌيا ويا آهن، جنهن سبب عوام تي مهانگائي جو طوفان ۾ ڦيريون کائي رهيو آهي ۽ عوام چڪرائجي ٽڪرائجي ويو آهي ۽ حڪومت انهن چڪرن کي عوام جي خوشي سمجهي رهيو آهي ۽ جيڪي ماڻهو بي گهر بي روزگار ٿي رهيا آهن، اهي اپوزيشن ڏي نهاري رهيا آهن،  پر ان باوجود اپوزيشن خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ حڪومت کي ڪو ٽف ٽائيم ڏيڻ بدران پنهنجي جند آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
بدقسمتي سان حڪمرانن جي شاهي خرچن جي ڪري ملڪ جو عوام ڏينهون ڏينهن قرضي بڻجندو پيو وڃي پر ڪنهن کي به ملڪ جو قرض لاهڻ لاءِ ڪڏهن به خيال نه آيو آهي، جڏهن ڪا سياسي پارٽي  اقتدار ۾ ايندي آهي ته رڳو قرض وٺڻ جون ڳالهيون ٿينديون آهن ۽ اهو  چيو ويندو آهي ته ملڪ جو خزانو خالي آهي، جنهن سبب ملڪ کي هلائڻ لاءِ قرض کڻڻو پئجي رهيو آهي ۽ اهڙي قسم جملا اسان هر ڀيري  ٻڌندا آيا آهيون ۽ هاڻ به ٻڌي رهيا آهيون، جڏهن کان تحريڪ انصاف حڪومت آئي، تنهن ڏينهن کان حڪومت رڳو اجلاس ڪوٺائي رهي آهي ۽ انهن اجلاسن ۾ رڳو قرض کڻڻ ۽ عوام مٿان نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ مشاورت ڪئي ويندي.
جيڪڏهن وزيرن کي ٿورو وقت ملندو آهي ته پوءِ وري سياستدانن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويندا آهن ۽ جڏهن عدالتي حڪم ٿيندو آهي ته وري ڪو اجلاس ڪوٺائي اهي نالا ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مشاورت ڪئي ويندي آهي پر هن وقت تائين اسان اهڙو ڪو به اجلاس نه ٻڌو آهي، جنهن ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءُ ورتا وڃن، حڪمران جماعت چئي رهي آهي ته هنن انهن ماڻهن کي رهڻ لاءِ اجها ڏنا آهن، جيڪي اڳ روڊن رستن تي زندگي گهاري رهيا هئا پر حقيقت ۾ هن حڪومت اهي ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، جيڪي ڪچن گهرن ۾ پنهنجي سڪون واري زندگي گهاري ڪري رهيا هئا، انهن جا اجها ڊاهي انهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، دادو ۾ حددخليون ڄاڻائي جيڪي گهر ڊاهيا ويا، اهو به سڀني جي سامهون آهي.
 اهڙي قسم جي قدمن سان ڪيترن  غريبن جون جانيون زيان ٿي چڪيون آهن، ان کان حڪومت به بي خبر آهي پر ان تي نه ته  اپوزيشن ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي وري حڪومت جو ڪو ميمبر عوام کان اجهو ڦرڻ بابت ڪو بيان ڏئي رهيو آهي، هن حڪومت جهڙي طريقي سان ماڻهو بي روزگار ٿي رهيا آهن، ان حقيقت کان به سڀ واقف آهن، ايتري قدر جو صحافتي ادارا به هن حڪومت ۾ بحران کان بچي نه سگهيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو بي روزگار ٿي گهر ڀيڙو ٿيا آهن پر ان باوجود اپوزيشن اهڙي حساس معاملي تي ڪو به آواز اٿاري نه سگهي آهي.
اپوزيشن رڳو اهو چئي رهي آهي ته هو هن حڪومت کي هلڻ ڏيڻ چاهين ٿا ۽ انهن جو حڪومت کي ڪيرائڻ جو ڪو به ارادو نه آهي، نه ئي وري اپوزيشن ميمبر عوام تي ٿيندڙ ظلم بابت ڪو بيان ڏئي رهيا آهن، جن ماڻهن  سياستدانن کي ووٽ ڏنو، اڄ اهي سياستدان پاڻ کي بچائڻ لاءِ  وڏا وڏا جلسا ڪري ڀڙڪيون رهيا آهن۽ اهو چئي رهيا آهن، جيڪڏهن انتقامي ڪارروايون بند نه ٿيون ته حالتون سندن هٿن مان نڪري وينديون پر ڪنهن به سياستدان اهو ناهي چيو ته عوام جا گهر نه ڊاهيو، تحريڪ هلائينداسين، نه ئي ڪنهن سياستدان اهو  چيو آهي ته مهانگائي تي ضابطو نه آيو ته حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان جو سڀ کان وڏو سبب اپوزيشن ميمبرن تي هلندڙ ڪيس آهن، جيڪڏهن ڪنهن جو سخت بيان سامهون اچي ٿو ته پوءِ سياستدان وري ميڊيا تي نظر نه ٿو اچي، اهي وري ڪيسن کي منهن ڏيڻ لڳي ٿو، اڃا به  نيب جون ڪارروايون جاري آهن ۽ لڳي ٿو ته اڃا به ڪجهه سياسي اپوزيشن پارٽين خلاف جاچ رهيل آهي ۽ نيب طرفان چيو ويو آهي ته هو پاڪستان کي ڪرپشن فري بڻائڻ چاهين ٿا. 
