Pages

Saturday 29 April 2017

جندال ۽ لڳايل سياسي پنڊال

صاحب خان ڀٽي
هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي ملڪ ۾ سياسي پارٽين طرفان جلسا جلوس ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، هر هڪ پارٽي مخالف پارٽي خلاف بيان ڏئي پنهنجي پنهنجي سياست چمڪائڻ رڌل نظر اچي رهي آهي، مسلم ليگ ن به ملڪ ۾ ترقياتي پيڪيجز جا اعلان ڪري ايندڙ چونڊن لاءِ عوام جون دليون کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي پر افسوس جو اهو سمورا اعلان نيوز ليڪس ۽ پاناما معاملي آڏو ديوار نه بڻجي سگهيا آهن ۽ عوام هن و قت به پاناما جي صاف شفاف جاچ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جو رخ ڪيو  آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ دادو ۾ جلسو به ڪيو ويو هو پر ان باوجود تحريڪ انصاف سنڌ اندر اهو مقام حاصل نه ڪري سگهي آهي، جهڙو پنجاب ۽ ڪي پي ۾ حاصل ڪيو اٿس، هن وقت سنڌ اندر سمورا اهم اميدوار پيپلزپارٽي ۾ آهن ۽ انهن اهم شخصيتن به پ پ ۾ شموليت ڪري ورتي آهي جيڪي بنا ڪنهن پارٽي جي به پنهنجن تڪن تان آساني کٽي سگهن ٿا. جڏهن کان اهم شخصيتون پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيون آهن تنهن ڏينهن کان پيپلزپارٽي جي سنڌ اندر پوزيشن کان اڳ به وڌيڪ مضبوط ٿيندي نظر اچي رهي آهي، رهي ڳالهه فنڪشنل ليگ جي ته، انهن جا به ڪجهه اڳواڻ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيا ويا آهن. ظاهري طور لڳي رهيو آهي ته ايندڙ اليڪشن پيپلزپارٽي سنڌ اندر ماضي جيان اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي، رهي ڳالهه تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي ته ان جي بيانن مان سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻو مايوس به ٿيا آهن ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جڏهن ڪراچي ۾ ايندو آهي ته اتي اچي اهڙا لفظ ڳالهائندا آهيو جنهن تي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو بحث ڇڙي ويندو آهي ۽ اهڙا لفظ ايم ڪيو ايم پاڪستان وارا به استعمال ڪندا رهيا آهن،
هڪ دفعو ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اهڙا ته لفظ ڳالهايا هئا جو مٿس تمام گهڻي تنقيد به ٿي هئي ۽ کيس هڪ سنڌي خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو به ڏيڻو پيو هو.نواز ليگ اڳواڻ به سنڌ جا دورا ڪري رهيا آهن، پيپلزپارٽي به ٻين پارٽين جيان ڪي پي ۽ پنجاب جو رخ ڪيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي صدر آصف زرداري مالاڪنڊ ۾ جلسو ڪيو هو، ان کان اڳ بلوچستان ۾به عوامي جلسن کي خطاب ڪيو هو، جڏهن آصف علي زرداري مالاڪنڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪيو هو ته ان وقت هن چيو هو ته  سڃاڻپ  ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ وارو عمل غلط آهي. بهرحال هن وقت پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ ڌار ڌار جلسا ڪري عوامي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيون آهن. رهي ڳالهه فنڪشنل ليگ ۽ ٻين ننڍن پارٽين جي ته انهن طرفان هن وقت تائين ڪا خاص عوامي رابطا مهم ناهي هلائي وئي.بهرحال هن وقت سموريون پارٽيون مصروف نظر اچي رهيون آهن پر نواز ليگ لاءِ ٿوريون ڏکيائون ضرور پيش اچي رهيون آهن. هڪ طرف جماعت اسلامي پارٽي ته ٻي طرف وري تحريڪ انصاف پارٽي وزيراعظم نوازشريف جي استعفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن. ائين لڳي رهيو  آهي ته وزيراعظم تمام جلد استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو پر حالتون ڪجهه تبديل ٿيندي نظر اچي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته هاڻ ايندڙ چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن ۽ سموريون پارٽيون ايندڙ چونڊن جي تياري ۾ لڳيون ويون آهن، جن مان ڪجهه پارٽيون پاناما ۽ نيوز ليڪس تي سياست چمڪائيندي نظر اچي رهيون آهن. اڳ ۾ نواز ليگ سرڪار تحريڪ انصاف کي منهن ڏئي رهي هئي پر هاڻ سندس دفاع ڪندڙ پارٽي پيپلزپارٽي به ميدان تي لهي آهي.
جئين ته هاڻ چونڊن ۾ ڪجهه عرصو ئي بچيو آهي ته ان حوالي سان هر هڪ پارٽي هڪ ٻي خلاف بيان ڏيندي نظر اچي رهي آهي. هڪ طرف وزيراعظم نوازشريف پاناما ۽ نيوز ليڪس کي منهن ڏئي رهيو آهي ته مٿان وري ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال جي ساڻس ٿيل ملاقات تي به سوال اٿي ويا آهن جن جا جواب ڏيڻ نواز ليگ سرڪار لاءِ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويا آهن. جيڪڏهن هن  وقت نواز ليگ سرڪار ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال جي ملاقات بابت واضع طور قوم کي آگاهه نه ڪيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سندن ناڪامي جو ٻيو وڏو سبب جندال جي ملاقات به بڻجي سگهجي ٿو. هونءَ  ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي اهي خبرون هلي چڪيون آهن ته وزيراعظم نوازشريف سان ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال ملاقات ڪئي هئي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال سميت ڀارت جو ٽه رڪني وفد به شامل هو جيڪو هڪ خاص جهاز جاري ڪابل کان اسلام آباد پهتو هو.ڀارتي وفد ۾ سچن جندال، سوڪيت سنگال، وريندر ببر سنگ شامل هئا. جڏهن ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال جي ڏيهه آمد ٿي هئي ته ان وقت ئي ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال هو ته اها ملاقات تمام گهڻي اهميت رکي ٿي،جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽سرحد تي ڀارت به مختلف وقتن تي ڇڪتاڻ پيدا ڪندو رهيو آهي پر ان باوجود پاڪستان طرفان مسئلي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو آهي پر افسوس ڀارت طرفان هن وقت تائين پاڪستان کي ڪو مثبت جواب نه ڏنو ويوآهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾سچن جندال جو ئي ذڪر ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڀارتي وفد ان وقت ڏيهه آيو آهي جڏهن ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جنهن تي ڀارت طرفان ڌمڪيون به ڏنيون ويون آهن ۽ چيو ويو  آهي ته ڪڀلوشن ياديو ڀارت جو پٽ آهي، جنهن جي لاءِ هو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا،
ايتري قدر جو ڀارت ڪيترائي ڀيرا ڪلڀوشن ياديو تائين سفارتي رسائي به گهري آهي ۽ پاڪستان طرفان پنهنجو واضع موقف به ڏنو ويو آهي  پر ان باوجود ڀارت طرفان ڪلڀوشن واري معاملي تي ڪاوڙ ختم نه ٿي سگهي آهي. هڪ طرف جماعت الحرار جي ترجمان احسان الله احسان جي را بابت انڪشاف آهن ته ٻي وري وري ڪلڀوشن ياديو وري موت جي سزا وارو معاملو  آهي، مطلب ته ٻنهي معاملن تي ڀارت به پاڪستان کان ناراض نظر اچي رهيو آهي پر ان باوجود ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال جي ڏيهه آمد به وڏا سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ نواز ليگ جي سرڪار لاءِ جواب ڏيڻ تمام گهڻوڏکيو ٿي ويو آهي ۽ هر پارٽي طرفان سچن جندال جي دوري بابت پڇيو پيو وڃي. وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز به ڀارتي ٽائيڪون  سچن جندال سان ملاقات بابت بيان جاري ڪيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته مسٽر جندال وزيراعظم جو پراڻو دوست آهي ۽ سندن ملاقات ۾ ڪجهه به ڳجهو نه هيو. اهڙي ملاقات بابت جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو هو ته دوستي ملڪن ۾ هئڻ گهرجي شخصيتن جي نه. بهرحال هن وقت هن وقت سڄي ملڪ ۾ سچن جندال جي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات جا چرچا ٿي رهيا آهن ۽ هر طرف اهي ئي سوال اٿي رهيا آهن ته آخر اهڙي حساس دور ۾ آخر ڪهڙي ريت ڀارتي واپاري وفد پاڪستان جو رخ ڪيو آهي، جڏهن ڪلڀوشن ياديو ۽ احسان الله احسان جا انڪشاف ڀارت جي مداخلت جا چٽو ثبوت ڏئي رهيا آهن . جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاناما ۽ نيوز ليڪس کان پوءِ  نواز ليگ سرڪار کي سچن جندال جي ملاقات ڳچي ۾ پئجي وئي آهي. هونءَ به نواز ليگ سرڪار پي ٽي آءِ ۽  پيپلزپارٽي جي احتجاجن کي منهن ڏئي رهي آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو هو ته ن ليگ عوام کي روڊن تي آڻڻ جي سياست ناهي ڪندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي ته ان وقت نواز ليگ پيپلزپارٽي خلاف احتجاج شروع ڪيا هئا هڪ ته اڳوڻي چيف جسٽس جي بحالي لاءِ احتجاج شروع ڪيو ويو هو ته ٻيو وري بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت احتجاج ڪيا ويا هئا پر ان باوجود پيپلزپارٽي پنهنجو حڪومتي دور پورو ڪيو هو ۽ لڳي پيو ته نواز سرڪار به پنهنجو حڪومتي مدو پورو ڪري وٺندي.

