Pages

Thursday 31 March 2016

حڪومت جي طاقت جو ٻٽو معيار

صاحب خان ڀٽي
اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس  آڏو ماڻهو هٿن ۾ ڏنڊا کڻي سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏئي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا هئا  ته ٻي طرف وري حڪومت به ڳالهين ذريعي معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي،  ڊي چوڪ تي جنهن ڏينهن کان ڌرڻو هنيو ويو، ان ڏينهن کان روڊ رستا به بند ٿي ويا هئا،  ڪم ڪار ڏانهن ويندڙ ماڻهو به تمام گهڻو پريشان هئا. حڪومت به سياڻپ ۽ عقلمندي جو مظاهرو ڪري رهي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي سندن پنهنجا ماڻهو هئا ۽ ڪنهن به صورت  هو نه پيا چاهين ته احتجاج ڪندڙ ن مٿان ڪو طاقت جو استعمال ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران ۽ پي اي ٽي سربراهه طاهر قادري جهڙا ليڊر به ريڊ زون ۾ ڌرڻو هڻي چڪا آهن.جن خلاف به طاقت جو استعمال نه ڪيو ويو هو.  اسلام آباد ڌرڻو هڻي ويٺلن سان وفاقي حڪومت ڳالهيون ڪري رهيو هئي ته جئين معاملي کي جلد کان جلد حل ڪيو وڃي پر جڏهن سپلاءِ استادن پنهنجي مطالبن لاءِ سي ايم هائوس طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهلڪار انهن مٿان ڪڙڪي پيا ۽ واٽر ڪينن جو به استعممال ڪيو ويو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو به استعمال ڪيو ويو.  ڇاڪاڻ ته اهي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ ن وانگر نه هئا ۽ نه انهن وٽ ايتري طاقت هئي جو اهي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري سگهن، تنهن جي ڪري انهن مٿان اهڙو ظلم ڪيو ويو. صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو  به صرف اهو بيان ڏئي خاموش ٿي ويو ته کيس   سپلا استادن مٿان ٿيل واٽر ڪينن واري عمل تي افسوس ٿيو آهي.  اهو ئي سي ايم هائوس آهي، جنهن آڏو ماضي  ۾ صرف صفائي نه ٿيڻ سبب سوين ماڻهو ڌرڻو هڻي ويهي رهندا هئا ۽ انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي هئي. ايتري قدر جو ڪجهه ماڻهو  سي  ايم هائوس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي گند ڪچرو به اڇلائي ويا هئا پر انهن  خلاف به ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ،  ماضي ۾ به استادن، نرسن ۽ ٻين احتجاج ڪندڙن مٿان شيلنگ، واٽرڪينن  جو استعمال  ٿيندو رهيو آهي. ليڊي هيلٿ ورڪرز  طرفان به جڏهن  احتجاج ڪيو ويو هو ته انهن مٿان به واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو اسعتمال ڪيو ويو هو. پر ڪنهن به اعليٰ اختيارين نوٽيس وٺڻ جي زحمت نه ڪئي هئي.
سنڌ ۾ ڪٿي به ڪو احتجاج ڪري انهن جي  احتجاج کي ختم ڪرائڻ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت لاءِ تمام گهڻو آسان هوندو آهي. آبادگار پنهنجي جائز حقن  خاطر روڊن تي اچن يا وري اهي استاد، جن کي ڪيتري عرصي کان پگهارن کان محرو ڪيو ويو هجي انهن جي احتجاج کي  ختم ڪرائڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي کاٻي هٿ جي راند آهي، پر شرط اهو آهي ته اهو احتجاج سنڌين جو هجي. چار ڏينهن ريڊ زون تي ڌرڻو هڻڻ  دوران آرمي کي طلب ڪيو ويو، جنهن کي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان  کان بچائڻ  لاءِ طلب ڪيو ويو هو.  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار بيان ڏنو هو ته هو ڪنهن به صورت ۾  ريڊ زون کي خالي ڪرائي وٺندا. هن اهو چتاءُ به ڏنو هو ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته پوءِ طاقت جو استعمال ڪندا، پر ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، جيڪي به احتجاج ڪندڙن جا مطالبا هئا انهن سمورن کي مڃيو ويو، بعد ۾ اهو چيو ويو ته  ڪوبه معاهدو  لکت ۾  نه ڪيو ويو آهي، جيڪي جائز مطالبا آهن انهن کي تسليم ڪيو ويو آهي. بهر حال  تحريڪ انصاف  جي سربراهه عمران خان، پي اي ٽي سربراهه طاهر القادري ۽ هاڻوڪي ڌرڻي  کي طاقت ذريعي ختم نه ڪرائڻ مان لڳي ٿو ته  ڪجهه ڌريون پنهنجا نوازي تي هلي رهيون آهن، جيڪي ڪڏهن به پنهنجن ماڻهن مٿان طاقت جو استعمال نه پيون ڪن.  رهي ڳالهه سنڌ ۽ سنڌين جي ته انهن کي لاش رکي احتجاج ڪرڻ جي به  اجازت ناهي.  ريڊزون ۾ عمران خان ڪيترائي ڏينهن ڌرڻو هنيو ويو پر ان  کي ختم ڪرائڻ لاءِ طاقت جو استعمال نه ڪيو ويو، پر  سنڌ ۾ احتجاج ڪندڙن مٿان لٺبازي ڪرائي وڃي ٿي. انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جي  اڳواڻن خلاف ڪيس به داخل ڪيو وڃي.
اسلام آباد  جي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ  تمام ڏکيو هوندو آهي ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به تحرڪ ۾ اچي ويندا آهن پر هي واحد جمهوريت آهي، جيڪا 2 ڀيرا ريڊ زون ۾ ڌرڻو هڻڻ دوران فوج کي طلب ڪري چڪي آهي.   هن جمهوريت  ثابت ڪري ڏيکاريو  آهي ته هو ناڪام ٿي چڪا آهن،  ڇاڪاڻ ته فوج ان وقت طلب ڪئي ويندي آهي، جڏهن ٻيا سمورا ادارا ناڪام ٿي  چڪا هجن.  وفاقي  سرڪار اهو فوج کي طلب ڪري  اهو واضع ڪيو آهي ته  ڊي چوڪ تي احتجاج ڪندڙ حڪومت کان ڏاڍا هئا، جنهن لاءِ کين فوج  کان مدد وٺڻي پئي. عمران خان  جي ڌرڻي دوران به فوج کي اچڻو پيو هو، ان وقت   به سرڪاري عمارتن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي هئي.  هاڻوڪو مذهبي جماعتن جو ڌرڻو به لڳ ڀڳ چار ڏينهن جاري رهيو، وفاقي گهرو وزير چيو ته هنن وٽ انهن ماڻهن جون وڊيوز موجود  آهن، جن ملڪيتن کي نقصان پهچايو آهي، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. چار ڏينهن ڌرڻو جاري رهڻ مان به حڪومت جي بيوسي ظاهر آهي. اڳتي هلي اڃان ڪيترا ڌرڻا هنيا ويندا ، جنهن بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر ايتري پڪ ضرور آهي جيڪڏهن مستقبل ڪو ڌرڻو لڳو ۽ ڌرڻو هڻندڙ عام سرڪاري ملازم هيو ۽ طاقتور ڌرين جو پنهنجو نه هوندو ته انهن لٺ ضرور وهائي هوندي، جنهن جا ڪيترائي مثال سنڌ مان ملن ٿا.
ڪراچي ۾ سي  ايم هائوس طرف احتجاجي ريلي ڪڍندڙ جي هٿن ۾ پاڪستان جو جهنڊو هو پوءِ انهن مٿان واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ويو . جنهن دوران 5 کان وڌيڪ استاد زخمي ٿيا ته ٻي طرف وري اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺلن وٽ ڏنڊا هئا جن سان حڪومت ۾ ويٺل پنهنجا نوازي ڪندڙ پيار ۽ محبت  جي ڪلامن سان انهن جو آڌر ڀاءُ ڪندا رهيا، هڪ نه، ٻه نه پر ٽي ڀيرا ڳالهيون ٿيون جنهن بعد وڃي ڪنهن حد تائين اهي وڃي پنهنجي منزل تي پهتا، پر شابس آهي سنڌ حڪومت کي جنهن هڪ ڀيرو به احتجاج ڪندڙ سپلا جي استادن سان ڳالهائڻ پسند نه ڪيو ۽ وسڪارو لائي ڏنو. واٽر ڪينن ۾ استاد ائين ترڪندا رهيا جئين لڌڙو ڦٿڪندو هجي،  ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي استعمال سبب استاد ڇڙ وڇڙ به ٿي ويا. اسان کي چوڌري نثار  واري اعلان بعد اها پڪ ٿي چڪي اهي ته ڊي چو ڪ  تي  جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿيون ته  چڪريون ٿي سگهن ٿيون  پر ائين نه ٿيون ۽ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون ۽ هڪ دفعو ٻيهر جمهوريت جي ٽرين پٽڙي تان لهڻ کان بچي وئي. پر افسوس  به ٿيو ته  ڪراچي ۾ سپلا استادن جي احتجاج کي  ختم ڪرائڻ  وارو طريقو درست نه هو، سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن کي  به انهن سان ڳالهائڻ گهرجي ها  پر  صوبائي حڪومت هميشه انهن خلاف ئي ڪارروائي ڪندي آهي جيڪي انهن جا حامي هوندا ، جيڪي  انهن کي ووٽ به ڏيندا آهن، ايتري قدر جو سپلا ڪجهه استاد اهو به چوندا رهيا ته هو چونڊن  اليڪشن مهم ۾ ڊيوٽيون به ڏيندا آهن پر صوبائي حڪومت سندن مطالبا  ٻڌڻ  کان اڳ ئي سٽڪو واهي ڪڍو. صوبائي صلاحڪار جي سپلا استادن تي واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس  جي استعمال تي افسوس جو به اظهار ڪيو آهي، جيڪو به سٺو عمل آهي، ڇاڪاڻ ته ٻي ڪنهن به صوبائي وزير اهڙي عمل جي مذمت ناهي ڪئي. هي واحد صوبائي  وزير آهي جنهن پهريون ڀيرو پنهنجي ئي حڪومت جي فيصلي تي افسوس ڪيو آهي، شايد اهڙا ٻيا به وزير اچن ته جئين ٻيهر استادن تي طاقت جو استعمال ٿيڻ کان سوچيو وڃي ڇو ته سنڌ حڪومت هميشه  طاقت جو استعمال انهن تي ڪيو آهي، جيڪي  سنڌي هوندا آهن. جڏهن  مهاجر صوبي جي احتجاج ڪيو ويو هو ته تنهن وقت به حڪومت انهن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو هو، ڪجهه سياسي پارٽين به  احتجاج ڪيا پر انهن خلاف به طاقت جو استعمال ڪرڻا بدران  ڳالهيون ڪيون ويون. ماضي ۾ جڏهن ايس ٽي پي جي ريلي ڪراچي ۾ داخل ٿي رهي هئي ته ان کي روڪڻ لاءِ به طاقت جو استعمال ٿيو هو.
 سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت  کي انهن ماڻهن جا جائز مطالبا مڃڻ گهرجن جيڪي روڊن رستن تي آهن، جن جي استادن کان حڪومت جا تخت اونڍا نه ٿيندا هجن. حڪومت هميشه انهن ماڻهن جا مطالبا مڃيندا  آهي ، جن کان کين خطرو هوندو آهي ۽ اها پڪ هوندي آهي ته جيڪڏهن ڌرڻو جو احتجاج جاري رهيو ته سندن حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي، تحريڪ انصاف، طاهر القادري ۽ هاڻوڪي ڌرڻي حڪومت کي جيترو پريشان ڪيو آهي، جنهن جو تازو مثال نواز ليگ جي وزيرن جي مرجهايل چهرن مان ملي ٿو.  جئين ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جڏهن به ڪراچي ۾ احتجاج ڪندي هئي پيپلزپارٽي جا ميڙ منٿ قافلا پهچي ويندا جنهن تي سندن پارٽي جا وزير به ناراض ٿي ويندا پر انهن جي پارٽي کي ڪا به پرواهه نه هوندي هئي. ڪيترائي ڀيرا اهو لڪاءُ ڏٺو ويو.  پر جڏهن ته  سنڌ ۾  ڪٿي به جڏهن ڪو احتجاج ٿيو  آهي ته انهن  مٿان طاقت جو استعمال ڪيو ويو آهي. ڇا سنڌي  ۽  غير سنڌين تي ٻٽو طاقت جو معيار جاري رهندو يا وري  ان ۾ وقت سان گڏ ڪا تبديلي ايندي.

