Pages

Wednesday 27 March 2019

جوهي ۾ عورت تي تشدد، قانون تي عمل ٿيندو


جوهي ۾ عورت تي تشدد، قانون تي عمل ٿيندو
صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ هڪ چوڻي آهي ته نياڻي ست قرآن آهي، جنهن سبب  صوفين جي هن سرزمين ۾ عورت جي تمام گهڻي عزت ڪئي ويندي آهي پر ڪجهه وحشي صفت ماڻهن جي ڪري   انسانيت لڄائيندڙ واقعا پيش اچي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته صوفين جي هن سرزمين تي تي عورتن تي تشدد جا واقعا ڪي نوان نه آهن، روز ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن عورت تي تشدد جا واقعا ٿيندا آهن، ڪڏهن ساهرن هٿان  عورتون قتل ٿينديون ته ڪڏهن تشدد جو نشانو بڻايون وينديون، ڪڏهن غيرت جي نالي تي قتل ٿي وينديون آهن، ڪڏهن وري عورتن کي سڱ چٽي عيوض  ڏنو ويندو آهي، اهڙا کوڙ سارا واقعا هن صوفين جي سرزمين  ۾ ٿي رهيا آهن، جن کي ٻڌي هانءُ ئي ڦاٽي پئي ٿو، ڪڏهن ڏينهن ڏٺي روڊن تي عورتن کي گهليو ويندو آهي ته ڪڏهن ته قانون جا رکوالا چادر ۽ چوديواري جو تقدس کي پائمال ڪن ٿا پر انهن خلاف ڪو به ڪارروائي ڪرڻ وارو نه هوندو آهي.
هونئن ته روز اخبارن ۾ عورتن تي تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيندا رهندا آهن پر عورتن  جي حقن لاءِ  جاکوڙيندڙ تنظيمون خاموش نظر اينديون آهن،  اهو ئي سبب جو ڪڏهن سمنڊ ڪناري  اهلڪار پاران عورت کي تشدد  ڪيو ويندو  آهي، ڪڏهن عورتن کي سرعام روڊ تي گهليو ويندو آهي ته ڪڏهن وري سڱ چٽي عيوض ڏنو ويندو آهي ته ڪڏهن وري ڪاروڪاري قرار ڏئي جرڳي ذريعي  عورت کي قتل ڪيو  ويندو آهي، اهو سلسلو اڃا رڪجي نه سگهيو آهي، پر هاڻ ته انهن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي اچي رهي آهي، ڪڏهن مظلوم عورتون مڙسن ۽ ڏيئرن جي تشدد کان تنگ ٿاڻن تي پهچنديون آهن ته ڪڏهن وري تحفظ لاءِ دارلامان  پهچي وينديون آهن پر اتي به کين تحفظ نه ملي سگهندو آهي، اهو ئي سبب جو عورتون درالامان کي غير محفوظ سمجهي ڀڄي وينديون آهن، ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ اهڙي ويڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن هڪ عورت دانهون ڪري رهي هئي ته هو دارالامان نه ويندي، ساڻس اتي سٺو ورتاءُ نه پيو ڪيو وڃي پر ان باوجود ڪجهه ماڻهو کيس روڊ تي گهليندا رهيا ۽ اتي بيٺل سمورا ماڻهو خاموش تماشائي بڻيل رهيا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو هڪ واقعو پيش نه آيو آهي، اهڙا کوڙ سارا واقعا هن ملڪ ٿيندا رهندا آهن، ڪڏهن شادي ۾ رقص ڪرڻ تي عورتن کي قتل ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري  ٻي شادي جي لالچ ۾ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.
جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ ۾ عورتن  جي تحفظ لاءِ قانون به جوڙيو ويو آهي  پر افسوس جو ان تي عمل نه ٿيڻ سبب عورتن کي قتل ڪرڻ وارا واقعا معمول بڻيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين ماڊل قنديل بلوچ جو قتل به ڳجهارت بڻيل آهي، اهو ان ڪري چئي رهيو آهيان ته قنديل بلوچ ته اڳ به مادلنگ ڪندي هئي ۽ پنهنجي غيرتمند ڀائرن ۽ پيءُ ۽ ماءُ جو پيٽ  پاليندي هئي پر اچانڪ سندس ڀائرن کي غيرت ڪيئن جاڳي؟ اهو به هڪ سوال آهي؟ اهو سوال ان ڪري پيدا ٿئي ٿو ته ماڊل قنديل بلوچ مفتي عبدالقوي جو اصل روپ دنيا آڏو وائکو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ جيڪي به مفتي عبدالقوي جهڙن مولوين جي روزي بند ٿيڻ لڳي هئي. ماڊل قنديل بلوچ جو ڪيس ته اڃا هلي رهيو آهي ۽ سندس ڀاءُ گرفتار به آهي، سنڌ ۾ تانيا خاصخيلي کي به قتل ڪيو ويو هو ۽ تانيا خاصخيلي جي امڙ سيد مراد علي شاهه جي پيرن تي ڪري  هئي ۽ انصاف جون اپليون ڪيون هيون.
بهرحال  تازو  هڪ انسانيت لڄائيندڙ واقعو جوهي ۾ پيش آيو آهي، جنهن سڄي سنڌ ۾ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن لاءِ هزارين سوال اٿاري ڇڏيا آهن، جوهي ۾ ڏينهن ڏٺي ماڻهو هڪ عورت کي پٽ جي سامهون تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا ۽ پوليس اهلڪار تماشو  ڏسندا رهيا، ڪجهه ماڻهن تي عورت کي تشدد ڪرڻ جي ويڊيو به ٺاهي، جيڪي ماڻهو عورت کي گهلي رهيا هئا ۽ سندس پٽ آڏو کيس  وارن مان وٺي گهلي رهيا هئا،  لڳي پيو ته انهن ڪو وڏو آپگهاتي بمبار پڪڙيو هجي ۽ پوليس به وڏو خوس نظر اچي رهي هئي ته اسامه بن لادن کي  جوهي جي ماڻهن گرفتار ڪري ورتو هو، هڪ وحشي  شخص عورت کي تشدد ڪري رهيو هو پر اتي موجود ڪنهن به شخص  جي اندر جو انسان نه جاڳيو ۽ اهي مظلوم عورت جو تماشو ڏسندا رهيا، جيڪڏهن انهن ماڻهن ۾ انسانيت هجي ها ته انهن وحشي ماڻهن کي ضرور روڪيو وڃي ها پر اهي سڀ ماڻهو رڳو تماشو ڏسڻ لاءِ آيا هئا ۽ اهي سمورا شخص بزدل، جاهل ۽ انسانيت جا دشمن هئا، جن جي انسانيت مري چڪي آهي ۽ اهي رڳو نالي ماتر انسان سڏرائي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن ۾ ٿوري به انسانيت هجي ها ته عورت کي وارن مان جهلي نه گهلن ها. اهي سمورا ماڻهو بزدل هئا
، جيڪڏهن اهي ڪنهن چور يا وري ڪنهن دهشتگرد کي سوگهو ڪن ها ته کين داد به ڏئي سگهجي پيو پر هڪ بيوس لاچار عورت کي جيڪا پنهنجي پٽ سان گڏ ماني ڳڀي لاءِ در بدر ڀٽڪي رهي هئي، ان تي چوري جو الزام هڻي سرعام تشدد جو نشانو بڻايو ويو،جيڪڏهن انهن سمورن وحشي ماڻهن کي عبرتناڪ سزا نه ڏني وئي ته اهڙا واقعا روز ٿيندا، ڇاڪاڻ ته هي سنڌ اهڙن وحشي جانورن سان ڀريل آهي، هي ته رڳو هڪ واقعو آهي، اهڙا کوڙ سارا واقعا  ٿيا  هوندا، جن جي اسان کي ته خبر به نه هوندي، جوهي جي واقعي مان هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر ٿي وئي آهي ته پوليس اهلڪار به عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران تماشو ڏسڻ لاءِ  ويٺا آهن، جيڪڏهن اها ويڊيو وائرل نه ٿئي ها ۽ اهي فوٽيجز سوشل ميڊيا تي شيئر نه ٿين ها ته شايد ڪو نوٽيس نه وٺي ها، هوئن ته جوهي پوليس عورت تي تشدد جو ڪيس داخل ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو پر آهي اصل ۾ ته انهن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جيڪي ان سموري تماشي کي ڏسي رهيا هئا، جئين ته ، ايس ايس پي دادو جي هدايتن تي تشدد ۽ تذليل جو شڪار بڻايل عورت جي پيءُ نياز حسين ٻٻر جي فرياد تي جوهي ٿاڻي تي 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي ، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عورت کي ايترو تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو ويو جو سندس ڪپڙا به ڦاٽي پيا هئا، معاملي جي جاچ پوليس آفيسر بينظير جمالي ڪري رهي آهي پر  ڇا  انهن جوابدارن کي سزا ملي سگهندي، جيڪي عورت کي تذليل جو نشانو بڻائي پاڻ کي بهادر  سڏرائي رهيا هئا، جيتوڻيڪ پوليس ٽن جوابدارن اصغر غوري، شير محمد، محمد يوسف غوري کي گرفتار ڪري ورتو. اسان جي ته حڪومت کي ايتري گذارش آهي ته جن به بيوس عورت کي تذليل جو نشانو بڻايو آهي، انهن کي اهڙي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جو اهڙو ڪو ٻيو واقعو هن صوفين جي سرزمين تي نه ٿئي ۽ عورت جي تذليل ڪرڻ کان هرڪو سئو ڀيرا سوچي، حڪومت عورتن جي تحفظ بابت جوڙيل قانون تي به عمل ڪرائي.



