Pages

Wednesday 13 December 2017

احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي ٿيل حڪومتي ڏاڍ

صاحب خان ڀٽي
هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، جن جي حل لاءِ صوبائي سرڪار ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي، سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف وري سنڌ جي شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مُهيا نه ٿي رهيو آهي پر ان باوجود سنڌ سرڪار جي اها دعويٰ آهي ته هنن سنڌ کي پيرس بڻائي ڇڏيو آهي، پيئڻ جي صاف پاڻي بابت ته سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي چُڪي آهي، جنهن بعد وڏو وزير مراد علي شاهه به فارم ۾ اچي ويو آهي پر هن وقت تائين آباگارن جي احتجاج جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي، جڏهن به ڪنهن جائز مطالبن لاءِ  احتجاج ڪيو آهي ته سنڌ سرڪار انهن سان ڳالهيون ڪرڻ بدران انهن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو آهي، پير مظهر الحق جي دور ۾ جيڪي استادن جون ڀرتيون ڪيون ويون، جڏهن انهن کي پگهارون نه مليون ۽ جعلي  ڀرتيون قرار ڏنيون ويون ته استاد سراپا احتجاج بڻجي ويا پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ نه چري،
جڏهن ڪراچي استادن احتجاج ڪيو ته  حڪومت ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران استادن تي لٺيون وسايون ۽ انهن مٿان واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ۽ تشدد ڪرڻ بعد ڪيترن ئي استادن کي حراست ۾ ورتو  هو، ان سان گڏ جڏهن نرسن جائز مطالبن جي ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ته ان وقت به سنڌ سرڪار جا جٿا تيار  ويٺا هئا، انهن سان به ساڳيو ئي حشر ٿيو، مطلب ته اسٽيل مل کان وٺي سمورا ادارا حڪومتي بي ڌياني سبب تباهه ٿي رهيا آهن، هاڻ ته ان کان به وڌيڪ ظلم ٿي رهيو آهي، سنڌ جو دارو مدار زراعت تي آهي ۽ ان کي تباهه ڪرڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن، هڪ ته آبادگارن کي وقت سان پاڻي نه پيو ملي ته ٻيو وري نقلي دوائون مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ٻج به نقلي  ملي رهيو آهي،
ايتري قدر جو آبادگار اهو به چئي رهيا آهن ته کين اصلي يوريا ڀاڻ به نه ملي رهيو آهي، پر ان باوجود حڪومت آبادگارن، هارين جي هڪ به نه ٻڌي رهي آهي، اهڙي ريت سارين، ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند ۽ ٻين فصلن جا اگهه وفاقي سرڪار  هن وقت تائين مقرر نه ڪري سگهي آهي، پنجاب سميت ٻين صوبن آبادگارن، هارين کي وڌيڪ اگهه ڏنا پيا وڃن پر سنڌ ۾ حڪومتي ڏاڍ سبب آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، جيڪي فصل خريد ڪري رهيا آهن ، اهي به حڪومت ۾ ويٺل آهن، جن خلاف غريب، مضلوم هاري احتجاج به ڪري ته ڪجهه نه ورندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪمند جي فصل کي باهه ڏئي ساڙڻ تي هاري مجبور ٿي ويا آهن  پر حڪومت انهن جا مسئلا ٻڌڻ بدران انهن تي وحشياڻو تشدد ڏئي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته  سندن حڪومتي رٽ قائم آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي اها ئي سنڌ سرڪار آهي، جنهن سنڌ دشمنن پاران فيڪٽرين، دڪانن ۽  گهرن مان زبردستي يرغمال بڻائي ماڻهن کي سنڌ اسيمبلي ويجهو ڌرڻو هڻايو هو ، جن ماڻهن ڌرڻو هنيو، انهن کي اها به خبر نه هئي ته اهو ڇا جي ڪري ڌرڻو هڻي رهيا آهن ۽ نه ئي وري انهن جو تعلق هن صوبي سان  هو ۽  سنڌ سرڪار انهن سان ڳالهيون ڪيون ۽ جوس پياري احتجاج ختم ڪرايو هو پر  افسو س جو سنڌ سرڪار ڪمند اگھن بابت نوٽيفڪيشن تي عمل نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جي احتجاج  تي پنهنجو  ڏاڍ ڏيکاريو ۽ آبادگارن مٿان تشدد ڪيو، جڏهن آبادگار  14 نقاطي چارٽر آف ڊمانڊ کڻي بلاول هائوس ڏانهن مارچ ڪيو هو ته ان وقت پوليس بوٽ بيسن وٽ کين روڪي ورتو هو، جڏهن ته هاري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان لٺبازي، شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال به ڪيو هو، جنهن دوران 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، ايتري قدر جو آبادگار اڳواڻ علي پلهه، جاويد جوڻيجو سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار به ڪيو ويو هو.
