Pages

Saturday 31 March 2018

امير سنڌ جا بک ۽ بدحالي جو شڪار سنڌي



صاحب خان ڀٽي
سنڌ کي قدرت  ڪيترن ئي قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي پر افسوس جو ان جو فائدو سنڌ جي ماڻهن کي نه ملي رهيو آهي ۽ ان جو فائدو رڳو حڪمران ئي حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪڏهن سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ته ڪڏهن وري بجلي جي لوڊشيڊنگ ماڻهن جون متيون ئي منجهائي ڇڏيون  آهن،  اسپتالن ۾ بجلي نه هئڻ سبب مريض تڙپي رهيا آهن ته مٿان وري نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي امتحانن دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ  ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي، عدالتن  ۾ مختلف ڪيسن کي منهن  ڏيندڙ وزير دعوائون ڪري رهيا آهن ته  ته ملڪ اندر بجلي چوري  ٿي رهي آهي ۽ جن علائقن ۾ بجلي چوري ٿي رهي آهي، انهن علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ  وڌيڪ ڪئي ويندي پر سنڌ جي قدرتي وسيلن تي قابض حڪمرانن کي  اهو احساس نٿو ٿئي ته جيڪا سنڌ ملڪ کي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪمائي ٿي ڏئي رڳو ان مان ڪجهه حصو سنڌ جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪندا ته انهن جي ڪهڙا خزانا خالي ٿي ويندا،
جيئن ته حڪمران دولت جي لالچ ۾ رڳو مال ميڙڻ  ۾ لڳا پيا آهن، اهي ٻين کي چور چئي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪو پاڻ  وڏو چور هوندو آهي، اهو ٻين کي چور سمجهندو آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌ جي گيس ۽ پيٽرول جي رائلٽي سنڌ کي نه ملي رهي آهي ۽ نه ئي سنڌ  جي ماڻهن کي پنهنجا حق ڏنا پيا وڃن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن،  حڪمرانن کي انسان رڳو اتي نظر اچي رهيا آهن، جتي رڳو غير سنڌي رهن ٿا، باقي جتي سنڌ جو  وارث رهي ٿو، اهو  کين دشمن نظر اچي ٿو ۽ اهو چور نظر اچي ٿو، جنهن جي ڪري پنجاب جا وزير ۽ مشير رڳو اهو ئي دهل وڄائي رهيا آهن ته  سنڌ ۾ بجلي چوري  ٿي رهي آهي پر اهي اهو نٿا ٻڌائن ته اهي، سنڌ جا قدرتي وسيلا چوري ڪري پنهنجا ڀڀ ڀري رهيا آهن، آخر اهي ڪيئن ٻڌائندا، ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجا محل جو اڏڻا آهن، پرڏيهه ۾ پنهنجي ملڪيت ٺاهڻي آهي، انهن کي  رڳو سنڌ جي وسيلن تي قابض رهڻ چاهين ٿا ۽ سنڌين کي هن جديد دور ۾ هر  بنيادي سهولت کان پري رکن ٿا،
سنڌين  جي ووٽ تي وزير ۽ مشير بڻجندڙن کي به رڳو  غير سنڌي نظر اچي رهيا، جن جي گهرن ۾ گٽر بند ٿي وڃي ته وڏو وزير نوٽيس وٺندو آهي ۽ جڏهن گهرن اڳيان گند ڪچرو گڏ ٿي وڃي ته انهن کي کڻائڻ جو حڪم ڏيندو آهي پر ڪراچي کان ڪشمور تائين رهندڙ سنڌ جي وارثن لاءِ وٽن وقت نه آهي ته انهن جا مسئلا حل ڪن. بهرحال سنڌ جا ماڻهو چاهين ته به پنهنجي مرضي جا اڳواڻ ۽ وزير نٿا آڻي سگهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ تي قابض طاقتون به انهن کي حڪومت ۾ آڻينديون، جيڪي سنڌ جي وسيلن تي قابض رهندڙن آڏو خاموش رهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جا ڳوٺ روڊ رستن، اسپتالن ۽ اسڪولن جي سهولتن کان محروم آهن، ٿر ۾ دعوائون نه هجڻ سبب ٻارڙن جي موت جون خبرون هلي رهيون آهن، سنڌ جا ماڻهو روزگار نه هئڻ سبب آپگهات ڪرڻ تي مجبور  ٿي ويا آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري. هن وقت سڄي سنڌ ۾ نائين ڏهين ڪلاس جي شاگردن جا امتحان هلي رهيا آهن، هڪ ته سرڪاري اسڪول گهٽ هجڻ سبب امتحانن دورن سينٽرن تي شاگردن جي رش لڳي ٿي وڃي ته مٿان بجلي نه هئڻ سبب شاگردن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو، ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ  بجلي بند رهڻ معمول بڻجي ويو آهي، جنهن  سبب ماڻهن جو ڪاروبار به ٺپ ٿي ويو آهي، اتحجاجن باوجود حڪومت ڪي به  قدمت کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، خبر نه ٿي پئي ته تيل، گيس ۽ ڪلو جهڙا وڏا ذخيرا سنڌ ۾ موجود هئڻ باوجود سنڌ کي آخر بجلي کان ڇو محروم رکيو پيو وڃي يا وري وفاق جي اها هڪ چالاڪي آهي ته جيئن ملڪ ۾ بجلي جو بحران ڄاڻائي ڪالا باغ ڊيم کي ٺاهڻ جو جواز پيش ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مختلف بهانن سان ڪالا باغ ڊيم کي ٺاهڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن،
هاڻ ته اهو معاملو وڃي عدالت ۾ پهتو آهي،هاڻ ڏسڻُ اهو اهو فيصلو رڳو پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻڌاي ويندو يا چئني صوبن جي حق ۾ ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ ته اڳ ئي ننڍا صوبا اهڙي دشمن منصوبي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي پر پنجاب جا وزير ايئن نٿا چاهين ڇاڪاڻ ته اهو رڳو پنجاب کي خوشحال  ڏسڻ چاهين ٿا، اهو ئي سبب آهي جو جيڪي جيڪو جيڪو درياهه اڳ ٻنهي ڪپرن تائين ڀريل وهندي نظر ايندو هو، اڄ ان ۾ پاڻي جي جاءِ تي واري اڏامي رهي آهي ۽ سنڌ مان چونڊيل وزير پنهنجين وزارتن جا مزا ماڻيندي نظر اچي رهيا آهن ۽ سنڌ کي نه پاڻي ملي پيو ۽گيس ملي پئي ۽ نه ئي وري سنڌ کي بجلي ملي رهي آهي. جنهن سبب ڌرتي ڌڻي  ننڌڻڪن جيان زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.  حڪمران چئي رهيا آهن ته بجلي جي بحران تي ضابطو آندو ويو آهي سمجهه ۾ نٿو اچي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ بجلي جو بحران آهي ته پوءِ آخر  سياستدان جي سالگراهن، ورسين جي موقعي تي بجلي ڪٿان اچي ويندي آهي جو سڄي ملڪ ۾ ان ڏينهن بجلي بند نه ٿيندي آهي، آخر انهن ڏينهن تي هن ملڪ مان ڇا ڪو فرشتو بجلي کڻي ايندو آهي، ڇا جو بجلي نه ويندي آهي؟،
جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ ڪو وزير اچڻو هوندو آهي ته ان ڏينهن به انهيءَ علائقي ۾ بجلي نه ويندي آهي يا ملڪ ۾ ڪو  ڇهٽي جو ڏينهن هوندو آهي ته ان ڏينهن به بجلي بند  ئي نه ٿيندي آهي. مطلب ته اُن ڏينهن فرشتا آسمان مان لهي ايندا آهن ۽ سياستدانن جون ورسيون، سالگراهون ملهائندڙن لاءِ بجلي گڏ کڻي ايندا آهن، ايتري قدر جو  ڪرڪيٽ راند جي موقعي تي به بجلي نه بند ڪئي ويندي، باقي ٻين ڏينهن ۾ حڪومت وٽ بجلي پيدا ڪرڻ جا ذريعا نه هوندا آهن ۽  بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنيون بجلي اوتري نه ٺاهي سگهنديون آهن. باقي رهي ڳالهه ملڪ جي معمارن جي ته، انهن لاءِ حڪمران وٽ نه ته وقت آهي ۽ نه ئي انهن جي پڙهائي ۽ امتحانن جي  بجلي مُهيا ڪري سگهجي.
اسان جي ته خاص ڪري سنڌ مان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙن کي عرض آهي ته شاگردن جي امتحانن دوران بجلي جي لوڊشيڊن نه ڪئي وڃي ته جيئن  اهي امتحانن جي تياري ڪري سگهن، بجلي نه هئڻ سبب شاگرد گرمي ۾ نه پڙهي سگهن ٿا ۽ نه ئي وري صحيح نموني پڙهي سگهن ٿا، جيڪڏهن حڪومت پيپرن دوران بجلي  جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ بجلي مُهيا ڪندڙ ڪمپنين کي پابند بڻائي ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڇي ته  ملڪ جي معمارن جو مستقبل بچي ويندو. باقي رهي ڳالهه بجلي چوري جي، ته جيڪي ماڻهو چئي رهيا آهن ته سنڌ ۾ بجلي چوري ٿئي پئي، اهي پاڻ سڀ کان وڏا چور آهن، جيڪي سنڌ جا وسيلا چوري ڪري رهيا آهن ۽  ڌرتي ڌڻين کي حق به نه پيا ڏين.