Sunday 17 March 2019

نيب جو خوف ۽ نوازشريف جي علاج تي ٿيندڙ سياست

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪجهه عرصي کان نيب جي ڪاررواين سبب سياستدانن توڙي سرڪاري آفيسرن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ، ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن به هن وقت نيب جي ڪاررواين جي زد  ۾ آيل  آهن،  اهي ٻئي پارٽيون ملڪ جي جمهوريت  جي علامت به سڏيون وينديون آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن به  ملڪ ۾ جمهوريت جو تختو اونڌو ڪيو ويندو آهي،تڏهن  اهي ٻئي پارٽيون جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪنديون آهن ۽ اڪثر پارٽيون آمريت کي لبيڪ چئي ان جو حصو بڻجي  وينديون آهن، اهڙي ريت  اهڙيون پارٽيون آمريت ۾ به حڪومت ۾ هونديون آهن ۽  جمهوريت ۾ به حڪومت سان گڏ هونديون آهن پر پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن ڪڏهن به آمريت  جي حمايت نه ڪئي آهي، ايتري قدر  جو ٻنهي پارٽين تي ڪيس به داخل ڪيا ويندا آهن ۽ اهي ڪيس عدالتن ۾هلندا به رهندا آهن ۽ سزائون به ملنديون آهن، مطلب ته اهو سلسلو اڃا به جاري آهي پر هن ڀيري جمهوريت هوندي به انهن ٻنهي پارٽين جي اهم اڳواڻن خلاف ڪيس هلي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ ڪرپشن جو راڳ به ڳايو پيو وڃي ۽ نيب ڪرپشن خلاف ڪارروايون به ڪر ي رهي آهي ۽ تبديلي جا نعرا به هنيا پيا وڃن ته هي نئون پاڪستان آهي ۽ ملڪ ترقي به ڪري رهيو آهي، موجوده حڪومت چئي رهي آهي ته ماضي جي حڪومتن تمام گهڻي ڪرپشن ڪئي آهي ۽ هو هاڻ ملڪ کي ترقي واري دڳ ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، هڪ طرف نيب جون ڪاررايون هلي رهيون آهن ته ٻئي طرف ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ به وڌي وئي آهي.
مطلب ته پنجاب کانپوءِ هاڻ سنڌ ۾ نيب جون ڪارروايون تيز ٿي ويون آهن، آغا سراج دراني جي گرفتاري کانپوءِ  نيب جي خوف هر هڪ سياسي اڳواڻ تي  ڇانيل آهي، جنهن سبب هر طرف خاموشي ڇانيل نطر اچي رهي آهي،  پيپلزپارٽي به  مسلم ليگ ن ڏانهن  رخ ڪيو آهي، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف سان جيل ۾ ملاقات ڪئي، جنهن بعد تحريڪ انصاف ۾ به ٿرٿلو مچي ويو آهي ۽ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد بيان ڏنو ته نيب زده اڳواڻن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ڪجهه به نه ٿيندو، اپوزيشن چيئ رهي آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي ۽  ملڪ تي قرض به   وڌي  ويا آهن، جڏهن ته ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڏکيو وقت ضرورت آهي پر عوام جون دانهون نه نڪرنديون، آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، جلد ڳالهيون ٿينديون. هن وقت جهڙيون ملڪ جون حالتون آهن، انهن حالتن مان لڳي ٿو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان قرض ورتو ويو ته ملڪ ۾ هن ڀيري مهانگائي جو بم نه ڪرندو پر ايٽم بم ڪرندو۽ انهيءَ مهانگائي جي ايٽم بم ۾ هن ملڪ جي عوام جو جيئڻ ناممڪن ٿي ويندو، هونئن به هن حڪومت ايندي مهانگائي جو بم اڳ ئي ڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻ حڪومت آءِ ايم ايف ڏانهن ڪري ملڪ اندر مهانگائي جي ايٽم بم ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ عوام کي تيار رهڻ  جو اشارو به ڏنو پيو وڃي، اسد عمر جي بيان مان به صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ضرور ايندي. جيئن ته اڳ مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومتن تي الزام لڳايو ويندو هو ته انهن جي حڪومتن ۾ فرينڊلي اپوزيشن هوندي آهي، جنهن سبب عوامي مسئلا حل نه ٿي سگهندا، ايتري قدر جو تحريڪ انصاف اهو به الزام لڳائيندي هئي ته ٻنهي پارٽين وڏي ڪرپشن ڪئي آهي ۽ اڄ به تحريڪ انصاف جو ساڳيو موقف آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماضي جي ڀيٽ ۾ موجوده حڪومت ۾ فرينڊلي اپوزيشن وڌيڪ نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده  حڪومت اپوزيشن  جي سمورين جماعتن  جي اهم  اڳواڻن خلاف ڪاروايون هلي رهيون آهن ۽ انهن تي ڪرپشن سميت ٻيا کوڙ سارا ڪيس هلي رهيا آهن ، پيپلزپارٽي هجي يا مسلم ليگ ن ، انهن ٻنهي  پارٽين جا اڳواڻ رڳو عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن ۽  ڪجهه وري جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيا آهن، ملڪ جي وڏي سياسي جماعت مسلم ليگ ن جو قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي مليل سزا ڪاٽي رهيوآهي، مسلم ليگ ن جو اڳواڻ  خواجا سعد رفيق ۽ سلمان رفيق به نيب جي تحويل ۾ آهن، جڏهن ته آغا سراج دراني ۽ شرجيل ميمڻ  کي به نيب گرفتار ڪري چڪي آهي ۽ ڪجهه اڳواڻن خلاف نيب  جاچ جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نيب جي ڪاررواين ۾ پيپلزپارٽي  ۽ مسلم ليگ ن جي  اڳواڻن  صبر   جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ نيب جي ڪاررواين کي برداشت ڪيو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪجهه ماڻهو ته نيب جي ڪاررواين دوران ئي فوت ٿي ويا آهن،  ڪجهه ته اسپتال ۾ پنهنجو علاج ڪرائي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ رٽائرڊ برگيڊيئر اسد منير مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو هو. خانداني ذريعن جو چوڻ هو ته اسد منير گهر جي ڪمري ۾ پکي سان پاڻ کي ٽنگي خودڪشي ڪئي، اسد منير ڪالهه کان ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي حوالي سان پريشان هو. اسد منير چوندو هو ته نيب وارا مس مس چُپ ٿي ويا هئا، هاڻ وري منهنجي پويان پئجي ويا آهن، بهرحال اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ضمانت کان اڳ علاج لاءِ اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري فضيل اصغر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف طبي سهولتن جي فراهمي بابت حڪومتي خط جو زباني جواب ڏئي رهيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم موجب هو ضمانت کان اڳ علاج لاءِ اسپتال نه ويندو، ايتري قدر جو سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مسلم ليگ ن پاران نوازشريف جي آزادي لاءِ احتجاج به شروع ٿي ويا آهن ۽ نوازشريف به يوم پاڪستان تي احتجاج نه ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن کي  هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن،حڪومت چئي رهي آهي ته هو نوازشريف کي هر قسم جو علاج فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر مسلم ليگ ن چئي رهي آهي ته نوازشريف کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار حڪومت هوندي.
جڏهن بلاول ڀٽوزرداري نوازشريف سان ملاقات ڪئي هئي ته ان وقت لڳو هو ته شايد ٻنهي پارٽين ۾ ڪو اتحاد ٿئي پر اهو ٿيندي نظر نه پيو اچي، اسان ته سمجهو  هو ته ٻئي پارٽيون ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري تي حڪومت کي ٽڦ ٽائيم  ڏينديون پر اهو  ممڪن نه ٿو لڳي، ڇو ته اهي ٻئي پارٽيون نيب جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ اهي ٻئي پارٽيون پاڻ عوام وٽ  وڃڻ جون ڪوشش ڪري رهيون آهن  ۽ پاڻ سان ٿيندڙ سموري سلوڪ کان عوام کي ٻڌائڻ چاهين ٿو، هي پهريون ڀيرو ٿيو  جو سياستدان پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ عوام وٽ وڃي رهيا آهن، نه ته هميشه عوام سياستدانن ڏانهن وڃي  پنهنجا مسئلا حل ڪرائيندو جي ڪوشش ڪندو هو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته علاج ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ حڪومت کي نوازشريف کي اهي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن، جن جي هو گهر ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي واحد سياسي اڳواڻ آهي، جنهن ڪراچي ۾ دهشتگردي کي ختم ڪرائي ڪراچي مان ڀتاخوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ کي ختم ڪرايو هو، جنهن کي اڳوڻو آمر پرويز مشرف به ختم نه ڪرائي سگهيو هو. 