بهرحال ڪرپشن خلاف جڏهن کان جاچ شروع ٿي آهي، سياستدانن کان ته عوام بلڪل وسري ويو آهي، هر طرف حڪمران جماعت جا ميمبر هجن يا اپوزيشن ميمبر هجن، رڳو هڪ ٻئي خلاف ڳالهائيندي نظر اچي رهيا آهن، اڳ ۾ جيڪڏهن حڪومت ڪو عوام خلاف فيصلو ڪندي هئي ته عوام جي قيادت لاءِ ڪا نه ڪا سياسي پارٽي سامهون ايندي هئي پر هاڻ سياسي پارٽيون پنهنجي خلاف ڪارروائي روڪڻ لاءِ عوام کي آڏو ڪري رهيون آهن، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان رڳو عوام ئي پسجي رهيو آهي، جنهن سبب اسان جي اپوزيشن کي ايتري گذارش هوندي ته اوهان پنهنجي جان نيب کان ڀلي ڇڏايو پر اڳ ۾ ٿورو عوام جو به سوچيو، هن حڪومت ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ بيروزگاري به وڌي وئي آهي پر ان باوجود حڪومت ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي ۽ چيو پيو وڃي ته سندن حڪومت ۾ ملڪ ترقي ڏانهن وڌي رهيو آهي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڄ ملڪ جي اها حالت آهي جو بلڊرز ۽ سيڙپڪار به احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ واپارين ۾ به بي چيني پکڙجي وئي آهي. 
اڳ جڏهن تحريڪ انصاف اقتدار ۾ نه هئي ته ان وقت عمران خان چيو هو ته هو آپگهات ڪرڻ پسند ڪندا پر قرض نه وٺندا پر اڄ ڪلهه حڪومت قرضن لاءِ هر ملڪ جو دورو ڪري رهيو آهي، چين جو دورو، ملائيشيا جو دورو، دبئي جو دورو ۽ سعودي جو دورو به ڪيو ۽ ان سان گڏ آءِ ايم ايف کان به قرض ورتو پيو وڃي،  وزيراعطم عمران خان جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کان اهڙين شرطن تي قرض نه وٺنداسين جن سان عوام تي وزن پوي ڇو ته آءِ ايم ايف جي شرطن کان عام ماڻهو به متاثر ٿئي ٿو.مطلب ته وزيراعظم پاڻ تسليم ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف جو قرض وٺڻ سان عوام ئي متاثر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪو قرض ڏيندو آهي ۽ اهو وٺڻ به ڏياريندو آهي، جيڪڏهن اسان جا حڪمران قرض جي قسط نه ڀري سگهيا ته پوءِ ضرور ڪي اهڙا شرط مڃيا ويندا، جيڪي هن ملڪ جي عوام لاءِ بهتر نه هوندا ۽ ان سان عوام وڌيڪ مهانگائي جي گهاڙي ۾ پيڙهجي ويندو. 
ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته رڳو آءِ ايم ايف تي نٿا ڀاڙيون، جيڪڏهن پيڪيج نه مليو ته متبادل انتظام ڪري ڇڏيو آهي. معاشي ترقي لاءِ اهم فيصلا ڪري رهيا آهيون، ادائيگين ۽ ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ گيپ پورو ڪري ورتو آهي، اسان جو سڄو دارومدار آءِ ايم ايف تي ناهي، آءِ ايم ايف معيشت ۾ بهتري لاءِ رڳو هڪ آپشن آهي، آءِ ايم ايف ڪو غير معاشي شرط ناهي رکيو، ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته 23 جنوري تي مني بجيٽ پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته ٽيڪسن بابت هر قسم جي تبديلي پارليامينٽ جي منظوري سان ڪئي ويندي، جڏهن ته مني بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ ئي ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف کي پارٽي اندر سخت مزاحمت ۽ مخالفت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. 