Friday 30 March 2018

مفاهمت وارو دڳ ۽ جمهوريت جي مضبوطي وارو سوال


صاحب خان ڀٽي
آخرڪار اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف عدالتن کي منهن ڏيندي ڏيندي پنهنجا هٿيار  ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  چيو آهي ته هو جمهوريت خاطر هر اداري سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي ۽ اهو ان وقت بيان سامهون آيو آهي، جڏهن احتساب عدالت ۾ نيب جي ريفرنسز  آخري مرحلي ۾آهن ۽  انهن سمورن ڪيسن ۾  شريف ڪٽنب  خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ جا  به  چٽا امڪان آهن ۽ ملڪ ۾ اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي گرفتار به ڪري سگهجي ٿو ته جيئن ته نوازشريف جو ماضي ڪنهن کان وسرو نه آهي ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري چيو ته هو ڪنهن جي چوڻ تي ادارن سان نه ڦٽائيندو، هن اهو اُن ڪري چيو هو ته کيس خدشو هو متان نوازشريف وري ادارن سان ٺاهه ڪري ويهي رهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاناما کان شروع ٿيل نوازشريف خلاف ڪارروائي اڄ تائين جاري آهي، جن ۾ گهٽتائي ڏسندي نظر نه اچي رهي آهي، اهو رڳو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو هو اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف ڳالهائي رهيو آهي ۽ان کي غدار چئي رهيو آهي، اهو صرف ان ڪري نواز شريف چئي رهيو آهي جو مشرف جيڪي ساڻس ورتاءُ ڪيو هو هو ان جو ورتاءُ جو بدلو وٺڻ پئي چاهيو پر نوازشريف ان ڄار ۾ پاڻ ئي ڦسي ويو، هونئن ته هن ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ميڊيا ۽ سگهاري طاقتن کي ان وقت ئي ڪرپشن نظر ايندي آهي، جڏهن جمهوريت هوندي آهي، باقي رهي ڳالهه آمريت جي ته ان وقت سمورا ادارا ڪرپشن کان پاڪ هوندا آهن ۽ انهن تي ڪير آڱر کڻڻ جي به همت نه ڪندو آهي، اهي ساڳيا ئي اڳواڻ هوندا آهن، جيڪي آمريت سان به گڏ هوندا آهن ته جمهوريت وارن سان به گڏ هوندا آهن، مطلب ته جمهوريت ۽ آمريت ۾ هو رڳو اقتدار کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ اهي سياستدان هميشه اڇا اجرا ۽ صاف سٿرا سڏرائيندا آهن ۽ انهن تي ڪو به داغ نه هوندو آهي ۽ نه ئي انهن تي ڪا ڪرپشن ثابت ٿيندي آهي پر جڏهن جمهوريت هوندي آهي ۽ ڪو سياسي اڳواڻ آمريت خلاف هوندو آهي ته ان جي ڪرپشن واضح ٿيڻ لڳندي آهي ۽ ڪجهه اهڙا به سياسي اڳواڻ هوندا آهن، جيڪي سگهاري قوتن جي اشارن تي جمهوريت خلاف واويلا ڪندا رهندا آهن ۽ هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪيندا رهندا آهن، اهو رڳو ان ڪري ڪندا آهن جو انهن جي مٿي تي ڪنهن جو هٿ هوندو آهي يا وري اهي ڪنهن جي اشاري تي ڪم ڪندا آهن،
هاڻ اها ته خبر نه آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پيپلزپارٽي جي حڪومت الائي ڇا جي ڪري زرداري خلاف احتجاج شروع ڪيا هئا ۽ عدالتن جو در کڙڪايو هو، اهو ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ئي بهتر ڄاڻي سگهي ٿو پر اڄ کيس احساس ٿي رهيو آهي ته هُن ميمو گيٽ ڪيس عدالت ۾ کڻي وڃي غلطي ڪئي هئي. بهرحال دير سان ئي صحيح پر ميان صاحب کي پنهنجي غلطي جو احساس ته ٿيو، هاڻ ميان نوازشريف به پاناما ڪيس ۾ نااهلي کانپوءِ  پنهنجو سياسي ڪيريئر بچائڻ لاءِ  ڏينهن رات هڪ ڪئي ۽ پاڻ  کي  هڪ نظرياتي اڳواڻ جو لقب به ڏنو پر  کيس اها خبر نه هئي ته نظرياتي سياستدان سڏائڻ لاءِ جان جو نذرانو ڏيڻو پوندو آهي ۽ جيل به ڪاٽڻو پوندو آهي ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻو پوندو آهي. بهرحال جڏهن نوازشريف ميڊيا تي ويهي ادارن خلاف تقريرون ڪندو هو ته اُن وقت خدائي خدمتگارن عدالتي در کڙڪايو ۽  چيو ته الطاف حسين به ملڪ خلاف ڳالهائيندو هو ، جنهن سبب مٿس پابندي لڳائي وئي ۽ نوازشريف به ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي،  سندس تقريرون ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي وڃي،
 انهيءَ جي ڪري پنجاب کان ويندي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي عدالتن ۾ نوازشريف خلاف توهين عدالتن جا ڪيس هلي رهيا آهن، احتساب عدالت ۾ ته حاضري لڳائڻ سندس لاءِ معمول بڻجي ويو آهي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان نوازشريف پنهنجي ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر سان گڏ عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي ، شروع ۾ ته نوازشريف وڏيون وڏيون ڀڀڪيون هنيون  پر هاڻ هو هر اداري سان ڳالهائڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي، مطلب ته هاڻ اڳوڻي صدر پرويز مشرف لاءِ به رستو صاف ٿي ويو آهي ۽  هو ڪنهن به وقت به هن ملڪ ۾ اچي سياست شروع ڪري سگهي ٿو، شايد ڪراچي ۾ الطاف کان پوءِ پيدا ٿيل خال به ڀري سگهي ٿو ۽ مهاجرن ۾ جيڪا الطاف حسين کانپوءِ  مرحومي  ۽ مايوسي پيدا ٿي آهي اها اچي ختم ڪري. بهرحال اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر   ان کان اڳ نوازشريف جي جند آجي  ٿيڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف جيڪي به تقريرون ڪيون آهن، انهن جو رڪارڊ عدالتن ۾ آهي ۽ ڪنهن به وقت ، ڪٿان به  سندس خلاف فيصلو اچي سگهي ٿو.
 جڏهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سان  ملاقات ڪئي ته سمورا سياستدان حيران ٿي ويا، ڇاڪان ته ان  هڪ ٻه ڏينهن اڳ ۾ سپريم ڪورٽ جي ترجمان بيان جاري ڪيو هو ته  وزيراعظم ۽ چيف جسٽس سان ملاقات وارين خبرن  ۾ ڪا به صداقت نه آهي ۽ نه ئي ڪو ملاقات لاءِ خط لکيو ويو آهي، مطلب ته ترجمان اهڙين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي هئي پر ان ترديد کانپوءِ اوچتو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيف جسٽس  سان ملاقات ڪئي، جنهن سبب ڪيترن ئي سوالن جنم ورتو. چيف جسٽس هڪ ڪيس جي ٻڌڻي اهو واضح ڪيو هو ته اُن ملاقات ۾ هن ڪجهه وڃايو ناهي رڳو حاصل ڪيو آهي.هڪ بيان نوازشريف جو ته هو  جمهوريت خاطر  هر اداري سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي ته ٻيو وري وزيراعظم جي ملاقات به ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن ته نوازشريف هاڻ ٿڪجي پيو ۽ شير هاڻ آرام ڪرڻ چاهي ٿو. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته صوبن جا اختيار گهٽائڻ جون به ڪوششون ٿي رهيون آهن ۽ اهو به  مختلف ٽي وي چينلن تي ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته وفاق ادارن کي خانگائڻ چاهي ٿو،  جنهن سبب مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن.
بهرحال تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته چيف جسٽس سان ملاقات ۾ شاهد خاقان عباسي اڳوڻي وزيراعظم کي بچائڻ لاءِ هٿ ٻڌا هوندا، عمران خان ته اهو به چيو هو ته نگران حڪومت سمورين پارٽين جي گڏيل راءِ سان اچڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ٿي سگهن، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو هو ته هڪ فريادي، جيڪو پنهنجي فرياد چيف جسٽس وٽ کڻي ويو، اها پوري ناهي ٿي. سندس چيف جسٽس کي اپيل آهي ته فريادي جي فرياد کي عوام اڳيان آندو وڃي. وزيراعظم ۽ چيف جسٽس جي ملاقات کانپوءِ پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو هو ته پاڪ فوج جو ڪنهن به اين آر او سان ڪو تعلق ناهي ۽ نه ئي 18هين ترميم جي خلاف آهيون، آرمي چيف جي خواهش آهي ته پاڪستان ان امن طرف وِک وڌائي جيڪو سڀني پاڪستانين جي خواهش آهي، ان جو ڪجهه ٻيو مطلب نه ورتو وڃي، چونڊون ڪرائڻ ۽ ان جو ٽائيم فريم آئين ۾ آهي، اليڪشن جو اعلان اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، ان ۾ سڀني ماڻهن جو ڪردار آهي. چونڊن جي حوالي سان هر اهو ڪم ڪنداسين جيڪو آئين تحت چيو ويندو، غير مستحڪم پاڪستان ڀارت جي مفاد ۾ ناهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف جڏهن مصيبت ۾ هوندو آهي ته پيرين پوندو آهي ۽ جڏهن مصيبت مان نڪري ته ڳلو پڪڙيندو آهي.
بهرحال هن وقت ملڪ جون حالتون بهتر نه لڳي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف ملڪ ۾ جوڊيشل مارشل لا جو ذڪر ٿي رهيو آهي ته مٿان وري چونڊون ويجهو اچي ويو  آهي ۽ اها معاملا  اٿاريا پيا وڃن، جن سان صوبن ۾ اڳ ئي تمام گهڻا اختلاف آهن، هڪ ته غير ملڪين کي  سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن ته ٻيو وري صوبن جا اختيار گهٽائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جيڪا رڳو  ڪاغذن تائين محدو د آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ تائين صوبن کي اختيار ملندي نظر ئي نه آيا آهن، جيڪڏهن صوبن وٽ اختيار هجن ها ته اهي ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جون شازشون نه ٿين ها ۽ هر صوبو پنهنجي پنهنجي ماڻهن تي ڌيان ڏئي ها، هتي ته گنگا ئي ابتي وهي پئي، رڳو  هڪ ئي صوبي کي خوشحال ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي.
جيئن ته چونڊون تمام گهڻو ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ سياسي پارٽين پاران به هڪ ٻئي جون وڪيٽون ڪرائڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي پر اها خبر نه پئجي رهي آهي ته آخر امپائر واري پارٽي کي وارو ڏنو ويندو يا وري عوامي مينڊيٽ رکندڙ پارٽي کي اقتدار ڏنو ويندو، ڇاڪاڻ ته هاڻ اهڙيون حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن ته جو پنج ڏهه ووٽ رکندڙ  پارٽي به پنهنجو وڏو وزير آڻي سگهي ٿي. هاڻ ڏسڻُو اهو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف جيڪو پاڻ کي نظرياتي سڏرائيندو هو، اهو آخر ڪيئن پنهنجي جند عدالتن مان آجي ڪرائي  ٿو، باقي رهي ڳالهه نااهلي جي ته ان بابت نوازشريف وساري ڇڏي، هاڻ کيس ڪا به طاقت اهل نٿي ڪري سگهي، باقي سندس  اولاد سياست ۾ اچي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري  سگهي ٿو.