Friday 28 April 2017

تعليمي ايمرجنسي بعد گرفتار ٿيل شاگردياڻيون

صاحب خان ڀٽي
جڏهن کان سنڌ سرڪار طرفان تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي آهي تڏهن کان سنڌ اندر ان جا نتيجا به اچڻ شروع ٿيا ويا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ هڪ پوليس آفيسر گارڊ ساڻ ڪري امتحاني سينٽر تي ڇاپو هنيو ته ٻه ڏينهن اڳ گهوٽڪي جي اي ايس پي آصف بهادر بهادري جو ڪارنامو ڏيکاريندي ٻن نياڻين کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن مان ظاهرٿي رهيو آهي ته واقعي سنڌ اندر تعليمي ايمرجنسي تي عمل جاري آهي، هاڻ اها تعليمي ايمرجنسي جا اڃا وڌيڪ ڪيترا نتيجا سامهون ايندا اهو ته وقت ئي ٻڌائندو. هونءَ ته سنڌ اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، جنهن سبب روزاني اخبارون چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن جي وارداتن سان ڀريل هونديون آهن، سنڌ جو شايد ئي ڪو اهڙو شهر بچيو هجي جتي دهشتگردي يا ٻيو ڪو وڏو واقعو پيش نه آيو هجي، پوليس به  امن امان قائم ڪرائڻ جون  وڏيون وڏيون دعوائون ڪندي رهي آهي پر ان باوجود سنڌ جي عوام پوليس خلاف دانهيندي رهي آهي، ڪٿي بلڊر مافيا سان سهڪار ڪري ڳوٺ ڊاٿا ويندا آهن ته ڪٿي وري بي گناهن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي، پر چوندا آهن ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، هتي به اهو سلسلو هلي رهيو آهي، جنهن سبب ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين هزارين ماڻهو پوليس گردي جو شڪار ٿي چڪا آهن، ڪجهه ماڻهو ته پوليس گردي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ان باوجود اختيارين جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري،
هونءَ ته پوليس طرفان امن امان قائم ڪرڻ جون وڏيون دعوائون ڪيون وينديون آهن پر افسوس جو هن وقت تائين ڪٿي به چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ گهٽتائي ٿيندي نظر نه پئي اچي، جنهن سبب روزاني اهڙين خبرن سان اخبارون ڀريل هونديون  آهن، بهرحال جيڪي پوليس پنهنجن علائقن ۾ چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾گهٽتائي نه ڪري سگهي، اها اڳتي هلي دهشتگردي جي ڪاررواين کي ڪهڙي ريت روڪيندي، بهرحال هن وقت پوليس پنهنجو رخ تعليمي ادارن ڏانهن ڪيو آهي، جنهن سبب تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ خوف واري فضا قائم ٿي چڪي آهي پر اهڙي عمل خلاف ڪو به نوٽيس وٺڻ وارو نه آهي، جنهن سبب سنڌ اندر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گرفتار ڪرڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. جڏهن کان سنڌ اندر نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان شروع ٿي ويا آهن، پوليس اهلڪارن پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي امتحاني سينٽرن جو رخ ڪيو آهي، ايتري قدر جو ڊي سي ۽ ٻيا عملدار به گارڊ ساڻ ڪري امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري رهيا آهن، جن کي ڏسي شاگرد اڃا وڌيڪ پريشاني جو شڪار ٿي وڃن ٿا،
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا پيپر شروع ٿيا  ته هر طرف کان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪجهه شهرن مان ته اهي به خبرون مليون ته ڪجهه ماڻهو صحافتي ذميواريون پوريون ڪرڻ بهاني اٺ ڏهه ماڻهو ساڻ ڪري امتحاني سينٽرن جي  دورو ڪيو، ايتري قدر جو  پاڻ کي چڱو مڙس سڏرائيندڙ به امتحاني سينٽرن جو دورو ڪرڻ لڳا پر افسوس جو تعليمي بورڊن طرفان جوڙيل ٽيمون ڪٿي  به نظر نه آيون، جنهن جو اصل ڪم سينٽرن تي ڇاپا هڻڻ هو، جيڪو ڪم تعليمي بورڊ جي ٽيمن کي ڪرڻو هو ، اهو ڪم ڪامورا ۽ پوليس اهلڪار ڪري رهيا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ به هڪ عورت پوليس اهلڪار وڏي بهادري جو ڪم ڪيو هو، جنهن پاڻ سان گڏ گارڊ ساڻ ڪري هڪ امتحاني سينٽر تي ڇاپو هنيو، جنهن سبب شاگرد تمام خوف ۾ وٺي ويا هئا، ان عورت پوليس اهلڪار جي ڇاپي دوران واري وڊيو ڏسي ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ هوءَ ڪنهن وڏن وڏن دهشتگردن کي پڪڙي  رهي هئي، بهرحال ان وقت به تعليم واري کاتي طرفان  ڪو به ردعمل سامهون نه آيو هو ، جنهن سبب هڪ ٻيو واقعو حيدرآباد کان پوءِ گهوٽڪي ۾پيش آيو،
هن ڀيري شاگرد خوف زده  نه ٿيا هئا پوليس هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو هو، هوءَ ته گهوٽڪي شهر ۾ پوليس ڪيتري حد تائين امن امان قائم ڪيوآهي، ان جي ته سڀني کي خبر آهي پر ٻه ڏينهن اڳ جيڪو واقعو پيش آيو، جنهن تي هر هڪ ماڻهو شرم وچان ڪنڌ جهڪائي پيو ڇڏي، ڇاڪاڻ ته هن ڀيري پوليس ڪنهن  دهشتگرد نه پر ٻن معصوم شاگردياڻين کي ڪاپي ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري موبائل ۾ شهر جو گشت ڪرائيندي رهي،  اي ايس پي گهوٽڪيي آصف بهادر وڏي بهادري جو ڪم ڪاپي الزام هيٺ شاگردياڻين کي شهر جو گشت ڪرائيندو هيو، جڏهن اهڙيون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيون ته ان وقت ايس ايس پي نوٽيس وٺي نياڻين کي آزاد ڪرڻ بدران مختيارڪار جي حوالي ڪري ڇڏيو، مختيارڪار به وڏي بهادري ڏيکاريندي نياڻين کي ڊي سي جي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو، بهرحال نياڻين کي آزاد ته ڪيو ويو پر افسوس جو اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪومت هن وقت تائين ڪو به قدم نه کنيو آهي، جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کي سڀ ڪم ڪرڻا آهن ته پوءِ جيڪي اسڪول بند پيا آهن، انهن کي پوليس کولرائڻ لاءِ ڪي قدم ڇو نه کڻي آهي، هونءَ  ته حڪومت وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي ته تعليم اندر وڏا سڌرا آندا پيا وڃن، جيڪڏهن نياڻين کي ڏوهارين جيان گرفتار ڪرڻ تعليم ۾ سڌار ا آهن ته ان کان ڀينگ ڀلي آهي،
هونءَ ته اسان جي ملڪ ۾ ناڻو لٽي ٻاهرن ملڪن جي بينڪن ۾ رکندڙن خلاف جيڪي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، اهي سڀني جي سامهون آهن، جيڪڏهن هن وقت تعليم جي بهتري لاءِ حڪومت قدم کڻي ته شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي ٿو. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ خبرون  آهن ته آءِ جي سنڌ گهوٽڪي واقعي جو نوٽيس وٺندي اي ايس پي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جاچ ٽيم به جوڙي ڇڏي  آهي، بهرحال اها ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته جنهن به معاملي کي لئه مٽي ڪرڻو هوندو آهي ته ان جي لاءِ جاچ ٽيم جوڙي ويندي آهي ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيل نياڻين سان ناانصافي واري واقعي جو به حشر به اهو ئي ٿيندو، جيڪو ماضي ۾ جوڙي جاچ ٽيمن ڪيو آهي. هن وقت هر طرف اهو بحث هلي رهيو آهي ته سنڌ اندر ڪاپي جي ڌم متل آهي پر هن وقت تائين اهم مسئلي بابت ڪو به بحث نه ڪيو آهي ته جيڪي اسڪول بند پيا آهن انهن کي کولرائڻ جو ڪم ڪنهن جو آهي ۽ جيڪي استاد اسڪول نه ٿا وڃن انهن کي اسڪول اچڻ لاءِ ڪهڙي ريت پابند بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، پر حڪومت بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ ڪي تڪڙا اپاءُ نه ورتا آهن، ظاهري طور ته  تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي آهي پر  اها ايمرجنسي امتحاني سينٽرن تي  ڇاپا هڻي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي گرفتار ڪرڻ تائين محدود نه ڪيو وڃي، ڪاپي کي روڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ٻارڙن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري آهي پر افسوس جو هن وقت تائين  تعليمي نظام ۾ ڪا خاص بهتري اچي نه سگهي آهي، جنهن سبب ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن. جيڪڏهن وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومت چاهي ته سنڌ اندر تعليمي نظام بهتر ٿي سگهي ٿو ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن عملي طور قدم کنيا وڃن باقي اعلانن سان ڪجهه به نه ٿيندو.