بهرحال حڪومت جيڪڏهن ڳرن شرطن تي آءِ ايم  ايف کان قرض کنيو ته هن ملڪ ۾ مهانگائي جو هڪ اهڙو طوفان ايندو، جيڪو  حڪمرانن کي به پاڻ سان گڏ کڻي ويندو ۽ اهو قرض لاهڻ ملڪ لاءِ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو، هونئن به اسان اڳ ئي وزيراعظم عمران خان  چئي ڇڏيو آهي ته اسان کي قرض جي قسط ادا ڪرڻ لاءِ به قرض وٺي رهيا آهيون، جڏهن ملڪ  ايترو قرض آهي ۽ خزانو خالي آهي ته پوءِ قرض وٺڻ آپگهات ڪرڻ جي برابر ئي هوندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن به شخص  تي قرض چڙهيل هوندو آهي ته ان کي  ڪو ٻيو قرض نه ڏيندو آهي پر آءِ ايم ايف هر ڀيري پاڪستان کي قرض ڏئي رهيو آهي ته ان جو مطلب صاف آهي ته  ملڪ خلاف عالمي سطح تي سازش ٿي رهي آهي.
جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته آءِ ايم ايف قرض مٿان قرض نه ڏئي ها، هاڻ جڏهن آءِ ايم ايف قرض ڏئي رهيو آهي ته ان جو به صاف مطلب آهي ته آءِ ايم ايف  قرض ڏئي پنهنجا ڳرا شرط مڃرائيندو ۽ ان ۾ رڳو نقصان عوام جو ئي ٿيندو. ڪجهه ڏينهن اڳ اهي خبرون نشر ٿيون هيون ته پاڪستان ڪجهه شرط مڃي  ورتا آهن ۽ آءِ ايم  ايف به پاڪستان جا ڪجهه شرط مڃي ورتا آهن پر هاڻ وري مني بجيٽ پيش ٿيڻ واري آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته   مهانگائي جو هڪ ٻيو طوفان ملڪ ۾ اچڻ وارو آهي، اهو مني بجيٽ کان پوءِ ايندو. اسان جي ته حڪمرانن کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته مني بجيٽ ۾ عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي،  نه ڪي عوام تي ٽيڪسز مٿان ٽيڪسز لڳائي عوام کان جيئڻ جو حق ئي کسيو وڃي.

Friday 18 January 2019

الودا ع رٽائرڊ چيف جسٽس ثاقب نثار....!!

صاحب خان ڀٽي
اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه ئي اهڙا جج آهن، جن پنهنجو وڏو نانءُ ڪمايو آهي، انهن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري ۽ جسٽس ميان ثاقب نثار جو نالو سرفهرست ۾ شامل آهي، اهي ٻئي اعليٰ عدالت جا جج پنهنجن فيصلن ۽ سو موٽو جي ڪري ڇانيل رهيا، سندن ريمارڪس اخبارن جي زينت بڻجي ويندا آهن، ڪڏهن ليڊ ته ڪڏهن سپر ليڊ بڻجي ويندا هئا. اڳوڻي صدر پرويز مشرف  پاران نوازشريف جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد  ملڪ ۾ ٿرٿلو مچي ويو هو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي  جيل جي ياترا ڪرڻي پئي هئي ٻيو دور جيڪو اڄ ڪلهه هلي رهيوآهي، ان ۾ به نوازشريف کي ٻه ڀير جيل جي ياترا ڪرڻي پئي ۽ هاڻ به هو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي، جڏهن ته اڃا به به ڪيترن  ئي اڳواڻن  تي  جيل جي ياترا لاءِ تلوار لٽڪيل آهي،.
جڏهن پرويز مشرف نواز ليگ  کي اقتدار  مان هٽايو ته هن  12 ڊسمبر 1948ع تي جنم وٺندڙ رٽائرڊ جسٽس افتخار محمد چوڌري کي 7 مئي 2005ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس مقرر ڪيوڪيو هو. جنوري 2000ع ۾ جسٽس چوڌري تڏهن بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪم ڪندڙ ججن مان پهريون جج هو، جنهن جنرل مشرف جي ڏنل پي سي او تحت قسم کنيو هو، جڏهن ته ان وقت سپريم ڪورٽ جي 11 ججن پي سي او تحت قسم کڻڻ کان انڪار ڪندي استعيفائون ڏنيون هيون. 13 اپريل 2005ع تي سترهين ترميم ۽ صدر مشرف جي يونيفارم واري ڪيس ۾ جسٽس افتخار محمد چوڌري انهن پنجن ججن مان هڪ هو، جن جنرل مشرف جي فوجي حڪومت کي جائز ۽ قانوني قرار ڏنو هو ۽ پرويز مشرف کي ٻه عهدا رکڻ واري ڪيس جي به ٻڌڻي ڪئي هئي، جڏهن ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف 9 مئي 2007ع تي افتخار چوڌري کي معطل ڪيو هو، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ هڪ وڏي تحريڪ جنم ورتو، جنهن  جي مختلف سياسي پارٽين حمايت ڪندي حصو ورتو، جنهن بعد سنڌ سان واسطو رکندڙ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس راڻا ڀڳوانداس کي قائم مقام چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو ، انهيءَ وڪيلن جي تحريڪ کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾پذيرائي ملي، جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، پر نيٺ 20 جولاءِ 2007ع تي کيس سپريم ڪورٽ بحال ڪيو ويو هو.