Wednesday 28 March 2018

خدائي خدمتگار۽ ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌين جي جدوجهد


صاحب خان ڀٽي
آخرڪار خدائي خدمتگارن ڪالا باغ ڊيم کي ٺاهڻ لاءِ وڃي عدالتي در کڙڪايو ۽ عدالت به ڪالا باغ ڊيم دير ٺهڻ تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا پر افسوس جو  اڄ به سنڌ مان ووٽ وٺي ڪامياب ٿيندڙ پارٽي خاموش  ۽ مفاهمت وارو دڳ اختيار ڪري ويٺي آهي. جيڪڏهن هن وقت به سنجيدگي وارو مظاهرو نه ڪيو ويو ته خدائي خدمتگار پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي ويندا، هڪ طرف  ملڪ ۾ جوڊيشل مارشل لا جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ٻئي طرف وري خدائي خدمتگار به پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ تمام گهڻو سرگرم ٿي ويا آهن، هونئن ته اسان کي اڃا تائين اها خبر ئي نه آهي ته ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت وارو ڪم رڪيل آهي يا وري جاري ۽ ساري آهي، ڇاڪاڻ ته خدائي خدمتگارن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪڏهن ايوان ۾ هنگامو ڪيو ته ڪڏهن وري آمريتي  دور ۾ ڏاڍ  وارو اختيار ڪيو ويو ته جيئن ڊيم تي اختلاف رکندڙ قومن  جي آواز کي دٻايو وڃي پر افسوس جو اهي خدائي خدمتگار ناڪام ويا پر هاڻ وري انهن خدائي خدمتگارن پنهنجو رويو تبديل ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڏسي رهيا آهن ته عدليا خلاف ڪير  ڪو نه ڳالهائيندو ۽ جيڪڏهن ڪو احتجاج به ڪندو  يا لکندو ته  اهو توهين عدالت جي زمري ۾ ايندو، جنهن سبب هنن ڪالا باغ ڊيم خلاف عدالت سان رابطو ڪيو ۽  پهرين وک سندن ڪامياب وئي ۽ اهي نوٽيس جاري ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا پر  شايد انهن خدائي خدمتگارن کي اها خبر نه آهي ته سنڌ دشمن منصوبي کي ڪنهن به ريت  سنڌي قوم قبول نه ڪندي  ۽ نه ئي ڪڏهن اهڙي ڪڌي عمل جو حصو  بڻجندي. سنڌي قوم  ملڪ جي ٺهڻ کانپوءِ رڳو پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، ڪڏهن سنڌ جي وسيلن تي ٿيل قوتن  سان مهاڏو اٽڪايو آهي ته ڪڏهن وري سنڌ جي پاڻي جي حصي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.
بهرحال ان کان اڳ به خدائي خدمتگار ڪالا باغ ٺاهڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا آهن، ڪڏهن فلمون ٺاهي ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙن کي غدار قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪڏهن وزيرن  پاران اعليٰ ايوان ۾ اهڙا بيان ڏنا ويا  جو انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي  ٿو وڃي، ڪجهه عرصو اڳ هڪ وزير ايوان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن هڪ ٻه ماڻهو مارجڻ سان ڪالا باغ ڊيم ٺهي ٿو ته پوءِ ڀلي ٺاهيو وڃي، ان سان  ڪو به فرق نٿو پوي. افسوس جو ان وزير کي  ايترو به شرم نه آيو ته  هُن انسانيت جي قتل عام کي برو نه سمجهيو پر پنجاب کي خوشحال ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻ کي اوليت ڏني، افسوس جو اهڙي بيان تي ڪنهن به پارٽي پاران ڪوخاص رد عمل نظر نه آيو هو ۽ نه سنڌ جي حڪمران جماعت پاران  اهڙي بيان تي ڪو سخت رد عمل ڏنو ويو هو.  بهرحال ڪيترائي ڀيرا پاڻي  جي ورهاڱي ۽ نوان ڊيم ٺاهڻ بابت گڏجاڻيون ۽ اجلاس ڪوٺايا ويا  آهن پر انهن اجلاسن ۾ هن وقت تائين اهو اتفاق نه ٿي سگهيو آهي ته آخر ڪڏهن صوبن کي گهرُج موجب پاڻي وقت تي ملي سگهندو،
اهو مسئلو مختلف وقتن تي ڪُر کڻندو رهيو آهي، ان جو وڏو سبب اهو ئي آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملي رهيو آهي، جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي ها ته اڄ سنڌي سراپا احتجاج نه بڻيل آهي، پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين سنڌ ۾ نه ته ڪو وڏو ڊيم ٺاهيو ويو آهي ۽ نه ئي وري درياهن جا ڪپر مضبوط ڪيا ويا آهن، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف جڏهن ٺٽي آيو هو ته هن سمنڊ جي ڪناري پچنگ ڪرائڻ، مطلب پٿر رکائي بند ڏيارڻ جو واعدو ڪيو هو، جنهن تي به هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي، نه سنڌ حڪومت تباهه ٿيندڙ ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ ڪي قدم کڻي رهي آهي نه ئي وفاق کي سنڌ تي ڪو رحم اچي رهيو آهي، هونئن ته وفاق سنڌ جي سمورن وسيلن تي قابض آهي پر سمنڊ سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، سنڌ ۾ فصل تباهه ٿي رهيا آهن، زميون بنجر بڻجي رهيون آهن ۽ ماڻهو بک بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان جي وفاق کي ڪا به ڳڻتي نه آهي. رڳو زور ڏنو پيو وڃي ته ڪهڙي به ريت سنڌ دشمن منصوبي ڪالا باغ ڊيم کي ٺاهيو وڃي ۽ ان جي هڪ ڪڙي لاهور هاءِ ڪورٽ به آهي.
 ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪالا باغ ڊيم دير ٺهڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ کائنس  17 مئي تائين جواب طلب ڪيو ويو آهي. ان درخواست ۾ خدائي خدمتگار مطلب ته درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت گڏيل مفادن واري ڪونسل کي ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي هدايت ڪئي هئي پر وزير اعظم گڏيل مفادن واري ڪونسل جي سربراهه جي حيثيت سان عملدرآمد نه ڪيو. عدالت کان اپيل آهي ته وزير اعظم شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. هي پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي، ڪالا باغ ڊيم نه ٺهڻ تي مذهبي فارمولو به استعمال ڪيو ويو هو، جيئن ڪجهه صديون اڳ هڪ عرب مذهب جي نالي تي سنڌين جي وسيلن تي قبضو ڪيو هو، اهو ئي فارمولو هاڻ به استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. بهرحال عدالت جي نوٽيس کانپوءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به ڊيم جي اڏاوت لاءِ ٿورو سرگرم ٿي ويو آهي،
ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو هو، جنهن دوران چئن ئي صوبن جي وڏن وزيرن سميت صوبائي ۽ وفاقي سيڪريٽريز شرڪت ڪئي هئي. اجلاس ۾ پلاننگ ڪميشن جي چيئرمين سرتاج عزيز اجلاس کي نيشنل واٽر پاليسي جي ڊرافٽ تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو هو ته ملڪ ۾ پاڻي جي دستيابي تيزي سان گهٽ ٿي رهي آهي، جڏهن ته فوري طور تي پاڻي ذخيرن ۾ واڌ اڻٽر آهي. سرتاج عزيز اجلاس ۾ چيو هو ته پاڪستان ۾ آبي وسيلن ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ پائيدار ترقي جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ آبي وسيلن جو انتظام ضروري آهي. هاڻ ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته وزيراعظم عدالتي نوٽيس کي ڪيترو سنجيدگي سان ورتو آهي ۽ اها خدائي خدمتگارن جي  هڪ وڏي ڪاميابي آهي،
جيڪڏهن اڄ به سنڌ جي ساڃاهه وندن اهڙي سازش خلاف  آواز نه اٿاريو ته سنڌ دشمن جيڪي پاڻ کي خدائي خدمتگار سڏائي ڪالا باغ ڊيم ٺهرائڻ لاءِجيڪي حربا استعمال ڪري رهيا آهن، اهي پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿي ويندا ، جنهن لاءِ ضروري آهي ته هاڻ پاڻي واري مسئلي تي سنڌ حڪومت کي وفاق تي اعتبار ڪرڻ بدران گڏيل قومن سان سڌي ريت رابطو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي ٺهڻ کانپوءِ وفاق جو رويو سنڌ سان سٺو نه رهيو آهي، نه ئي وفاق ڪڏهن سنڌين کي هر اداري ۾ شامل ڪري رهيو آهي، سڀ کان وڏو مثال اسان نيوي کان ويندي  پوليس کاتي مان به لڳائي سگهون ٿا ته سنڌين کي ڪيتري نمائندگي ڏني وئي آهي ۽ ڪيترا سنڌي آفيسر ڪيترن عهدن تي آهن. اسان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جا نمائندا ته اڄ تائين ڪالا باغ ڊيم جي موجوده حالت جون تصويرون به جاري نه ڪري سگهيا آهن ته آخر ڪالا باغ ڊيم ٺهي به ويو آهي يا ان تي ڪم هلي رهيو آهي يا وري ان تي ڪم رڪيل آهي. اسان کي ته اها به خبر نه آهي ته ڪالا باغ ڊيم جو ڪم ڪيترو مڪمل ٿي چڪوآهي، باقي رهي ڳالهه پيپلزپرٽي جي ته اُها رڳو اهو بيان ڏيڻ ۾ پوري آهي ته ڪالا باغ ڊيم مئل گهوڙو آهي، پر پيپلزپارٽي کي اها خبر نه آهي ته خدائي خدمتگار مئل گهوڙي کي زندهه ڪرڻ ۾ ماهر آهن، هڪ ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي ته مٿان وري ڪالا باغ ڊيم ٺاهي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي وڏي سازشي رٿا بندي ڪئي وئي آهي. ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه هئڻ سبب سمنڊ ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهي، بدين ضلعو به پاڻي نه هئڻ سبب تباهه ٿي رهيو آهي پر وفاق ۽ خدائي خدمتگارن جي سُئي هڪ هنڌ رڪيل آهي ته ڪالا باغ ٺاهڻو آهي.  