Saturday 16 March 2019

اسلامي فوبيا ۽ غير محفوظ بڻجي ويل مسلمان

صاحب خان ڀٽي
نائين اليون کانپوءِ آمريڪا جيڪا پاليسي اختيار ڪئي ان سان مسلمانن خلاف دنيا ۾ تمام گهڻي نفرت وڌي ۽ آمريڪا ۾ به مسلمانن خلاف پروپيگنڊا ڪيو ويو آهي، آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملو  ڪنهن ڪيو ۽ ڇو ڪيو،ا هو ته آمريڪا کي به خبر آهي  جن ماڻهن آمريڪا استعمال ڪرڻ لاءِ  هڪ نئون روپ ڏنو، جيڪي اڳ آمريڪا جي پيسي تي هلندا هئا، اهي ئي اڄ آمريڪا لاءِ خطرو بڻيل آهن، روس لاءِ جن قوتن  کي پيدا ڪيو ويو هو، اهي  پاڪستان سان گڏ دنيا لاءِ به خطرو بڻجي ويا پر اڄ آمريڪا  انهن سان ڳالهيون به ڪري رهيو  آهي، نائين اليون واقعي  ڪنهن ڪرايو ۽  ڪير ان ۾ ملوث هو؟ آمريڪا ان بابت جيڪا ٿيوري پيش ڪئي آهي، شايد ان ۾ ڪا سچائي به هجي پر جهڙي ريت آمريڪا  پاڪستان ۾ گهڙي اسامه بن لادن کي قتل ڪيو ۽ طالبانن تي حملا ڪيا، اهو به منظر سڀني آڏو آهي، هن وقت اسان جي ملڪ ۾ ڊرون حملا ته بند ٿي ويا آهن پر دهشتگردي ختم ٿيندي يا نه ان جي  ڪا به خبر نه آهي، هاڻ ته انڊيا به پاڪستان تي ايئر اسٽرئيڪ ڪري رهيو آهي ۽ هن ڀيري ان کي جواب به ڏنو ويو آهي ته جيئن اڳتي ڪو همت نه ڪري، بهرحال هن وقت  جن دهشتگردن خلاف ڪارروائي هلي رهي آهي، ان جو اصل چهرو اسان کي طالبان ۽  ڪجهه مذهبي جماعتن کي ڏيکاريو پيو  ؟  پر اصل حقيقت اها آهي ته اسلام ڪڏهن به بي گناهه کي قتل ڪرڻ جو درس نه ٿو ڏئي  اسلام ته امن جو مذهب  آهي، اسلام دنيا جو اهو واحد مذهب آهي، جنهن ۾ سڀني کي برابري وارا حق  حاصل  آهن پر افسوس اسلام دشمنن کان اهو  هضمن نه ٿئي، جنهن سبب اسلامي  خلاف نفرت پکيڙڻ لاءِ هٿ جا مهرا پيدا ڪيا ويا ۽ انهن کي دنيا آڏو  پيش ڪيو ويو ۽  انهن کي  اسان جي مذهب سان جوڙي اسلامي فوبيا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
اسلامي فوبيا جو سڀ کان پهرين ٻچ آمريڪا ڇٽيو هو ۽ اهو ٻج هاڻ ٻوٽي جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي،  جيڪڏهن اسان ايئين چئون ته آمريڪا اسلامي فوبيا جو ٻچ ڇٽڻ لاءِ افغانستان جي چونڊ ڪئي ته اهو چوڻ به هڪ حقيق هوندو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا  دهشتگردن کي ختم  ڪرڻ جي بهاني افغانستان جي چونڊ ڪئي ۽ افغانستان تي حملو ڪري طالبان خلاف ڪارروائي ڪئي، جيڪي اڳ سندس دوست هئا، ان سان گڏ آمريڪا  پاڪستان تي به ڊرون حڪلا ڪندو رهيو ۽ انهن ڊرون حملن خلاف تحريڪ انصاف  احتجاج به ڪيو هو پر آمريڪا کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو، سو ڪري ويو، هن کي اسامه بن لادن کي مارڻو هو، سو ماري هليو ويو  ۽ اسان  اجڏهن صبح جو اٿياسين ته ٽي وي چينل تي خبر ٻڌي ته آمريڪا اسامه بن لادن کي پاڪستان ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، بهرحال اسامه بن لادن کي ته آمريڪا کي ماري ڇڏيو  پر  مسلمانن خلاف جيڪا نفرت پيدا ڪئي اها اڄ سڄي دنيا ۾ مسلمانن لاءِ هڪ خطرو بڻجي  وئي آهي، ترڪ صدر طيب اردگان جو چوڻ آهي ته اسلامي فوبيا هاڻ حد کان وڌي دهشتگردي قتل عام ۾ تبديل ٿي وئي آهي. 15 مارچ 2016 تي نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ٻن مسجدن  النور مسجد ۽ لنووڊ مسجد تي اسلامي فوبيا ۾ مبتلا جنوني شخص حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي 49 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن جو انگ هاڻ 50 کان وڌي وي و آهي، هر طرف سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اسلامي فوبيا ۾ مبتلا شخص جن  تي حملو ڪيو، اهي الله جي عبادت ۾ مصروف هئا  ۽ الله جي بارگاهه ۾ هئا، ان جنوني شخص انهن ماڻهن کي ايئن قتل ڪيو، جيئن ڪو ٻار ويڊيو گيم کيڏندو هجي، انتهاپسند شخص حمنلي جي لائيو اسٽريمنگ ڪندو به رهيو ته جيئن سڄي دنيا ڏسي ته حملو ڪيئن ڪري رهيو آهي.
نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن ۽ ٻين ان حملي جي مذمت به ڪئي آهي ۽ ايتري قدر ج نيوزيلينڊ جي وزيراعظم حملي کي تاريخ جو ڪارو ڏينهن به قرار ڏنو هو آهي، ، جڏهن ته عالمي اڳواڻن پاران به مذمت جوڳو عمل جاري آهي.حملي کانپوءِ نيوزيلينڊ ۾ سوڳ واري صورتحال رهيو، جڏهن ته اتان جو قومي جهنڊو به نويل رکيو ويو، حملي کانپوءِ پوليس حملي آور  سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ، جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، اهڙي حملي کانپوءِ برطانيا ۾ به مسلمانن خلاف نفرت پکيڙڻ جي  ڪوشش ڪئي وئي. گذريل ڏينهن ڪرائسٽ چرچ جي مسجدن تي جمعي نماز دوران حملو ڪندڙ دهشتگرد برينٽن ٽيرينٽ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، جڏهن  جوابدار کي عدالت پيش ڪيو پيو وڃي، تڏهن جوابدار بي حسي جو مظاهرو ڪندي کلندو رهيو، سندس چهري تي ڪا به شرمندگي نه هئي، بس فرق ايترو هو ج اسان جي ملڪ ۾ مسجدن، امام بارگاهن ۽ چرچ تي حملا ڪندڙ پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيندا آهن، هي شخص زنده رهي ڪري دنيا آڏو کلندو رهيوو اهو به فرق هو، ته جڏهن اسان جي ملڪ ۾ دهشتگرد ڪو آپگهاتي بمبار مسجد يا امام بارگاهه ۾ حملو ڪندو آهي ته ان کانپوءِ پابندي مڙهيل تنظيمون ان حملي جي ذميواري قبول ڪنديون آهن،ا نهن کي به ڪا شرمندگي نه هوندي،
بهرحال ڪرائسٽ چرچ پوليس جو چوڻ آهي ته عدالت ۾ برينٽن ٽيرينٽ جي شروعاتي طور تي قتل جا الزام لاڳو ڪيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ کانپوءِ دهشتگرد تي وڌيڪ الزامن ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.حملي آور کي پنج اپريل تي عدالت ۾ ٻيهر پيش ڪيو ويندو. هن وقت هو پوليس جي حراست ۾ آهي، جڏهن ته برينٽن ٽرينٽ جي ٻين ساٿين کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.، نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرائسٽ چرچ حملن کانپوءِ هٿيارن جي قانون ۾ ترميم سان گڏ متاثرن کي پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.، وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن چيو ته ڪرائسٽ چرچ واقعو نيوزي لينڊ جي عڪاسي نه ٿو ڪري، مذهبي ۽ ثقافتي آزادي هر صورت ۾ ممڪن بڻائي ويندي. اسان جي پهرين ترجيح مارجي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ هئي، متاثرن جي مالي مدد ڪئي ويندي ۽ وڏو مالي پيڪيج ڏنو ويندو.جنهن ڏينهن حملو ٿيو هو،گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل نيوزي لينڊ ۾ حملي جي مذمت ڪئي آهي.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوتريس متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ دهشتگرد حملي سان صدمو پهتو، سڀني ملڪن کي برداشت نه هجڻ، تشدد ۽ انتهاپسندي خلاف بهتر طريقي ڪم ڪرڻو پوندو. آسٽريليا جي نسل پريست ۽ مسلمان مخالف سينيٽر فريسر ايننگ طرفان نيوزيلينڊ تي ٿيندڙ حملن جو ذميوار پناگيرن کي قرار ڏيڻ تي هڪ نوجوان ڪاوڙ ۾ اچي احتجاج طور سندس جي مٿي تي آنو هنيو. منظر عام تي ايندڙ ويڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته هڪ نوجون پنهنجي موبائل تان ويڊيو رڪارڊ ڪندي سينيٽر ويجهو آيو ۽ سندس مٿي تي آنو هنيو. جنهن تي سينيٽر فوري طور تي مڙيو ۽ ڇوڪري کي چماٽن ۽ لتن سان مارڻ لڳو .ٻئي طرف تڪي صدر طيب اردگان چيو آهي ته ڪرائسٽ چرچ حملو مسلمانن خلاف ڪارروائي آهي، اسلامي فوبيان هاڻ حد سان وڌي دهشتگردي ۽ قتل عام ۾ تبديل ٿيو ئي آهي،
نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجدن تي ٿيل حملي مان هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر ٿي وئي آهي ته آمريڪا جيڪو اسلامي فوبيا جو ٻچ ڇٽيون هو، هاڻ اهو اهو ٻوٽو ٿي ويو ۽ اهو جڏهن وڻ ٿيو ته تمام گهڻي خطرناڪ صورتحال هوندي، هڪ ته ترقياتي يافته ملڪن وٽ جديد هٿيار آهن ته ٻئي طرف وڌندڙ اسلامي فوبيا مسلمانن خلاف  تمام گهڻو خطرناڪ ثابت ٿيندي، آمريڪا ته دهشتگردن کي پيدا ڪري پنهنجو ڪم وٺي ويو ۽ هاڻ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ مذهب جي اوٽ سڄي دنيا  جي مسلمانن خلاف نفرت پکيڙي رهيو آهي، جيڪڏهن آمريڪا مسلمانن کي دنيا ۾ دهشتگرد ثابت ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال نه ڪري ها ته اڄ دنيا ۾ اهڙيون حالتون نه هجن هئا،هاڻ جڏهن سڄي دنيا اهڙي افسوس ناڪ واقعي جي مذمت ڪري رهي آهي ته گڏيل قومن کي گهرجي ته ترقي يافته ملڪن ۾ جديد هٿيارن تي عام ماڻهو جي استعمال تي پابندي لڳائي ته جيئن بي گناهه معصوم ماڻهن جن حياتيون بچي سگهن، ٻي صورت ۾ اسلامي فوبيا جو ٻوٽو وڌڻ لڳندو ۽ آمريڪا کي به گهرجي ته مسلمانن کي دهشتگرد طور دنيا آڏو پيش نه ڪري،  ڇاڪاڻ ته اسلام امن جو مذهب آهي.   