.جيئن ته جسٽس ميان ثاقب نثار به رٽائرڊ ٿي ويو آهي ۽ نئين چيف جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي سربراهي ۾ نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي هميشه لاءِ نااهل قرار ڏيڻ سميت ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا، اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار لاهور کان وڪالت شروع ڪئي ۽ هو ايڊووڪيٽ جنرل آف پنجاب جي عهدي تي به رهي چڪو آهي.اڳوڻو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار 22 مئي 1998 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو هو ۽ 11 فيبروري 2010 ۾ هن سپريم ڪورٽ ۾ جج جي حيثيت سان فرض سنڀاليا.اڳوڻو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار 31 ڊسمبر 2016 جو ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جو چيف جسٽس به بڻيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت سان ميان ثاقب نثار سياسي، ڪيسن ۽ پاڻمرادي نوٽسز ذريعي ڪرپشن جي روڪ ٿام، ڊيم جي تعمير ۽ آبادي جي ڪنٽرول جهڙن منصوبن تي به پنهنجو خاص ڌيان رکيو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار 2018 جي عام چونڊن ۾ 42 ارب رپين جي مبينا جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل جو پاڻمرادونوٽيس ورتو ۽ نيب کي جاچ جو حڪم ڏنو هو.چيف جسٽس اثاثا لڪائڻ واري ڪيس ۾ نوازشريف ۽ جهانگير ترين کي تاحيات نااهل قرار ڏنو هو، جڏهن ته توهين عدالت ڪيس ۾ دانيال عزيز، نهال هاشمي ۽ طلال چوڌري سميت مختلف پارليامينٽيرينز کي نااهل قرار ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو هو.
.جڏهن  ميان ثاقب نثار چيف جسٽس جو حلف کنيو هو ته ان وقت ڪيسن جو تعداد 30 هزار 404 هو، جن جو تعداد وڌي 40 هزار 540 ٿي ويو آهي. ميان ثاقب نثار جي رٽائرمينٽ تي فل ڪورٽ ريفرنس ۾ 17 مان 16 ججن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جسٽس منصورعلي خان ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي.الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته جج جي زندگي ۾ خوف جي ڪابه گنجائش ناهي، ججن جو ڪم نهايت مشڪل آهي، جڏهن ته نئين چيف جسٽس چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو  هو ته انصاف جي فراهمي ۾ دير ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار اتي استعمال ڪندس جتي ٻيو حل موجود نه هجي.چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته 20 سالن کان وڌيڪ عدالت ۾ گذاريو، هميشه ڪوشش ڪئي ته قانون ۽ ضابطي اندر رهندي فيصلا ڏيان.بهرحال  نئين چيف جسٽس آصف سعيد کوسا 2010 ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان ذميواريون سنڀاليون هنيون ۽ هـُو هِن وقت سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيڻ کان اڳ جسٽس آصف سعيد کوسا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جج جا فرض انجام ڏئي رهيو هو،  جيڪو هاڻ ميان ثاقب نثار جي وڃڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجي ويو آهي، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري ۽ ميان ثاقب نثار جا فيصلا ته ميڊيا تي ڇانيل رهندا هئا۽ ايتري قدر جو اڳوڻي چف جسٽس ميان ثاقب نثار ميڊيا تي  عدالتي فيصلن تي تجزيو ڏيڻ ۽ انهن تي بحث ڪرڻ کان به  روڪيو هو.

Thursday 17 January 2019

اترڪوريا جي صدر جو چين جو دورو ۽ آمريڪا


صاحب خان ڀٽي
سڄي دنيا م پنهنجو ڌاڪو  ڄمائڻ لاءِ آمريڪا، چين، روس ۽ اتر ڪوريا ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي، چائنا پنهنجو اليڪٽرانڪ سامان سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکيڙي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو چائنا مختلف ملڪن ۾ سيڙپڪاري  به ڪري رهيو آهي، اسان جو پاڙيسري ملڪ به چائنا مان تمام گهڻيون شيون گهرائيندو آهي، اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ چائنا جو سامان تمام گهڻو ملي ويندو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته چائنا جي سامان جي ڪا به گارنٽي نه هوندي آهي،  اهو رڳو اسان نه پر سڄي دنيا چوندي آهي ته چائنا ملڪ جي معاشي حالتون ڏسي ان جي عوام جي سهپ موجب شيون تيار ڪندو آهي ته جيئن ان کي ماڻهو سولائي سان خريد ڪري سگهن.