پاناما ۽ نيوز ليڪس ۾ ڦاٿل نواز سرڪار

صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس کان پوءِ نيوز ليڪس ۾ ڦاٿل نواز ليگ سرڪار خلاف تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جو احتجاج جاري آهي ۽ استعيفيٰ جو به مطالبو ڪيو پيو وڃي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته کيس پاناما معاملي تي پئسن جي آڇ ڪئي وئي آهي، جنهن تي سموريون سياسي ڌريون هڪ ڀيرو ٻيهر تحرڪ ۾ اچي ويون آهن، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به پئسا ڏيڻ جي آڇ واري معاملي کي سنجيده قرار ڏنو آهي، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 10 ارب رپيا ڪا ننڍي ڳالهه نه  آهي ۽ عمران خان جيڪو چيو آهي ان جا کيس ثبوت به پيش ڪرڻا پوندا. هڪ طرف نواز ليگ سرڪار پاناما معاملي کي منهن ڏئي رهي آهي ته مٿان وري نيوز ليڪس وارو معاملو به وڌي رهيو آهي، ان بابت به ڪجهه سياسي اڳواڻن جو خيال آهي ته نيوز ليڪس ۾ ڪنهن سرڪاري آفيسر کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويندو، بهرحال هن وقت نواز ليگ سرڪار به اهڙن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، جهڙي ريت پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٿيو هو، جڏهن آصف زرداري صدر هو ته ان وقت به ميمو گيٽ سميت ٻيا کوڙ سارا مسئلا پيپلزپارٽي لاءِ پيدا ٿيا هئا، هڪ تحريڪ مشرف دور ۾ معطل ڪيل چيس جسٽس وارو معاملو هو ته ٻي طرف وري نواز سرڪار به پيپلزپارٽي خلاف احتجاج ڪري رهي هئي، ان دور ۾ ائين لڳي رهيو هو ته پيپلزپارٽي پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندي پر  ائين نه ٿيو هو، صرف پيپلزپارٽي کي وزيراعظم تبديل ڪرڻ جي ضرورت پئي هئي،
هن ڀيري وري نوازشريف آهي ۽ مسئلا  به پيپلزپارٽي جي دور وانگر سنگين آهن، هڪ طرف نيوز ليڪس جي جاچ هلي رهي آهي ته ٻي طرف وري پاناما بابت جاچ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت چونڊن ۾ ٿورو عرصو ئي رهجي ويو آهي ۽ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به نوازشريف کي حڪومت ڇڏڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ سراج الحق چيو هو  نواز سرڪار اڪثريت ۾ آهي، وزيراعظم نوازشريف استعيفيٰ ڏئي جيستائين پاناما جاچ مڪمل نٿي ٿئي، جيڪڏهن جي آءِ ٽي ۾ ڏوهه ثابت نه ٿئي ته پوءِ ڀلي کڻي ٻيهر وزيراعظم ٿئي جنهن تي کين ڪو به اعتراض نه هوندو، پر ان باوجود نواز ليگ طرفان ڪو به اهڙو خاص بيان ناهي جاري ڪيو ويو جنهن مان لڳي ته وزيراعظم نوازشريف پنهنجو ڇڏي ڏيندو. هونءَ ته سموريون سياسي پارٽيون هن وقت ملڪ اندر پاناما ۽ نيوز ليڪس تي سياست چمڪائي رهيو آهن پر ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي، بجلي جي بحران سميت ٻين اهم مسئلن تي ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي، سمورين پارٽين کي صرف پاناما ۽ نيوز ليڪس ئي نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب هر طرف پاناما ۽ نيوز ليڪس جا ئي چرچا آهن،
هاڻ ته سڄي پاڪستاني قوم به چاهي ٿي ته نيوز ليڪس بابت جاچ وائکي ڪئي وڃي ۽ پاناما تي جلد جاچ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي و ڃي ته جئين خبر پئجي سگهجي ته آخر معاملو ڇا آهي؟ ۽ انهن جا ذميوار ڪئين آهن، هونءَ ته هر هڪ سياستدان پاناما تي پنهنجا پنهنجا بيان ڏئي رهيو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به سياستيدان انهن ماڻهن خلاف ناهي ڳالهايو، جن جون آفشور ڪمپنيون آهن، هونءَ ته عمران خان به پنهنجي آفشسور ڪمپني بابت ٻڌائي چڪو آهي ۽ ٻيا به کوڙ سارا اهڙا ماڻهو آهن جن پنهنجي آفشور ڪمپنين بابت ٻڌايو آهي،  هونءَ ته سڄي دنيا ۾ پاناماليڪس معاملو ختم ٿي چڪو آهي پر  بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ اهو معاملو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ سياسي اڳواڻ به ان اهم مسئلي تي پنهنجي بيانبازي جو سلسلو جاري رکندا پيا اچن. جيڪڏهن نواز ليگ سرڪار جي پاناما مان جند آجي به ٿئي وڃي ٿي ته نيوز ليڪس واري معاملي جي وضاحت نواز ليگ سرڪار لاءِ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندي، جڏهن ماڊل ٽائون سانحو پيش آيو ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو هو ته هو شريف ڀائرن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندو ۽ هو ماڊ ٽائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏياريندو، پر افسوس جو ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ به هن وقت تائين مڪمل نه ٿي سگهي  آهي ۽ نه ئي متاثرن جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي،
ماڊل ٽائون سانحو ته نوازسرڪار جي ڳلي ۾ اٽڪيل آهي، مٿان وري پاناما ۽ نيوز ليڪس جي به جاچ ٿي رهي آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان هاڻ صرف بيان ڏيڻ ۾ پورو نظر اچي رهيو آهي، ڪڏهن عمران خان پنهنجي توپن جو رخ پيپلزپارٽي ڏي ڪندو آهي ته ڪڏهن وري نواز سرڪار ڏانهن، مطلب ته عمران خان ٻنهي پارٽين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو آهي، هن ڀيري جڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان دادو ۾آيو ۽ جلسي کي خطاب ڪيو ته ڪجهه تجزيه نگار چئي رهيا هئا ته عمران خان هن ڀيري چونڊن ۾ ڪيتريون ئي سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، ته ڪجهه سياستدان چئي رهيا هئا ته عمران خان جي سنڌ آمد سان ڪو به فرق نه پوندو.هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ ٻيون جماعتون وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪنديون يا وري اهو وقت ائين گذري ويندو، جئين هن وقت تائين گذرندو رهيو آهي، بهرحال هن وقت حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن، جنهن سبب ملڪ اندر سياسي سرگرميون به تيز ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان پيپلزپارٽي طرفان به سڄي ملڪ ۾ احتجاجن ۽جلسن جلوسن جو  سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.  جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف ۽ ٻين جماعتن طرفان جلسا ڪيا ويا آهن ۽ سڀني پارٽين طرفان نواز سرڪار تي ئي تنقيد ڪئي وئي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ  خورشيد شاهه به نيوز ليڪس معاملي کي حساس قرار  ڏئي ڇڏيو  آهي، جڏهن کان سپريم ڪورٽ طرفان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو آهي تنهن ڏينهن کان ڪجهه پارٽيون سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪري رهيون  آهن ته ڪجهه وري سياستدان  چئي رهيا آهن  ته نوازشريف کي رعايت ڏني وئي آهي ته ڪجهه سياستدان سپريم ڪورٽ جي فيصلي  جي واکاڻ ڪئي وئي هئي  ۽ نواز سرڪار پاران ته مٺايون ورهايون ويون  آهن. مطلب ته درخواستگذر به خوش  هئا ته الزام هيٺ آيل ڌربه خوشيون ملهايو، لڳي ائين رهيو هو ته ٻئي ڌريون فيصلي تي راضي هيون، بهرهال هن وقت ان کان به وڌيڪ نيوز ليڪس وارو به آهي، جنهن جي به جاچ هلي رهي آهي پر هن وقت تائين ان سان نوازسرڪار تي ڪو به اثر نه پيو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازسرڪار ڪهڙي ريت پاڻ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍندي، جيڪڏهن هن وقت ڪو به فيصلو آيو ته نوازسرڪار لاءِ باقي رهيل ڏينهن گذارڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو ۽ حڪومت ختم ٿيڻ جا به خدشا وڌي ويندا، جيڪڏهن هن وقت به اهڙي سنجيده معاملي تي ڪنهن ڀرپور نموني سان آواز نه اٿاريو ته اهو معاملو به حڪومت ختم ٿيڻ تائين هلندو رهندو، هونءَ ته پاناما وارو معاملو به تمام گهڻو وڌي ويو آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته کيس پئسن جي آڇ ٿي آهي، تنهن کانپوءِ  سڄي ملڪ ۾ هڪ نئون بحث ڇڙي ويو آهي، جنهن سبب سمورا سياستدان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته  آخر ڪهڙو شخص آهي جنهن عمران خان کي ڏهه  عرب رويپن جي آڇ ڪئي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر تحريڪ انصاف سربراهه  عمران خان ڪهڙي ريت نيوز ليڪس ۽ پاناما وارو معاملو حل ڪري؟ ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته اڳتي هلي عمران خان ڪهڙي حڪمت عملي جوڙيندو ته جئين سڄي ملڪ ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ٿي سگهي.

Tuesday 25 April 2017

Daily Fast times larkana, Sahib khan bhatti


Daily Fast times larkana, Sahib khan bhatti


Daily Awami Mahaz karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami Mahaz karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sarwan karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Kalyan Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Barkha karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Barkha karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Barkha karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Kalyan Hyderabad, Sahib khan bhatti article