Monday 28 March 2016

Sahib Khan Bhatti Article in Daily Tameer-e-sindh


Sahib Khan Bhatti Article in Daily appeal


Sahib Khan Bhatti Article in Daily jeejal


Sahib Khan Bhatti Article in Daily sobh


Sahib Khan Bhatti Article in Daily appeal


Sahib Khan Bhatti Article in Daily


Sahib Khan Bhatti Article in Daily Waka


Sahib Khan Bhatti Article in Daily Barkha


Sahib Khan Bhatti Article in Daily Awami Awaz


لاهور ۾ رت جي هولي

صاحب خان ڀٽي
لاهور  ۾ ٿيل آپگهاتي حملو  ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي، اهڙا  ڪيترائي آپگهاتي حملا  خيبرپختونخواهه، ڪوئيٽا ۽ سنڌ ۾ به ٿي چڪا آهن، جن ۾  سوين ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن. خبر ناهي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو جنهن ڏينهن هن ملڪ جي امن کي ڪنهن نڀاڳي جي نظر لڳي. اها خبر نه هئي ته هڪ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ڪرڻ بعد خطي جي صورتحال  تبديل ٿي ويندي، جنهن ڏينهن کان دهشتگردن ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملو ڪيو، ان ڏينهن کان   دنيا جو ڪو اهڙو ملڪ نه بچيو هوندو، جنهن ۾ دهشتگردي جو ڪو وڏو واقعو پيش نه آيو هجي. انهن  ملڪن مان پاڪستان  به آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين هزارين ماڻهو دهشتگردن جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. مسجد هجي يا امام بارگاهه يا وري ڪو مندر يا چرچ ڪو به  محفوظ نظر نه پيو اچي، مسجدن، امام بارگاهن ۾ دهشتگرد آپگهاتي حملا ڪري ڪيترن ماڻهن جون حياتيون کسي چڪا آهن.  اسلامي رياست سڏرائيندڙ هن پياري ملڪ ۾ خبر نه هئي ته اهڙا دهشتگرد به هن ملڪ ۾ جنم وٺندا جيڪي معصوم ٻارڙن کي بخش نه ڪندا.  تعليمي ادارا هجن يا وري  عبادتگاهون اهي به دهشتگردن جي نشاني تي  آهن، آرمي پبلڪ اسڪول حملي جو  زخم اڃا ڀريو ئي نه هو ته ايسٽر جي موقعي تي دهشتگردن لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ آپگهاتي حملو ڪري 70 کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون. جنهن جو ڪيس سي ٽي ڊي ۾ سرڪاري فرياد تي داخل به ڪيو ويو آهي. هڪ طرف ملڪ اندر امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي ته ٻي طرف  وري سياستدانن ۾  اختلاف نظر اچي رهيا آهن،  اختلاف وڌي وڃڻ سبب حڪمران هڪ ٻئي  خلاف بيانبازي به ڪري رهيا آهن  پر هي وقت هڪ ٻئي خلاف بيانبازي  جو ناهي ۽ نه ئي وري  گهرن ۾ ويهڻ جو آهي. سياسي توڙي عسڪري  قيادت کي هڪ پليٽ تي گڏ ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ نا ممڪن آهي.
لاهور ۾ هي ڪو پهريون بم ڌماڪو ناهي ٿيو پر  اهڙا ٻيا به حملا ٿيا آهن، جن ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيا هئا. لاهور ۾ پهريون آپگهاتي حملو 10 جنوري 2008ع ۾ لاهور هائيڪورٽ سامهون جي پي او چوڪ وٽ ٿيو هو، جنهن جي نتيجي  ۾ پوليس اهلڪارن سميت 21 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا هئا. لاهور ۾ ٻيو ڌماڪو 11 مارچ 2008ع ۾ ايف آءِ اي بلڊنگ ۽ ماڊل ٽائون ۾ عمارتن کي هڪ ئي وقت نشانو بڻايو هو.جنهن ۾ 35 ڄڻن جون حياتيون ضايع ٿيون. لاهور ۾ هڪ ٻي دهشتگردي جي ڪارروائي 3 مارچ 2009ع  ڪئي وئي. جنهن دوران دهشتگردن لبرٽي چوڪ ويجهو سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم تي حملو ڪيو، جنهن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا تمام گهڻو نشر ڪيو هو. ڪرڪيٽ ٽيم تي حملي دوران 8 ڄڻا مارجي ويا هئا. سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي حملي بعد پاڪستان ۾ ٻين ملڪن جي ٽيمن به کيڏڻ اچي ڇڏي ڏنو،  جنهن عمل کي هن وقت تائين بحال نه ڪيو ويو ،  دهشتگردن جي هن حملي کي ٿورو ئي وقت گذريو هو ته دهشتگرد  30 مارچ 2009ع ۾  پوليس ٽريننگ مناوا تي حملو ڪيو ويو.جنهن ۾ پوليس اهلڪارن سميت 16 ڄڻا  اجل جو شڪار ٿيا.27 مئي 2009ع ۾ ايمرجنسي پوليس 15 جي عمارت تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ به پوليس اهلڪارن  سميت 25 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي پيا هئا. 12 جون ڳڙهي شاهو ۾ جامع نعيمه ۾ آپگهاتي بم حملو ڪيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر سرفراز نعيمي سميت 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا. 15 نومبر 2009ع ۾ ايف آءِ اي بلڊنگ بيڊيا روڊ تي ايليٽ ٽريننگ اسڪول جي ٽي روڊ مناوا تي پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملي جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا. 24 اپريل 2012ع ۾ لاهور جي ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.2 نومبر 2014ع ۾ لاهور ۾ پيراملٽري چيڪ پوسٽ واهگا جي ويجهو آپگهاتي حملي ۾60  ڄڻا شهيد ٿيا. 17 فيبروري 2015ع ۾  لاهور گجر سنگهه پوليس لائن آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا. انهي سال 15 مارچ 2014ع يوحنا آباد ۾ عيسائين جي ٻن چرچ گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. يوحنا آباد واقعي ۾ 14 ڄڻا اجل جو  شڪار ٿيا، جنهن جا مذمتي بيان ڏيهه توڙي پرڏيهه کان به  سامهون آيا. لاهور ۾ آخري  حملو 27 مارچ 2016ع ۾ گلشن اقبال پارڪ ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن.  يوحنا آباد حملي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج به رڪارڊ ڪرايو ويو.
 سيڪيورٽي فورسز کان ويندي عام شهري تائين ڪو به محفوظ ناهي، دهشتگرد ڪڏهن سيڪيورٽي اهلڪارن کي پنهنجو نشانو ٿا بڻين ته ڪڏهن وري  عام شهرين کي موت جي ننڊ سمهارين ٿا. هڪ طرف ضرب عضب به آپريشن  به هلي رهيو آهي، جنهن  جي ساراهه آمريڪا کان ويندي ٻين ملڪ به ڪئي آهي. ضرب عضب آپريشن دهشتگردن کي ڇٿڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي آهي. جنهن ڏينهن کان ملڪ اندر آپريشن شروع ٿيا  آهن، تنهن ڏينهن کان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي هئي ۽ آپگهاتي بم ڌماڪن ۾ به گهٽتائي اچي چڪي هئي. هر طرف ماڻهو ايترو مطئمن ٿي ويا هئا ته هاڻ امن قائم ٿي ويو آهي ۽ رهيل سهيل ڪسر به پوري ٿي ويندي. وزيراعظم نوازشريف طرفان به اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو پر افسوس جنهن  هڪ دفعو ٻيهر دهشتگرد سرگرم ٿي ويا آهن، هن ڀيري دهشتگردن ايسٽر جي موقعي تي لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ آپگهاتي حملو ڪري 70 کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون. جيتوڻيڪ لاهور سانحي جو ڪيس سي ٽي ڊي ۾سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. پر اهو ڪافي ناهي جيستائين دهشتگردن جي ماسٽر مائينڊ جي ڳچي ۾ هٿ نٿو پئي تيستائين اهڙا حملا ٿيندا رهندا. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته لاهور پارڪ سانحي ۾ ملوث مبينا دهشتگرد يوسف مظفر جو رهواسي آهي، جنهن جي ڄم جي تاريخ 1988 ٻڌائي پئي وڃي،مبينا آپگهاتي حملي آور بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هو گذريل 8 سالن کان  هڪ مدرسي پڙهيو هو ۽ پڙهائي به رهيو. سيڪيورٽي فورسز مبينا دهشتگرد جي سڃاڻپ ڌڙ کان ڌار ٿيل سر هٿ اچڻ بعد ڪئي. جنهن بعد ٻڌايو  ويو ته اهو  سر مبينا  آپگهاتي دهشتگرد جو آهي.  ميڊيا تي خبرون هيون دهشتگرد جي فون نمبر کي ٽريس ڪيو ويو،  جنهن بعد سندس لوڪيشن جي به خبر پئي هئي. جنهن بعد  سي ٽي ڊي مظفر ڳڙهه ۾ ڪارروائي ڪري مبينا دهشتگرد جي 4 ڀائرن ۽ سندس هڪ چاچي سميت 12 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. جن بابت جاچ هلندڙ آهي. بهر حال سڄي قوم اها اميد لڳايو ويٺي آهي ته لاهور سانحي ۾ ملوث ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته جئين ايندڙ اهڙا حملا نه ٿين.
جيڪب آباد، شڪارپور، پشاور ۽ ڪراچي سانحا ڪڏهن به وسري نٿا سگهن، دهشتگردن جي حملن ۾ هزارين ماڻهن پنهنجيون وڃايون آهن. دهشتگردي جي جنگ ۾ سياسي توڙي عسڪري قيادت کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻو پوندو، هڪ ٻئي جي ڄنگهه ڇڪڻ سان ڪجهه نه ورندو، اهو لاهور هو جنهن بابت چيو ويندو هو ته جنهن لاهور ناهي ڏٺو اهو ڄميو ئي ناهي اڄ اها چوڻي به تبديل ٿي وئي آهي، اڳ ۾ چيو ويندو هو ته لاهور، لاهور آهي پر اڄ دهشتگردي جي واقعي بعد اهو چيو پيو وڃي ته لاهور ، لاهور ناهي رهيو. هڪ طرف ملڪ مان را  جا ايجنٽ گرفتار ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري مذهبي جماعتن جا ڪارڪن صحافين تي به حملا پيا ڪن. اهي صحافي جيڪي عوام جو آواز ايوانن تائين پهچائين ٿا ، انهن تي حملو ڪرڻ ڪيڏو مذمت جوڳو عمل آهي. هڪ طرف قوم سوڳ ۾ ورتل آهي ته ٻي طرف وري احتجاج   ۽ ڌرڻا به هنيا پيا وڃن.