اهو ئي سبب آهي جو چائنا جو اليڪٽرانڪس سامان سڄي دنيا ۾  وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب  آمريڪا سميت  مختلف ملڪ پريشان به نظر اچي رهيا آهن پر ان باوجود سمورن ملڪن سان رابطا تيز ڪندي پنهنجي ڪاروبار کي سڄي دنيا ۾ پکيڙي رهيو آهي، آمريڪا به عالمي سطح تي پنهنجو دٻ دٻو قائم رکڻ لاءِ ڀڙڪيون ڏيندو رهيو آهي پر ان جو چائنا تي ڪو به اثر نه پئجي رهيو آهي، آمريڪا اڳ ۾ روس خلاف بيان ڏيندو هو ته هاڻ وري چائنا ۽ اتر ڪوريا خلاف بيان ڏيندو آهي. جيئن ته سڄي دنيا ايٽمي هٿيار رکندڙ ملڪن  ۾ آمريڪا، روس، يونائيٽيڊ ڪنگڊم (يو ڪي ) فرانس، چين، انڊيا، پاڪستان، اسرائيل ۽ اتر ڪوريا شامل آهي، جڏهن ته آمريڪا جا هٿيار سڄي دنيا جي ڀيٽ جديد هٿيار آهن ۽ آمريڪا ايشيا ۾ پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪري چڪو آهي، جنهن جو ثبوت افغانستان، عراق ۽ ٻين ملڪن ۾ آمريڪي فوج جون ڪارروايون آهن،
افغانستان ۾ اڃا به آمريڪا جا فوجي موجود آهن، ايتري قدر جو آمريڪا پاڪستان ۾ به ڊرون حملا ڪندو رهيو آهي، جنهن تي پاڪستان ڪيترائي ڀيرا احتجاج  به ڪيو هو پر ان جو ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي، جڏهن ته مختلف وقتن تي آمريڪا پاڪستان کي ڊو مور جو مطالبو به ڪندو رهيو آهي پر افسوس جو آمريڪا افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف جنگ هن وقت تائين کٽي نه سگهيو آهي ۽ نه ئي افغانستان ۾  آمريڪا جو ڪو مڪمل ڪنٽرول آهي، اهو ئي سبب  جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به پاڪستان کي طالبان سان ڳالهين لاءِ سهڪار جو چيو هو ۽ ان حوالي سان طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڳالهيون به شروع ٿيون هيون پر ان جو به ڪو مثبت نتيجو نه نڪري سگهيو آهي. 
بهرحال هن وقت  اتر ڪوريا ۽  آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ ڳالهيون به هلي رهيو آهن، ايتري  قدر جو آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي صدر  ڪم جونگ ان  وچ ۾ ملاقات به ٿي چڪي آهي ۽ لڳي ٿو ته  مستقبل ۾ اهڙيون ملاقاتون ٻيهر  به ٿي سگهن ٿيون پر ان سان گڏ اتر ڪوريا  جي صدر چين سان به رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته هن وقت دنيا ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏو مخالف ۽ ٽڪر جي حيثيت رکندڙ ملڪ چائنا ئي آهي، جيڪو هن وقت  آمريڪا سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سگهه رکي ٿو، اهو ئي  سبب آهي جو اتر ڪوريا آمريڪا سان گڏ چين کي به گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو ته جيئن مستقبل ۾ آمريڪا سان جيڪڏهن ڪا ڇڪتاڻ ٿئي ته پوءِ چائنا ان  جو مقابلو ڪري.
جئين ته ڪجهه ڏينهن اڳ اتر ڪوريا  جو صدر ڪم جونگ ان  چين جي دوري تي پهتو هو، اتر ڪوريا جو صدر ڪنهن جهاز ذريعي نه پر ٽرين ذريعي چين پهتو هو، جتي سندس استقبال ڪيو ويو هو.  جڏهن ته گذري  هڪ سال دوران اتر ڪوريا جي سربراهه جو چين جو هي چوٿون دورو هو، جنهن تفصيل ميڊيا تي ايندا رهندا آهن. ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ ان هي دورو آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ايندڙ امڪاني ملاقات کان اڳ چين کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ چين جي قيادت سان مشاورت ڪرڻ لاءِ ڪيو هو. بيجنگ ۾ جيڪا ڪم جونگ ان چين جي صدر زي جنگ پنگ سان ملاقات ڪئي هئي، ان بابت ويڪ تفصيل به صحافين کي جاري نه ڪيا ويا هئا.