وزيراعظم کان ٿيندڙ استعيفيٰ جو مطالبو

صاحب خان ڀٽي
وڏي ڪورٽ جي وڏي فيصلي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر سياستدان ميدان تي لهي آيا آهن، ڪجهه جماعتون سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مٺايون ورهائي رهيون آهن ته ڪجهه وري سپريم ڪورٽ جي ججن کي سلام پيش ڪري رهيون آهن، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪندي وزيراعظم نوازشريف کان ٻيهر استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه اڳواڻ چئي رهيا آهن ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو نوازشريف جي حق ۾ آهي ته ڪجهه وري عمران خان جي حق ۾ قرار ڏئي رهيا آهن، مطلب ته ٻئي پارٽيون فيصلي تي خوش نظر اچي رهيون آهن پر پيپلزپارٽي هن ڀيري ن ليگ کان ٿورو وڌيڪ ئي ڪاوڙيل نظر اچي رهي  آهي، جنهن سبب وزيراعظم کان فوري طور استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو  آهي، ق ليگ اڳواڻ چوڌري  شجاعت حسين جي رهائشگاهه تي ڪجهه ڏينهن چار پارٽين جو اجلاس ٿيو هو ، ايتري قدر جو جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قيادت چوڌري شجاعت سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن بعد هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم کان  به استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو هو، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چئي رهيو آهي ته پاناما فيصلو تاريخي هو، جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو. عمران خان ته اهو به چيو هو ته تاريخ ۾ پهريون ڪنهن وزيراعظم خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  پيپلزپارٽي جي  حڪومتي دور ۾ ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي به هٽايو ويو آهي ته پوءِ آخر ڪهڙي ريت اهو تاريخ ۾ پهريون ٿيو آهي،
 هڪ ٻي اڳوڻي وزيراعظم خلاف قانوني ڪارروائي شروع ٿي هئي، وزيراعظم نوازشريف پهريون وزيراعظم آهي جنهن جي خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، بهرحال هن وقت پيپلزپارٽي کي به وفاق جون ناانصافيون ۽ زيادتيون ياد اچي ويو آهن، جنهن سبب هڪ ٻه ڏينهن اڳ سڄي سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، پاڻي جي کوٽ ۽ مسئلن خلاف ڌرڻا هنيا ويا هئا پر ان باوجود ن ليگ جي ڪن تي جونءَ به نه چري هئي، هونءَ ته سنڌ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ناانصافيون ٿينديون پيون اچن پر ان باوجود پيپلزپارٽي طرفان  اهڙي نموني احتجاج نه ڪيو ويو هو، جهڙي ريت هن وقت احتجاج ڪيو پيو وڃي، هونءَ ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي پر ان باوجود ان اهم مسئلي تي پيپلزپارٽي طرفان ڪڏهن به اهڙي ريت احتجاج نه ڪيو ويو  آهي، جهڙي ريت هن وقت ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اهڙا  ڪيترائي ڪچي جا علائقا آهن جتي بجلي جي سهولت نه هئڻ جي برابر آهي، ايتري قدر جو  ڪيترن ئي ملازمن کي پگهارون به نه ملي رهيون آهن جيڪي روزاني جي بنياد تي احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن جي دانهن ورنائڻ وارو ڪير نه آهي، جڏهن  سنڌ جي استادن پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويو هو ته ان وقت سنڌ حڪومت طرفان انهن استادن تي واٽرڪينن ۽ لاٺي چارچ جو استعمال ڪيو ويو هو، ايتري قدر جو ٻين پارٽين طرفان به احتجاج ڪيا ويا هئا  پر انهن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي.
بهرحال هن وقت پيپلزپارٽي وفاق کان تمام گهڻو ناراض نظر اچي آهي، جنهن سبب وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو هو ته هنن ن ليگ جو ساٿ ان ڪري ڏنو هو جو کين جمهوريت کي بچائڻو هو، پر هاڻ هو نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا، اهڙي صورتحال باوجود وزيراعظم نوازشريف  هن وقت تائين پيپلزپارٽي سان ڪا خاص ڳالهه نه ڪئي آهي ۽  نه ئي وري هن وقت تائين سمررين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ٻنهي پارٽين  ۾ ويڇا وڌي ويندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبلي ۾ چيو هو ته کين خدشو آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي ساٿين کي متان طالبان کي وڪرو نه ڪيو وڃي ۽ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن سندن هڪ ماڻهو کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ڪيس وفاقي حڪومت تي داخل ڪرايو ويندو. هن وقت جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي آصف زرداري جي ويجهي ساٿيجي گمشدگين تي نواز سرڪار کان بلڪل ناراض نظر اچي رهي آهي، باقي رهي ڳالهه تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان  جي ته ان طرفان هن ڀيري ڪو خاص رد عمل نه ڏيکاريو ويو آهي،
پاناما ڪيس جي فيصلي بعد جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون کوڙ ساريون جماعتون وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن پر ان باوجود ن ليگ اڳواڻ پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ بعد خوشي وچان مٺايون به ورهائي رهيا آهن، هڪ طرف حڪمران جماعت جا ڪارڪن جشن ته ٻي طرف مخالف تنظيمون وزيراعظم نوازشريف کي فوري طور وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ جو مطالبو  ڪندي نظر اچي رهيون آهن، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ته وزيراعظم نوازشريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ڪرپٽ چئي ڇڏيو آهي، ايتري قدر جو  آصف علي زرداري بابت بيان ڏيندي اهو به چيو آهي ته آصف زرداري ڪرپٽ آهي پر منافق نه آهي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به وزيراعظم کي عهدو ڇڏڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ چيو آهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي بعد وزيراعظم نوازشريف صادق ۽ امين ناهي رهيو، جنهن سبب کيس عهدي تي نه رهڻ گهرجي، هڪ ٻه ڏينهن اڳ لاهور ۾ به ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته نون ليگ اڪثريت  ۾ آهي، ڪنهن ٻئي کي به وزيراعظم بڻائي سگهجي ٿو، جي آءِ ٽي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ڀلي ٻيهر وزيراعظم ٿئي جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض نه هوندو.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ ٻيون جماعتون پاناما فيصلي تي وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ راضي ڪري وٺنديون يا وري ماضي جهڙي ريت ڌرڻن ۽ احتجاجن واري سياست شروع ڪئي وئي هئي، اهڙو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويندو، بهرحال هن وقت سڄي ملڪ صرف هڪ بحث ٿي رهيو آهي اهو پاناما ئي آهي، هن ڀيري تحريڪ انصاف بدران پيپلزپارٽي نواز ليگ تي ٿورو وڌيڪ ڏمريل نظر اچي رهي آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي جو هن ڀيري وزيراعظم نوازشريف پيپلزپارٽي کي پرچائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ نه ئي پيپلزپارٽي جي احتجاجن بابت ڪو خاص بحث ڪيو ويو آهي. رهي ڳالهه وفاق طرفان سنڌ ٿيندڙ زيادتين جي ته اهو ڪا نئين ڳالهه نه آهي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان قومپرست ڌريون احتجاج به ڪري رهيون آهن پر انهن جي احتجاجن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو هو، هاڻ صرف فرق ايترو آهي جو پيپلزپارٽي  وفاق جي ناانصافين جو راڳ ڳائي رهي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صرف وفاق کي گيس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ته ان وقت نواز ليگ اڳواڻ خاموش ٿي ويا هئا، ان مان صاف ظاهر آهي ته وفاق سنڌ کي ڪيترا حق ڏئي رهيو آهي، معدني وسيلن جي ڦرلٽ بابت صرف سنڌ جي ڪامورن کي ئي خبر آهي پر افسوس جو اهو اعليٰ ايوان ۾ ان بابت آواز نه اٿاريندا آهن، جيڪڏهن سنڌ جا وزير چاهين ته وفاق ڪڏهن به سنڌ جي حصي جو پاڻي، بجلي ۽ گيس روڪي نه ٿو سگهي ۽ سنڌ کي سمورا حق ملي ويندا.


Monday 24 April 2017

Daily Waka karachi, Sahib khan bhatti


Daily Waka karachi, Sahib khan bhatti


Daily Waka karachi, Sahib khan bhatti


Daily Awami Soach karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami Soach karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami Soach karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Sujag Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Pak karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sobh, Sahib khan bhatti article