Tuesday 12 March 2019

dailykalyan.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti dailysindhmehran.com


dailyhilal.com.pk Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailywaka.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailysukaar.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti dailysindhmehran.com


Sahib khan bhatti In KTN News office


Sahib khan bhatti In KTN News office


Sahib khan bhatti In KTN News office


Sahib khan bhatti In KTN News office


Sahib khan bhatti In KTN News office


Sahib khan bhatti In KTN News office


Sahib khan bhatti In KTN News office


Sahib khan bhatti In KTN News office


سنڌ جي عوام کي پاڻي ڦڙي لاءِ ترسائيندڙ حڪمران

صاحب خان ڀٽي
هڪ طرف ڀارت پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته ٻئي طرف  وري سنڌ جي عوام کي پاڻي جي  ڦڙي لاءِ ترسايو پيو وڃي، ڀارت پاڻي روڪي يا نه روڪي پر سنڌ جو پاڻي ضرور روڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جو پاڻي بند ٿيڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي ۽ سمنڊ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ به پيدا ٿي وئي آهي، مٺو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌي رهيو آهي ۽  زمين ڪلر جي ور چڙهي رهي آهي، جنهن سبب زمين زراعت جي لائق ناهي رهي، جن علائقن ۾ پاڻي پهچي رهيو آهي، انهن علائقن ۾ ته زراعت کي هٿي ملي رهي آهي پر جن علائقن ۾ پاڻي نه پيو پهچي انهن علائقن ۾ زراعت مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي، انهن علائقن مان بدين شهر به هڪ آهي، بدين ۾ ماڻهو پاڻي جي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ بدين جو عوام پاڻي جي لاءِ  روڊن تي نڪري آيو آهي.
پر افسوس جو نه ته سنڌ جي حڪمرانن جي ڪن تي ڪا جونءَ چري رهي آهي ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت بدين جي عوام جي جائز مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو بدين جو عوام اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته  کين  سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي، هاڻ ان  ۾ ڪيترو سچ آهي اهو ته بدين جو عوام ۽ سنڌ جا حڪمران ئي ڄاڻين ٿا، پر هڪ ڳالهه ته سڀني کي خبر آهي ته بدين ۾ پاڻي جي  کوٽ آهي. بهرحال هي ته رڳو سنڌ جو هڪ شهر آهي، ٻيا به کوڙ سارا علائقا آهن، جن ۾ پاڻي نه هئڻ سبب زراعت مڪمل طور تباهه ٿي وئي  آهي، زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، ڀارت ته رڳو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏکي رهيو آهي پر جڏهن کان ملڪ ۾ ڊيم ٺهيا آهن، انهن ڏينهن کان سنڌ جي درياهن ۾ پاڻي بدران  مٽي اڏامي رهي آهي ۽ حڪمران ان ڳالهه ۾ خوش آهن ته هنن پاڻي کي گڏ ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو آهي،
 جيڪڏهن اوهان ماڻهن کي اُڃ ماري پاڻي گڏ ڪندو ۽ زراعت کي تباهه ڪري پاڻي جمع ڪندو ته ان سان عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ جيڪڏهن عوام کي پاڻي مليو ئي نه ته پوءِ زراعت کي ڪيئن هٿي ملندي ۽ ملڪ ۾ خوراڪ جي گهرج ڪيئن پوري ٿيندي؟ آخر ڇو رڳو سنڌ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، آخر ڇو پنجاب ۾ ماڻهن اڄ ڏينهن تائين پاڻي جي کوٽ جي دانهن ڇو نه ڪئي آهي؟ آخر پنجاب ۾ ڪهڙو الادين جو ڏيئو آهي، جنهن جي ذريعي پنجاب جون زميون سرسبز ۽ آباد آهن، آخر  اهي ڪهڙيون قوتون آهن، جن جي ڪري پنجاب جي درياهن ۾ پاڻي موجود هوندو آهي، آخر ڊيمن ٺهڻ جو اثر رڳو  سنڌ تي ڇو پيو  آهي؟ ڊيمن جي ٺهڻ سان پنجاب ۾ ان جو اثر ڇو نه پيو آهي؟ اهي ئي سڀ سوال  آهن، جن سان سنڌ جي عوام ۾ محرميون  پيدا ٿي  رهيون آهن پر ان باوجود نه ته سنڌ جي حڪمرانن کي ڪا پرواهه آهي ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت سنڌ جي اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻي رهي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ  ڪشمير مسئلو بڻجي ويو آهي، جيڪو ڪافي عرصي کان حل نه ٿي رهيو آهي، جيڪي ماضي ۾ ڊيم ۾ ٺهيا آهن، انهن ته سنڌ ۾ سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن اڃا ٻيا به ڊيم ٺهيا ته پوءِ سنڌ ۾ جيڪو پاڻي ڍڪ اچي رهيو آهي، اهو به بند ٿي ويندو؟  
وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ته ڌارين کي آباد ڪري سنڌين جي آبادي جي توازن کي بگاڙڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ هاڻ وري سنڌ جي پاڻي کي بند ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي، هڪ طرف ڀارت جون ڌمڪيون ته ٻئي طرف وري  پنجاب جي زمين کي آباد ڪري سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻايو پيو وڃي، آخر اهو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ آخر حڪمران هڪ صوبي کي نوازڻ لاءِ ٻين صوبن ۾ محروميون پيدا ڪري ڪهڙو ثبوت ڏيڻ چاهين ٿا، آخر حڪمران هوش ۾ ڪڏهن ايندا؟ آخر طاقت جي استعمال سان مظلوم قومن کي ڪيستائين دٻايو ويندو؟ آخر حڪومت ڪڏهن سنڌ جي  عوام جو مطالبو قبول ڪندي ۽ سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ڪندي؟  آخر ڇو سنڌو درياهه جي انچ انچ تي ڊيم اڏڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃڻ؟  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت  سمنڊ سنڌ جي زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي آبادي جي توازن کي  هڪ سازش تحت بگاڙي سنڌ  ۾ غير ملڪين کي آباد ڪري آبادي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان پاڻي جي کوٽ جو مسئلو ته پيدا ٿيو آهي ، ان سان گڏ بي روزگاري به تمام گهڻي وڌي وئي آهي، جيڪڏهن اسان پاڻي جي کوٽ کي آبادي سان ڀيٽ نه ڪنداسين ته پوءِ اهو ممڪن ئي نه آهي ته پاڻي جو مسئلو ڪڏهن حل ٿي سگهندو؟ ڇاڪاڻ ته جيستائين آبادي کي ڪنٽرول نه ڪيو ويندو، تيستائين بيروزگاري سميت ٻين مسئلن ۾ گهٽتائي جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي.
ان لاءِ حڪمرانن کي گهرجي ته ڌارين کي آباد ڪري ملڪ جي اصلوڪن رهواسين جي حقن تي ڌاڙو نه هڻن، ڇاڪاڻ ته اها به هڪ چوري آهي؟ حڪمران  مظلوم قومن جا حق نه ڦٻائن، ڇاڪاڻ ته ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ سان وفاق مضبوط نه ٿيندو؟ وفاق ان وقت ئي مضبوط  ٿيندو، جڏهن مظلوم قومن کي انهن جا پنهنجا حق ڏنا وڃن،  هڪ ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ آبادي جو توازن بگاڙيو ويو آهي ته ٻئي طرف وري  سنڌ  ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ  پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن سان سنڌ  جون زميون بنجر ٿي رهيون آهن.  هونئن ته سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي پر بدين  ۾ پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ آهي،  بدين جي سامونڊي پٽي ۽ پوڇڙي وارن علائقن  ۾ پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ تمام گهڻي آهي،جڏهن ته پاڻي چوري خلاف  به رهواسي احتجاج به ڪري رهيا آهن، مطلب ته هڪ طرف پاڻي جي کوت آهي ته ٻئي طرف وري پاڻي چوري به ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو  مٿان کان ئي پاڻي تمام گهٽ  اچي رهيو آهي ۽ جيڪو آبادگار ڏاڍو ۽ بااثر آهي، اهو پنهنجون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کڻڻ تي مجبور ٿي رهيو آهي،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  اهي سمورا مسئلا ان وقت ئي حل ٿي  سگهن ٿا، جڏهن حڪومت انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدا قدم کڻي.
جيڪڏهن سنڌ سرڪار سنڌ ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي ها ته اڄ سنڌ جي پاڻي کي بند ٻڌڻ جون سازشون نه  ٿين ها، وفاقي  حڪومت ۽ سنڌ مخالف ته رڳو اهو جواز پيش ڪن ٿا ته پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ڊيم ٺاهڻ ضروري آهي ۽ خاص طور تي پنجاب ته ڪالا باغ ڊيم جو تمام گهڻو حامي آهي ، اهو ئي سبب آهي جو  پنجاب سان تعلق رکندڙ وڏن وڏن  عهدن تي رهنڊڙ بااثر شخص  سرعام ڌمڪيون ڏيندا آهن ۽ غدار جو سرٽيفڪيٽ ورهائيندا آهن ته جيڪو به ڪالا باغ ڊيم جي خلاف آهي، اهو ايجنٽ آهي ، اهو رڳو ان ڪري چيو ويندو آهي جو  اهي ماڻهو  پاڻ ئي ايجنٽ هوندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو  ڪنهن جا سڄڻ ناهن هوندا، انهن کي رڳو  پنجاب جو مفاد ئي پيارو آهي، جنهن سبب سنڌ جي  پاڻي واري حصي تي قبضو ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن.ڪڏهن سرڪاري قوتون ته ڪڏهن وري سياسي قوتون   سنڌ جي پاڻي تي ڊيم اڏڻ جون وڏيون وڏيون  ڌمڪيون ڏيندا آهن، هن وقت ته  ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي،  جيڪڏهن ڊيم ٺهيا ته ان سان سنڌ کي  تمام گهڻو نقصان ٿيندو، جيڪڏهن حڪمرانن کي ملڪ ايڏو پيارو هجي ها ته ملڪ جا درياهه وڪرو نه ڪن ها ۽ نه ئي اڄ اهڙي پاڻي واري صورتحال پيدا ٿئي ها،
جيڪڏهن حڪمران واقعي ملڪ ۾ پاڻي جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدا آهن ته پوءِ سڀ کان پهرين ڌارين کي آباد ڪرڻ واري تڏ پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏن ۽ ڌارين کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس  موڪلن ته جيئن وڌندڙ آبادي  تي ضابطو آڻي سگهجي ، باقي رهي ڳالهه سنڌ  جي عوام کي پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسائڻ جي ته اان سان  سنڌ جي عوام کي ته نقصان ٿيندو ئي ٿيندو پر ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو

Sunday 10 March 2019

اپوزيشن جي متحد ٿيڻ واري موسم

صاحب خان ڀٽي
جمهوريت ۾ اپوزيشن خلاف ڪارروايون نه ٿين ته ان کي جمهوريت چئي نه ٿو سگهجي، اهو ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته جيڪو به عرصو هن ملڪ ۾ جمهوريت رهي آهي، ان دور ۾ اپوزيشن خلاف  باهه ٻاري ان تي هٿ ضرور سيڪيا ويا  آهن، اسان پري نه وينداسين ته رڳو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ  وجود ۾ آيل  جمهوريت  پيپلزپارٽي کي اقتدار بخشيو پر  ان دور ۾ به شهيد بينظير ڀٽوجا قاتل وائکا نه ڪيا ويا ۽ نه ئي ذميوارن خلاف پيپلزپارٽي ڪي خاص قدم کنيا پر  ان دور ۾ مسلم ليگ ن ججن جي بحالي واري مهم دوران پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائم ڏنو ۽ پيپلزپارٽي خلاف احتجاج ڪيا ۽ عدالتن جو در به کڙڪايو ويو پر مفاهمت جي بادشاهه طور سڃاتو ويندڙ پيپلزپارٽي جو ڪو چيئرمين اپوزيشن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ۽ عدالتن کي منهن ڏنو ۽ هڪ وزيراعظم جي نااهلي به برداشت ڪئي پر ان باوجود هميشه آصف علي زرداري مفاهمت جو دڳ اختيار ڪيو پر هاڻ ڳالهه مفاهمت کان وڌي وئي آهي ۽ ادارا ڪا به مفاهمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
اهو ئي سبب آهي جو  جنهن سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي قيام جو ٺهراءُ پاس ڪرايو هو ان جي اسپيڪر کي اسلام مان گرفتار ڪيو ويو، هڪ اهم عهدي تي رهندڙ شخص جي گرفتاري تي سڀ حيران ٿي ويا هئا، ڇاڪاڻ ته ايم اين اي گرفتار ٿئي ها يا وري ڪو ٻيو وزير گرفتار ٿئي ها ته سمجهه ۾ اچي پيو پر  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري اهو واضح مثال آهي ته نيب جي توپن جو رخ مسلم ليگ ن کانپوءِ پيپلزپارٽي ڏانهن ٿي ويو آهي ۽ مفاهمت جا  سمورا در بند ٿي ويا آهن ۽ پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سميت ٻيا  ڪيترائي اڳواڻ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن ۽ ضمانتون وٺي رهيا آهن، جڏهن  اها ضمانت  رد ڪئي وئي  ته ان ڏينهن انهن جي گرفتاري  هر حال ۾ ٿي سگهي ٿي؟
هاڻ جيئن ته مفاهمت جا در بند ٿي ويا آهن ته اپوزيشن پاڻ ۾ متحد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان پيپلزپارٽي جو مسلم ليگ ن سان رابطا شروع ٿي ويا آهن، تحريڪ انصاف ۾ به وزيرن جي تبديلي وارو  سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ڪڏهن ڪهڙي وزير کي هٽايو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري ڪهڙي وزير کان استعيفيٰ ورتي وڃي ٿي، هي واحد حڪومت آهي، جيڪا پنجن ڇهن مهينن ۾ پنهنجن ئي ماڻهن تي ڏمرجي پئي آهي ۽ انهن کي گهر ڀيڙو ڪري رهي  آهي.  هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اڳتي هلي اها حڪومت اڃا ڪهڙا ڪهڙا منظر ڏيکاري ٿي، اپوزيشن وارا چئي رهيا آهن ته هن حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ معشيت تباهه ٿي وئي آهي، اڳوڻي صدر آصف علي چئي رهيو آهي ته پاڪستان اڪيلو ٿي رهيو آهي ۽ عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي پر تحريڪ انصاف وارا چئي رهيا آهن ته اهي سڀ  چور آهن ۽ انهن ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي ، انهن کي بخش نه ڪيو ويندو، انهن سڀني چورن کي جيل ۾ وڌو ويندو؟ هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته واقعي حڪومت سموري اپوزيشن خلاف ڪارروائي ڪندي يا رڳو هڪ ٻن خلاف ڪارروائي ڪري ماضي جي حڪومتن جيان مفاهمت  وارو دڳ وٺندي.
هاڻ اهو ته وقت ئي ٻڌايئندو ؟ هونئن ته  اپوزيشن خلاف نيب جون ڪارروايون تمام تيزي سان هلي رهيون هيون ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهن دوستن ۽ پارٽي اڳواڻن خلاف  ڪارروايون ٿي رهيون هيون پر انهن ڪاررواين ۾ نيب کي ساهي به وٺڻي پئي ڇاڪاڻ ته ڀارت پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿي بمباري ڪئي ۽ڪجهه وڻن کي نقصان پهچايو، جنهن کانپوءِ  جن ماڻهن کي غدار ۽ چور سڏيو پئي ويو، انهن کي محب وطني ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو ويو ته اچو ۽ پنهنجي محب وطني جو ثبوت ڏنو ۽ اپوزيشن پنهنجي محب وطني جو ثبوت ڏنو، جڏهن وزيراعظم عمران خان  گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ آيو ۽ ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ اها دعويٰ ڪئي وئي ته اپوزيشن ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهي پر جڏهن ڀارتي جنگ جو خطرو ٽريو ته هڪ ڀيرو وري  نيب ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، نيب اسلام آباد مان لينڊ يوٽيلائيزيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جي سيڪريٽري آفتاب ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو جنهن تي 80 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن جي الزام لڳايو ويو آهي، مٿس اختيارن جي غيرقانوني استعمال جو به الزام لڳايو ويو آهي.
بهرحال نيب جيڪا باهه ٻاري آهي، ان ۾ رڳو  اپوزيشن ئي سيڪجي رهي آهي ۽ اپوزيشن خلاف وڌيڪ ڪارروايون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، اپوزيشن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي ملڪيت بابت به جاچ ڪئي وڃي پر هن وقت تائين نيب ان خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب اپوزيشن دانهون به ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جڏهن به ڪا پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي، تڏهن ان پارٽي خلاف ڪارروائي گهٽ ٿيندي آهي پر بدقسمتي سان نوازشريف  جيڪو ڪجهه پيپلزپارٽي  سان ڪيو هو ان جو ڪيتو ته کيس ملڻو هو پر اهڙي نموني ملندو، اهو ڪڏهن ڪنهن سوچيو نه هو؟ پر جيئن ته هاڻ موسم اپوزيشن جي متحد ٿيڻ جي اچي وئي آهي ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به مارچ ۾ عوام جي حقن لاءِ روڊن تي اچڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ مولانا فضل الرحمان به احتجاج جو سلسلو شروع ڪرڻ جو چيو هو پر اڃا تائين ٻنهي پارٽين صحيح معنيٰ ۾ عملي جدوجهد نه ڪئي آهي.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جيڪڏهن ڪا به پارٽي  هن وقت عوامي جدوجهد لاءِ روڊن تي نڪتي ته تحريڪ انصاف لاءِ ڏکيائون پيدا ٿيڻ ناممڪن نه هوندو ۽ اهو احتجاج ماضي جي احتجاجن کان وڏو خطرناڪ هوندو، ڇاڪان ته اڳ تحريڪ انصاف تبديلي جا  نعرا هنيا هئا ۽ عوام هاڻ  تحريڪ انصاف جي تبديلي کي ڏسي ورتو آهي ۽ اهي صحافي جيڪي ڏينهن رات تحريڪ انصاف جي تبديلي جو راڳ ڳائيندا هئا، انهن مان ڪجهه ته وڃي بي روزگار ٿي گهر ويٺا آهن ۽ ڪجهه موجوده صورتحال کي منهن ڏيندي پريشان نظر اچي رهيا آهن ۽ ان جو واضح ثبوت اهو آهي ته جڏهن به تحريڪ انصاف جو ڪو وزير پريس ڪانفرنس ڪرڻ ايندو آهي ته صحافي احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ نعرا هڻندا  آهن ته صحافين جو معاشي قتل عام بند ڪيو؟ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته صحافين جهڙي ريت تحريڪ انصاف جي احتجاجن ۽ ريلين کي ڪوريج ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪئي هئي اڄ تحريڪ انصاف جي حڪومت ايترو ئي صحافي پوئتي هليا ويا آهن، ڪڏهن وزير صحافين کي ڇڙبيون ڏين ٿا ته ڪڏهن وري گٿا لفظ ڳالهائن ٿا، ان جو مثال پنجاب جو اڳوڻو سڌسماءَ  وارو وزير فياض الحسن چوهاڻ  آهي، جنهن جي خلاف صحافين احتجاج به ڪيو هو، ايتري قدر جو فيصل واوڊا خلاف احتجاج ڪيو ويو هو. بهرحال اهو هڪ ٻيو مسئلو آهي،
هن وقت ضرورت آهي ته عوام کي رڳو هڪ اهڙي پارٽي جي جيڪا سندن مهانگائي خلاف جدوجهد کي ڪامياب بڻائي ۽ عوام هڪ اهڙي ئي پارٽي جو انتظار ڪري رهيو آهي ته جيڪا سندن مسئلن کي حل ڪري، ڇاڪاڻ ته هن حڪومت بي روزگاري، بک بدحالي تمام گهڻي وڌائي ڇڏي آهي، اپوزيشن چئي رهي آهي ته معشيت تباهه ٿي چڪي آهي پر حڪمران چئي رهيا آهن ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ملڪ ترقي ڪري رهيو هجي ها ته  وزيراعظم عمران خان در در وڃي قرض وٺڻ جي ضرورت نه پئي ها، هن وقت هڪ ته ملڪ تي قرض چڙهي ويا آهن ۽ ٻيو وري ملڪ جي ٽنهي پاڙيسري ملڪن جي سرحدن تي ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو به وڌي  ويو آهي، افغانستان ۾ ڪجهه به ٿئي ٿو ته ان جي باهه پاڪستان تي ڪڍي وڃي ٿي، ڀارت ۾ ڪجهه به ٿئي ٿو ته ان جو الزام وري پاڪستان تي لڳايو وڃي ٿو ، جڏهن ايران ۾ به ڪجهه واقعو پيش اچي ٿو ته ان  جي ڪاوڙ به پاڪستان تي ڏيکاري وڃي ٿي. هڪ طرف اسان جي سرحدن تي ڇڪتاڻ آهي ته ٻئي طرف وري اپوزيشن خلاف وٺ پڪڙ آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ فائدو به دشمن کي ئي ٿيندو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر جي يو آءِ ف مولانا فضل الرحمان حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ روڊن تي ايندو يا نه؟
جيڪڏهن اچي به ٿو ته آخر ڪيئن وزيراعظم عمران خان انهن کان احتجاج جو آئيني حق کسي ٿو، ڇاڪاڻ ته عمران خان جڏهن اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو هو ته ان وقت هن چيو هو ته احتجاج سندس آئيني حق آهي پر جڏهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان وارن  سندن خلاف احتجاج شروع ڪيا ته انهن کي ڪنٽينر ڏيڻ بدران جيل جي سلاخن ۾ قيد ڪيو ويو، هونئن ته عمران خان چيو هو ته جيڪڏهن سندس حڪومت ۾ جيڪڏهن احتجاج ڪندو ته انهن کي هو ڪنٽينر ڏيندو پر  عمران خان اهو به واعدو پورو نه ڪيو، جڏهن اهي ئي مولوي   نوازشريف خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا ته عمران خان وارن انهن جي حمايت ڪئي هئي ۽  اسان جي سيڪيورٽي ادارن چيو هو ته اهي اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن، انهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ويندي پر جڏهن   تحريڪ انصاف جي حڪومت انهن  ئي مولوين احتجاج ڪيو هو ته اهي وري هاڻ انتهاپسند ٿي ويا آهن، جيڪڏهن اهو طريقو مسلم ليگ ن اختيار ڪري ها ته ڌرڻا لڳل هجن ها پر اڄ  پي ٽي آءِ پنهنجي خلاف  شايد اهڙا ڌرڻا برداشت ڪرڻ جي سهپ نه ٿي رکي، جيڪڏهن  رکي ها ته احتجاج ڪندڙن کي جيلن جي سلاخن ۾ قيد ڪرڻ بدران انهن سان ڪيل واعدي موجب کين ڪنٽينر فراهم ڪيو وڃي ها؟ هونئن ته آمريت ۾ به ماڻهو احتجاج ڪندا آهن پر   موجوده جمهوريت ۾ احتجاج حق ڏنو ويندو يا نه؟ هاڻ اهو اپوزيشن جي متحده ٿيڻ بعد مهانگائي خلاف احتجاج کانپوءِ ئي خبر پوندي؟ 

Sahib khan Bhatti with Shah Zaman Bhunger in KTN News office


Sahib khan Bhatti with Shah Zaman Bhunger in KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Sahib khan Bhatti n KTN News office


Thursday 7 March 2019

Sahib Khan Bhatti videos


dailywaka.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailysindhdharti.com, Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailyjeejal.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailyjeejal.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailyhilal.com.pk Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailyhilal.com.pk Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailyhilal.com.pk Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti dailysindhmehran.com


Daily Fast Times larkana Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailywaka.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


dailywaka.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti dailysindhmehran.com


awamiawaz.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti


awamiawaz.com Best Sindhi Articles by Sahib Khan Bhatti