ڏکڻ ڪوريا جي خابرو اداري موجب، بيجنگ ۾ پنهنجي دوري جي آخري ڏينهن اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان هڪ صنعتي زون ۾ هڪ دوائون ٺاهيند ڪمپني جو به دورو ڪيو هو. جئين ته هن وقت چائنا ۾ نه ته ڪو معاشي بحران آهي ۽ نه ئي وري اتي ڪي احتجاج ٿيندي نظر اچي رهيا آهن پر آمريڪي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ايسوسيئشن ملڪي تاريخ جي ڊگهي ترين شٽ ڊائون کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين اختيارين خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. آمريڪي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ داخل ڪيس ۾ موقف ڄاڻايو آهي ته شٽ ڊائون سبب پگهارون ناهن ملي رهيون ۽ پگهارون کانسواءِ ڪو به ملازم ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته ڪمپني جي ملازمن جو چوڻ آهي ته گهربل معاوضو ڏيڻ کانسواءِ سخت محنت ڪرائي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اترڪرويا جي سربراهه ڪم جونگ اُن چين جي دوري جو مقصد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏ ٻي ملاقات لاءِ ڳالهيون ڪرڻيون آهن، ان کانسواءِ اتر ڪوريا جو صدر ڪم جونگ اُن عالمي پابندين ۾ نرمي لاءِ به بيجنگ جي مدد چاهي ٿو،
آمريڪي صدر طرفان ميڪسيڪو سان گڏ سرحدي ڀت اڏڻ لاءِ رقم تي بار بار اصرار ڪيو پيو وڃي، ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته رقم جي منظور نه ٿيڻ تائين هو شٽ ڊائون کي مهينن نه پر سالن تائين به جاري رکي سگهي ٿو. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا ايران تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي. وچ اوڀر خطي کي خطري جو سبب دهشتگرد تنظيم ”اسلامڪ اسٽيٽ“ سان گڏ ايران پڻ آهي. امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ اڻ اعلانيل دوري تي عراق به ويو ۽ اعلان ڪيو ته امريڪا جو عراق مان پنهنجي فوج ٻاهر ڪڍڻ جو ڪو  ارادو ناهي،هن 15 ورهين کان عراق ۾ موجود امريڪي فوجين سان ملاقات ڪئي.بهرحال آمريڪا جي فوج افغانستان ۾ به ڦاٿل آهي، ان کان علاوه آمريڪا هن وقت به افغانستان ۾ طالبان کي شڪست نه ڏئي سگهيو آهي، ايتري قدر جو  افغانسان جو سمورو ڪنٽرول  به اڃا حاصل ڪري نه سگهيو آهي.
ايتري قدر جو آمريڪا ۾ صدر ڊونالڊ ٽرمپ خلاف احتجاج به ٿيندا رهندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا سان ڳالهين جو دڳ کولي ڇڏيو آهي پر  ان باوجود نه ٿو لڳي ته مستقبل ۾ اهي بئي ايٽمي طاقتون اڳتي هلي وڙهي به سگهن پيون پر جيئن ته هن وقت هر طرف افرا تفري وارو ماحول آهي ۽ آمريڪا به چاهي ٿو ته خاص طور تي روس ۽ ٻين ملڪن سان سٺو رويو اختيار ڪري ته جئين مستقبل ۾ ڪا پريشاني نه ٿئي. بهرحال هڪ ڳالهه ته واضح  ٿي رهي آهي ته آمريڪا، ترڪي ۽ اتر ڪوريا سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي.هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ ان جو ٽرين جو هي دورو اتر ڪوريا ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ڪهڙو نئون لاڙو پيدا ڪري ٿو؟

Wednesday 16 January 2019

dailyjeejal.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailykalyan.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailysindhdharti.com, Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


Bhatti News Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailypak.net Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailyhilal.com.pk Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailysindhsujag.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


Sahib khan bhatti with Mujeeb


dailyjeejal.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailyjeejal.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


Tuesday 15 January 2019

سنڌ ۽ وفاق ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ڪٿي دنگ ڪندي؟


صاحب خان ڀٽي
تحريڪ انصاف سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ سڄي پاڪستان جيان سنڌ ۾ به پنهنجي تبديلي جي نعري کي عملي جامو پارائڻ لاءِ سنڌ  جي دورن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو اعلان ان وقت ٿيو آهي، جڏهن پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پاران چيو ويو ته  تحريڪ انصاف جا وزير مڙي وڃي،  ٻي صورت ۾ ڏڦير پکيڙيندڙ وزيرن جي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي جو وٽن اختيار آهي، اهڙي بيان کانپوءِ حڪمران جماعت جون ننڊون حرام ٿي ويو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهڙي بيانن سان ماحول خراب ٿيندو، فواد چوڌري چيو آهي ته کيس سنڌ جي دوري کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، ايتري قدر جو عمران خان  جي سنڌ جي ياترا جو شيڊول به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن سبب پيپلزپارٽي به سنڌ  ۾ سرگرميون تيز  ڪري ڇڏيون آهن.