Saturday 22 April 2017

پاناما تي هنيل ڌرڻن سان ڇا مليو؟

صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس معاملي کانپوءِ ملڪ اندر ته باهه ٻري وري هئي هر طرف احتجاجن جو سلسلو هو، دشتگردي هجي يا وري ٻيو ڪو بحران ڪجهه سياستدان ٻيا سڀ ڪم ڪار ڇڏي صرف ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ لڳي ويا هئا، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو هو ته پاناما ۾ معاملي بعد وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي پر وزيراعظم نوازشريف استعيفيٰ نه ڏني هئي، پر جڏهن تحريڪ انصاف طرفان ڌرڻا هڻڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو هو ته ان وقت نواز ليگ ٿورو پريشان ٿي وئي هئي، هڪ طرف عمران خانا پاناما معاملي تي نواز شريف کان استعيفيٰ گهري رهيو هو ته مٿان وري پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه طاهر القادري ماڊل ٽائون سانحي ۾ وزيراعظم ۽ شهباز شريف خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيو هو، ائين لڳي رهيو هو ته وزيراعظم نوازشريف تمام جلد گهر ڀيڙو ٿي ويندو ۽ کيس استعيفٰي ڏيڻي پوندي پر ائين نه ٿيو ، نه ته وزيراعظم نوازشريف گهر ويو ۽ نه ئي احتجاجن جو سلسلو ختم ڪرڻ جو ڪو اعلان ڪيو ويو آهي،
جڏهن پاناما فيصلي جي تاريخ ويجهي آئي ته هر طرف صرف اهي ئي چرچا هئا ته عدالت نوازشريف کي نااهل قرار ڏيندي ته ڪجهه سياسي اڳواڻ ميڊيا تي بيان ڏيندي نظر اچي رهيا هئا ته پاناما ڪيس وقت جو زيان آهي، جڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي ڪجهه گهڙيو رهجي ويون هيون ته ان وقت عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان زلزلو اچي ويندو ۽ هي تاريخي فيصلي سان عوام وزيراعظم نوازشريف کي چاليهه سال ته ڇا صدين تائين وساري ڇڏيندو پر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ئي ٿيو، جڏهن سپريم ڪورٽ طرفان فيصلو ٻڌايو ويو تڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سپريم ڪورٽ جي ججن کي سلام به پيش ڪيو هو ۽ وزيراعظم نوازشريف کان هڪ ڀيرو ٻيهر استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو، هن ڀيري پيپلزپارٽي به نوازشريف جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن جا به ظاهري طور کوڙ سارا سبب نظر اچي رهيا آهن،
هڪ ته پيپلزپارٽي بجلي جي بحران جي ذميوار به نوازسرڪار کي ڏئي رهي آهي، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، هڪ طرف تحريڪ سربراهه عمران خان ته ٻي طرف اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به نوازشريف جي مخالف ٿي ويو آهي ۽ هن ڀيري نواز سرڪار جو ساٿ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جونئير ججن جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو ته 9 مهينا قوم سان مذاق ڪيو ويو، عدالتي فيصلي سان جمهوريت کي نقصان پهتو، نوازشريف کي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، اهڙي بيان جي رد عمل ۾ ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو ته آصف علي زرداري عدالت جي توهين ڪئي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ڀيري پاناما معاملي تي عمران خان ٿورو  خاموش ٿي ويو آهي، فيصلي کان اڳ تحريڪ انصاف سربراهه چيو هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو تاريخي هوندو، جڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان دنيا ٻڙڌڪ مچائيندڙ پاناماليڪس جو فيصلو ٻڌائيندي معاملي جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جوڙڻ ۽ وزيراعظم، حسن ۽ حسين  نواز کي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو ته ان جي رد عمل ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ججن کي سلام ڏيندي وزيراعظم نوازشريف کان هڪ ڀيرو ٻيهر استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو.پاناما جي فيصلي بعد مخالف ڌر وزيراعظم نوزاشريف کان مطالبو ڪري ڇڏيو آهي،
وفاقي وزير سعيد رفيق ان مطالبي تي رد عمل ڏيکاريندي چيو آهي ته وزيراعظم صادق امين ۽ آهي ۽ هو استعيفيٰ ڇو ڏئي؟، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جسٽس کوسا پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته وزيراعظم نوازشريف صادق امين نه رهيو آهي. بهرحال سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد نواز ليگ ۾ سرهائي ڇائنجي هئي ۽ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن طرفان مٺائي به ورهائي وئي هئي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان، شيخ رشيد ۽ نواز ليگ اڳواڻن طرفان چيو ويو هو  ته عدالت جو جيڪو به فيصلو ايندو، هو ان کي قبول ڪندا ۽ ائين ٿيو، جڏهن  سپريم ڪورٽ جي فيصلي جون گهڙيون ويجهو اچي چڪيون هيون ته ان وقت سڄي قوم جون نظرون صرف پاناما فيصلي تي لڳل هيون، جڏهن فيصلي جو ڏينهن آيو ته ان ڏينهن ڪاروبار به ٻاڙائي جو شڪار ٿي ويو هو ۽ هر هڪ اهو سوچي رهيو ته آخر اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟  بهرحال سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٻڌل پنج رڪني بينچ 26 ٻڌڻين بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جيڪو 547 صفحن تي ٻڌل هو، جنهن کي ججن جي2-3 جي ججن جي راءِ جي اڪثريت سان لکيو ويو هو. جڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه آيو هو تڏهن سڀ اهو ئي سوچي رهيا هئا ته هي فيصلو به يوسف رضا گيلاني جي فيصلي وانگر ئي هوندو پر اهو فيصلو ان کان ابتڙ هوندو، جنهن تي پيپلزپارٽي به پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هڪ دفعو ٻيهر پاناما معاملي تي ملڪ اندر هلچل مچي وئي آهي، جنهن سبب لڳي ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪجهه سياسي پارٽيون ميدان ۾ لهي اينديون ۽ سياست چمڪائينديون، عمران خان به هن ڀيري ٿورو صبر وارو رويو اختيار ڪيو آهي ۽ ڪو به جذباتي بيان نه ڏنو آهي، پر پيپلزپارٽي طرفان ڌماڪيدار پريس ڪانفرنس ڪئي وئي ۽ نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ٻنهي پارٽين هڪ ڀيرو ٻيهر اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن، ماضي ۾ ته  تحريڪ انصاف سربراهه اسلام  آباد ۾ ڌرڻا هنيا هئا ۽ ڪجهه ماڻهن سرڪاري چينل جي آفيس اندر به داخل ٿيا هئا ايتري قدر جو روڊ بند ٿيڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پريشان به ٿيا  هئا، ڌرڻن جي سياست سبب هڪ طرف عوام پريشان ٿي رهيو هو ته مٿان وري حڪمران به پنهنجا سمورا ڪم ڇڏي صرف احتجاج ڪئين ختم ڪرائجن واري پاليسي تي گامزن هئا، جنهن سبب عوام کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ملڪ اندر ڇا ٿي رهيو آهي،
 هڪ طرف پاناما معاملي تي سڄي ملڪ ۾ ڌرڻن واري سياست هلي رهي هئي ته ٻي طرف وري انهن ڌرڻن کي ناڪام بڻا.ئڻ لاءِ ڪجهه سياسي اڳواڻ ميدان تي لهي آيا هئا ۽ سياستدانن طرفان اهڙي ٻولي استعمال ڪئي پئي وئي جنهن جو ڪنهن ڪڏهن سوچيو به نه هو، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ نواز ليگ اڳواڻن طرفان ته سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي هئي، هر طرف ڪرپشن جو ذڪر ٿي رهيو هو،  هشتگردي، بي روزگاري ۽ ٻيا مسئلا ڪنهن کي به نظر نه اچي رهيا هئا،  ڌرڻا ۽ احتجاج ڪري اهو سمجهيو ويندو هوندو ته هاڻ ڪرپشن جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي، هڪ ٻه ڏينهن اڳ ميڊيا تي خبرون هلي رهيون هيون ته پيپلزپارٽي به هن ڀيري نوازشريف جو ساٿ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي به اهي خبرون نشر ٿيون آهن ته پاناما فيصلي ۾ مريم نواز نظر نه آئي آهي، بهرحال  قوم پاناما معاملي تي ٿيل وڏا وڏا احتجاج ڏٺا آهن ۽ اسلام آباد کي بند ڪرائڻ جا اعلان به ڪيا ويا هئا، ايتري قدر جو ڊي چوڪ تي به ڌرڻن سبب عوام پريشان ٿي ويو هو، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي هنيل احتجاجن سان عوام کي ڪهڙو فائدو مليو يا وري جيڪو اڳوڻو آصف علي زرداري پنهنجي بيان چيو آهي ته قوم سان مذاق ڪيو ويو آهي، اهو درست ته نه آهي.

Thursday 20 April 2017

بجلي جو بحران ۽ احتجاج جو فيصلو

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج جو سلسلو ٿي رهيوآهي پر صوبائي حڪومت توڙي وفاقي حڪومت بجلي جي اڻاعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف اڄ تائين ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي ۽ نه بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف بجلي جي بحران جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڪجهه پلانٽس مرمتي ڪم سبب بند آهن جنهن سبب بجلي جو بحران پيدا ٿيو آهي، اهو ۽ بحران ڪجهه ڏينهن رهي سگهي پر هو ان بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو هو، پر وفاقي سرڪار اڃا به ان ڳالهه تي پير ڄمائي بيٺل آهي ته سنڌ اندر بجلي چوري ٿي رهي آهي، اهو ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو وفاقي سنڌ تي اهڙا الزام لڳايا ويا هجن اڳ به اهڙا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن، هن وقت سنڌ ۾ بجلي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، هڪ طرف گرمي آهي ته مٿان وري بجلي جي لوڊيشيڊنگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ماڻهو ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،
هونءَ ته نواز ليگ سرڪار چار سال کان مٿي اقتدار ۾ رهندي صرف اهي ئي دعوائون ڪندي رهي آهي ته هون بجلي جي لوڊشيدنگ جو خاتمو آڻي ڇڏيندا پر هن وقت تائين بجلي جي بحران ته ضابطو نه اچي سگهيو، هونءَ ته اسان جي ملڪ کي قدرت معدني وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي پر افسوس جو  انهن قدرستي وسيلن کي استعمال ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪي به خاص قدم نه کنيا آهن، هونءَ ته اسان اعلان ته روز ٻڌندا آهيون ته سنڌ مان نڪرندڙ ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪئي ويندي پر هن وقت تائين نه ته  بجلي پيدا ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو اچي سگهيوآهي، ڪجهه وفاقي وزير ته صرف بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سبب ڊيمن کي قرار ڏئي رهيا آهن، جن جو چوڻ آهي جيڪڏهن ڊيم هجن ها ته بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ مان گيس ۽ ڪوئلو نڪري رهيو آهي پر ان باوجود صرف اهو چوڻ ته ڊيم هجڻ ڪري بجلي جو بحران ٿيو آهي، اهو سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪڏهن وفاقي سرڪارڪوئلي مان بجلي پيدا تيار ڪري ها ته اڄ هن ملڪ اندر بجلي جو بحران پيدا نه ٿئي ها ۽ نه اڄ هن ملڪ جو عوام سخت گرمي ۾ پريشان ٿئي ها.
پيپلزپارٽي به ڪڏهن به بجلي جي بحران خلاف ايوان ڀرپور نموني آواز نه اٿاريو آهي پر هڪ ٻه ڏينهن اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪل اندر وڌندڙ لوڊشيڊنگ کي ڏسندي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو ۽ ڪارڪنن کي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيدنگ خلاف احتجاج جي هدايت ڪئي  هئي، ان سان گڏوگڏ وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس به ٿيو هو، جنهن دوران وزيراعظم نوازشريف عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو هو، ايتري قدر جو وزيراعظم نوازشريف بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت به جاري ڪئي هئي پر افسوس جي هن وقت تائين بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو ختم نه ٿي سگهي آهي، پاڻي ۽ بجلي بابت مملڪتي وزير عابد شير علي ته سنڌ تي بجلي جي چوري جو الزام لڳائيندو رهيو آهي، ايتري قدر جو هن اڳوڻي صلاحڪار مولا بخش چانڊي کي بخش نه ڪيو هو ۽ ان خلاف به بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن مولابخش به بجلي چوري ڪندو ته ان جي بجلي ڪاٽي ويندي، بهرحال هن وقت بجلي جو بحران سڄي ملڪ ۾ سنگين ٿي  ويو آهي، جنهن سبب ماڻهو پريشان ٿي ويا آهن، 
مملڪتي وزير عابد شير علي پنهنجي بيانن ۾ چئي رهيو آهي ته انهن علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌيڪ ڪئي پئي وڃي جتي بجلي جي چوري تمام وڌيڪ ٿي رهي آهي،  عابد شير علي ته سنڌ تي بجلي جي چوري جو الزام به لڳائيندو رهيو آهي، جهن جي جواب  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو هو ته بجلي جي چوري پنجاب ۾ ٿي رهي آهي بس فرق ايترو آهي ته اهي ماڻهو وائکا نه ٿي رهيا آهن، هونءَ ته وفاقي حڪومت بجلي جي بحران جي خاتمي جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي پر افسوس جو سنڌ جا ڪيترائي علائقا هن وقت به بجلي جي سهولت کان محروم بڻيل آهن، ڪجهه عرصو اڳ اهو چيو ويو هو ته جن ڳوٺن ۾ بجلي نه آهي، انهن ڳوٺن ۾ بجلي فراهم ڪئي پئي ويندي پر انهن علائقن ۾ بجلي  ته نه پهچي سگهي پر ايترو ضرور ٿيو جو ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جون رهتون ڄاڻائي انهن جا ڪنيڪشن ئي ڪاٽيا ويا هئا، هن وقت به سنڌ جا ڪيترائي اهڙا شهر آهن جتي بجلي جي فراهم نه ٿيڻ برابر آهي، جن علائقن ۾ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي انهن علائقن اندر  ٽرانسفر به سڙيل آهن، جيڪي تبديل نه پيا ڪيا وڃن، جنهن سبب رهواسي مجبور ٿي احتجاج ڪندا رهيا آهن ۽ اهڙيون خبرون روز ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، هن وقت به ملڪ اندر بجلي جي صورتحال بهتر نه آهي، هڪ طرف قهر جي گرمي  آهي ته مٿان وري بجلي جي لوڊشيڊنگ به وڌيڪ ٿي رهي آهي پر حڪومت اهڙو ڪو به قدم نه کڻي رهي آهي جنهن سان بجلي جو بحران جو خاتمي اچي سگهي، هن وقت خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙين علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ڳوٺاڻا احتجاج به رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن پر حڪومت انهن جي احتجاج تي ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، جنهن سبب هڪ ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ته مٿان وري گرمي جي لهر شهرين جا حال بي حال ڪري ڇڏيا آهن،
موسميات کاتي طرفان به موسم گرم رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو  پر ان باوجود بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽائڻ لاءِ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت ڪو به عملي قدم نه کڻي سگهي آهي، هڪ ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سخت گرمي آهي ته مٿان وري بجلي جي بحران سبب منجهند جي وقت بجلي جي بندش کي به منهن ڏيڻو پئي ٿو. هاڻ جڏهن ملڪ اندر بجلي جو بحران وڌي ويو آهي ته تڏهن بلاول ڀٽو زرداري به سڄي ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج جو سلسلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن بعد لڳي رهيو آهي ته هن سخت گرمي جي موسم ۾ وفاقي حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪو نه ڪو قدم ضرور کڻندي،  جيڪڏهن هن وقت به بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ ڪي خاص قدم نه کنيا ويا ته بجلي جو بحران اڃا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو،ان جي لاءِ  حڪومت کي وڌيڪ پلانٽس قائم ڪري بجلي جي بحران تي جلد ضابطو آڻڻو پوندو، باقي رهي ڳالهه بجلي جي چوري جي ته بجلي صرف سنڌ نه سڄي ملڪ ۾ چوري ٿي رهي آهي ۽ اهڙو بيان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به ڏنو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازليگ سرڪار  ڪهڙي ريت بجلي جي بحران کي منهن ٿي ڏئي.