Sunday 25 March 2018

قومپرست اڳواڻ قمر ڀٽي جو وڇوڙو


صاحب خان ڀٽي
سنڌ ڌرتي، صوفين، اوليائن، برزرگن ۽ وطن لاءِ وڙهندڙ  جوڌن جي ڌرتي آهي، سنڌ جا ماڻهو امن پسند ۽ محبت ڪندڙ آهن پر افسوس جو سڌ ڌرتي ۾ جيڪو به شخص آيو، ان سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب سنڌ جا ماڻهو پنهنجي آجپي وطن جي بقا لاءِ وڙهاند ڪئي آهي ۽ سلسلو عربن کان ويندي اڄ تائين جاري آهي، ڪڏهن مذهب جو نالي تي سنڌ تي حملو ڪيو ويو ته ڪڏهن وري وسيلن تي قابض ٿيڻ حملا ڪيا ويا پر سنڌ ڌرتي انهن بهادر سپوتن جي ڏنل قربانين ڪري اڄ به دائم۽ قائم آهي پر اڄ تائين اهو خطرو ٽريو ناهي، اڄ به سنڌ جا دشمن مختلف طريقن سان سنڌجي وسيلن تي قابض آهن، جن خلاف سنڌ جا ماڻهو اڄ به عدم تشدد واري پاليسي تحت ساراپا احتجاج بڻيل آهن پر  سنڌ تي قبضو ڪندڙ ۽ سنڌ جي وسيلن کي هڙپ ڪندڙ دشمن اڄ به سنڌ جي حقن خاطر جدوجهد ڪندڙن کي ڪچلي رهيا آهن. جن خلاف آواز اٿاريندڙن جو به آواز دٻايو پيو وڃي ۽ انهن جي دانهن ورنائڻ وارو ڪو به نه آهي،
جڏهن سنڌ ۾ سنڌ دشمنن قومپرست سياست کي خطرو سمجهيو ته ان کي اڳ بندوق جي ذريعي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي ان ۾ناڪام ويا بعد انهن سنڌ اندرغيرسنڌين کي وڏي اڪثريت ۾ آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا اڄ به جاري ساري آهي ۽ انهن کي پنهنجي اختيارن ذريعي سنڌ جي راڄڌاني ۾ آباد ڪري انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي ڏنا ۽ انهيءَ عمل خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويو،. هي ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي، سنڌ جا حق  غضب ڪرڻ وارو عمل ته هڪ عرب پاران سنڌ تي حملي ڪرڻ کان شروع ٿي ويا هئا، جيڪي اڄ به جاري ساري آهن ۽ اڄ مذهب جي نالي تي ئي سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  پئي وڃي ۽ اسان جا حڪمران ووٽ وٺي  اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن ۽ سنڌ کي ڌاري لوڌ حوالي ڪري رهيا آهن ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهيا آهن، جنهن کان نه سنڌي قوم پڇي رهي آهي ۽ نه ئي وري انهن کي  سنڌ تي ڪو رحم اچي رهيو آهي.
بهرحال تاريخ انهن سان پلاند ضرور ڪندي، جيڪو ڪجهه اڄ اهي ڪري رهيا آهن، اهو هڪ تاريخ جو حصو بڻجي رهيو آهي پر هن سنڌ ڌرتي ۾ اهڙين شخصيتن به جنم ورتو آهي، جيڪي سنڌ جي آجپي جي جنگ وڙهني پنهنجا جانين جا نذرنا ڏنا آهن، جيڪي تاريخ ۾ امر ٿي ويا آهن ۽ ڪجهه سنڌ سان غداري ڪندي تاريخ جو  حصو بڻجي  ويا آهن ۽ ڪجهه آهستي آهستي حصو بڻجي رهيا آهن. سنڌ ۾  شهيد بشير خان قريشي کان ويندي قمر ڀٽي تائين ڪيترين اهڙين شخصيتن جنم ورتو، جن پنهنجي وطن جي آجپي لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه نه  ڪئي،
قمر ڀٽي اهو بهادر شخص هو جنهن سنڌ لاءِ پنهنجو، من، تن، ڌن ۽ جان قربان ڪري ڇڏيو هو. جيئن ته سنڌ وطن ۾ تمام وڏين شخصيتن جنم ورتو آهي. جن مان جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جو چيئرمين قمر ڀٽي به هڪ هو، هو سائين جي ايم سيد جو هڪ سپاهي هو. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي کان ويندي سمورين سنڌ دوست پارٽين سان گڏ هوندو هو، هو هميشه سائين جي ايم سيد جي هر  هڪ پوئلڳ  سان گڏ هوندو هو. شهيد بشير خان قريشي جڏهن ڪراچي ۾ جلسو ڪيو  هو ته ان وقت به هو ساڻس گڏ هو، هو هڪ بهادر ۽ قوم جو هڏ ڏوکي هو. قمر ڀٽي 31 جنوري 1958ع تي باڊهه لڳ ڳوٺ فيض محمد کوکر ۾محمد سليمان ڀٽي جي گهر ۾جنم ورتو هو. هن ابتدائي تعليم 1969 ع ۾باڊهه ۾ مڪل ڪئي. جڏهن ته کيس ننڊ پڻ کان تعليم سان تمام گهڻو وڏو لڳاءُ هو، کيس سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان تمام گهڻي محبت هو،
قمر ڀٽي 1973 ۾گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه مان مئٽرڪ پاس ڪئي، جنهن کان پوءِ هو 1975 ع ۾ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر پاس ڪيائن. قمر ڀٽي اسڪول ۾  سڀني سان تمام گهڻو سٺو ورتاءُ رکندو هو ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ سندس رڳ رڳ ۾ شامل هوندي هئي. قمر ڀٽي کي ٻين جا اهنج، تڪليفون برداشت نه ٿينديون هيون. 1982 ع ۾قمر ڀٽي سنڌ يونيورسٽي مان بي اي پاس ڪئي، قمر ڀٽي پنهنجي سياست جي شروعات 1984 ع ۾شاگردي واري زماني کان ڪئي، هن سياست ۾ پير رکڻ کانپوءِ سنڌي نوجوانن جي مسئلن  کي حل ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪئي. هو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر به رهيو، جنهن کان پوءِ هن 1987 ع ۾ايم اي اڪنامڪس ڪئي، هو تعليم ۾ به تمام گهڻو  هوشيار هوندو هو. جڏهن ته کيس وڪالت سان به تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو، قمر ڀٽي سائين جي ايم سيد جي  ايم سيد جو هڪ سچو سپاهي هو،  هو  پنهنجي آخري ساهه تائين سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلهاڙيل رهيو.
قمر ڀٽي کي لکڻ جو به تمام گهڻو چاهه هوندو هو، هن سياست، ادب ۽ تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾سائين جي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي، ڦٽڪڻ لڳڻ وارو ڏينهن، گيت منهنجا گوليون، هند ۾جلاوطن سنڌي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن. 1990 ع  هن جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جو بنياد رکيو ۽ آخري پساهن تائين پارٽي جو چيئرمين رهيو.سائين جي ايم سيد جي هن سپاهي آمريت ۾ ڪوڙا به کاڌا ۽ وطن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس جيل به وڌو ويو، کيس جيل اندر اذيتون به ڏنيون ويون پر  هن سائين جي ايم سيد جي فڪر  تان هٿ نه کنيو ۽ آخري پساهه تائين سائين جي ايم سيد جي فڪر  تي هلندو رهيو.