احتجاج دوران پوليس طرفان عورتن  تي به لٺبازي ڪئي وئي پر افسوس جو ڳالهه آهي  ته جيڪي ماڻهو حڪومتي رٽ کي چيلنج ڪري رهيا آهن، انهن سان ڳالهيون ڪيون وينديون آهن پر جيڪي ماڻهو پنهنجي جائز مطالبن لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته انهن جو آواز دٻائڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪيا وڃن ٿا، هونئن ته پيپلزپارٽي ٻين صوبن جي حڪومتن تي  وڏي تنقيد ڪندي رهندي آهي، ايتري قدر جو جڏهن پنجاب آبادگارن جو احتجاج ٿيو ته خورشيد شاهه يڪجهتي طور انهن وٽ پهچي ويو هو ۽ بلاول ڀٽي زرداري طرفان  بيان به جاري ڪيو ويو پر سنڌ ۾ ته انهن ماڻهن سان پيپلزپارٽي جي حڪومت اهڙو ورتاءُ ڪيو ويو آهي، جهڙو فلسطينن سان ٿيندو رهيو آهي.
سنڌ سرڪار هميشه اهڙا ئي قدم کنيا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن ئي اهو مينڊيٽ انهن کي ڏنو آهي ۽ سرڪار ڪنهن پنجاب جي ماڻهن جي ووٽ سان قائم نه ٿي آهي ۽ نه ئي آمر جي حڪم تي  آئي آهي، هي حڪومت سنڌ جي عوام پاران پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيڻ بعد قائم ٿي آهي، جنهن سبب جڏهن به ڪنهن احتجاج ڪيو  ته انهن سان ڳالهين بدران وحشياڻي تشدد جو رستو استعمال ڪيو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو  ڪيترائي مظلوم ماڻهو هن وقت به جيلن ۾ سڙي رهيا آهن، اعليٰ عدليا جا ريمارڪس آهن ته روڊ بند ڪرڻ به دهشتگردي آهي پر انهن خلاف حڪومت ڪا به ڪاررائي نه ڪندي آهي، مطلب ته جيڪو ڏاڍو آهي، حڪومت انهن جي آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيندي آهي، جڏهن ته مظلوم ماڻهن تي جيڪي طاقت جو استعمال ڪرڻو آهي، اهو ڪيو ويندو.
اڄ هاري ڪمند جو اگهه نه ملڻ سبب سراپا احتجاج بڻيل آهن، جڏهن ته ڪجهه آبادگارن، هارين پنهنجي ڪمند جي فصل کي باهه ڏئي ڇڏي آهي، حڪومت کين گذريل ٽن مهينن کان مقرر اگهه تي پنهنجي واعدي کي پاڙي نه سگهي آهي، جنهن سبب آباگارن ۽ هارين جا فصل سڙي رهيا آهن ،  ڪجهه آبادگارن جو چوڻ آهي ته فصل تيار بيٺو آهي پر خريد ڪرڻ  لاءِ ڪو به تيار نه آهي، هن وقت تائين ڪيتريون شگر ملون  هلي نه سگهيون آهن ۽ نه ئي وري خريداري جو سلسلو شروع ٿيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ نمائندي ڪمند جي اگهه تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي مائيڪ ئي بند ڪرائي وئي ته جيئن ڪمند بابت شگر ملز مالڪن خلاف  اسيمبلي اندر ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي.  اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته جيڪي به سنڌ اندر شگر ملز آهن، اهي هڪ بااثر سياسي شخصيتن جو آهن، جن جي مرضي آهي ته شگر ملون بند هجن، جڏهن اهي چاهيندا ته انهن کي کوليندا ۽ ان حوالي سان هتان جا ادارا به خاموش آهن، ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي،
هونئن ته گٽر بند ٿيڻ تي به پڇاڻو ٿيندو آهي پر حڪومت جي ڏاڍ جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي. اسان جي ته اعليٰ ادارن کي اها ئي گذارش هوندي ته آبادگارن جا جائز مطالبا تسليم ڪري انهن مٿان ٿيل حڪومتي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪي به شگر ملون سنڌ ۾ آهن، انهن جي مالڪن جي ڇنڊڇاڻ ڪري انهن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن آبادگارن کي جائز حق ملي سگهن.  