Wednesday 19 April 2017

Daily Barkha karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Barkha karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sukaar Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Kalyan Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Sarwan karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Waka karachi, Sahib khan bhatti


Daily Mehran Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Sobh, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Jeejal News Paper, Sahib khan bhatti article


Daily Jeejal News Paper, Sahib khan bhatti article


صوفين جي سرزمين تي پکڙجندڙ انتهاپسندي

صاحب خان ڀٽي
2010ع جي مها ٻوڏ جي اچڻ سان سنڌ جا لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا هئا، خبر ئي نه هئي ته ان ٻوڏ ۾ هتان جي ماڻهن جو الهه تلهه لڙهي ويندو ۽ سنڌ ڪيترائي سال پوئتي هلي ويندي، هن وقت سنڌ اندر مها ٻوڏ کان به وڌيڪ خطري واري صورتحال آهي، مها ٻوڏ ۾ ته صرف ماڻهن جا اجها لُڙهي ويا هئا پر هاڻ ته مها ٻوڏ کان به وڌيڪ دهشتگردي جي ٻوڏ اچي وئي هئي ۽ سمورن دهشتگردن سنڌ ڏانهن رخ اختيار ڪري ڇڏيو آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو صوفين جي سرزمين کي امن جي ڌرتي سڏيو ويندو آهي، دهشتگردن ان ڪري به سنڌ جو رخ ڪيو  آهي جو هتان جو ماڻهو امن، محبت ۽ پيار جو درس ڏيندا آهن ۽ اها ڳالهه دهشتگردن کان هضم نه ٿيو  ۽ انهن سڌ جو امن امان خراب ڪرڻ لاءِ شرافت وارو ويس واڍي پنهنجيون ڪهريون ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيو  آهي، ڪڏهن دهشتگرد معصوم ماڻهن کي جنت جي لالچ ڏئي ڌماڪا ڪرائي رهيا آهن ته ڪڏهن وري سنڌ ۾ دهشتگردي پکيڙڻ  جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، مها ٻوڏ ۾ ته  اي جي اوز ۽ ٻين تنظيمن خوب ڪمايو پر ان سان گڏوگڏ اتان جي  مقامي سياستدانن به پنهنجا کيسا ڀريا آهن، اڳ ۾ چيو ويندو هو ته سنڌ اندر ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جي گنجائش نه آهي پر هاڻن ته هتان جون ڇوڪريون به دهشتگرد تنظيمن ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن، هڪ ٻه ڏينهن اڳ به وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن پر افسوس جو هن وقت تائين ملڪ اندر امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي آهي، جيڪڏهن ماضي ئي ۾ سڪيورٽي جا انتظام بهتر ڪيا ويا آهن ته اڄ ملڪ اندر ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جي موجودگي جي ڪا گنجائش نه بچي ها، پر اهو  تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ ۾ موجود دهشتگردن جي سهولتڪارن کي به حراست ۾ ورتو ويندو،
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي شهر ڄامشورو ۾ لمس جي شاگردياڻي پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي  وارثن به سندس ڳولا ڪئي  وئي هئي، پوليس چئي رهي هئي ته نورين لغاري پنهنجي مرضي سان لاهور وئي هئي ۽ سندس ڳولا لاءِ به ڪوشش ڪئي وئي، پر جڏهن آءِ ايس پي آر طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو ته نورين لغاري کي دهشتگردن سان مقابلي دوران هٿ ڪيو ويو هو، جنهن پنهنجو اعترافي بيان به جڏهن ته اهي به چوٻول هئا ته ملڪ اندر سندس بيان معاملي کي اڃا وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويو آهي، جيڪڏهن هن وقتم ملڪ اندر امن امان جي صورتحال بحال هجي ته  امام بارگاهن ۽ مسجدن ۾ ڪڏهن به آپگهاتي ڌماڪا نه  ٿين ها ۽ نه ئي نورين لغاري جهڙيون ڇوڪريون داعش جي ڪهري تنظيم ۾ شامل ٿئي ها، ڪجهه ماڻهو ته نورين لغاري کي قانون موجب سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري ماڻهو کيس رعايت ڏيڻ جو به مطالبو ڪري رهيا آهن، بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت ڪهڙا قدم کڻي ٿي، جيڪڏهن هن وقت به امن امان جي صورتحال تي ضابطو نه آيو ته ايندڙ وقت ۾ اڃا حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو وڌي ويندو. جيڪڏهن ملڪ ۾ امن امان بحال ڪرائڻو آهي ته پوءِ هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
جڏهن آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ته پاڪستان اندر به ان جا اثر تمام سامهون نظر آيا، پاڪستان اندر به دهشتگرد ايترو ته سرگرم ٿي ويا جو مسجدن، امام بارگاهن ۽ اسڪولن کي به نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب ڪيترائي بي گناهه ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا پر افسوس جو انهن دهشتگردن جي جي ملڪ اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڪي خاص قدم نه کنيا ويا، جنهن سبب مختلف دهشتگرد تنظيمون افغانستان رستي ملڪ اندر داخل ٿي پنهنجي ناپاڪ اردان ۾ ڪامياب ٿينديون رهيون، هن وقت به ملڪ اندر ڪيتريون دهشتگرد تنظيمون آهن جن خلاف ردالفساد آپريشن به جاري آهي پر هن وقت به دهشتگرد تنظيمون ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ پنهنجو مشن جاري رکيون پيون اچن، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سڄي دنيا دهشتگردي جي لهر پکڙجي وئي هئي ته به پاڪستان اندر امن هو پر اڄ ڪلهه سمورن دهشتگردن صرف پاڪستان کي نشانو بڻايو آهي، ڪڏهن مسجدن تي حملا ڪيا ويا ته ڪڏهن امام بارگاهن کي نشانو بڻايو، ايتري قدر جو دهشتگردن معصوم اسڪولي  ٻارڙن کي به بخشيو هو، هن وقت ملڪ اندر ٿورو امن ضرور قائم ٿيو آهي پر دهشتگرد هن وقت لڪي ويا آهن پر اهي پنهنجي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن. اڳ ۾ دهشتگرد پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪارروايون ڪندا هئا پر هاڻ انهن سنڌ ڏانهن به رخ ڪيو آهي، ماضي ۾ اسان وڏي فخر سان چوندا هئاسين ته سنڌ اندر ڪا به دهشتگرد تنظيم نه آهي پر هاڻ ڪجهه حالتون تبديل ٿي ويون آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب به ڌارين جي لوڌ آهي، جيڪي هن وقت سنڌ ۾ آباد ٿي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي هوا کي هٿي ڏيارڻ ۾ مصروف آهن پر حڪومت ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ بدران انهن کي ترسائڻ جا منصوبا جوڙي رهي آهي، جنهن سبب هڪ ته صوبن ۾ اختلاف وڌي  رهيا آهن ته ٻي طرف وري ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن سنگين ٿينديون پيون وڃن،
سنڌ جو به هن وقت اهو ساڳيو ئي حال آهي، جئين ٻين صوبن جو آهي پر هن وقت تائين وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ان لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي، جنهن سبب ڏينهون ڏينهن بي چيني پکڙجندي پئي وڃي ۽ هر هڪ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن مذهبي انتهاپسندي پکيڙيندڙن جي انت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه ملڪ اندر حالتون انتهائي سنگين ٿي ويون آهن، جيڪڏهن هن وقت ملڪ اندر امن امان جي صورتحال لاءِ ڪي قدم نه کنيا ويا ته اڳتي هلي حالتون ڪنٽرول مان نڪري وينديون، ماضي ۾ ته اسان سنڌ کي صوفين جي سرزمين سڏيندا هئاسين پر اڄ ڪلهه دهشتگردن صوفين جي هن جنت کي دوزخ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اهي دهشتگرد ڪڏهن مسجدن تي حملا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻائن ٿا، جيڪڏهن ڌارين جي لوڌ کي هتان ڪڍيو وڃي ته جئين امن امان جي  صورتحال بحال ٿي سگهي. هونءَ ته سنڌ حڪومت به دهشتگردن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي هئي پر امن تڏهن ئي قائم ٿيندو جڏهن  صوفين جي سرزمين ۾ انتهاپسنداڻي سوچ کي ختم ڪيو ويندو نه ته هتي امان امان جي صورتحال ساڳي ئي رهندي.جڏهن سيوهڻ ۾ ڌماڪو ٿيو هو تڏهن به سنڌ جي دهشتگردن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو، سڪيورٽي ادارن جاچ ڪري انهن جي ساٿين کي به حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن دوران ڪجهه دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي به گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن بعد لڳي رهيو هو ته جن دهشتگردن سنڌ جو رخ ڪيو هو اهي پنهنجي دهشتگرد ڪارواين ۾ ڪامياب ٿي رهيا  آهن.ڪجهه ماڻهو ته اهو به چئي رهيا آهن جيڪي ماڻهو شرافت جو ويس اوڍي  صوفين جي سرزمين ۾ داخل ٿيا آهن انهن سنڌ جو امن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي،