Sunday 27 March 2016

معدني وسيلا هئڻ باوجود سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ

صاجب خان ڀٽي
گذريل سال گرمي جي موسم ۾ تمام گهڻي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو اسپتال ڀيڙو ٿيا هئا  ۽ تقريبن ٻه اڍائي هزار ماڻهو  هيٽ اسٽروڪ سبب فوت به ٿيا هئا.  بجلي فراهم  ڪندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي پر افسوس جو هن وقت تائين انهن ادارن ۾ ڪو سڌار نظر ناهي آيو. وفاقي  توڙي صوبائي حڪومت  طرفان  وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون ويون هيون ته جلد لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏيندا پر اهو واعدو صرف واعدو ئي رهجي ويو آهي. حڪومت بجلي بحران کي ختم ڪرڻ جو اعلان ته ڪري ٿي پر منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا. سنڌ اندر ڪوئلي جا وڏا ذخيره موجود آهن ۽ انهن ذخيرن تي ڪم به هلي رهيو آهي، ڪوئلو به نڪري رهيو آهي پر اهو ڪڏانهن پيو وڃي؟ ۽ ان تي ڪهڙن منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ اهي سنڌ منصوبا سنڌ کي ڪيترو فائدو ڏيندا، ان بابت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.  سنڌ مان گئس به وڏي مقدار ۾ نڪري رهي آهي پر ان مان سنڌ کي ڪيترو سيڪڙو فراهم ڪئي پئي وڃي، شايد ان بابت سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ميبرن کي به ڄاڻ نه هوندي.  قدرت به سنڌ تي وڏي مهربان آهي جو مختلف شهرن مان پيٽرول به نڪري رهيو آهي،  ڪيتريون اهڙيون تيل ڪمپنيون  قائم به ڪيون ويون آهن پر اتي به ناانصافيون ڪيون پيون وڃن.  افسوس جو انهن تيل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي به روزگار فراهم نه پيو ڪيو وڃي. ايتري قدر جو سنڌ ۾تيل جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنيون  آبادگارن  جي زمين تي ڌماڪا ڪن ٿيون جنهن سبب سندن فصل به سڙي وڃي ٿو ۽ زمين به پوکي جي لائق نٿي رهي احتجاج باوجود ڪو به سندن دردن جو درمان بڻجڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ نه ئي سندن احتجاج کي ڪا  وڌيڪ ڪوريج ڏني وڃي ٿو. جنهن سبب انهن جو آوز اتي ئي دٻجي وڃي.  ٺٽو، گهوٽڪي، نوابشاهه، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ تيل ڪمپين جي ڪيل ڌماڪن هڪ طرف رهواسين جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي ته ٻي طرف  جن جاين تي ڌماڪا ڪيا وڃن ٿا اتي فصل جي پوکي به نٿي ٿئي.  بهر حال اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر حڪومت به حد ڪري ڇڏي آهي. ٿڌ جي موسم ۾ به بجلي جي 10 کان 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وئي ۽ هاڻ به ايتري ئي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ ڪو به فرق نه آيو آهي. ٿڌي موسم ۾ نه پکا ۽ نه ئي وري اي سيون يا ايئر ڪولر هلندا آهن پر پوءِ الائي اهڙو ڪهڙو بجلي ڪمپنين وارن تي ڏمر آهي جو اهي پنهنجي عادت کان  رڪندا ناهن. هاڻ ته لوڊشيڊنگ جو عوام به عادي ٿي ويو آهي ۽ حڪومت صرف سکڻا دلاسا ڏيڻ ۾ پوري آهي.
 افسوس جي ڳالهه آهي ته  وفاقي  حڪومت  بجلي بحران کي ختم ڪرڻ بدران تڪراري فيصلا ڪري رهي آهي، جنهن سان صوبن  ۾ ويڇا وڌي رهيا آهن. اهو به دور هو جڏهن ملڪ اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ نه هئڻ جي برابر هئي پر جئين جئين آبادي وڌندي وئي تئين تئين بجلي جي بحران سان گڏ ٻيا ڪيترائي بحران به وڌي ويا آهن. بجلي جو بحران ته  الائي ڪڏهن ختم ٿيندو پر هن وقت عوام آزار ۾ اچي ويو آهي. ڪجهه عرصواڳ نيشنل پاور ريگيو ليٽري اٿارٽي نيپرا پنهنجي سالياني رپورٽ  ۾ پاڻيءَ ۽ بجلي واري وزارت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا هئا، نيپرا جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته بجلي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ ڄاڻي واڻي ڪئي وئي، جڏهن ته سرڪاري پاور پلانٽ به صلاحيت موجب گهربل بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام  رهيا. رپورٽ ۾ وڌيڪ اهو به ڄاڻايو ويو هو ته 2014-2015ع  سرڪاري  پاور پلانٽ رڳو 41 سيڪڙو بجلي پيدا ڪري سگهيا، جناح پن بجلي رٿا مان به گهربل بجلي پيدا نه ٿي سگهي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ٿرمل پاور پلانٽن کي به ڄاڻي واڻي بند ڪيو ويو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪجهه سرڪاري پاور پلانٽن جون مشينون ڄاڻي واڻي بند ڪيون ويون جنهن سبب لوڊشيڊنگ جو وقت وڌايو ويو. اهڙي رپورٽ اچڻ بعد به وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ۾ ويٺل وزيرن کي ڪجهه به محسوس نه ٿيو، جنهن سبب هن وقت به عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهي.  نيپرا جي رپورٽ مان صاف ظاهر آهي ته وفاق ۾ ڪجهه ويٺل ماڻهو بجلي بند ڪرائي پنهنجا  مرضي جا فيصلا ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن سبب هن وقت تائين بجلي  جي لوڊشيڊنگ جو جنگ بوتل ۾ بند نه ٿي سگهيو آهي.  جيڪڏهن هن ڀيري به لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري رهيو ته پوءِ لڳي ٿو ته هن  دفعي ڪيترائي ماڻهو پنهنجي حياتين تان هٿ کڻي ويهي رهندا. ڪجهه ڏينهن هڪ تقريب ۾ پيپلزپارٽي جي هڪ صوبائي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته هن ڀيري به هيٽ اسٽروڪ سبب ماڻهو فوت ٿي سگهن ٿا.  بيان ڏيڻ ته ڪيترو آسان آهي پر حڪومت ۾ ويهي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ڪيترو ڏکيو آهي، ان جو اندازو هن حڪومت ۾ ويٺلن مان لڳائي سگهجي ٿو.  ڇاڪاڻ ته کين ايترو به وقت نه ملي سگهندو آهي جو هو پنهنجيون مصروفتيون ڇڏي ڪنهن عوام ماڻهو جا مسئلا حل ڪن. گذريل هيٽ اسٽروڪ ۾  جيڪي ماڻهو فوت ٿيا، جن کي هن وقت تائي ويساري ناهيون سگهيا. هڪ طرف اها ظالم گرمي هئي ته ٻي طرف اي سي ۾ ويٺل حڪمران جيڪي صرف پنهنجا بيان ڏئي پنهنجي سياست چمڪائي رهيا هئا.  ڪجهه سياستدان ته ڪئمپون لڳائي برف جا ٽڪرا  رکي ماڻهن کي ٿڌو پاڻي پياري فوٽو سيشن به ڪري رهيا هئا. پر ڪنهن به هڪ  وزير طرفان اهو ٻڌڻ ۾ نه آيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ لاءِ ڪي قدم کنيا ويندا. اڍائي هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ باوجود حڪومت هن وقت تائين ڪو بجلي جو منصوبو شروع ڪري ناهي سگهي. وفاقي حڪومت  وٽ گرين بس، اورينج بس، فري وائي فائي سروس جي لاءِ ڪيترائي فنڊ موجود آهن پر انهن وٽ بجلي جا  نوان منصوبا ته ٺهيو پراڻن کي بحال ڪرائڻ لاءِ به فنڊ موجود نه آهي، يار وري وفاقي  حڪومت ڄاڻائي واڻي بجلي جو بحران ختم ڪرڻ نٿي چاهي جنهن سبب بجلي جو بحران ڪر کنيو بيٺو آهي. ڇو ته سال گذرڻ باوجود وفاقي حڪومت جي ڪن تي هن وقت تائين جونءَ به  نه چري آهي.  
سنڌ ۾ جڏهن به بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ٿيو  آهي ته وفاقي حڪومت ۾ ويٺلن جي صرف اها  ئي شڪايت هوندي آهي ته وڏا ڊيم نه پيا ٺاهين جنهن سبب بجلي بحران پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن انهن سياستدانن کان پڇيو ويندو آهي ته اڳ ۾ جيڪي تعمير ٿيل ڊيم  آهن انهن مان ڪيتري بجلي جي پيداوار آهي ته اهي ڪمي وانگر خاموش ٿي ويندا آهن ۽ وري هڪ دفعو ٻيهر موسمي ڏيڏرن وانگر ٽانءُ ٽانءُ ڪري ٻاهر نڪرندا آهن ۽ انهن جي وات ۾ صرف ڪالا باغ ڊيم جو ذڪر ئي هوندو آهي. جنهن سبب نڪي بجلي بحران جي خامتي لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن ۽ نه وري صوبائي حڪومت چاهين ٿيون ته بجلي جو بحران ختم ٿئي. حڪمرانن کي ته اهو خدشو آهي جيڪڏهن عوام کي بجلي، پاڻي ۽ گئس جهڙيون بنيادي سهولتون ملي ويون ته اهي کانئن  ٽڪي ٽڪي جو پڇاڻو ڪندا جنهن سبب عوام کي گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سان گڏ ٻين مسئلن جي ور چاڙهيو ويو آهي.  جنهن مان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ آسان نه آهي. سنڌ مان ڪوئلو، گئس ۽  پيٽرول به نڪري رهيو آهي پر ان باوجود سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ وڌيڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي. سنڌ  ۾  ڪيترائي ٻهراڙي وارا علائقا آهن. جن ۾ گئس ته ڇا بجلي جي سهولت به ميسر ناهي. هن جديد دور ۾ اهڙي سهولتن کان محروم بڻيل آهن.
هاڻ گرمي هڪ دفعو ٻيهر وڌڻ طرف وڃي رهي آهي.  صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي طرفان به هيٽ اسٽروڪ ۾ ٻيهر ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي پر هن وقت تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ  جي وقت ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر نه پيو اچي .  بجلي سان گئس جو به بحران وڌندو پيو وڃي، نه ڪئي  گئس صحيح نموني ڪئي پئي وڃي ۽ نه وري  بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ خاتمو اچي سگهيو آهي. حڪمران هڪ ٻئي جي ڄنگهه ڇڪڻ ۾ لڳا پيا آهن. نيب ، ايف آءِ اي ۽  را جي دهشتگردن جو چرچو به وڏو هلي رهيو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به هيٽ اسٽروڪ سبب فوت ٿيلن بابت ناهي سوچيو ۽ نه ڪا حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ڪو قدم کنيو ويو آهي. جيڪڏهن  حڪومت هن ڀيري به سخت گرمي دوران لوڊشيڊنگ جاري رکي ته پوءِ هڪ ڀيرو  ٻيهر هزارين ماڻهو حياتيون وڃائي ويهندا ان جو ذميواري به موجوده حڪمران هوندا.

Wednesday 23 March 2016

sahib khan bhatti article in daily appeal


Happly holy day from sahib khan bhatti


Sahib khan bhatti article in Daily waka


Sahib khan bhatti article in Daily sobh


Sahib khan bhatti article in Daily jeejal


برسلز ۾ دهشتگردي، عالمي طاقتن لاءِ هڪ نئون چيلينج

صاحب خان ڀٽي
دنيا ۾ شايد ڪو ئي اهڙو ملڪ  باقي بچيو هجي، جتي دهشتگردي نه ٿي هجي. هر ملڪ امن جي ڳولا ۾ آهي. پاڪستان، انڊيا، افغانستان، آمريڪا، يورپ سميت سڄي دنيا امن ۽ دهشتگردن جو خاتمو چاهي ٿي. هڪ طرف  آمريڪا سميت سموريون عالمي طاقتون دهشتگردي کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ  ڪوششون ڪري رهيون آهي ته ٻي طرف وري  دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ دهشتگرد سولائي سان پنهنجيون ڪارروايون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن.  پيرس حملي بعد جنهن ريت جاچ کي اڳتي وڌايو ويون جنهن مان اندازو لڳايو ويو  هو ته پيرس حملي جي جوابدارن کي جلد سوگهو  ڪيو ويندو، پر افسوس جو پيرس حملي جي جوابدارن جي گرفتاري ۾ سهڪار ڪرڻ وارن ملڪن ۾ دهشتگرد ڪارروايون شروع ٿي ويون آهن. جنهن مان  اهو واضع آهي ته دهشتگرد  جنهن مهل به   چاهين پنهنجيون ڪارروايون ڪري سگهن ٿا. جنهن کي روڪڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي. 13 نومبر 2015ع ۾ آپگهاتي حملي آورن ڌماڪا ڪيا هئا ۽ يرغمال ماڻهن کي قتل ڪيو هيو، جنهن  دوران سڄي دنيا سوڳ ۾ وٺجي وئي هئي. پيرس حملي جي ذميواري به داعش قبولي هئي.  پاڪستان سميت گڏيل قومن به واقعي  جي مذمت  تمام گهڻي مذمت ڪئي هئي. پيرس حملي  بعد ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو هو.  جن مان ڪجهه جو تعلق روس ۽ ڪجهه جو شام سان ٻڌايو ويو هو. آمريڪي صدر بارڪ اوباما به داعش کي دنيا لاءِ خطرو قرار ڏنو ۽ اهو اعلان ڪيو هو ته داعش جنهن به ملڪ ۾ هوندي ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ هو ڪنهن کان به اجازت نه وٺندا.  شام ۾ به هن وقت تائين ڪارروايون جاري آهن، عراق ۽ يمن ۾ به داعش  خلاف اتحادي فوج جون ڪارروايون جاري آهن. ڪجهه  ڏينهن اڳ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جان ڪربي بيان ڏنو هو ته افغانستان جي صوبي هلمند ۾ داعش پنهنجيون پاڙيون مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،  جنهن کي روڪيو ويندو. آمريڪي پرڏيهي ترجمان اهو به چيو هو ته  هو  ڪنهن به صورت ۾ داعش کي افغانستان اندر پکڙجڻ نه ڏيندا، جنهن بعد پاڪستان ۾ به ڪجهه هنڌن تي  داعش جي چاڪنگ ڪئي وئي، جنهن جون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيون ۽ اخبارن ۾  به داعش جي چاڪنگ بابت تصويرون جاري ڪيون ويون هيون. ايتري قدر جو ڪراچي سميت  ملڪ جي مختلف شهرن مان داعش جا سهولتڪار به گرفتار ڪيا ويا هئا، جن جي  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  طرفان به دعويٰ ڪئي وئي هئي.  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار طرفان بيان جاري ڪيو ويو هو ته ملڪ ۾ داعش موجود نه آهي، اهڙين  خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.
19 مارچ 2016 ع ۾ بيلجيئم جي شهر  مولن بيڪ  ۾ داعش جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن ڪيو ويو، جيڪو 8 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. جنهن ۾ بيلجيم جي اٽارني جنرل اها دعويٰ ڪئي هئي ته هنن پيرس حملي جي مبينا ماسٽر مائينڊ صالح عبدالسلام کي گرفتاري ڪيو آهي. اٽارني جنرل پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته هنن مقابلي بعد کيس حراست ۾ ورتو، جنهن دوران کيس ڄنگهه ۾ گولي لڳي. ٻي طرف بيلجيم ميڊيا  تي به اهي خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته سندن سيڪيورٽي ادارن پيرس جي ماسٽر مائينڊ کي سندس ٻن ساٿين سوڌو  سوگهو ڪري ورتو آهي. بيلجيم جو اٽارني جنرل جڏهن پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ته هو تمام گهڻو مطئمن ۽ خوش نظر اچي رهيو هو. سندس بيان مان ائين لڳي  پيو ته هن وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. بيلجين جي اٽارني جنرل صالح  عبدالسلام کي ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ جي به تصديق ڪئي هئي. فرانسيسي ميڊيا تي به اهي خبرون هلي رهيون هيون ته صالح  عبدالسلام کي 5 ساٿين سميت مولن بيڪ واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻي طرف اهو به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته بيلجين ڊاڪٽر   صالح عبدالسلام جي يادداشت بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ سندس مٿي تي به ڌڪ لڳا هئا، جنهن سان سندس يادداشت ختم ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو. بيلجين جي سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صالح عبدالسلام پيرس حملي بعد برسلز پهچي ويو هو،  جنهن بعد سندس رابطو پيرس ۾ هوندو هو. پرڏيهي ميڊيا اها به دعويٰ ڪئي هئي ته پيرس تي حملو ڪندڙن جو شام ۽ داعش سان رابطو هو . پيرس حملي جي مبينا ماسٽر مائينڊ صالح عبدالسلام جي گرفتاري بعد  فرانسيسي صدر اولانڊ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته صالح  عبدالسلام پيرس حملي جو مبينا مرڪزي جوابدار آهي. فرانسيسي صدر بيلجين حڪومت کي صالح عبدالسلام جي حوالگي  جي درخواست ڪئي هئي ۽ اها اميد ظاهر ڪئي هئي ته بيلجين حڪومت صالح عبدا لسلام  کي سندن جلد کان جلد حوالي ڪندي.  پر بيلجين   حڪومت فرانس کي ڪو به مثبت جواب نه ڏنو، جنهن مان لڳي پيو ته بيلجين حڪومت اڃان وڌيڪ  صالح عبدالسلام  کان وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.  آمريڪي صدر بارڪ اوباما به فرانسيسي صدر  اولانڊ ۽ بيلجين جي وزيراعظم سان فون تي رابطو ڪري کين واڌايون ڏنيون ۽ پنهنجي بيان ۾ چيو ته  پيرس حملي جي مبينا ماسٽر مائينڊ جي گرفتاري بيلجين حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي.  بارڪ اوباما  چارلس مائيڪل کي پڻ مبارڪون ڏنيون هيون.
پيرس حملي جي مبينا ماسٽر مائينڊ صالح عبدالسلام جي گرفتاري کي  ٻه ٽي ڏينهن  ئي گذريا هئا ته اچانڪ  دهشتگردن هڪ دفعو ٻيهر  پيرس حملي جهڙي تاريخ ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. دهشتگردن بيلجين جي گادي واري شهر برسلز  کي نشانو بڻايو، ميٽرو اسٽيشن  ۽ ايئرپورٽ تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ عام شهرين کي نشانو بڻايو ويو. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب سي سي ٽي ڪئميرا مان ورتل فوٽيجز ۾ مبينا آپگهاتي حملي آور سان گڏ هڪ شخص به ڀرسان بيٺل  هو،  ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي آپگهاتي حملي آورن ڌماڪا  ڪيا جنهن بعد ٽيون شخص فرار ٿي ويو هو.  جنهن کي بيلجين جي پوليس حراست ۾ ورتو، جنهن ٻڌايو ته هو ٽيڪسي ڊرائيور آهي، هن ٽنهي ڄڻن کي کنيو هو، جڏهن ته ٽنهي ڄڻن کيس سندن بيگ کي هٿ لاهڻ نه ڏنو هو ۽ کيس انهن جي بيگ بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي.  ٽيڪسي ڊرائيور  چيو ته هو وڌيڪ ڪجهه به نٿو ڄاڻي. جڏهن ته ڌماڪن جي ذميواري داعش قبول ڪري ورتي،  هي ڪارروائي بيلجيم جي گادي واري شهر ۾ ڪئي وئي، اها ڪارروائي ان وقت ڪئي وئي آهي، جنهن وقت  پيرس حملي جي  مبينا مرڪزي ڪردار  صالح عبدالسلام جي گرفتاري  عمل ۾ آئي آهي. هن وقت تائين صالح عبدالسلام کي  فرانس جي حوالي ته ناهي ڪيو ويو پر شايد هاڻ ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته  هاڻ بيلجين ۽ روس گڏجي داعش خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪندا.  پرڏيهي ميڊيا موجب صالح عبدالسلام  فرانسيسي شهري آهي، جنهن کي بيلجين مان گرفتار ڪيو ويو.
برسلز حملن بعد بيلجين ۽ روس جي هڪ مقصد هوندو ته هو ڪنهن به ريت  داعش کي شڪست ڏين ۽ آمريڪا به ان سندن مڪمل سهڪار ڪندو ۽ اهو سئو سيڪڙو طئي آهي ته آمريڪا به  داعش کي ڇٿڻ لاءِ هر  ممڪن وسيلا ڪتب آڻيندو، جيتوڻيڪ سمورن  اسلامي ملڪن برسلز  حملي جي مذمت ڪئي آهي ،  جڏهن ته مختلف ملڪن جي سربراهن طرفان دهشتگرد ڪاررواين  کي روڪڻ لاءِ  هر ممڪن سهڪار جي به آڇ ڪئي وئي آهي.  پر هن وقت تائين  بيلجين طرفان ڪو به رد عمل ظاهر ناهي ڪيو ويو. آمريڪا، بيلجين ۽ روس جي  ايندڙ حڪمت عملي ڇا هوندي جنهن صرف اهو اندازو لڳائي  سگهجي ٿو. هن ڀيري وري ڪو ٻيو اسلامي ملڪ سندن جي ور چڙهي ويندو. اهو  ملڪ ڪهڙو هوندو  جنهن بابت ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو. پيرس حملن بعد شام ۽ يمن ۾ ڪارروايون تيز ڪيون و يون هيون  ۽ هاڻ جڏهن  بيلجين جي گادي واري شهر تي حملو ٿيو آهي ته الائي ڪهڙي ملڪ جي قسمت  ڦٽندي ۽ ان تي حملو ڪيو ويندو. پيرس حملي جو  گرفتار مبينا ماسٽر مائينڊ صالح عبدالسلام به فرانسيسي شهري آهي. روس مان به داعش جا سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا آهن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ عالمي طاقتون داعش  کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙين ٿيون.