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران به جلسا ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ گرم گرم بيان به جاري ڪيا  پيا وڃن، تحريڪ انصاف سنڌ ۾ اهم اڳواڻن سان رابطا به شروع ڪري ڇڏيا آهن، ايتري قدر جو عمران خان به خانڳڙهه پهچي رهيو آهي، جنهن بعد سنڌ ۾ هڪ گرما گرمي وارو ماحول پيدا ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، هونئن ته اسان ڪجهه ڏينهن اهي خبرون ٻڌي رهيا هئاسين ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ  خلاف ڪارروائي ٿيڻ جو امڪان آهي پر جڏهن آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف بيان جو سلسلو شروع ٿيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ جي ملڪيت به ميڊيا جي زينت بڻجي وئي آهي، سندس دبئي سميت مختلف ملڪن ۾ پراپرٽي ظاهر ٿي آهي، جنهن جي هن تصديق به ڪئي آهي ۽ عليمه خان چيو آهي ته هن اها ملڪيت سلائي مشين جي ذريعي ٺاهي آهي، جنهن تي سندس مزاق اڏايو پيو وڃي.
بهرحال اپوزيشن پاران وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي ملڪيت بابت جاچ جو مطالبو ڪري رهي آهي پر نيب کيس اڃا تائين طلب نه ڪيو آهي پر عليمه خان پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ پيش به ٿي چڪي آهي پر ان باوجود اپوزيشن پاران وزيراعظم  عمران خان کان عليمه خان جي ملڪيت بابت پڇا ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي،جيڪو هن وقت تائين رڪجي نه سگهيو آهي. 
جيڪڏهن ڏٺو وڄي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي جيل ۾ قيد ڪرڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف پنهنجي توپن جو رخ پيپلزپارٽي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان تحريڪ انصاف جا وزير، مشير ۽ صلاحڪار پيپلزپارٽي جي قيادت تي ڇتي تنقيد ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو  پيپلزپارٽي جي قيادت جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ويندي ويندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو  زرداري ۽ سنڌ جي وڏي  وزير مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم به ڏنو  هو پر  وفاقي ڪابينا نالا نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن  تي  پيپلزپارٽي جي وزيرن طرفان چيو ويو آهي ته   عدالتي حڪم تي اي سي ايل مان نالا نه ڪڍڻ  توهين  آهي، جنهن تي چيف جسٽس  پاڻمرادو نوٽيس وٺي پر ان باوجود تحريڪ انصاف پنهنجي فيصلي تي قائم آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي و زيرن جو ڳالهائڻ وارو طريقو اڄ به  اپوزيشن ميمبرن جيان آهي، جنهن سبب اڃا به اها ئي ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، جيڪا اڳ ڪئي ويندي هئي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چور  جيل ۾ ويندا،
جيڪڏهن سنڌ جي وڏي وزير کي شرم آهي ته پوءِ اهو استعيفيٰ ڏئي؟ بهرحال هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائندو ته جعلي اڪائونٽس  واري ڪيس ۾ ڪير ڪير استعيفيٰ ڏيندو ؟ پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته  تحريڪ انصاف رڳو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پٺيان ئي ڇو پئي آهي، ٻيا وزير به کوڙ سارا آهن، انهن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڇو پيو  ڪيو وڃي؟ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي جڏهن يوسف رضا گيلاني وزيراعظم هو ۽ سندس خلاف عدالتي فيصلو آيو ته ان وقت به متبادل ڳولهي رکيو هو ۽ هڪ ٻئي وزيراعظم کي چونڊرايو هو  پر هاڻ جيئن ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ۽ تحريڪ انصاف پنهنجي تبديلي واري نعري کي سنڌ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي پيو جڏهن تحريڪ انصاف اقتدار ۾ نه هئي ۽ کيس ايتري ئي موٽ ملي ها جيڪا ٻين صوبن ملي آهي.