Monday 17 April 2017

Sahib khan bhatti


Daily Awami Soach karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Pak karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Pak karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Wafa-e-sindh karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sobh, Sahib khan bhatti article


Daily Sukaar Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Pak karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


دنيا اندر استعمال ٿيندڙ خطرناڪ هٿيار

صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اچڻ کانپوءِ خطي جون حالتون تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جا حامي ۽ مخالف هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويا آهن،  مخالف آمريڪي شهر واشنگٽن ڊي سان کان ويندي ڪيليفورنيا تائين احتجاج ڪندي مطالبو ڪري رهيا آهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجا ٽيڪس گوشورا ظاهر ڪري ٻي صورت ۾ هو احتجاج  جاري رکندا، ايتري قدر جو آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ جي حامين ۽ مخالفن ۾جهيڙو  به ٿي پيو هو، جنهن  دوران پوليس پهچي ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪيو  هو ۽  جهيڙو ڪرڻ جي الزام هيٺ 14 ڄڻن کي حراست ۾ به ورتو ويو هو. هونءَ ته آمريڪا ۾ دهشتگرد ڪارروايون ٿينديون رهنديون آهن پر  افغانستان، شام، عراق ۽ ٻين ملڪن ۾ حد کان وڌيڪ دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب ڪيترائي معصوم شهري مارجي چڪا آهن پر ان باوجود گڏيل قومن  طرفان ماڻهن جي حفاظت لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، جنهن سبب شام جو عوام تمام گهڻو پريشان آهن. هڪ طرف سڪيورٽي  ادارن جي بمباري سبب ماڻهن جا گهر تباهه ٿي رهيا آهن ته مٿان  دهشتگرد به انهن جي ٻچن جون حياتيون کسي رهيا آهن، گڏيل قومن شام جي ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.
ٻي مهاباري جنگ ۾ 6 آگسٽ 1945ع تي آمريڪا جاپان تي ايٽم بم ڪرايو هو جنهن دوران لکين ماڻهو موت جو شڪار ٿيا هئا، جنهن بعد اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما جاپان پهچي هيروشيما جو دورو ڪيو هو پر ان باوجود اهو اڄ به جاپان جا ماڻهو تقريبون ڪوٺائي مارجي ويلن جي يادگار تي حاضري ڀريندا آهن پر افسوس جو اهڙا واقعا روڪرائڻ لاءِ ڪو به اڳتي نه وڌي رهيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ شام ۾ به ڪيمائي هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا، جڏهن شام ۾ ڪيمائي هٿيارن جو استعمال ٿيو هو ته ان جي هر هڪ طرفان مذمت طرفان مذمت به ڪئي وئي هئي ڇاڪاڻ ته ڪيميائي هٿيارن ۾ مارجي ويلن سڀ کان  وڏو معصوم ٻارڙن جو هو، هڪ طرف شام ۾ آمريڪي اتحادي فوج بمباري ڪري رهي آهي ته مٿان وري شامي فوج جون ڪارروايون به اتي جاري آهن، جنهن سبب شام جي صورتحال انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي، اهڙي ريت افغانستان جون حالتون به انتهائي خراب آهن، بس فرق صرف ايترو آهي ته شام ۾ بشارالاسد کي هٽائڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن، افغانستان ۾ دهشتگردن کي مارڻ لاءِ ڪارروائي ٿين پيون، شام ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين ۾ به عوام مارجي رهي آهي ته دهشتگرد به عوام  کي نشانو بڻايو رهيا آهن، افغانستان جي صورتحال ان کان تبديل نه آهي، شام ۽ افغانستان ۾ آمريڪي اتحادي فوجي ئي ڪارروايون ڪري رهيا آهن، شام ٿيل اتحادي فوجين جي ڪاررواين جي سعودي عرب به حمايت ڪري پيو پر ايران ان جي نه ته حمايت ڪئي آهي ۽ نه ئي و اضع تي مخالفت ڪري رهيو  آهي پر ايترو ضرور آهي جو هن وقت آمريڪا  ايران ۽ اتر ڪوريا کان ٿورو  پريشان نظر اچي رهيو آهي.  آمريڪي فوج ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان ۾ شدت پسند تنظيم جي ٺڪاڻ تي 9800 ڪلو گرام وزني بم ڪرايو هو. آمريڪي فوج طرفان اهو به چيو ويو هو ته افغان صوبي ننگر هار ۾ دهشتگردن جي  سرنگهن تي ٻڌل ڪمپليڪس کي به تباهه ڪيو ويو آهي. آمريڪا طرفان جيڪو بم  ڪرايو ويو هو، ان جو سڀ کان پهرين  تجربو 2003ع ڪيو ويو هو، ان بم جو اڳ ڪڏهن به استعمال نه ڪيو ويو هو.وائيٽ هائوس جي ترجمان شان اسپائسر طرفان چيو ويو هو ته آمريڪا داعش جي سرنگهن کي ٽارگيٽ ڪيو هو،جنهن جي ذريعي دهشتگرد آساني هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ٿي رهيا هئا.  بهرحال  ان کان اڳ به افغانستان ۾ اسپتال تي بم اڇلايا  ويا هئا، جنهن دوران به ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا صرف فرق ايترو آهي جو ان وقت اسپتال تي  بم  اڇلايا ويا هئا ۽ هاڻ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. شام  جي به ساڳئي صورتحال آهي، اتي به ڪجهه ڏينهن ڪار بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا.
جڏهن شام ۾ ڪيميائي حملن جون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيون هيون ته ان وقت روس، شام ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن پاران ڪيميائي حملن کي سازش قرار ڏنو ويو هو ، ايران، روس ۽ شام پاران عالمي سطح تي معاملي جي جاچ جو مطالبو به ڪيو ويو هو،  ايتري قدر جو شام ۾ ڪيميائي حملن کان پوءِ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف، ايراني هم منصب جواد ظريف سان گڏ ٽه ملڪي ويهڪ بعد گڏيل پريس به ڪئي هئي، جنهن دوران هنن چيو هو ته ٽنهي ملڪن شام جي بحران کي پر امن طريقي سان حل ڪرڻ تي گڏيل موقف اپنايو آهي، شام جي پرڏيهي وزير طرفان به آمريڪي جارحيت جي مذمت ڪئي هئي، شامي پرڏيهي وزير چيو هو ته سندن حڪومت ڪيميائي هٿيار نه ته ڪڏهن دهشتگردن خلاف  استعمال ڪيا آهن ۽ نه ئي عوام خلاف استعمال ڪيا آهن.هن چيو ته انهن مبينا ڪيميائي حملي بعد عالمي فيڪٽ اينڊ فائينڊنگ ڪميٽي طرفان شفاف ۽ فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به شام تي پهرين فوجي ڪارروائي ڪندي شامي ايئربيس تي ڪروز ميزائل فائر ڪيا  پرڏيهي ميڊيا طرفان چيو ويو آهي ته آمريڪا روم سمنڊ ۾ موجود پنهنجي سامونڊي ٻيرن ذريعي شام جي شهر حمس ۾ شعيرات ايئربيس تيي ڪروز ميزائل فائر ڪيا هئا، جنهن ۾ شامي هوائي فوج جي جهازن ۽  تيل جي اسٽيشنن کي نشانو بڻايو ويو. شام تي آمريڪي ڪارروائي بعد روس سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو به ڪيو هو، پر سعودي عرب آمريڪي هوائي ڪارروائي جي حمايت ڪئي هئي، بهرحال هن وقت دنيا اندر خطرناڪ هٿيارن جو استعمال انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه عرصو اڳ عراق ۾ ڪيمائي هٿياربندن آمريڪا انڪشاف ڪيا هئا ۽ عراق تي حملو به ڪيو ويو هو پر هٿيار هٿ نه اچي سگهي هئا پر شام ۾ مبينا ڪيميائي هٿيارن جي استعمال بعد لڳي رهيوآهي ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي شام ۾ اڃا وڌيڪ ڪارروايون ڪندا جنهن سبب معصوم ماڻهن جون حياتيون زيان ٿيڻ جو به خدشو وڌي ويو آهي، هڪ طرف اترڪوريا ميزائل تجربا ڪري رهيو آهي ته  ٻي طرف وري آمريڪا کيس ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي، اتر ڪوريا طرفان به آمريڪا کي ڀرپور جواب ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، جنهن بعد لڳي رهيو آهي ته آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا گڏجي اتر ڪوريا خلاف ضرور ڪو قدم کڻندا، ڇاڪاڻ ته ايران کان پوءِ اتر ڪوريا به آمريڪا سان مقابلو ڪرڻ واري پوزيشن ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا بحال نه ٿيا ته مستقبل ۾ انهن ٻنهي ملڪن ۾ ويڙهه ٿي سگهي ٿي،  جيڪڏهن آمريڪا ۽ اتر ڪوريا ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي ته اڳتي هلي انهن ملڪن ۾ ويڇا اڃا وڌيڪ ٿي ويندا، هونءَ ته شام ۽ افغانستان هٿيارن جو استعمال ٿي رهيو آهي پر ڪجهه ڏينهن اڳ شام ۾ ڪيل بمباري سبب مارجي ويل ماڻهن جي وارثن سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي انهن متاثر ماڻهن کي محفوظ ٺڪاڻن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا وياآهن، هن وقت گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته شام ۾ امن امان قائم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي ۽ طاقتور ملڪن کي ڳرا هٿيار استعمال ڪرڻ کان روڪي ته جئين معصوم ماڻهن جون قيمتي جانيون زيان ٿيڻ کان بچي سگهن.