Tuesday 22 March 2016

sahib khan bhatti facebook cover photo


انقلا بين جي ڌرتي ڪيوبا تي پابنديون ختم ڪرڻ وارو اعلان

صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدر بارڪ اوباما ويندي ويندي اهم قدم کڻي پنهنجي هڪ تاريخ رقم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اوباما ڪجهه عرصو اڳ اعلان ڪيو هو ته هو گوانتانامابو جيل کي بند ڪندو. اوباما ته افغانستان مان آمريڪي فوج کي واپس گهرائڻ جو به اعلان ڪيو هو پر ان تي به هن وقت تائين عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي. تازو ئي آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي گهرواري مشيل اوباما ۽ سندس ٻه ڌيئرون ساشا ۽ مليا سان گڏ ڪيوبا  جو  دورو ڪرڻ لاءِ پهتو آهي، جنهن دوران سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.  هڪ طرف آمريڪي صدر  بارڪ اوباما جي دوري کي ڪيوبا حڪومت سٺو سنوڻ  قرار ڏئي رهي هئي ته ٻي طرف وري  اتان جا شهري احتجاج ڪري رهيا هئا.  جن کي ڪيوبا جي پوليس گرفتار به ڪيو. ڪنهن  به هڪ اخبار يا وري ٽي وي چينل اهو ناهي  ٻڌايو ته احتجاج آخر ڇا لاءِ  ۽ ڪنهن لا ءِ ڪيو پئي ويو؟. بهر حال اهو ڪيوبا جو اندروني معاملو آهي. جيتوڻيڪ آمريڪي صدر بارڪ اوباما  جي ڪيوبا جي گادي واري شهر هوانا پهچڻ  تي سڄي دنيا اچرج ۾ اچئي وئي آهي، ته  چين  به تمام  گهڻو حيران ٿي ويو آهي پر هن وقت تائين اهڙو ڪو خاص بيان ڪيوبا ۽ آمريڪا بابت ناهي جاري ڪيو ويو. دنيا جا سمورا ملڪ به اهو چاهين پيا ته  ٻنهي ملڪن ۾ جيڪڏهن لاڳاپا بحال ٿي وڃن ته ڪيوبا  جي واپار کي هٿي ملندي ۽ اتان جو عوام به خوشحال ٿيندو ، جنهن سان خطي ۾ اڃان وڌيڪ ترقي ٿي سگهي ٿي.  ڪيوبا ۽  آمريڪا وچ ۾ 1959ع ۾ لاڳاپا ختم ٿيا هئا، جيڪي 88 سالن بعد هاڻ بحال ٿيڻ طرف وڃي رهيا آهن.  ڪيوبا جي صدر رائول ڪاسترو  آمريڪي صدر جي دوري کي ٻنهي ملڪن لاءِ  بهتر ۽ سنوڻ قرار ڏنو  آهي ۽ آمريڪي صدر کان  گوانتاناموبو  واپس ڪرڻ جو  پڻ مطالبو ڪيو آهي.  جنهن تي آمريڪي صدر بارڪ اوباما کيس ڪو خاص آسرو ناهي ڏنو، جنهن مان لڳي پيو ته  ٻنهي ملڪن ۾ هڪ  دفعو ٻيهر  لاڳاپا بحال ٿيڻ مشڪل آهي،   ڇاڪاڻ ته گوانتانامابي واپس ڪرڻ آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي هٿ ۾ نه آهي ۽ ويندي ويندي هو ڪنهن به صورت ۾  پنهنجي ملڪ جي ٿنڪ ٽينڪ سان اختلاف  پيدا ڪرڻ نه چاهيندو، ڇاڪاڻ ته کيس ايتري پڪ آهي ته اهو تڪراري معاملو  آهي ۽ هو اهو فيصلو بنا ڪنهن مشوري جي نه ڪندو. رائول ڪاسترو ته پنهنجو مطالبو صدر اوباما جي ميز تي رکي ڇڏي آهي پر اهو مطالبو پورو ٿيندو يا نه اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو. بارڪ اوباما  ڪيوبا جي  صدر رائو ڪاسترو سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آمريڪا ڪيوبا  تي تمام جلد سموريون پابنديون ختم ڪندو ۽ هن اهو به چيو ته هو پابنديون هٽائڻ وارو وقت  نٿو ٻڌائي سگهي. تجزيا نگارن جو اهو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٻنهي ملڪ وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي وڃن ٿا پوءِ  ڪيوبا جي عوام جي معاشي صورتحال تمام بهتر ٿي ويندي .
1889ع ۾ ڪيوبا  جاگرافيائي لحاظ سان تمام اهم هو، جنهن جي پکيڙ 90 ڪلوميٽر هئي ۽ ان کي فلوريڊا  جي  ڪنجي سڏيو ويندو هو.  جيڪو نار ميڪسيڪو ۾ داخل ٿيندو هو.  انهي دور ۾ ڪيوبا اسپين جي وسيع ايٽلانٽڪ سمنڊ کان ڌار ٿيو.  جيتوڻيڪ  ڪيوبا ۾ اسپينش جو 2 ڪالونيون هيون،  جيڪي 1511 ع ۾ اچي آباد ٿيون.  جن تي ميڊرڊ  نالي شخص حڪومت ڪندو هو.   اهو علائقو اسپينارڊش جي ڪناري تي آباد هو، جنهن تي پهريون ڀيرو قبضو ڪيو ويو هو.  جنهن سبب اسپينش ڪيوبا ۾ آباد هئا،  انهن علائقن کي ڇڏائڻ لاءِ ڪيوبا طرفان پڻ جدوجهد ڪئي وئي هئي.  اهو معاملو اتي دنگ نه ٿو ٿئي اتان جي عوام کي غلام بڻائڻ جي ٽرڪ جوٽي وئي. 1898 تائين انهن جو ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون پڻ ڪيون ويون ، جنهن سبب هو سڀني کان  تمام گهڻو پري هليا ويا هئا. 1820ع ۾ اسپينش آمريڪن پنهنجي ڌرتي کي ٻن حصن ۾ ورهايو هو، جنهن سبب سندن لاڳاپا ختم ٿي ويا.  تنهن بعد  دنيا ڏٺو ته ڪيوبا آهستي آهستي ترقي ڪئي ۽ اتان جي آبادي م به اضافو ٿيو ۽ معيشيت ۾ به بهتري آئي. ڪيوبا ڪمند جي پيدوار سميت ٻين شعبن ۾ ترقي ڪئي  هئي ۽  ڪيوبا جي اها ڪوشش هئي ته غلامي کي ختم ڪيو وڃي. 1840ع ۾ اتي جي هڪ  ٻيٽ جنهن جي ايراضي لڳ ڀڳ 430.000  ڪلوميٽر هئي.  جنهن جي آبادي جو تقريبن 60  سيڪڙو  ڪاري نسل تي ٻڌل هو.  ڪجهه ڪتابن ۾ لکيل آهي ته وڏي عرصي تائين آمريڪا ڪيوبا تي حڪومت  ڪئي ۽ اتان جي عوام جو ڪنڌ جهڪائي رکيو ۽ حڪومت تي وڏو دٻاءُ وڌو. شروعاتي ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪيوبا ۾ آزادي جي تحريڪ شروع ٿي هئي ته ان وقت اتان جي دانشورن، شاعرن ۽ پڙهيل لکيل طبقي مخالفت ڪئي هئي، جڏهن ناانصافيون وڌي ويون ته پوءِ انهن کي خيال آيو ته هاڻ  آزادي وٺڻ سندن لاءِ انتهائي ضروري آهي ۽ هنن عملي طور  جدو جهد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.  غلامي جهڙي زنجير کي ٽوڙڻ لاءِ  عوام روڊن تي نڪتو، اهو جذبو عوام جو مطالبو بڻجي ويو هو ۽ اهي چئي رهيا هئا ته کين  سمورا حق ڏنا وڃن، ايتري قدر جو ڪيوبا جي عوام  کي حڪومت ڪرڻ جو به حق ڏنو وڃي، پر اهي مطالبا نه مڃيا ويا هئا، جنهن بعد تحريڪ ۾ وڌيڪ تيزي آئي هئي ۽ آمريڪن سول وار کان پوءِ انهن احتجاجن جو اثر اڃان وڌيڪ شروع ٿي ويو هو.  اسپين طرفان رعايتون به ڏنيون ويون هيون. ان ئي دور ۾ انيڪسٽشنزم Annextaionism نالي هڪ تحريڪ شروع ٿي جنهن ٻارڙن کي پڙهائڻ ۽ امداد جو مطالبو ڪيو هو. 1867ع ۾ اپريل جي مهيني ۾ ڪيوبا اندر معاشي بحران پيدا ٿيو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ 1868ع ۾ هڪ ٻي تحريڪ شروع ٿي جنهن آزادي جي بينر سان بحران ختم ڪرڻ وارا بينر کنيا ۽ تحريڪ کي اڳتي وڌايو.   اهڙي طرح ڏهه سال جنگ شروع رهي ۽  هن ٻيٽ جي ماڻهن ايتري ته جدوجهد ڪئي جنهن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ساراهايو ويو. هي اهو بيٽ هو جتان جي ڪاري نسل جا ماڻهو اسپين جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي طاقت رکندا هئا. ان باوجود  اتان جي هڪ ڪالوني جا ماڻهو ان وقت به غلامي  جي زنجير ۾ وڪوڙيل هئا جيڪي اسپين جي اشاري تي اتان جون  حالتون خراب ڪندا هئا. 1878ع ۾  آمريتي  حڪومتي مشينري کٽندي وئي ۽ انهن جو دور  گذرندو رهيو ۽ اسپين جي وڏي آبادي هن ٻيٽ جو رخ ڪيو،  پر افسوس جو ٻيٽ تي رهندڙ نسل ڪاري هئي جنهن سبب اسپين  پنهنجي آبادي کي آباد ٿيڻ  کان روڪيو . ساڳئي وقت اسپيني لاڏائن  جي اها ئي ڪوشش رهي ته هو هن ٻيٽ تي مڪمل طور تي قبضو ڪري وٺن.
ڪيوبا جي معيشيت به گڏيل قومن سان ڳنڍي وئي  هئي، ڪيوبا جو اڪثر واپار کنڊ تي ٻڌل هو. جڏهن ته اتر آمريڪا ۾ تماڪ وڏي ايراضي تي پوکيل هوندو هو. ٻي پاسي کنڊ جي قيمت جي شروعات به ڪيوبا ۾ 1884کان  ٿي.  ڪيوبا جو سارو دارومدار کنڊ تي هلي رهيو هو، آمريڪي راجڌاني به کنڊ جي ملن سبب بيٺل هئي. 1894ع ۾ گڏيل قومن 90 سيڪڙو نوڪرين ۾ ڪوٽا ڪيوبا جي رکي هئي جنهن مان صرف  38 سيڪڙو ڪيوبا کي فراهم ڪيو ويو. ساڳئي سال اسپين ڪيوبا جي نوڪرين جو ڪوٽا گهٽائي ٽوٽل 6 سيڪڙو ڪيو ۽ دنيا کي 35 سيڪڙو ظاهر ڪيو ويو. جنهن بعد ڪيوبا ٻين حقن کان به محروم ٿيڻ لڳو. حقن جي حاصلات لاءِ هڪ دفعو ٻيهر ڪيوبا ۾ آزادي جي تحريڪ وڌيڪ   ۾ تيزي آئي جيڪو اڳ ڪيوبا ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو هو، هڪ منظم آزادي جي تحريڪ مڪڙن کي منهن ڏينهن لاءِ اڳتي وڌي رهي هئي. جنهن تي اسپين کي به حيرانگي ٿي هئي.  ان وقت اتان جي هڪ اهم شخصيت  ان تحريڪ ۾ شموليت ڪئي هئي. جيڪو هڪ صحافي هو، جوز مارٽ هڪ صحافي هوندي به ان تحريڪ کي  رهنمائي ڪري رهيو هو.   جيڪو ڪيترن باغين سان 24 فيبروري 1895 ۾ ٻاهر ڀڄي بليڪ اينڊ ملٽوز نالي هڪ تحريڪ شروع ڪئي، جنهن بعد اهو لشڪر ٻيهر  انهي جي قيادت ۾ ڪيوبا ۾ داخل ٿيو. ڪيوبا ۾ نئين جنگ 1898ع ۾ لڳي، جنهن ۾ اسپين  پنهنجا 220285  ويڙهاڪ  ڪيوبا موڪليا هئا، جيڪا ان دور جي دنيا جي سڀ کان وڏي فوج هئي. شروعات ۾ اهي ڪيوبا جي  ماڻهن کي پوئتي هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر جنهن وقت هنن جي تحريڪ هڪ دفعو ٻيهر  اڀري اٿي ته  اسپين کي به سوچڻو پئجي ويو هو. اسپين جي آرمي ڪيوبا جي هوانا ۾ کان تمام گهڻو پري هئي، جتان  جي ڪاري نسل جا ماڻهو بک بدحالي جي ور چڙهيل هئا جنهن جي مدد  ڪو به نه ڪري رهيو هو.  نيٺ  وڏي جدوجهد بعد ڪيوبا آزادي ماڻي، ڪيوبا جا آمريڪا سان 1959 ۾ لاڳاپا ختم ٿيا هئا.
صدر اوباما صدراتي جهاز ايئرفورس ون ذريعي اچر جي شام ڪيوبا جي گادي وار هنڌ هوانا جي جوز مارٽي انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو جتي سندس شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. ٽن ڏينهن جي دوري ۾ اوباما سان گڏ سندس ڪٽنب به گڏ هو. هوانا ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني ۾ ڳالهائيندي بارڪ اوباما پنهنجي دوري کي تاريخي قرار ڏنو. اوباما هوانا شهر جي قديم علائقن جو دورو ڪيو. اوباما ڪيوبا جي صدر راهول ڪاسترو سان ملاقات به ڪئي. هوانا پليس ۾ ٿيل اها ملاقات ٻنهي اڳواڻن  ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ ڇوٿين ملاقات هئي.  ملاقات دوران واپار ۽ سياسي سڌارن تي  ڳالهيون ٿيون.  اوباما جو چوڻ آهي ته  1928 ع ۾ آمريڪي صدر ڪولج پاڻي واري جهاز تي سوار ٿي ڪيوبا پهتو کيس ڪيوبا پهچندي پهچندي 3 ڏينهن لڳي ويا هئا.  پر هو رڳو ٽن ڪلاڪن ۾ ڪيوبا پهتو آهي، 1928 کانپوءِ ڪنهن آمريڪي صدر جو  ڪيوبا جو اهو پهريون دورو آهي، فيڊل ڪاسترو جي قيادت ۾ 1959ع ۾ ڪيوبا ۾ آيل ڪميونسٽ انقلاب کان پوءِ واشنگٽن ۽ هوانا جا لاڳاپا ختم ٿي ويا هئا. پر صدر اوباما طرفان ڪيوبا بابت آمريڪي پاليسي ۾ تبديلي جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ڊسمبر 2014 ۾ رابطن جي شروعات ٿي هئي. رابطن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ٿيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ هوائي ۽ سامونڊي رابطن جي بحالي ۽ ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيڻ بابت معاهدا طئي ٿيا آهن. صدر اوباما ڪيوبا تي 54 سالن کان لڳل آمريڪي پابندين جي مڪمل خاتمي جو اعلان ڪيو آهي پر ڪانگريس ۾ اڪثريت  ۾ موجود ريپبلڪن  پارٽي ڪيوبا  تي پابندين جي مڪمل خاتمي جي مخالفت ڪري رهي آهي، ته ٻي طرف وري ڪيوبا ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن،  هوانا ۾ پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار  به ڪري  ورتو آهي. ڪيوبا جي صدر راهول ڪاسترو به آمريڪي صدر کان گوانتانامابو  واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،  هاڻ ڏسڻو  اهو آهي ته 88 سالن بعد بحال ٿيل رابطا اڃا وڌيڪ اڳتي هلي سگهندا يا وري اهي رابطا صرف رابطن تائين محدود ٿي ويندا  يا وري  آمريڪا ڪيوبا تي لڳل پابنديون ختم  ڪندو.