هن 1993 ع ۾لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايل ايل بي ڪئي. هن قوم پرست سياست ۾ 13 سال قيد ڀوڳيو پر  پنهنجي مقصد تان نه هٽيو. جڏهن سنڌ دشمن ڪراچي ۾ سنڌين جا گهر ڊاهي رهيا هئا ته ان وقت به هو سنڌين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙن سان گڏ رهيو ۽ سنڌين جي حقن لاءِ آخري دم تائين ثابت قدم رهيو. هو سائين جي ايم سيد جو سپاهي هئڻ سان گڏ اديب، دانشور ۽ ليکڪ پڻ هو، سندس لکڻين ۾ سنڌ سان محبت  سمايل هوندي هئي. هو هميشه سنڌ جي ڳالهه ڪندو هو، هڪ ڏينهن مون کيس چيو ته سائين اوهان ڀٽي برادري جي اتحاد بابت ڇا چوندئو ته قمر ڀٽي جواب ڏيندي چيو هو ته ” پٽ برادرين ۾ نه پئو، پنهنجي سنڌ ڌرتي جي لاءِ سوچيو ۽ پنهنجي سنڌي قوم لاءِ سوچيو، جيڪڏهن اسان برادرين  ۾ پئجي وياسين ته ڪڏهن به پنهنجي قوم لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهنداسين. سندس اهي لفظ اڄ به مون کي ياد آهن. هو ان وقت به سنڌين سان گڏ هو،
جڏهن ڪراچي ۾ دهشتگرد سنڌين جي گهرن تي حملا ڪندا هئا، هو ان وقت به سنڌين سان گڏ هو، جڏهن سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن سازشون ڪري رهيا هئا. هو ان وقت به ثابت قدم رهيو، جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪندڙ سنڌ جا ويري بڻجي ويا هئا. هو ان وقت به سنڌي قوم جو آواز بڻجي ويو هو، جڏهن سنڌ ۾  سنڌي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو ۽ انهن جا چچريل لاش روڊن تي اڇلايا ويا، هي سائين جي ايم سيد جو سپاهي ان وقت به ثابت قدم رهيو، جڏهن سنڌ دشمن منصوبا جوڙِيا ويا، جنهن جو ڪيس هن عدالت ۾ به وڙهيو ۽ آخر ان خلاف فيصلو به عدالت ٻڌايو ته بحريا ٽائون غيرقانوني آهي،  رڳو هي منصوبو سنڌ دشمن نه آهي، اهڙا ٻيا به ڪيترائي سنڌ دشمن منصوبا  آهن، جن تي سنڌ مان ڪامياب ٿيندڙ ڪامورا ڪم ڪرائي رهيا آهن ۽ ڌارين کي آباد ڪري سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن.  قمر ڀٽي ان  وقت تمام گهڻو خوش ٿيو هو ۽  سوشل ميڊيا تي پوسٽ به رکي هئي ته بحريا ٽائون خلاف آيل فيصلو سندس ڪاميابي نه پر سڄي سنڌ جي ڪاميابي آهي ۽ هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو.
جڏهن سنڌ ۾ قومپرستن کي مائنس ون فارمولي تحت ختم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته ان وقت به هي  سائين جي ايم سيد جو سپاهي سڀ کان اڳڀرو هو. جڏهن قومپرست اڳواڻن کي زندهه ساڙي شهيد ڪيو ويو ته ان وقت ڪو به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو پر قمر ڀٽي واحد قومپرست اڳواڻ هو، جنهن سڀ کان پهرين اهڙي عمل جي مذمت ڪئي. هي اهو بهادر سپاهي هو، جنهن سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جو ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو هو، هي اهو بهادر سائين جي ايم سيد جو سپاهي هو، جنهن سنڌ دشمن منصوبن خلاف هڪ ديوار بڻجي ويو هو پر افسوس اها ديوار اڄ ڪمزور ٿي ڪري پئي آهي، ان جو سبب ڪجهه به ٿي سگهي ٿو،
25 مارچ 2018 جي اڀاڳي رات اسان جي پياري محبوب اڳواڻ ۽  وطن دوست سنڌ جي سپاهي کي اسان کان هميشه  ڇني هلي وئي ۽ اسان کان وڇڙي ويو ۽ سيد جي سپاهين جي اکين ۾ ڳوڙها ڏئي ويو.  اڄ مون کي هڪ شاعر جو هڪ شعر ياد اچي رهيو آهي ته: اڄ ته اسان کي آزادي سان جيئڻ ڏيو، هي جام اسان کي به پيئڻ ڏيو، هي جسم تي جيڪي زخم لڳا آهن، انهن کي ته سبڻ ڏيو، ڪيستائين ماريندو اسان کي نفرتن جي تلوارن سان، توهان ته جيو ٿا آزادي سان، اسان کي به  ته جيئڻ ڏيو..!!
جڏهن قمر ڀٽي جي لاڏاڻي جي خبر مختلف چينلن تي نشر ٿي ته ان وقت ڪنهن کي يقين به نه اچي رهيو هو، هر طرف سوڳ ڇانيل هو. جيئي سنڌ قومپرست پارٽيءَ جي چيئرمين قمر ڀٽيءَ جو مڙهه ڪراچي کان جو باڊهه شهر آندو ويو ته روڄ راڙو مچي ويو ۽ مختلف علائقن ۾ دڪاندارن سوڳ ۾ ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو هو. قمر ڀٽيءَ جي جنازي نماز باڊھ شھر جي جامع مسجد درگاهه شريف جي عيد گاهه  ۾ادا ڪئي وئي هئي، جڏهن ته  سندس تدفين به درگاهه شريف جي قديم قبرستان ۾ڪئي وئي. قمر ڀٽي جي وارثن ۽ پارٽي اڳواڻن دودو ديشي، ايوب ڀٽي، محمد کوکر ۽ ٻين الزام هنيو ته قمر ڀٽي کي دل جو دورو نه پيو پر کيس زهر ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هو بحريه ٽائون منصوبي خلاف ۽ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ عدالت ۾وڙهي رهيو هو. سندس موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي وڃي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾ ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي شهيد ڪيو ويو آهي، ڪن قومي ڪارڪنن جا لاش مليا ته ڪن کي زندهه ساڙيو ويو، جن جي به اڄ تائين ڪا جاچ نه ٿي سگهي آهي ۽ ڪافي عرصي کان قومپرستن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ انهن کي حراسان ڪرڻ، انهن کي جلسن کان روڪڻ ۽ سنڌي قوم جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ کان روڪڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ٿيندا رهيا آهن، جنهن سبب ان ڳالهه تان هٿ نٿو کڻي سگهجي ته قمر ڀٽي کي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هو انهن خلاف ڪيس وڙهي  رهيو آهي، جيڪي سنڌ ۾ سنڌين کين اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هي انهن طاقتن سان مهاڏو اٽڪائي رهيو هو، جيڪي سنڌ جا دشمن آهن، جيڪي  نٿا چاهين ته سنڌ ۾ ڪو به قومپرست هجي، جيڪڏهن  شهيد بشير خان قريشي جي قتل جي جاچ درست نموني ٿئي ها ته اڄ قمر ڀٽي جو موت پراسرار نه بڻجي ها ۽ نه وارثن کي اهڙي پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي ها.  هن ڌرتي هميشه جوڌن کي جنم ڏنو هو ۽ قمر ڀٽي هڪ ٻيو جنم وٺي هن مهراڻ ۾ ايندو ۽ سائين جي سيد جي فڪر کي اڳتي کڻي هلندو.


