Pages

Thursday 4 April 2019

وڌندڙ مهانگائي ۽ حڪومت جو يوٽرن وٺڻ وارو عمل


صاحب خان ڀٽي
اڳوڻي وزيراعظم  نوازشريف کي جيل مان آزادي ملڻ بعد اپوزيشن ۾ هڪ نئين جان اچي وئي آهي، هر طرف اپوزيشن حڪومت  خلاف ڳالهائڻ به شروع ڪري ڇڏيوآهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اندر به اڳواڻ هڪ ٻئي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  چئي ٿو ته جهانگير ترين جڏهن به ڪنهن تقريب ۾ ويندو  آهي ته مريم اورنگزيب کي ڳالهائڻ جو موقعو ملندو آهي، جڏهن ته جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته هو جڏهن به ڪنهن تقريب ۾ ويندو آهي، هو ان جي اجازت وزيراعظم کان وٺندو آهي ۽ سندس رضامندي بعد تقريب اجازت ۽ رضامندي سان ويندو آهي، جنهن بعد  وزيراعظم عمران خان معاملي جو نوٽيس وٺندي اڳواڻن کي بيان بازي کان روڪي ڇڏيو هو.  بهرحال هڪ ڳالهه ته واضح ٿي وئي آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۾  وقت گذرڻ سان گڏ اختلاف وڌي رهيا آهن، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته تحريڪ انصاف جا اڳواڻ هڪ ٻئي خلاف نه ڳالهائن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت تحريڪ انصاف  اپوزيشن کي پيغام ڏيڻ چاهي ٿي پر جيئن ته نوازشريف آزاد ٿي ويو آهي، ڀلي هو ڪجهه وقت لاءِ ڇو نه آزاد ٿيو هجي پر موجوده حالتن ۾ نوازشريف جي جيل مان آزادي هڪ ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته اپوزيشن متحد ٿي وئي آهي  ۽  عمران خان کي  تمام جلد ڪو ٽف ٽائم ڏنو ويندو. ان حوالي سان گذريل ڏينهن قمر الزمان ڪائره سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته پارٽي اڳواڻن خلاف ڪيسن تي هو حڪومت خلاف جلد تحريڪ هلائيندا، جڏهن ته  جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ سندرا ٻڌي ڇڏيا آهن. وزيراعظم عمران خان چئي رهيو آهي ته  هو ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ڪندو پر  جيئن ته حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهي آهي ۽ شرط به مڃي  و يا آهن، ان وقت عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيڪسز ۾ واڌ ۽ مهانگائي لاءِ تيار رهڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته اڳ ئي حڪومت ڪيتريون ئي ڳالهيون آءِ ايم ايف جون مڃي ورتيون آهن، جنهن سبب مهانگائي ملڪ اندر چوٽ چڙهي وئي آهي ۽ پيٽرول به سئو تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته گئيس جا اگهه جيڪي پنج سالن دوران ڪڏهن به نه وڌيا هئا، اهي موجوده حڪومت وڌائي ۽ اهو بيان به ڏنو ته ماضي ۾ جن حڪومت گيس جا اگهه نه وڌايا اهو اسان ڪم ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان علاوه تحريڪ انصاف جي حڪومت بجلي جي اگهن ۾ به واڌ ڪئي، جنهن سبب عوام جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، هڪ طرف ماڻهن جا گهر ڊاهي انهن کي بي گهر ڪيو ويو ته ٻي طرف وري بيٺل فصل کي هارين کي مهلت ڏيڻ بدران ٽريڪٽر ذريعي فصل جي ڀيل ڪئي وئي، جيڪڏهن حڪومت ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻو هو ته ڀلي ڪرائي ها پر گهٽ ۾ گهٽ فصل پنهنجي تحويل ۾ وٺي ها ان کي ڀيلي آبادگارن جو نقصان ته ڪيو ويو پر ان سان گڏ ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران به پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيڻ وارو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن فيصل کي ڀيليو  ويو ته ان سان نه ته حڪومت کي ڪو فائدو ٿيندو نه ئي ڪو آبادگارن کي فائدو ٿيندو؟ ان ڪري حڪومت کي گذارش آهي ته فصل کي ڀيلڻ بدران ان کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي، جڏهن فصل لهي تيار ٿئي ته پوءِ ان تي وڻ پوکيا وڃن، جنهن سان نقصان نه ٿيندو؟ بهرحال اهو هڪ الڳ معاملو آهي پر هن وقت حڪومت جيڪي به قدم کڻي رهي آهي، ان سان اپوزيشن کي تحريڪ هلائڻ ۽ ڳالهائڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو ته بلاول ڀٽو زرداري چئي ٿو ته سندس ٽرين مارچ سان حڪومت جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن پر ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت جون ڪي به ننڊون حرام نه ٿيون آهن. 
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت هڪ طرف اپوزيشن خلاف ڪيس هلي رهيا آهن ته ٻئي طرف وري سرحدي ڇڪتاڻ به برقرار آهي، هر هڪ پارٽي رڳو پنهنجي جند آجي ڪرائڻ ۾ رڌل آهي، جنهن سبب ڀارت کي به ڪو خاص موٽ ۾ جواب نه ملي رهيو آهي ۽ اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو ملڪ جون سڀ کان ٻه وڏيون پارٽيون هن وقت ڪيسن کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ اهي عوام  وٽ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن جيڪڏهن انهن ٻنهي پارٽين عوام وٽ وڃي تحريڪ هلائي ته پوءِ هي حڪومت گهڻو دير تائين هلي نه سهگندي پر اپوزيشن جو اهو به چوڻ آهي ته هو عمران خان کي ايئن وڃڻ نه ڏنا، کين حڪومت ڪرڻ جو ڀرپور موقعو  ڏنو ويندو، جڏهن عوام بيزار ٿي ويندو ته پوءِ پاڻ ئي هي حڪومت هلي ويندي، جيئن ته حڪومت کي سال ٿيڻ وارو آهي، ان مدي دوران پيٽرول، گيس، ،بجلي ۽ٻيون شيون ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻيون وڌيون آهن، جڏهن ته ڊالر جو اگهه به تمام گهڻو وڌي ويو آهي، جنهن سبب حڪمرانن پاران ورتل قرض جو وياج به وڌي ويو آهي، جنهن سبب عوام ته آزار ۾ آهي ئي آهي پر حڪمران به وڌيڪ قرض وٺڻ لاءِ پريشان آهن. خورشيد شاهه چيو آهي ته هي واحد حڪومت آهي جيڪا قرض وٺي خوش ٿي رهي آهي ۽کيس شرم به نه اچي رهيو آهي. بهرحال اهي سمورا سياسي بيان اهن، جيڪي هلندا رهندا پر  عوام مهانگائي جي گهاڻي ۾ پسجي رهيو آهي ۽ عوام جي اندر هڪ باهه اٿي رهي آهي، جيڪڏهن عوام مهانگائي خلاف روڊن تي نڪتو ته هن آيل سونامي کي ته لوڙهي ڇڏيندو ۽ پوءِ ان کي ڀڙڪڻ کان ڪو روڪي به نه سگهندو.  
جيئن ته حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر قرض کڻڻ وڃي رهي آهي، تنهن وقت اپوزيشن به تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هڪ ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو تبديل ڪري ملڪ اندر هڪ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو، جنهن  جي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به مخالفت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ روايتي طور حڪومت کي يوٽرن وٺڻو پيو، اهو يوٽرن حڪومت مختلف هنڌن تي وٺندي رهي آهي. جيڪڏهن حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ اپوزيشن واقعي متحد ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته حڪومت لاءِ تمام گهڻيون ڏکيائون پيدا ٿينديون.