Saturday 19 March 2016

sahib khan bhatti Article in Daily jeejal


ملڪ جي تبديل ٿيندڙ سياسي اٿل پٿل

صاحب خان ڀٽي
هڪ دفعو ٻيهر پرويز مشرف جو چرچو ملڪ اندر وڏي زور شور سان ٿي رهيو آهي، ڪجهه پارٽيون  ته پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن. ڪجهه ساڃاهه وند ته  پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ جو الزام وفاقي حڪومت تي لڳائي رهيا آهن. جن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف وفاق جي آشيرواد سان دبئي ويو آهي.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي اهو ئي پرويز مشرف آهي، جنهن وزيراعظم ميان محمد نوازشريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو ۽کيس جيل ۾ وڌو هو، ته پوءِ  اهو ڪهڙي طرح ان شخص کي اجازت ڏئي سگهي پيو، جنهن مٿان غداري سميت ٻيا ڪيس هلندا هجن. پرويز مشرف ته عدالت کان  بيماري جو بهانو ڪري پرڏيهه هليو ويو پر سياسي تنظيمن ۾ هڪ دفعو ٻيهر ان معاملي تي ويڇا وڌندي نظر اچي رهيا آهن. نواز ليگ جا اڳواڻ پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ واري معاملي تي ميڊيا سان ڳالهائندي به  پريشان نظر اچي رهيا آهن، جنهن مان لڳي پيو ته ان معاملي سندن مٿان ڪيترو  پريشر وڌو  آهي. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به ملڪ کان علاج لاءِ ٻاهر آهي ته ٻي طرف وري پيپلزپارٽي جا ڪجهه اڳواڻ به پرڏيهه ويل آهن.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويجهو ساٿي نثار مورائي ته گرفتار ٿيل آهي. جنهن تي پڻ ڪيترائي الزام لڳايا پيا وڃن. ڊاڪٽر عاصم وارو معاملو اڃان  ختم ئي نه ٿيو هو ته مٿان وري نثار مورائي ۽ عزير بلوچ جي گرفتاري به سامهون آئي، جن وڏا انڪشاف به ڪيا آهن، جيڪي اڳتي هلي پيپلزپارٽي لاءِ  مشڪلاتون کڙيون ڪندا.  پيپلزپارٽي  جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ته مشرف جي پرڏيهه وڃڻ خلاف ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ۽  لاهور ۾ احتجاج به رڪارڊ ڪرايو ويو.  پيپلزپارٽي وارن  جنهن ڏينهن کان احتجاج ڪيو آهي تنهن ڏينهن کانئن تمام گهڻا سوال ڪيا پيا وڃن، جن جو جواب ڏيڻ سندن لاءِ وڏو چيلينج بڻجي ويو آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گاڊ آف آنر بابت بيان ڏنو ويو.  پر افسوس جي ڳالهه آهي ته  پرويز مشرف کي پرڏيهه  تمام گهڻو وقت گذري چڪو آهي پر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو هن وقت تائين ڪو به بيان ناهي اچي  سگهيو، صرف بلاول طرفان بيان جاري ڪيا پيا وڃن.
مارچ مهيني جون جيڪي ڪيتريون ئي اڳڪٿيون ڪيون ويون ، جن مان اهو اندازو لڳايو ويو هو ته شايد انهن جو اشارو  جمهوريت جي ريل کي پٽڙي تان لاهڻ ڏانهن هجي. پر اڃا اهو نظر نه پيو اچي، پر شايد اڳتي هلي اهڙيون پيدا ٿي وڃن، جنهن بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو.  پر ماضي ۾ وزيراعظم نوازشريف جي اهڙي حالت ٿي وئي هو جو هو عمران خان جي ڌرڻي کان به گهٻرائجي ويو هو ۽ پريشان نظر اچي رهيو هو، تنهن وقت به پيپلزپارٽي طرفان اها خاطري ڪرائي وئي ته ڪجهه به ٿي پئي هو جمهوريت  کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏيندا. پيپلزپارٽي طرفان اهو بيان به ڏنو  ويو هو ته هو  نواز ليگ جي حڪومت نه پر جمهوريت کي بچائي رهيا  آهن. ڪجهه عرصي کان پو ءِ  عمران خان جو ڌرڻو شادي تي وڃي ختم ٿيو ۽ اها شادي به گهڻو دير تائين قائم نه رهي سگهي ۽ عمران خان اڀرندڙ پارٽي کي به ٿوري  بريڪ لڳي وئي جيڪا هن وقت تائين لڳل آهي. عمران خان جي اها ڪوشش آهي ته هڪ دفعو ٻيهر وري پارٽي کي اڀارڻ لاءِ قدم کڻي پر شايد اهو هاڻ ممڪن نه ٿي سگهي. ملڪ ۾ ڪهڙي مانڌاڻ هلي رهي آهي، جنهن بابت هن وقت صرف تجزيو ئي ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن وقت سڄي قوم ڪرڪيٽ جي ڌن ۾ گم  آهي، هر طرف ڪرڪيٽ جو ذڪر آهي،  پرويز مشرف جو معاملو هجي يا وري ايم ڪيو ايم ۾ پيدا ٿيل  ڏڦيڙ، عوام جو سمورو ڌيان ڪرڪيٽ تي  آهي. هر هڪ جي وات مان اهو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ڌوني ڪئين کيڏندو، ٽي ٽوئينٽي ورلڊ ڪپ ڪير کٽندو، بس هر طرف ڪرڪيٽ جا مداح نظر اچي رهيا آهن، ڪنهن کي به ملڪي سياست ۾ ٿيل تبديلين بابت ڪو به فڪر ناهي. ڇو ته گذريل ڪيتري عرصي کان  بدامني جي ور چڙهيل هئي جنهن هاڻ وڃي سک جو ساهه کنيو آهي.  ڪرڪيٽ  راند ۾ گم ٿي ويل عوام کي شايد تڏهن  ملڪي سياست ڏانهن ڌيان ٿيندو،جڏهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پڄاڻي تي پهچندو ۽ تڏهن ئي ملڪ ۾ ايتري تبديلي اچي چڪي هوندي جنهن بابت ڪنهن شايد سوچيو ئي نه هوندو. هر ٽي وي چنيل ۽ هر هڪ اخبار صرف پرويز مشرف واري مامري تي ڀري پئي آهي.  جنهن ۾ پرويز مشرف جا سمورا ڪرتوت لکيا پيا هئا. سندس غداري ڪيس کان ويندي ٻين ڪيترن ئي ڪيسن بابت به وڏا وڏا آرٽيڪل لکيل هئا. ٻڌڻ ۾ آيو  ته  پرويز مشرف رات جي اونداهي ۾ جڏهن دبئي وڃي رهيو هو ته کيس چيلهه جي به تڪليف وسري وئي هئي ۽  هن دبئي پهچندي ئي پنهنجي پارٽي جو اجلاس سڏايو هو. جنهن ۾ پارٽي پاليسين سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. ڀلي کڻي پرويز مشرف پارٽي جا اجلاس گهرائي پر کيس پنهنجي صحت  تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي.ڪجهه  ماڻهن کي اهو اعتراض آهي ته پرويز مشرف عدالتن ۾ اڄ تائين پيش ناهي ٿيو پر هو ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن سفر ڪندو رهندو آهي.  شايد انهن ماڻهن کي اها خبر ئي ناهي ته  پرويز مشرف  ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هو ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو ناهي، سندس طبيعت خراب آهي جنهن سبب هو صرف عدالت کانسواءِ هر هنڌ وڃي سگهي ٿو. ماڻهن جو اعتراض پنهنجي جڳهه ته پر شابس  هجي پرويز مشرف جي وڪيل کي جيڪو عدالتن کي منهن ڏئي ويٺو آهي ۽ ججن کي ايترو ته مطئمن ڪري ڇڏيو اٿس جو هو پرويز مشرف جي پيشي بابت پڇندا ئي ناهن ڀلي کڻي ڪهڙو ڪيس هجي. جن ڪيسن مان پرويز مشرف آجو ٿي چڪو آهي انهن ڪيسن جي ٻڌڻي به شايد ئي پرويز مشرف ويو هجي. يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڊاڪٽرن کيس عدالتن کان وڃڻ کان روڪي هجي  ۽ اهو مشورو ڏنو هجي ته ڪجهه به ٿي پئي هو عدالت نه وڃي نه ته سندس حالت اڃا وڌيڪ خراب ٿي  ويندي؟ پرويز مشرف جو احتساب ته الائي ٿي يا نه پر هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته پيپلزپارٽي جو احتساب سنڌ ۾ نيب چڱي ريت ڪري رهي آهي. اهڙو احتساب نه شايد ئي ڪڏهن ڏٺو يا وري ٻڌو هجي. ڊاڪٽرعاصم سميت آصف علي زرداري جي ويجهن دوستن جي گرفتاري بعد  جنهن ريت احتساب ٿي رهيو آهي  شايد اهڙو احستاب اسان کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ڏسڻ وٽان ملي، ڇو ته انهن صوبن ۾ ته سمورا چوڌري ۽ خان صاحب کير سان ڌوتل آهن ۽ انهن ڪک به ڪنهن جو نه کنيو هوندو. نيب ۽ ايف آءِ کي به گهرجي ته پ پ سان گڏ نواز ليگ جي ڪرپٽ وزيرن خلاف پنجاب ۾ ڪارروايون ڪري ته جئين ڪا گلا شڪوا رهجي نه وڃي. 
ماضي ۾ اهي چوٻول هئا ته پرويز مشرف ايم ڪيو ايم  کي سنڀالڻ وارو آهي، جنهن تي هڪ ٽي وي چينل جي اينڪر پرسن  اڳوڻي صدر پرويز مشرف کان انٽرويو به ورتو هو ۽ جنهن ۾ هن مشرف کان سوال ڪيو هو ، جنهن تي مشرف کيس کلي اهو جواب ڏنو هو ته اهي صرف افواهون آهن.  ان ڳالهه کي به تمام گهڻو وقت گذري چڪو آهي، هاڻ جڏهن  ايم ڪيو ايم ڏڦيڙ پئجي ويو آهي  ۽  سينيئر اڳواڻ به پارٽي ڇڏي رهيا آهن، ڪجهه ته ملڪ کان ٻاهر هليا ويا آهن، جن جي ڏيهه اچڻ جا ڪي به آثار نظر نه پيا اچن. پرويز مشرف به ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي ۽ اهو ٻاهر وڃي ڪهڙي کچڙي ته پچائي اهو وقت ئي ٻڌائندو ، رهي ڳالهه ايم ڪيو ايم جي ته متحده سربراهه تاسيسي ڏهاڙي تي پنهنجو آواز فون تي ڪارڪنن کي ٻڌائي انهن کي تمام گهڻو خوش ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد ڪارڪنن هڪ دفعو ٻيهر ساهه پئجي رهيو  آهي.  انيس قائم خاني به پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته هو روز پريس ڪانفرنسون ڪندا پر وڪيٽون روز نٿا ڪرائي سگهن. تنهن  ڪري وڪيٽون آهستي آهستي ڪرنديون.  هڪ طرف  فاروق ستار ايم ڪيو ايم  جي ڪارڪنن کي  اڪيلو سر  سنڀالي رهيو آهي ته ٻي طرف وري مصطفيٰ ڪمال به پنهنجا ڪمال ڏيکارڻ کان رڪجي ناهي رهيو، راءِ جا الزام ته ايم ڪيو ايم تي اڳ لڳائي چڪو آهي ۽ جلد سنڌ جي دوري تي به نڪرندو،  مشرف جو پرڏيهه وڃڻ ۽ ايم ڪيو ايم  ۾ ڏڦيڙ به هڪ سڪي جا 2 پاسا  لڳي رهيا آهن، هر هڪ اهو سوچڻ تي مجبور آهي ته ڇا پرويز مشرف ڏيهه اچي پنهنجي پارٽي اي پي ايم ايل کي سنڀاليندو يا وري ڏيهه ۾ رهي ٻين سياستدانن وانگر  بيان پيو جاري ڪندو. آرمي چيف جي رٽائمينٽ ۾ اچي ڪجهه مهينا بچيا آهن، شايد ان کان اڳ سمورا مسئلا حل ٿي وڃن، جيڪڏهن مسئلا حل نه به ٿيا ته اهو سوال هر هڪ جي ذهنن تي آهي ته مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟ جنهن بابت شايد ڪنهن کي به خبر نه هجي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف اڳ ئي اهو اعلان ڪري چڪو آهي ته هو رٽائرمينٽ جي مدي ۾ واڌ نه ڪرائندو. رهي ڳالهه ايم ڪيو ايم جي ته ان تي به تمام گهڻا بحث ڇڙي ويا آهن. هڪ طرف ايم ڪيو ايم قيادت تي راءِ جو ايجنٽ هجڻ جو الزام آهي ته ٻي طرف وري دهشتگرد تنظيم جو ليبل به لڳائڻ جي ڪوششن ۾ سندس پارٽي جا  باغي اڳواڻ رڌل آهن. مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائم خاني ته دهشتگردي ۾ ملوث ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن  جي عام معافي  جو به مطالبو ڪري چڪا آهن. ايم ڪيو ايم قيادت به گذريل ڏينهنپنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. جنهن مان لڳي پيو ته مصطفيٰ ڪمال کي وڪيٽون ڪرائڻ ۾ اڃا وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.