اچو ته پنهنجي ڀٽي برادري بابت سوچيون..!!


صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ مختلف برادرين پاران اتحاد ٺهڻ کانپوءِ  ماڻهن جا مسئلا مقامي سطح تي هل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن سبب ماڻهن جي سوچ ۾ به تبديلي اچي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر برادري طرفان اتحاد ٺاهڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي.  هن ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا برادري اتحاد ٺهيا آهن، جن پنهنجي جدوجهد شروع ڪري  ڇڏي آهي. جنهن سبب  سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ رهندڙ  ماڻهن جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن.
سنڌ ۾ به ڀٽي برادري اتحاد ٺهي چڪو آهي ۽ سنڌ ۾ ماڻهو  هن پليٽ فارم ذريعي پنهنجا مسئلا حل ڪرائي آهن.  پر ان کي ڪامياب ڪرائڻ  ۽ پريشان ماڻهن جا  مسئلا حل ڪرائڻ ان وقت ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو،  جڏهن هي اتحاد مضبوط ٿي وڃي. جنهن لاءِ ڀٽي برادري جا چڱا مڙس ان اتحاد کي  مضبوط ۽ مستحڪم ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. هاڻ اسان جي ذميواري آهي ته اسان سڀني کي گڏجي  ڀٽي برادري جي ماڻهن جي ڀلاح ۽ بهبود لاءِ  سوچڻ گهرجي ۽ سڄي سنڌ ۾ رهندڙ ڀٽي برادري جي ماڻهن کي متحد ڪري انهن جي قبيلائي جهيڙن، تعليم ۽ صحت جي سهولتن سميت سمورا مسئلا حل ڪرائڻ گهرجن ته جيئن مستقبل ۾ ڀٽي برادري جا نوجوان ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن. اڄ سڄي سنڌ ۾ رهندڙ ڀٽي برادر ي جا ماڻهو مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
سنڌ ۾ رهندڙ  ڀٽي برادري جا نوجوان  تعليم جي زيور کان به محروم آهن. اچو ته اسان  سڀ گڏجي انهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ  لاءِ اڳتي اچون ۽ انهن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪيون. اچو ته پنهنجي برادري لاءِ سوچيون، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ رهندڙ ڪيترائي اهڙا  برادري جا ماڻهو آهن، جيڪي قبيلائي جيهڙن  سبب تمام گهڻو پريشان آهن، جن  جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. انهن جا مدد ڪرڻ ۽ انهن جا جهيڙا ختم ڪرائڻ انهن جي زندگين ۾ به سڪون آڻڻ اسان جي  ذميواري آهي ۽  انهن جي ٻارڙن جي تعليم، صحت ۽ زندگي جي  ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ انهن جي مدد ڪيون.  پڙهيل لکيل نوجوانن کي نوڪريون ڏياريون ۽ انهن کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ مدد ڪريون ته جيئن اهي  سنڌ جي لاءِ  بهتر کان بهتر ڪردار  ادا ڪري سگهن. سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي ڪٽنب آهن،  جن جا گهر ڀاتي مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن، جن وٽ علاج ڪرائڻ لاءِ  پئسا به نه آهن ۽ اسان کي گهرجي ته انهن جي باري  ۾ سوچيون ۽ انهن   جي علاج   لاءِ اسان هن اتحاد ذريعي مدد ڪريون، اهڙا قدم کڻڻ سان اسان پنهنجي برادري جي ڏکوئيل ماڻهن جي دردن جو درمان بڻجي سگهنداسين ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرائي سگهنداسين. اچو ته پنهنجي برادري جي  لاءِ سوچيون ۽ انهن جي مسئلا حل ڪيون.  جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجي برادري جي باري ۾ نه سوچيو ته اسان جي برادري جا نوجوان ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندا ۽ هر شعبي سڀني کان پوئتي هوندا.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هر شعبي ۾ سنڌ ۾ رهندڙ ڀٽي برادري جا ماڻهو پوئتي آهن،  جيڪڏهن اسان  پنهنجي نوجوانن کي اڳتي آڻڻ  چاهيون ٿا ته اسان کي گڏجي جدوجهد  ڪرڻي گهرجي، جيڪڏهن اڄ اسان سڀ گڏجي متحد ٿي وڃون ته اسان پنهنجي برادري جا مسئلا حل ڪرائڻ سان گڏ پنهنجي نوجوانن کي دنيا ۾ هڪ سٺي مقام تائين پهچائي سگهن ٿا. جيڪڏهن  اسان  کي پنهنجي ڀٽي برادري جي ماڻهن جا  مسئلا حل ڪرائڻا آهن ته اسان کي متحد  ٿيڻو پوندو. جيڪڏهن  اسان متحد نه ٿياسين ته پوءِ ڪڏهن به متحد نه ٿي سگهنداسين. اسان کي اڄ پنهنجي برادري جي ماڻهن لاءِ سوچڻ گهرجي. اڄ اسان کي ڀٽي برادري جي نوجوانن جي تعليم بابت سوچڻو پوندو. اڄ اسان کي مجبور ۽ لاچار ماڻهن جي  مدد ڪرڻ لاءِ  اسان کي سوچوڻ گهرجي. اڄ اسان کي  انهن لاچار ماڻهن جي لاءِ به سوچڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي  بيمار گهر ڀاتين جو علاج نٿا ڪرائي سگهن. 
اچو ته پنهنجي ڀٽي برادري لاءِ سوچيون ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ  هن پليٽ فارم تان انهن جا مسئلا حل ڪيون  جيئن  ڀٽي برادري جا نوجوان دنيا  سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلن ۽  دنيا جي هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي اجاڳر ڪري سگهن ۽ پنهنجي ڀٽي برادري جو نالو روشن ڪري سگهن.  ڀٽي برادري اتحاد انهن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي، جنهن تان اسان سڄي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جي ترجماني ڪري  سگهون ٿا ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرائي سگهون ٿا. اچو ته اسان سڀ متحد ٿيون ۽ پنهنجي  برادري لاءِ سوچيون.