Sunday 16 April 2017

ڪلڀوشن جي سزا ۽ ڀارت جون ڌمڪيون

صاحب خان ڀٽي
2016ع ۾ جڏهن ڪلڀوشن ياديو کي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو، تڏهن ڀارت پاران کيس قبولڻ کان انڪار ڪيو هو، پر جڏهن کان ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي جي سزا ڏني وئي ته ڀارت طرفان کيس پٽ جو درجو به ڏنو ويو ۽ پاڪستان کي ڌمڪيون به ڏنيون ويون آهن، جنهن بعد ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ جو خدشو به وڌي ويو آهي، ڀارت طرفان ڪلڀوشن ياديو جي قونصل خاني تائين پهچ جو به مطالبو ڪيو آهي، ملڪ جا سياستدان به ڪلڀوشن معاملي تي هڪ ميز تي آهن،  وفاقي وزير چوڌري نثار، دفاع واري وزير خواجا آصف ۽ سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي به ڪلڀوشن جي موت واري سزا کي ملڪ جي قانون موجب قرار ڏنو آهي پر ان باوجود ڀارتي سرڪار پاڪستاني حڪومت تي ڏمريل نظر اچي رهي آهي، هڪ طرف ڀارت پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته ٻي طرف پاڪستان مختلف الزام به لڳايا پيا وڃن، ڀارت جي اڳوڻي دفاع واري وزير منوج پاريڪر ته پاڪستان خلاف سخت بيان ڏئي رهيو آهي، گذريل ڏينهن به هڪ پرڏيهي خابرو اداري کي ڀارت جي اڳوڻي دفاع واري وزير منوج پاريڪر سان ڳالهائيندي  چيو ته ڪلڀوشن ياديو کي طالبان ايران مان اغوا ڪيو هو. بهرحال هن وقت ڀارت ڪلڀوشن معاملي تي ڌمڪيون تي لهي آيو آهي ۽ پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي، پر هن وقت تائين ڪنهن به ٻئي ملڪ ٻنهي ملڪن ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جي ڪوشش نه ڪئي اهي ۽ نه ڀارت کي ڌمڪيون ڏيڻ کان روڪي رهيو آهي، هڪ طرف ڀارت ڌمڪيون پيو ڏئي ته مٿان هڪ جاسوس کي بچائڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو آهي، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز به ڪلڀوشن ياديو تي واضع  موقف اختيار ڪندي چيو هو ته ڀارت  جا لڳايل الزام بي بنياد آهن، ڀارت کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي،
هونءَ ته ڪلڀوشن ياديو جاچ دوران ڪيترائي انڪشاف ڪيا هئا ۽ سندس نشاندهي تي ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو ويو هو. جڏهن ڪلڀوشن جي گرفتاري عمل ۾ آئي هئي تڏهن سڪيورٽي ادارن طرفان ٻڌايو يو هو ته ڪلڀوشن ياديو وٽان مختلف ملڪن جا پاسپورٽ به هٿ ڪيا ويا هئا، سڪيورٽي ادارن طرفان چيو ويو هو ته ڪلڀوشن ياديو ملڪي سلامتي کي نقصان پهچايو ۽ سندس دهشتگرد ڪاررواين سبب ڪيترائي گهر اجڙي ويا هئا، هڪ ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو هو ڪلڀوشن ياديو را جي لاءِ جاسوسي ڪري رهيو هو، کيس قانون مججب فيلڊ ڪورٽ مارشل ڪيو  ويو ۽ ان ۾ ڪلڀوشن ياديو جو اعترافي بيان به پيش ڪيو ويو هو. سرتاج عزيز چيو هو ته ڪلڀوشن ياديو جو اعترافي بيان فوجداري ضابطي تحت رڪارڊ ڪيو ويو ۽ کيس صفائي پيش ڪرڻ لاءِ آفيسر جي سهولت به فراهم ڪئي وئي.سرتاج ڪلڀوشن بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته 25 مارچ 2016ع ۾ ڪلڀوشن ياديو جو اعترافي بيان سامهون آيو هو، ان کان 23 ڏينهن اڳ کيس گرفتار ڪيو ويو هو، ڦاهي جي منظوري 10 اپريل تي ڏني وئي، بهرحال جڏهن کان ڀارت طرفان ڌمڪيون ڏيڻ جو  سلسلو شروع ٿيو آهي، تڏهن کان پاڪستان جا سياستدان به ميدان ۾ لهي آيا آهن، سياسي سماجي تنظيمن جا سياستدان چئي رهيا آهن ته ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ فيصلو درست آهي ۽ هڪ جاسوس جي سزا موت ئي هجڻ گهرجي،
هڪ طرف ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف واويلا ڪري رهي آهي ته مٿان وري ڀارتي سرڪار به ڪلڀوشن معاملي تي ميدان ۾ اچي وئي آهي، جنهن سبب پاڪستان به نئون دستاويز تيار ڪري ورتي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان طرفان تيار ڪيل نئين ڊوزئير ۾ ڪلڀوشن ياديو جي جاچ به شامل ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو ڪلڀوشن ياديو جو اعترافي بيان سميت عدالتي بيان به شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان طرفان چيو ويو آهي ته تيار ڪيل نئون ڊوزيئر گڏيل قومن سميت عالمي ادارن ۽ پاڪستان ۾ مقرر سفيرن کي ڏنو ويندو. ذريعن طرفان  اهو به چيو ويو آهي ته نئين دستاويز ۾ پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جون شاهديون به شامل ڪيون ويون آهن ۽ ان ڊوزئير کي عالمي ادارن ڏانهن به موڪليو ويندو. جيتوڻيڪ هن وقت صرف ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي پر ان باوجود ڀارت آپي ۾ نڪري ويو آهي ۽ جنهن شخص کي اڳ سڃاڻڻ کان انڪاري هو اڄ ان کي پٽ جو درجو به ڏنو پيو وڃي، ڪجهه عرصو اڳ وزيراعظم نوازشريف ڪلڀوشن ياديو واري معاملي کي گڏيل قومن ۾ اٿاريو هو ۽ اهم اڳواڻن سان ملاقاتن دوران ڀارت جي پاڪستان اندر مداخلت کان آگاهه ڪيو هو پر ڀارت اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو، هن وقت اهو ملڪ ڪلڀوشن ياديو کي ڇڏائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، جنهن کي پاڪستان را جو ايجنٽ قرار ڏئي چڪو آهي، ايتري قدر جو ڪلڀوشن ياديو پاڻ به اعتراف ڪري چڪو آهي ته هو ڀارتي ايجنسي راءِ جي لاءِ جاسوسي ڪندو هو،
ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج به ڪلڀوشن جي سزا تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ۽ پنهنجي جاري ڪيل بيان ڪلڀوشن ياديو کي ڀارت جو پٽ آهي، کيس بچائڻ لاءِ هو ڪنهن به حد تائين وڃي  سگهن ٿا، اهڙو بيان سشما سوراج سينيٽ ۾ ڏنو هو. سشما سوراج اهو به چيو هو ته ڪلڀوشن معاملي کان آگاهه آهن، ڪلڀوشن خلاف ڪارروائي بعد پاڪستانکي ٻطرفن لاڳاپن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي. سشما سوراج جا بيان پنهنجي جڳهه تي پر هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ ويڇا وڌڻ جو به خدشو وڌي ويوآهي پر هڪ ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته جڏهن کان ڪلڀوشن کي ڦاهي ڏيڻ وارو معاملو اٿيو آهي تنهن ڏينهن کان ڀارت پريشان ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ ڀارت طرفان ڪلڀوشن جي معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ڀارت طرفان  اهو به چيو ويوآهي ته جيڪڏهن کين ضرورت محسوس ٿي ته هو وڪيل به ڪندا، اهڙي بيان کان پوءِ پنجاب جي وڪيلن به سمورن وڪيلن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو ويوآهي ته جيڪڏهن ڪو وڪيل ڪلڀوشن جي اپيل وارو ڪيس وڙهندو ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، بهرحال اهو وڪيلن جو ڪم آهي ته اهي ڪيس وٺن ٿا يا نه پر پاڪستان طرفان واضع ڪيو ويو آهي ته  ڪلڀوشن ياديو کي پنهنجي سزا خلاف اپيل ڪرڻ جو قانوني حق حاصل آهي،
صلاحڪار سرتاج عزيز به ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته جيڪڏهن اپيل ڪورٽ ڪلڀوشن جي سزا کي برقرار رکڻ چاهي ٿي ته هو فوج جي سربراهه کان پنهنجي سزا خلاف رحم جي اپيل ڪري سگهي ٿو.هونءَ ته ڀارت ڪلڀوشن ياديو جي معاملي تي پاڪستان کان ڪن لاٽار ڪندو رهيو آهي پر جڏهن کان کيس ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي تنهن ڏينهن کان ڀارت ڪلڀوشن ياديو تائين سفارتي پهچ جو مطالبو ڪندو ريوآهي،  ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ مقررر ڀارتي هاءِ ڪمشنر گوتم بمباوالا پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري تسنيم جنجوعا سان ملاقات ڪري  ڪلڀوشن ياديو تائين سفارتي پهچ جو مطالبو ڪيو هو، بهرحال هن وقت ڀارت جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ هو ڪلڀوشن ياديو کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ پاڪستان کي به ڌمڪيون به ڏئي  رهيو آهي،  ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ مداخلت ڪري رهيو هو جنهن سبب ملڪ اندر دهشتگردي جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن پر جڏهن کان ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستان ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي تنهن ڏينهن کان ملڪ ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ گهٽتائي آئي آهي، جيتوڻيڪ هن وقت ڀارت پاڪستان کي ڌمڪيون ڏي رهيو آهي پر ان جو کيس ڀرپور جواب به ملي رهيو آهي.