Friday 18 March 2016

Sahib khan bhatti Article in Daily Tameer-e-sindh


Sahib khan bhatti Article in Daily Sindh


Sahib khan bhatti Article in daily fast time


Sahib khan bhatti Article in daily appeel


مشرف جي دبئي آمد تي پ پ جي ناراضگي

صاحب خان ڀٽي
اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي طبيعت ڪجهه ڏينهن کان خراب هئي جنهن سبب کيس پرڏيهه مان ڊاڪٽرن علاج جو مشورو ڏنو هو، مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ داخل هو، جنهن سبب هو پرڏيهه نه پئي وڃي سگهيو، جنهن بعد سندس وڪيل عدالت سان رابطو ڪيو، تنهن تي عدالت سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو، 17 مارچ  تي پرويز مشرف جون پرڏيهه وڃڻ جون خبرون نشر ٿيون، جنهن بعد لڳي ائين پيو ته هو پرڏيهه روانو ٿي ويندو پر  وفاقي گهرو وزارت طرفان بيان جاري ڪيو ويو ته سندس نالو هن وقت به اي سي ايل ۾ آهي، جيستائين عدالتي فيصلو لکت ۾نه ملندو، تيستائين سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل هوندو. اهڙي بيان کان پوءِ  پرويز مشرف جون پرڏيهه وڃڻ وارين خبرن جو دم ٽٽي پيو  ۽  اي پي ايم ايل جي ترجمان ڊاڪٽر امجد طرفان مختلف سببن جي ڪري روانگي ملتوي جي تصديق ڪئي وئي.  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مشرف کين واپس ڏيهه ورڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ هو ڏيهه واپس ايندو،  عدالت سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، جيڪڏهن سندس نالو خارج نه ڪيو ويو ته اها عدالت جي توهين ٿيندي. سڄو ڏينهن هر طرف اهي خبرون هيون ته ڇا واقعي پرويز مشرف پرڏيهه ويندو يا نه؟ هي ڪو پهريون ڀيرو نه هو جو پرويز مشرف پرڏيهه وڃي رهيو هو. اڳ به پرويز مشرف پرڏيهه وڃي چڪو آهي. فرق ايترو هو ته اڳ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گارڊ آف آنر پيش ڪري کيس الوداع ڪيو هو ۽ هاڻ هو بيماري سبب پرڏيهه وڃي رهيو هو. هر ٽي وي چينل تي به صرف پرويز مشرف جو بحث ڇڙيل هو، سڀني جو اهو ئي سوال هو ته ڇا پرويز مشرف پرڏيهه ويندو؟ اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري جي دور ۾ به جڏهن پرويز مشرف جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي ته تنهن وقت به مشرف جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي هئي ۽ هو اڌ رستي مان ئي اسپتال روانو ٿي ويو هو. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پرويز مشرف ڪيتري عرصي کان بيماري ۾ مبتلا آهي. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن آصف علي زرداري صاحب پرڏيهه مان علاج ڪرائي سگهي  ٿو پوءِ آخر مشرف جي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ  تي ڇو پيو اعتراض ڪيو ويو. مشرف کي عدالت به پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني آهي ته پوءِ ان تي اعتراض ڪرڻ نٿو ٺهي.
اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دبئي روانگي بابت ٻڌايو ويو آهي ته کيس چيلهه ۾ تڪليف آهي جنهن سبب هو پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر جيڪي به آرمي آفيسرن لاءِ اسپتالون ٺهيل آهن اتي تمام بهتر سهولتون فراهم ٿيل آهن. تنهن باوجود پرويز مشرف پنهنجو علاج ذاتي خرچ تي پرڏيهه مان ڪرائڻ جو  فيصلو ڪيو آهي. جيڪڏهن صرف چيلهه جي تڪليف جو علاج ڪرائڻ لاءِ پرويز مشرف پرڏيهه ويو آهي ته پوءِ اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ملڪ اندر صحت جون سهولتون نه هجڻ برابر آهن، ڇاڪاڻ ته پرويز مشريف کي چليهه ۾ تڪليف آهي ۽ هو هتان جي ڊاڪٽرن جي علاج کان مطئمن نه آهي جنهن سبب پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به پرڏيهه مان علاج ڪرائي رهيو آهي. پرويز مشرف  پرڏيهي ايئرلائن جي اڏام اي ڪي 611 ذريعي ڪراچي کان دبئي روانو ٿيو، جنهن دوران سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا هئا. ٻڌايو پئي ويو ته پرويز مشرف شاهين گيٽ ذريعي جهاز تائين پهتو، هي اهو گيٽ آهي جيڪو صرف ايئرپورٽ عملو استعمال ڪندو آهي. پرويز مشرف دبئي وڃڻ کان اڳ هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته هو پنهنجي وطن سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو، علاج  بعد هو فورن ڏيهه واپس ورندو.  پرويز مشرف وڌيڪ چيو ته هو علاج لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو.  پرويز مشرف جي اڏام 4 لڳي 5 منٽن تي رواني ٿي.  پرويز مشرف سان گڏ سندس دوست طارق محمود به گڏ هو. پرويز مشرف کي سيٽ نمبر 6 جي،  ۽ ڪيبن نمبر ون ڏنو ويو. مشرف کي دبئي روانگي وقت سائي رنگ جي ٽي شرٽ پهريل هئي. جڏهن ته اي پي ايم ايل جي ترجمان آسيا اسحاق  پاران پرويز مشرف جي روانگي کان پوءِ  في امان الله مشرف جو ٽوئيٽ به جاري ڪيو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته پرويز مشرف دبئي جي برج خليفه جي ڀر ۾ پنهنجي رهائشگاهه ۾ ترسندو.  هڪ طرف چيو ويو ته پرويز مشرف کي چيلهه ۾ تڪليف آهي ته ٻي طرف وري اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته پرويز مشرف ڏاڪڻن ذريعي جهاز ۾ چڙهيو ۽ لٿو هو. شايد کيس پرڏيهه وڃڻ جي ايتري ته خوشي ٿي جو هو پنهنجي چيلهه جي تڪليف به وساري ويٺو ۽ بغير سهاري جي ڏاڪڻيون چڙهي جهاز ۾ داخل ٿيو.  اهي خبرون ٽي وي چينلن ۾ هلي رهيون هيون ته کيس چيلهه ۾ سور هو ته تنهن باوجود هو ڏاڪڻين ذريعي ڪئين لٿو؟. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پرويز مشرف تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن، جن ۾ اڪبر بگٽي قتل ڪيس به شامل آهي. جڏهن ته مشرف کي اڪبر بگٽي  قتل ڪيس ۾ آجو ڪيو ويو آهي پر تنهن هوندي به مٿس ٻيا ڪيس هلي رهيا آهن، جن بابت اها اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته  اهي به جلد ختم ٿي ويندا.  اڳوڻي سٽي ناظم  مصطفيٰ ڪمال جي ڌماڪيداري انٽر بعد اڳوڻي آمر پرويز مشرف  ڌماڪيدار دبئي روانگي ڪئي آهي. جنهن تي پيپلزپارٽي به ناراض آهي. مارچ مهيني جا ڌماڪا به جاري آهن،  جن بابت خبر ناهي ته اهي ڪٿي وڃي دنگ ڪندا.
ڪجهه سياستدانن مارچ مهيني کي تمام گهڻو اهم  قرار ڏنو هو، مصطفيٰ ڪمال بعد ايم ڪيو ايم جي باغين جي فهرست ۾ واڌ  اهو ثابت ڪيو  ته مارچ مهيني ۾ ملڪ جون حالتون تمام گهڻيون تبديل ٿيون آهن.  پرويز مشرف ڳچي ۾ هار وجهي وڃي دبئي ويٺو  ۽ پ پ پاران سندس پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي. رات دير سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته  پارٽي اڳواڻ  پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر پنهنجي موقف کي مضبوط رکن،  پ پ چيئرمين پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيپلزپارٽي مشرف کي وردي لاهڻ ۽  صدارت ڇڏي،  آصف علي زرداري به مشرف جي احتساب جو مطالبو ڪري چڪو آهي پر چوڌري نثار طرفان چيو ويو آهي ته اهي ماڻهو پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ تي اعتراض ڪري رهيا آهن جن گارڊ آف آنر پيش ڪري کيس موڪليو هو.   