Monday 19 March 2018

Sahib Khan Bhatti with Meer Junejo


Sahib Khan Bhatti with Meer Junejo


Sahib Khan Bhatti with Meer Junejo


Sahib Khan Bhatti with Muhammad and Yaseen Bhatti


Sahib Khan Bhatti with Muhammad and Yaseen Bhatti


Sahib Khan Bhatti with Muhammad and Yaseen Bhatti


Sahib Khan Bhatti with Muhammad and Yaseen Bhatti


Sahib Khan Bhatti with Muhammad and Yaseen Bhatti


Sahib Khan Bhatti with Muhammad and Yaseen Bhatti


Sahib Khan Bhatti with Muhammad and Yaseen Bhatti


Sahib Khan Bhatti with Muhammad and Yaseen Bhatti


sahib khan bhatti with abid


Sahib Khan Bhatti with Muhammad and Yaseen Bhatti


Sahihb khan bhatti with Qazi Abaid


Sunday 11 March 2018

Sahib khan bhatti with Mujeeb Moshori in KTN news


Sahib khan bhatti in KTN news


Sahib khan bhatti in KTN news


Sahib khan bhatti with Shahid ali chana in KTN news


Sahib khan bhatti in KTN news


Sahib khan bhatti in KTN news


Sahib khan bhatti with Fayaz abro in KTN news


Sahib khan bhatti in KTN news


Sahib khan bhatti in KTN news


Sahib khan bhatti in KTN news


آمريڪا ۽ اترڪوريا جو يو ٽرن، دنيا تي ڪهڙا اثر پوندا؟


صاحب خان ڀٽي
دنيا ۾ ٻن سپر پاور ملڪن وچ ڇڪتاڻ دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو پر ڪنهن سوچيو به نه هو ته آمريڪا اتر ڪوريا جهڙي ملڪ سان به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته اتر ڪوريا اهو واحد ملڪ آهي، جيڪو آمريڪا کي مختلف وقتن ۾ ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي، جنهن بعد لڳي رهيو هو ته انهن ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي ۽ هڪ ٻي عالمي جنگ پکڙجي ويندي پر انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ هاڻ گهٽتائي اچي رهي آهي، جيئن ته سال 2018 ع شروع  ٿي چڪو آهي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تنقيد جو نشانو بڻجي رهيو آهي، اُن پنهنجي رويي ۾ تبديلي آندي آهي ۽ ان سان دنيا اندر ڇڪتاڻ به وڌڻ بدران گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي، اُن جو مثال هاڻوڪي آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي وفدن وچ ۾ ملاقاتن مان به لڳائي سگهجي ٿو.  بهرحال آمريڪا جتي سڄي دنيا ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اتي ئي ڪيترائي ملڪ سندس شڪار به ٿيا آهن، جيئن افغانستان ۾  طالبان کي تيار ڪيو ويو ۽  بعد ۾ ڪم پورو ٿيڻ بعد انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ منظم حڪمت عملي تحت  ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن طالبان کي آمريڪي جهاز تحت تيار ڪيو ويو، ان ۾ اسان جي ملڪ به حصو ورتو هو، جنهن جا اثر اڄ به پئجي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ  جون حالتون انتهائي خراب آهن، سوويت يونين کي ٽوڙڻ لاءِ جهڙي ريت طالبانن کي تيار ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت هاڻ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ افغانستان ۾ ڪاررايون ٿي رهيون آهن پر آمريڪا کي ان ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي هاڻ بااختيار ٿي ويا آهن ۽ پاڪستان جي به نه پيا ٻڌن، ڪڏهن مسجدن تي حملا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائن ٿا، مطلب ته اهي دنيا سان گڏ پاڪستان جا به دشمن بڻجي ويا آهن پر ان باوجود آمريڪا انهن سان ڳالهين تيار آهي.
بهرحال هن وقت ته آمريڪا انهيءَ ملڪ سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيڪو کيس مختلف وقتن تي ڌمڪين سان گڏ سندس پابندين کي به نظرانداز ڪندو رهيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به اتر ڪوريا خلاف بيان ڏنا ته اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جون اُن به آمريڪا کي اکيون ڏيکاريون ۽ اهڙا تجربا ڪيا جو دنيا  ٿرٿلي ۾ اچي وئي، ايتري قدر جو اتر ڪوريا اها به دعويٰ ڪئي ته هن اهڙو ميزائل به تيار ڪيو آهي، جيڪو آمريڪا کي به  نشانو بڻائي سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ  مٿس  وڌيڪ پابنديون به لڳايون ويون پر ان باوجود اتر ڪوريا آمريڪا جي هڪ ٻه نه ٻڌي. آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو هو ته ته آمريڪا ايٽمي طاقت رکندڙ اتر ڪوريا کي هر گز قبول نه ڪندو ۽ پابنديون ان وقت تائين جاري رهنديون جيستائين اترڪوريا جي ملڪي انتظاميا پنهنجي ايٽمي پروگرام کي ختم ڪرڻ شروع نه ٿي ڪري.هوڏانهن جاپان به  اتر ڪوريا جي ميزائل تجربن کي وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو هو ته اهڙن ميزائل تجربن سان  دنيا ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو، ايتري قدر جو جاپان جي پارليامينٽ ۾ ان معاملي کي نظر ۾ رکندي هڪ قرر گڏيل طور منظور ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ پيونگ يانگ جي جوهري ۽ ميزائل منصوبن کي خطي ۽ جاپان لاءِ  وڏو خطرو ڪرار ڏنو هو. وزيراعظم شينزو آبي چيو هو ته اتر ڪوريا سان ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي  پر جاپان جي رويي ۾ به تبديلي اچي وئي آهي. پر جڏهن اتر ڪوريا طرفان ميزائل تجربا ڪيا ويا هئا  ۽ مٿس پابنديون لڳايون ويون هيون پر ان  باوجود  هن پنهنجو ايٽمي منصوبو جاري رکيو هو ۽ اڃا به جاري رکيو پيو، ان وقت به جاپان جو چوڻ هو ته اتر ڪوريا جو ميزائل تجربو دنيا لاءِ خطرو هو آهي، پر جڏهن اتر ڪوريا جو ميزائل جاپان جي حدن ويجهو ڪريو هو ته ان وقت به جاپان چيو هو ته اتر ڪوريا بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيو آهي. جيڪو اقتصادي زون ۾ اچي ڪريو،
 جاپان اها به دعويٰ ڪئي هئي ته ته اتر ڪوريا طرفان فائر ڪيل ميزائل 50 منٽ تائين فضا ۾ رهيو ۽ هن جي خصوصي اقتصادي زون ۾ ڪريو جڏهن ته ميزائل جي فضا ۾ موجودگي دوران صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي آگاهه ڪيو ويو. بهرحال اترڪوريا کي سخت ڌمڪيون ڏيندڙ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اتر ڪوريا جي صدر ڪم جون ان سان ملاقات سندس  لاءِ اعزاز جي ڳالهه هوندي. جڏهن ته وائيٽ هائوس جي ترجمان شان اسپائسر جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا کي ڪافي شرط پورا ڪرڻا پوندا، جڏهن ته وائيٽ هائوس طرفان اهو به چيو ويو آهي ته اتر ڪوريا تي پابنديون برقرار رهنديون، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات مئي ۾ ٿيندي. ڪجهه ڏينهن اڳ پنسلوانيا ۾ چونڊ مهم ريلي کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو  هو ته اتر ڪوريا به هاڻ امن چاهي ٿو، اميد آهي ته ڳالهين ۾ وڌيڪ ڪاميابين جو امڪان آهي. ايتري قدر جو آمريڪي صدر اهو چيوآهي ته اتر ڪوريا ڳالهين ٿيڻ تائين ڪو به جوهري تجربو نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ڪيئن گهٽجي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪهڙي ريت پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ وچ اوڀر ۾ آمريڪا طرفان ڇڪتاڻ وڌائڻ وارو سلسلو به تيز ٿي ويندو ۽ افغانستان سميت ٻين ملڪن ۾  آمريڪي ڪارروايون به وڌي وينديون، ڇاڪاڻ ته آمريڪا هڪ ئي وقت  اتر ڪوريا ۽ وچ اوڀر سان منهن نه پيو ڏئي سگهيو، جنهن سبب هن پنهنجي پاليسي ۾ تبديلي آندي آهي.