 جيئن ته تحريڪ انصاف سنڌ کان ان وقت دور رهي ته اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿي وئي ۽ ٻين صوبن تبديلي واري نعري کي تمام گهڻي موٽ ڏني پر جڏهن تحريڪ انصاف ڪامياب ٿي پنهنجي حڪومت ٺاهي ته ان وقت پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ تمام گهڻيون وڇوٽيون هيون ۽ اهي وڇوٽيون تحريڪ انصاف لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيون ۽ تحريڪ انصاف سولائي سان ٽنهي صوبن ۾ پنهنجا پير ڄمائي ورتا پر  جيئن جيئن وقت گذريو ته مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو ۽ عوام مهانگائي جي بار دٻجي ويو، ايتري قدر جو حڪومت به عوام مٿان بار وجهڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ۽ تبديلي جا خواب ڏيکاريندڙ تحريڪ انصاف ايترا ته ٽيڪس لڳايا جو هر شئي مهانگائي ٿي وئي، تحريڪ انصاف بجلي ۽ گئس جا اگهه ايترا ته وڌائي ڇڏيا جو غريب عوام جي چيلهه ئي چٻي ٿي وئي، اڳ اسان ٻڌنداسين هئاسين ته آپريشن ذريعي دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي پر هاڻ اسان کي نظر اچي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام تي ٽيڪسز مٿان ٽيڪسز لڳائي  چيلهه چٻي ڪئي آهي، ايتري قدر جو جر  جي پاڻي جي استعمال جا اگهه به مقرر  ڪيا پيا وڃن، ان سان ته عوام وڌيڪ پريشان ٿي ويندو، جيڪڏهن  زراعت وارن تي به جر جي پاڻي تي ٽيڪس لڳايو ويو ته آبادگار تمام گهڻو پريشان ٿي ويندا؟
بهرحال هن وقت جيڪا جنگ هلي رهي آهي ۽ اها اقتدار جي نه پر هڪ ٻئي کي نيچ ڏيکارڻ جي ٿي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو  سياستدان هڪ  ٻئي کي چور چئي رهيا آهن، جيڪڏهن رڳو اقتدار جي جنگ هجي ها ته اها اليڪشن وقت اها لفظ استعمال ٿين ها پر هاڻ جيئن ته تحريڪ انصاف اقتدار ۾  آهي ته ان وقت سياسي گرفتاريون ۽ گٿا لفظ ڳالهائڻ ڪنهن به حڪومت لاءِ سٺا نه آهن. جئين ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي ڳالهائڻ  ۽ بيان ڏيڻ تي ڪيترائي ڀيرا ايوان ۾ احتجاج به ٿي چڪا آهن پر ان باوجود تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پنهنجي رويي ۾ تبديلي نه آندي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ تاريخ ۾ اهڙا لفظ استعمال نه ڪيا آهن ۽ نه ئي وري ميڊيا تي ڪڏهن به اهڙا جملا پڙهڻ لاءِ مليا آهن، جيڪي اڄ حڪمران جماعت جا وزير استعمال ڪري رهيا آهن. بهرحال قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾  اپوزيشن ليڊر شهباز شريف به چور ڪوٺڻ تي اجلاس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو هو.جڏهن ته  پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته حڪومت کي اندران ئي اڏوهي کائي رهي آهي ۽ ان کي اسان نه ڪيرائينداسين پر پاڻ ئي ڪِرندي هن وقت سموريون پارٽيون سوچي رهيون آهن ته نيب چيئرمين وٽ وڃن، مان چوان ٿو توهان ڇو انهن وٽ وڃو ان کي پارليامينٽ سامهون حاضر ٿيڻ گهرجي، منهنجي اها ڳالهه ناهي، مان وڏا نيب ڏٺا آهن ۽ ڏسندو رهندس، ڳالهه اها آهي ته جنهن ڏينهن حڪومتي ميمبرن کي گهرايو ويندو ته ان ڏينهن ڇا ٿيندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪنهن به وفاقي وزير جي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي ناهي، عمران خان سڄي ملڪ جو وزيراعظم آهي جتي چاهي اچي وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته مونکي سرڪاري دوري ۽ ڀلي پار ڏانهن سڏ تي پرڏيهه وڃڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.
مطلب ته هن وقت ٻنهي پارٽين ۾ ڇڪتاڻ چوٽ تي آهي، جيڪڏهن  سنڌ سرڪار کي وفاقي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ يقينن حالتون ضرور خراب ٿينديون، جنهن سان وفاق کي به نقصان ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٽن صوبن ۾ تبديلي  واري نعري هيٺ تحريڪ انصاف اقتدار حاصل ڪيو آهي، جتان هاڻ  مختلف نعرا ٻڌڻ ۾ ملي رهيا آهن. مهانگائي سبب حڪمران جماعت تان  عوام جو ويساهه کڄندو پيو وڃي ۽  ملڪ جو عوام تحريڪ انصاف جي تبديلي کان پري ڀڄندو پيو وڃي،اهڙي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف جو سنڌ ۾ تبديلي  وارو نعرو ڪم نه ايندو، ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت ماڻهن جا گهر ڊاهڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي ۽ بي روزگاري وڌي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو عوام ته ڇا ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي هن تبديلي واري نعري کي هاڻ پذيرائي نه ملي سگهندي. جيڪڏهن حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري ها ۽ بجلي ۽ گئس جا اگهه نه وڌائي ها ته اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها، باقي رهي ڳالهه طاقت ذريعي ڪنهن جي حڪومت ڪيرائڻ جي ته پوءِ  انهيءَ طاقت  جو سنڌ تي استعمال سان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي نقصان ٿيندو؟ هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ کان ويندي لڪيل ملڪيتن تائين ڪڏهن پهچندي؟ ۽ ان کانپوءِ عوام کي ڪهڙا ڪهڙا بيان ٻڌڻا پوندا اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو؟