Thursday 17 March 2016

بيلسٽڪ ميزائل تجربن تي عالمي طاقتن کي ڳڻتي

صاحب خان ڀٽي
ڏهاڪي کان ٻڌندا پيا اچون ته  عالمي طاقتون ايٽمي تجربا ڪندڙ ملڪن تي پابنديون لڳائينديون آهن. ايران تي به ماضي  ۾ ڪيتريون پابنديون لڳايون ويون جيڪي هڪ معاهدي تحت ختم ڪيون ويون پر  ايران جي هاڻوڪي بيلسٽڪ ميزائل  تجربي تي آمريڪا کي هڪ دفعو ٻيهر ڳڻتي ۾ وجهي  ڇڏيو آهي. جنهن سبب ايران تي نيون پابنديون لڳايون ويون آهن، هڪ طرف ايران بيلسٽڪ ميزائلن جا تجربا ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري ايران به  عالمي طاقتن کي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو آهي. هاڻ لڳي ٿو ته عالمي طاقتن کي پين ڪلر جي به ضرورت نه پوندي ڇو ته مستقبل ۾ ٻيا ملڪ به   اهڙا تجربا ڪري سگهن ٿا. سعودي عرب ته آمريڪا کان هٿيار خريد ڪري پنهنجو گذاروڪري رهيو آهي ۽ اهو واحد ملڪ آهي جيڪو آمريڪا جو سڀ کان وڌيڪ هٿيار خريد ڪندڙ  ملڪ آهي. جنهن جو اعتراف آمريڪا پاڻ به ڪندو رهيو آهي. سعودي عرب کي هن وقت تائين ڪنهن به  ملڪ کان خطرو ناهي رهيو ڇا ڪاڻ ته  سعودي عرب واحد ملڪ آهي جيڪو مسلمان ملڪن جو مرڪز سڏيو  ويندو آهي ۽ ان تي حملو ڪرڻ کان اڳ ڪو به سپر پاور ملڪ هزار بار سوچيندو.  پر پوءِ به سعودي عرب هاڻ پنهنجي فوج سان گڏ دفاعي صلاحيتن  جي واڌ لاءِ به ڪوششن ۾ رڌل آهي.  ماضي ۾ آمريڪا عراق تي به ڪيميڪل هٿيار رکڻ جو الزام لڳائي حملو ڪيو هو ۽ ان ۾  ڪامياب به ٿي ويو هو.  عراقي حڪومت کي ان ڪري شڪست ملي ته  حڪومتي مخالف ڌڙا  اڳواڻن کان خوش نه هئا ۽ انهن جو موقف هو ته  هنن سان تمام  گهڻي ناانصافي ٿي آهي،  عراق تي حملي بعد آمريڪا ڪاميابي ماڻي، محنت  اتان جي عوام جي هئي ۽ ڪاميابي  جو تاج آمريڪا کي پارايو ويو، پر اڄ تائين  عراق ۾ حالتون بهتر نه ٿي سگهيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا ۾ به اهي خبرون نشر ڪيون ويون هيون ته ايران فوجي مشقن دوران ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل تجربا ڪيا آهن، جنهن جي تصديق ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف به ڪئي هئي. ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف  پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته بيلسٽڪ ميزائل تجربا بچاءِ لاءِ ڪيا ويا، جنهن سان ڪنهن کي به ڪو خطرو ناهي، نه ئي ميزائل تجربن سان  عالمي معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي آهي. ايران طرفان اها خاطري به ڪرائي وئي ته هو ڪنهن به ملڪ تي حملي لاءِ ڪو به ذريعو استعمال نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي ميزائل استعمال ڪيو ويندو. ايران طرفان اهي به بيان جاري ڪيا ويا هئا ته هنن ڪڏهن به عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪو اهڙو هو قدم کڻندا جنهن سان  ڪنهن کي نقصان پهچي. ايراني پرڏيهي وزير طرفان اهو بيان ڏنو ويو هو ته  جيڪي ماڻهو ايران جي ميزائل پروگرام خلاف شڪايتون ڪري رهيا آهن، اهي هنن کي چيلينج سمجهن ٿا. ڏٺو وڃي  ته هڪ طرف ايران جا لاڳاپا سعودي عرب سان بهتر ناهن ته ٻي طرف وري اهو ئي ملڪ  آمريڪا کي  چڙ ڏياريندڙ ڪم ڪري رهيو آهي. آمريڪا ڪيترائي ڀيرا عالمي طاقتن سان گڏجي ايران تي پابنديون لڳائي چڪو آهي، ان سلسلي ۾ جنيوا ۾ به ڳالهيون ٿيون هيون، جنهن ۾ معاهدي تحت ايران تي لڳل پابنديون هٽايون ويون. جڏهن ته هاڻوڪي بيلسٽڪ ميزائل تجربن کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي سڏيو ويو آهي.  ايران به پنهنجي موقف تي  اٽل آهي ۽ چئي  رهيو آهي ته هر هڪ ملڪ کي پنهنجي دفاع جو حق آهي ۽ هو اهو حق ڪنهن به صورت ۾ کسڻ نه ڏيندا.  ايران طرفان هر بيان ۾ اهو واضع ڪيو ويو آهي ته  سندن ميزائل تجربن سان ڪنهن کي به ڪو نقصان نه ٿيندو ۽ نه ئي وري هو ڪنهن به ملڪ تي اهو استعمال ڪندا.  هر هڪ ملڪ به اهوئي چاهي ٿو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سمورا معاملي سفارتي طور تي حل ٿي وڃن. تجزيا نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ايران تي وڌيڪ پابنديون لڳايون ويون ته ايراني معيشيت کي تمام گهڻو نقصان پهچندو ۽ معيشيت ڪمزور ٿي ويندي. جنهن جا خطي تي به اثر پئجي سگهجن ٿا. ٻي طرف وري شيخ نمبر جي موت واري سزا بعد ايران جا سعودي سان لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن، جن ۾ هن وقت تائين ڪا به گهٽتائي نه اچي سگهي آهي.  جڏهن شيخ نمر کي ڦاهي ڏني وئي تڏهن ايران ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني تي حملي سبب ٻنهي ملڪن ۾ ويڇا وڌي ويا هئا، ٻنهي ملڪن ۾ تڪرار وڌي وڃڻ سبب آمريڪا طرفان  به ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، جنهن بابت هن وقت تائين ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي. جڏهن به  ايران ڪو تجربو ڪندو آهي ته عالمي طاقتن کي تمام گهڻي ڳڻتي ٿي ويندي آهي.  پاڪستان جا به ايران سان لاڳاپا ايترا سٺا نه آهن، ڇاڪاڻ ته نمبر شيخ جي ڦاهي کان پوءِ پيدا ٿيل  صورتحال پاڪستاني قيادت جي بيانن  سبب ايراني عملدار ن  ۾ به تاءُ پکڙيل آهي. شيخ نمر جي ڦاهي کان پوءِ پاڪستاني قيادت جو لاڙو صرف سعودي ڏانهن هو ۽ پاڪستان به  حمايت جي خاطري ڪرائي چڪو آهي.  2008ع ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ هڪ هزار ميگاواٽ بجلي خريد ڪرڻ جو معاهدو طئي ڪيو ويو هو، ايران صرف پاڪستان کي بجلي وڪرو ڪرڻ  جي حد تائين دلچسپي نه پيو رکي  پر  هو پاڪستان  کي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۽ گنجائش ۾ اضافو ڪرڻ واري پراجيڪٽ ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ به تيار هو.  شيخ نمر جي ڦاهي بعد پاڪستاني  قيادت جي هڪ طرفي پاليسي  سبب  قومي اسيمبلي  جي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه بيان ڏنو هو ته ايران ۽ سعودي عرب ٻئي اسلامي ملڪ آهن، جنهن لاءِ  حڪومت کي  هڪ جهڙو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جا دورا ڪرڻ گهرجن.
ايران  ته  بيلسٽڪ ميزائل تجربا ڪري رهيو آهي  پر اتر ڪوريا طرفان به ايٽمي  بم تجربي کان پوءِ ميزائل تجربا شروع ڪيا ويا آهن، جنهن سبب آمريڪا،  برطانيا ۽  فرانس سميت عالمي طاقتن کي ڳڻتي  ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن جي هر سطح تي مذمت به ڪئي پئي وڃي. اتر ڪوريا جي سربراهه پيانگ يانگ   ته ايٽمي  ايٽمي تجربا جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيانگ يانگ پنهنجي جاري ڪيل بيان  ۾ چيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا تجربا بند ڪندا، ڀلي کڻي مٿن ڪيتريون به پابنديون لڳايون وڃن. ڪجهه مهينا اڳ اتر ڪوريا اهو اعلان به ڪيو  هو ته هنن هائيڊروجن بم جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، جنهن سبب اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا.  ڏکڻ ڪوريا  اهو الزام به لڳايو هو ته  اتر ڪوريا سيٽلائٽ  ميزائل خلا ۾ موڪليو آهي، جيڪو عالمي ڀڃڪڙي آهي، ڏکڻ ڪوريا طرفان به اتر ڪوريا تي پابنديون لڳائڻ جو مطالبو  ڪيو ويو، جنهن تي آمريڪا سميت عالمي طاقتن اتر ڪوريا ته نيون پابنديون لڳايون جنهن ۾ وڌيڪ سختيون به ڪيون ويون پر ان باوجود  اتر ڪوريا  تجربن کي پاسو نه ڪيو ۽ پنهنجا تجربا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.  اتر ڪوريا جي  ايٽمي ۽ ميزائل تجربن سان سڀ کان وڌيڪ خطرو ڏکڻ ڪوريا کي آهي ۽ انهي لاءِ   ڏکڻ ڪوريا واحد ملڪ  هو جنهن سڀ کان پهرين اهو انڪشاف ڪيو هو ته  اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ آيل زلزلو قدرتي نه هو پر اهو هڪ ايٽمي تجربي سبب آيو. جنهن  بعد اتر ڪوريا پاڻ ئي اعتراف ڪيو هو. جنهن بعد آمريڪي سينيٽ اتر ڪوريا تي وڌيڪ معاشي پابندين جي گڏيل راءِ سان منظوري ڏني وئي. آمريڪي سينيٽ جي ميمبرن جو چوڻ هو ته اتر ڪوري اجا تازا ايٽمي ۽ ميزائل تجربا  چڙ ڏياريندڙ ڪارروائي آهي، ان ڪري ان تي وڌيڪ سخت پابنديون لڳايون وڃن. نئين ٺهراءِ جي منظوري کانپوءِ اتر ڪوريا مان شيون ۽ ٽيڪنالاجي ، انساني تباهي جي هٿيارن ۽ تربيتي سمان جي آمدني واپار  يا انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث هجي ان تي پابنديون لڳائي سگهجن ٿيون.  آمريڪي سينيٽ ۾ گذريل ڏينهن به وڌيڪ نيون پابنديون لڳايون ويون تنهن باوجود  اتر ڪوريا ته ڪو به اثر نه پيو .
هڪ طرف آمريڪا  ۽  عالمي طاقتون  ايٽمي هٿيارن جي روڪٿام لاءِ قانون جوڙي رهيون آهن ته ٻي طرف وري  انهن جي ڀڃڪڙي  ڪندي ملڪ سامهون اچي رهيا آهن. جيڪا ڳالهه آمريڪا سميت عالمي  طاقتن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ڇاڪاڻ ته عالمي طاقتون ڪڏهن به نه چاهينديون ته  ڪو به ننڍو ملڪ سندن مقابلو ڪري. جنهن سبب انهن جي اها ڪوشش آهي ته پابنديون لڳائي انهن ملڪن کي جهڪايو وڃي. عراق تي حملو ڪرڻ ته آمريڪا  لاءِ آسان هدف هو ، جنهن تي صرف ڪيميڪل هٿيارن جو الزام لڳائي حملو ڪيو ويو، جيڪي هٿيار هن وقت تائين سامهون ناهن اچي سگهيا.  باقي رهي ڳالهه ايران ۽  اتر ڪوريا جي ته اها ڳالهه صاف  ظاهر آهي ته آمريڪا  هاڻ اها غلطي ڪڏهن به نه ورجائندو ۽ ايران ۽ اتر ڪوريا تي ڪنهن به صورت ۾ حملو نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت اتحادي فوج، شام، عراق ۽ افغانستان سميت ٻين ڪيترن ملڪن ۾ ڦاٿل آهي.  آمريڪا به چاهي ٿو ته انهي معاملي جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍيو وڃي جنهن سبب هو خاموشي اختيار ڪري ويٺو آهي. هڪ طرف آمريڪي صدر بارڪ اوباما جو به آخري وقت آهي ۽  ويندي ويندي هو  به ڪنهن ملڪ اندر حملي ڪرڻ جي ڪين سوچيندو باقي ڌمڪي ۽ پابندين ذريعي  ڊيڄارڻ جي ڪوشش  ضرور ڪندو ته جئين سندس دٻ دٻو برقرار رهي. آمريڪا هونءَ به ڪيترائي ڀيرا ايران ۽ اتر ڪوريا جو معاملو  سينيٽ ۾ پيش ڪري چڪو  آهي جنهن دوران ايران تي  نيون پابنديون لڳائڻ جو بل پاس ڪيو ويو آهي ۽ پابنديون به لڳايون ويون آهن، پر هن وقت به سموري عالمي طاقتن جو اهو خيال آهي ته سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن.