Saturday 10 March 2018

اليڪشن، ڇڪتاڻ ۽ پرويز مشرف جي اچڻ جا امڪان


صاحب خان ڀٽي
سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين آڻڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ  جي ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي، ٻنهي پارٽين پاران  پنهنجو سينيٽ چيئرمين آڻڻ لاءِ اڪثريت جي به دعويٰ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ٻيون پارٽيون هن وقت سينيٽ چيئرمين جي ڊوڙ کان تمام گهڻو ڏور آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به خواهش ظاهر ڪئي آهي ته هن ڀيري سينيٽ چيئرمين بلوچستان جو هجڻ گهرجي، ان حوالي سان هن سمورا اختيار بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي کي  ڏئي ڇڏيا آهن، سينيٽر قيوم سومرو به اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي بلوچستان جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، جيڪا پيپلزپارٽي لاءِ تمام گهڻو فائديمند به ثابت ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي وڏي وزير قدوس بزنجي به کين خاطري ڏياري آهي، پر نواز ليگ  سينيٽر رضا رباني کي ٻيهر سينيٽ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي پر لڳي نٿو ته پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر  رضا باني کي سينيٽ چيئرمين بڻائيندي ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نوازشريف کان پنهنجا رستا الڳ ڪري ورتا آهن، جنهن سبب هو هاڻ  نوازشريف جي ڪا تجويز  نه ٻڌندو ۽ رضا رباني کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين  مقرر ڪرڻ جا امڪان به انتهائي گهٽجي ويا آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رضا رباني اهو شخص آهي، جيڪو حق ۽ سچ ڳالهائڻ کان ڪڏهن به رڪندو آهي ۽ هو ڪڏهن به ڪنهن آڏو نه جهڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سندس بيان ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳندا آهن ۽ پارٽيون لڏي وينديون آهن ۽ اهي ادارا جيڪي جمهوريت خلاف هوندا آهن، انهن  ۾ ٿرٿلو مچي ويندو آهي، ٻيو اڳواڻ فرحت الله بابر آهي،  جنهن جا بيان به جمهوريت جي مخالفن کي پسند نه هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي سينيٽر  ادارن کي پنهنجي  حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪندا آهن،  جنهن سبب اهي ٻئي اڳواڻ  ملڪ ۾ جمهوريت جي خواهش نه رکندڙ ماڻهن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان چڀندا رهندا آهن. انهن ٻنهي جي بيانن مان لڳي ٿو ته اهي ٻئي ڄڻا سينيٽ چيئرمين نٿا ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به پيپلزپارٽي تي هٿ هلڪو رکيو آهي، ان جو سبب اهو ناهي ته  پيپلزپارٽي وچ ۾ سندس اختلاف ختم ٿي ويا آهن پر ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي نوازشريف ڏانهن ٿورو به ڳالهين جو هٿ وڌايو ته ٻيهر عمران خان، پيپلزپارٽي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪندو ۽ ٻيو مفاهمت جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو به آهي ته پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندڙ بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو آهي.
بهرحال هڪ ڳالهه جي ته پڪ آهي ته سينيٽ چيئرمين نواز ليگ جو ئي ٿيندو  ۽ ان جا امڪان به وڌيڪ آهن. جڏهن ته ٻئي نمبر تي پيپلزپارٽي جا وڌيڪ امڪان آهن، ڀلي اهو ڪنهن به صوبو جو ٿي سگهي ٿو پر ان جو تعلق سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح نواز ليگ سان ئي هوندو. جيئن ته چونڊون به ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جو معاملو به حل ٿي ويندو، ان کان پوءِ سياسي پارٽين پاران جيڪي جلسا ۽ جلوس ڪڍيا ويندا ۽ جيڪا ملڪ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي، ان بابت شايد ڪنهن کي اميد به نه هوندي، ڇاڪاڻ ته سينيٽ چونڊن کان اڳ پرويز مشرف کي ڏيهه آڻڻ جو مطالبو رڳو نوازشريف ئي ڪري رهيو هو پر هاڻ عدالت به کيس ڏيهه جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته پرويز مشرف جي 2018ع جي عام چونڊن ۾ هڪ دبنگ انٽري ٿيندي، باقي رهي ڳالهه ڪيسن جي ته هڪ آمر کي عدالت پيش ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪنهن آمر جو احتساب نه  ٿيو آهي، اهو مان نه پر اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف چئي رهيو آهي.  نوازشريف جون جيڪي به تقريرون جيڪڏهن اسان ٻڌنداسين ته ان ۾ رڳو اهو ئي مطالبو ڪيو آهي ته جن ماڻهن آئين توڙيو اهي غدار آهن ۽ عدالتون انهن خلاف ڪي به ڪارروايون نه پيون ڪن، ايتري قدر جو ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف اسلام جي احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس جي پيشي دوران اهو به چيو هو ته  جن  ججن  پي سي او تحت حلف کنيو هو، انهن به غداري ڪئي آهي.
بهرحال اهو بيان بازي جو سلسلو هلندو رهندو پر سينيٽ چونڊن جو جيڪو دنگل هلي رهيو آهي، اهو به پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي، مسلم ليگ ن جي ڪميٽي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ نامزد ڪيل اميدوارن جي ڪاميابيءَ جي دعويٰ ڪئي آهي، نواز ليگ جي چار رڪني ڪميٽي رپورٽ ڏني آهي ته  اڪثر پارٽيون سينيٽ چيئرمين لاءِ نواز شريف جي تجويز جون حامي آهن ۽ هنن سينيٽ چيئرمين لاءِ حمايت جي خاطري ڪرائي آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مسلم ليگ ن کي سينيٽ ۾ گهربل اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي، هاڻي مسلم ليگ ن آساني سان چيئرمين چونڊرائڻ جي پوزيشن ۾ آهي.
هوڏانهن اليڪشن ڪميشن تازو چونڊيل سينٽرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، چوڌري سرور، همايون اختر، سعديه عباسي ۽ نزهت صادق جا نوٽيفڪيشنز ٻٽي شهريت سبب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي روڪيا ويا آهن،، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن  چيو آهي ته  12 مارچ تي نوان چونڊيل سينيٽر حلف کڻندا، جن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، چوڌري سرور، همايون اختر، سعديه عباسي ۽ نزهت صادق جا نوٽيفڪيشنز ٻٽي شهريت سبب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي روڪيا ويا آهن.جنرل سيٽ تي آزاد اميدوار محمد حسن سيد ۽ محمد اسد علي خان، پاڪستان ملسم ليگ (ف) سيد مظفر حسين، پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان محمد فرغ نسيم، پ پ مصطفيٰ نواز کوکر، سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ، ميان رضا رباني، امام الدين شوقين ڪامياب ٿي ويا آهن.، ٽيڪنو ڪريٽس سيٽ تي پ پ جو ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، رخسانا زبيري ڪامياب ٿي ويا آهن،  اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، عورتن جي مختص سيٽ تي قرت العين مري، ڪشو ٻائي ڪامياب ٿيون ويون آهن، جڏهن ته اقليتي سيٽن تي پ پ پ جو اميدوار انور لال دين ۽ ڪامران مائيڪل ڪامياب ٿيا ويا  آهن. شميم آفريد، مرزا محمد آفريدي، هدايت الله، هلال رحمان آزاد اميدوار طور ڪامياب ٿي ويا آهن.اليڪشن ڪميشن موجب، راڻا محمود الدين حسن، مصدق مسعود ملڪ، ڊاڪٽر آصف ڪرماني  ۽ شاهين خالد به جنرل سينيٽ سيٽس تي ڪامياب ٿي ويا آهن.
جئين ته اسلام آباد  جي خصوصي عدالت. پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽  هاڻ سندس ڏيهه  واپس اچڻ جا امڪان به وڌي ويا آهن، ايتري قدر جو عدالت پرڏيهي آفيس ۽ ايف آءِ اي جي اختيارين کي طلب ڪري ورتو  آهي، جڏهن ته يو اي اي سان ميوچل ليگل اسٽنٽس جو ٺاهه به طلب ڪري ورتو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي ملڪ ۾ انٽري ايندڙ چونڊن  تي ڪيترو اثر انداز ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي  ۾  به  ايم ڪيوايم ۾ بحران هلي رهيو آهي ۽ ان کي   هڪ ئي شخص حل ڪري سگهي ٿو، اهو  آهي پرويز مشرف، ڇاڪاڻ ته   جڏهن هو  ملڪ جو صدر هو ته ان پارٽي  کي هلائي به اهو ئي رهيو هو ۽ سندس هڪ اشاري تي اها پارٽي سمورا ڪم ڪندي هئي ۽  پرويز مشرف  پاڻ به ان جي حمايت ڪندو رهندو آهي، جڏهن ته لنڊن ۾ ترسيل شخص به  ٻين سمورن آمرن کي غدار چوندو آهي، جن آئين ٽوڙيو آهي پر پرويز مشرف کي فرشتو سمجهندو آهي.