Friday 11 March 2016

متحده بحران بعد ڪراچي ۾ ڇڪتاڻ جو خدشو

صاحب خان ڀٽي
اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي ڌماڪيدار پريس ڪانفرنس سنڌ واسين  سميت سڄي  ملڪ کي  اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هر هڪ ماڻهو سوچڻ تي مجبور آهي ته هي اها ئي جماعت هئي جنهن جو مثال ڏنو ويندو هو ته هن پارٽي ۾ ماڻهو ايندا آهن پر ڪنهن به هڪ ڪارڪن هن وقت تائين پارٽي ڇڏي ناهي، هاڻ  اهو  تصور به ختم ٿي چڪو آهي.  ڇاڪاڻ ته اوچتو مصطفيٰ ڪمال ڏيهه پهتو ۽ ايم ڪيو ايم تي پنهنجي لفظن جا بم اڇلايا، جنهن تي سڀ حيران ٿي ويا. ايم ڪيو ايم جي باغي ڌڙي  ۾  شموليت ڪرڻ لاءِ   پراڻا چهرا  سامهون اچي رهيا آهن. ماضي ۾ ڪراچي اندر جيڪي به ترقياتي منصوبا شروع ٿيا،  انهن کي تمام جلد مڪمل ڪيو  ويو. جيڪي پل سال ۾ به تيار نه ٿي سگهندي هئي اها  ڪجهه مهينن اندر تيار  ٿي. روڊ رستا به  سٺي نموني ٺهرايا ويا، روڊن تي لائٽون ۽ ڊرينيج سسٽم به صحيح نموني ٺاهيو ويو.  سٽي ناظم  مصطفيٰ ڪمال جي  شروع ڪيل ترقياتي منصوبن سبب سندس چرچو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ به ٿيڻ لڳو ۽ ايم ڪيو ايم تمام گهڻو مضبوط ٿي. اڳوڻي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف طرفان به سندن تمام گهڻي سپورٽ ڪئي وئي.   ايتري قدر جو جنرل پرويز مشرف  پنهنجي هر انٽرويو ۾ چوندو هو ته سندس ايم ڪيو ايم سان پراڻا لاڳاپا آهن. پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ ايم ڪيو ايم جي تعريف ڪندي ٿڪندو ئي نه هو . اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف ڪراچي کي ايم ڪيو ايم جي جهولي ۾ وجهي ڇڏيو هيو، ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جو به ايترو حڪم نه هلندو هو، جيترو هڪ  ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج جو هلندو هو. جڏهن سٽي ناظم  پاڻي جون لائنون وڇائڻ جو منصوبو  شروع ڪيو ته  ان وقت به صرف سنڌي ڳوٺن کي محروم رکيو ويو ۽ پاڻي واري پائپ لائن جنهن به ڳوٺ کان گذري پئي ان کي غير قانوني قرار ڏئي ڊاٿو ويو، جنهن تي قومپرست ڌرين به تمام گهڻو احتجاج ڪيو هو، پر وقت جي حاڪمن  جي ڪن تي ڪا به جونءَ به نه چري  هئي.  سنڌي ڳوٺ ان وقت به مصطفي ڪمال جي ڪمال واري تعصبي رويي جي ورچڙهيل هئا. ايتري قدر جو مصطفيٰ ڪمال سمورين سنڌين کي ڊاهڻ جو فيصلو به ڪيو هو. ان دور ۾ جيڪو نفرتن جو ٻج ڪراچي اندر پوکيو ويو هو، جنهن جو ڪيتو اڄ به اسين لوڙي رهيا آهيون.  سٽي ناظم  مصطفي ڪمال جڏهن ڪراچي جون واڳيون سنڀاليون ته  اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪراچي  ۾ داخل ٿيندڙ هر سنڌي جي رجسٽريشن  ڪئي ويندي. اهڙي عمل تي سنڌ جو هر ساڃاهه وند پريشان ٿي ويو هو. هڪ طرف اها جماعت هئي جنهن کي ان وقت جي دور جو آرمي چيف سپورٽ ڪري رهيو هو ته ٻي طرف وري ننڌڻڪا قومپرست جيڪي روڊن تي جهنڊا کڻي نعريبازي ڪري رهيا هئا پر انهن جي دانهن ڪير به ٻڌڻ وارو نه هو. احتجاج کانپوءِ اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته اهڙو ڪو به بيان ناهي ڏنو ويو، جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي.
مارچ جي مهيني بابت ڪيترن ئي سياستدانن اڳڪٿيون ڪيون هيون ته مارچ ۾ ڪجهه ٿيڻو وارو آهي پر اها خبر نه  هئي ته متحده ڌڙا بندي جو شڪار ٿي ويندي.   ايم ڪيو ايم کي الوداع ڪري نئين پارٽي جو اعلان ڪندڙ مصطفيٰ ڪمال، انيس قائم خاني، ڊاڪٽر صغير، وسيم آفتاب ۽ ٻيا باغي  اهو سوچي رهيا آهن ته هو  متحده جي متبادل پارٽي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ هڪ سال اڳ 11 مارچ  2015  ۾ رينجرز نائن زيرو تي ڇاپو هنيو هو ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو هو. نائن زيرو تي رينجرز جي آپريشن کي تمام گهڻو ساراهايو ويو هو،جنهن بعد رينجرز جو وقار وڌيڪ بلند ٿيو هو. رينجرز نائن زيرو تي ڇاپي دوران نيٽو جا هٿيار هٿ اچڻ جي دعويٰ به ڪئي هئي.  هڪ خانگي ٽي وي چينل نائن زيرو ۾ رينجرز جي داخل ٿيڻ وقت جا فوٽيجز  به جاري ڪيا هئا. جنهن تي به متحده سربراهه وڏي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. اها خبر نشر ڪرڻ وقت ميڊيا وارا به تمام گهڻو پريشان هئا. اي اين پي، پ پ ۽ نواز ليگ جا  ڪجهه اڳواڻ به متحده تي  الزام لڳائندا هئا پر انهن جي الزامن تي ڪو به ڌيان نه ڏيندو هو ۽ اهي الزام الزام ئي رهجي ويندا هئا. اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به  ايم ڪيو ايم تي ملڪ ٽوڙڻ جو الزام لڳائي چڪو آهي. جنهن تي هڪ صحافي کائنس سوال  به پڇيو هو ته متحده   پاڪستان کي ٽوڙڻ نه پر سنڌ کي ٽوڙي نئين صوبي جو مطالبو ڪري رهي آهي  پر اوهان ملڪ ٽوڙڻ جو مٿن الزام لڳائي رهيا آهيون.  جنهن تي ذوالفقار مرزا چيو  هو ته  متحده پهرين صوبو ٺاهي پوءِ  هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ جي سازش ڪئي رهي آهي. هونءَ ته متحده سربراهه  دنيا جي نئين نقشي بابت به ٽي ڪلاڪ  نيوز چينلن تي پريس ڪانفرنس  ڪئي  هئي.  ايم ڪيو ايم جي  اڳوڻي ڪارڪن صولت مرزا به ڦاهي کان اڳ   پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو هو ته  هو پارٽي جي چوڻ تي قتل ڪندو هو ۽ هن اهڙي ڏوهه جو  به اعتراف ڪيو هو، هن ڪارڪنن کي اپيل به ڪئي هئي ته ٽشو پيپر جيان استعمال نه ٿيو.
ايم ڪيو ايم جڏهن به سنڌ حڪومت کان ڌار ٿيندي هئي ته سنڌ کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪندي هئي  ۽ ان جي چاڪنگ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪئي ويندي هئي، جنهن سان ڪروڙين سنڌين جي دل آزاري ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم کي پنهنجي حياتي کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتي سان محبت آهي، اهو ئي سبب هوندو هو ته جنهن وقت به ايم ڪيو ايم سربراهه سنڌ خلاف زهر اوڳاڇيندو هو ته سنڌي قوم هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويندي هئي. جنهن بعد اهو ئي متحده سربراهه پريس ڪانفرنس ڪندو هو ۽ پاڻ کي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سڏيندو آهي ۽ چوندو هو ته سنڌ ڌرتي سندس امڙ آهي، هو پنهنجي بيان تان به ٻئي ڏينهن ڦري ويندو هو. مصطفيٰ ڪمال به جڏهن کان نئين پارٽي جو اعلان ڪيو آهي ان وقت کان هن صرف اهو ئي بيان ڏنو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ گناهه ناهي ۽ پاڪستان قيامت تائين 4 صوبن تائين محدود نٿو رهي سگهي، مستقبل ۾ نوان صوبا ٺهندا. مصطفيٰ ڪمال پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته نوان صوبا ٺاهڻ ڪو گناهه ناهي پر جڏهن “ را “ جا ايجنٽ ڌار صوبي جو مطالبو ڪن ته سڀني کي خوف ٿيندو آهي. مصطفيٰ ڪمال ته پنهنجو ڪمال ڏيکاري رهيو آهي ۽ وڏو ڪمال ته ميڊيا جو به آهي ته سندس نئين پارٽي جي اعلان کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي رهيا آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به ماضي ۾ بيان ڏنا هئا ته ايم ڪيو ايم ۾ سڀ خراب ماڻهو ناهن پر ان ۾ سٺا به آهن، اڄ اهي سٺا ماڻهو سامهون نظر اچي رهيا آهن ۽ اميد آهي ته اڃان وڌيڪ متحده مان سٺا ماڻهو نڪري پنهنجو هڪ ٽولو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جڏهن به متحده مان ڪارڪن ڌار ٿيا آهن ته انهن ۾ وڏو جهيڙو ٿيو آهي، جيڪو هاڻ به ٿيڻ جو خدشو آهي. متحده ۽ حقيقي به هڪ ٻئي تي پنهنجن پنهنجن ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳائنديون رهيون آهن.
 اڳوڻو سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال پرڏيهه کان پوءِ واپس اچي  باغين  جو گروپ ٺاهي رهيو  آهي ۽ متحده تي  “را” جو ايجنٽ هجڻ  جا الزام به لڳائي رهيو  آهي.  وسيم آفتاب به جڏهن باغي ڌڙي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ته ان وقت هن چيو ته هنن پارٽي سربراهه جي ڪري ٻين سان جهيڙو ڪيو ۽ ان جي هر حڪم کي مڃيو ۽ مٿن را جي ايجنٽ جو به الزام لڳو. مصطفيٰ ڪمال ته سڌو  چئي رهيو آهي ته  سندن پارٽي جو تعلق را سان آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به   ڪيترائي ڀيرا جي آءِ ٽيز  پڌريون ڪري چڪا آهن پر هن وقت تائين ڪنهن به پارٽي جي وڏي اڳواڻ خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ٿي سگهي صرف اهي   الزام تراشي ڪئي پئي وڃي. اهي به انڪشاف به ڪيا ويا آهن ته ماڻهن کي مارڻ جا آرڊر لنڊن مان جاري ڪيا ويندا آهن. عاشوره بم ڌماڪي جو الزام به متحده تي لڳو آهي. بلديا  فيڪٽري سانحي ۾ به ايم ڪيو ايم ملوث قرار  ڏنو ويو آهي. جيڪي به جي آءِ ٽيز پيش ڪيون ويون انهن ۾ به ايم ڪيو ايم کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو. ايتري قدر جو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ متحده تي پابندي لڳائڻ جي درخواست به جمع ڪرائي وئي جنهن تي عدالت فيصلو به محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هڪ طرف متحده مان  ماڻهو ڇڏيندا باغي گروپ ۾ شامل ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري ايم ڪيو ايم صفائي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، فاروق ستار سميت ٻيا پارٽي جا اهم اڳواڻ ٻهارا کڻي صفائي ڪري رهيو  آهي. ۽ اهي دعوائون به ڪيون پيون وڃن ته ايم ڪيو ايم جون اڃان وڌيڪ وڪيٽون ڪرنديون ، هڪ طرف مصطفيٰ ڪمال بيان ڏئي پيو ته ايم ڪيو ايم جو تعلق را سان آهي ته ٻي طرف وري انهن را  جي ايجنٽن کي پنهنجي باغي ڌڙي ۾ شامل ڪري انهن کي کير سان ڌوئي رهيو آهي.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جن تي را جي ايجنٽ هجڻ جو  الزام لڳايو پيو وڃي، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي يا وري اهي ماڻهو مصطفيءِ ڪمال جي باغي ڌڙي ۾ شامل ٿي پاڻ کي کير سان ڌوئي ڇڏيندا؟. ڇاڪاڻ ته هي الزام ننڍڙا نه پر سنگين آهن. بلديا سانحي کان ويندي 12 مئي واري واقعي تائين جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو الزام ايم ڪيو ايم تي لڳايو ويو آهي. اهي بيان ته صرف ميڊيا تائين محدود آهن. ڪراچي ۾  ته ڪارروايون  ٿي رهيون  آهن پر هن وقت تائين  را  کان فنڊنگ وٺندڙ مک جوابدار گرفتار ناهي ڪيو ويو. جيڪي ڪجهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي  ان خلاف سخت کان سخت جاچ ٿيڻ گهرجي ۽  بلديا سانحي کان ويندي 12 مئي تائين ٿيل واقعن ۾ ملوث ماڻهن  خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو متحده کي ڇڏي رهيا آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪڏهن اهي به ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهن ته انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.