Monday 11 December 2017

قادري جو نئون اعلان ۽ نواز ليگ جي حڪمت عملي

صاحب خان ڀٽي
چونڊن کان اڳ ئي ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرڻن ۽ احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پاڪستان عوامي تحريڪ سان به  اڳوڻي  صدر آصف علي زرداري، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ ملاقات ڪري سندس حمايت جو اعلان ڪيو آهي، ڊاڪٽر طاهر القادري به ماڊل ٽائون سانحي جي جوابدارن کي انجام تائين پهچائڻ جو پڪو پهه ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف ۽ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ استعيفيٰ نه ڏني ته هو عوامي طاقت جو استعمال ڪندي نواز ليگ حڪومت کي گهر موڪلڻ جو اعلان ڪري سگهن ٿا. تحريڪ انصاف به عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جي حمايت جو اعلان ڪري چڪي آهي. مطلب ته هن مولانا طاهر القادري کي مڪمل سپورٽ آهي، ڪنهن به وقت ڪو وڏو اعلان ٿي سگهي ٿو ۽ نواز ليگ جي وڌيڪ پريشانيون  پيدا ٿي سگهن ٿيون.
ان کان علاوه پيپلزپارٽي به  سڄي ملڪ ۾ جلسي ڪري پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو. جنهن مان لڳي رهيو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون ايندڙ چونڊن جي مڪمل تياري ڪري رهيون آهن. پر سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه م ساڳي وقت احتجاج ٿي رهيا آهن، جڏهن پشاور م زرعي يونيورسٽي تي حملو ٿيو ته ان وقت به ڪي پي ڪي جي آءِ جي چيو ته هاڻ افغان مهاجرن کي واپس ڏيهه وڃڻ گهرجي،ان کان علاه سنڌ ۾ به احتجاج ٿي رهيا آهن،
قومپرست ڌريون ڌارين جي نيڪالي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن. وفاق به افغان مهاجرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري ٿو ته سنڌ سرڪار به بنگالين، بهارين، برمين کي آبادڪار لاءِ اليڪشن کان اڳ سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن، جيئن ته ڪجهه طاقتن سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اڳواڻن کي سرگرمين کان به روڪي ڇڏيو آهي پر ان باوجود سنڌ جا ساڃاهه وند اهڙي جبر کي سهندي پنهنجو آواز اٿارڻ لاءِ هر فورم استعمال ڪري رهيا آهن، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي  سنڌ جي مسئلن کي کڻڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي پرسوشل ميڊيا تي به هلندڙ مهم انهن کان برداشت نه ٿي ٿئي، جنهن سبب مختلف قانون پاس ڪري عوامي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙن کي محدود ڪيو ويو آهي.
 بهرحال اهو ظلم سنڌين تي هن ملڪ جي قيام کان وٺي هلي رهيو آهي، ڪڏهن سنڌ جي چونڊيل نمائندن سنڌ سان ظلم ڪيو  ته ڪڏهن ٻين صوبن جي پارٽين سنڌين جا حق کسيا. هن وقت ٿوريون حالتون تبديل ٿي چڪيو آهن، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ نوازشريف کي نااهل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پنجاب جي سڀ کان وڏي پارٽي مطلب ملڪ جي  وڏي پارٽي جو سربراهه آهي، اڄ ڪلهه عدالتن خلاف بيان ڏيڻ ۽ انتقام وٺڻ جون دانهون ڪري رهيو آهي. نيب به نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، احتساب جي حڪم تي شريف ڪٽنب تي ريفرنس بابت نيب جاچ به ڪري رهي آهي، هاڻ ته نواز ليگ جي لاءِ سياست به تمام گهڻو ڏکي ٿيندي پئي وڃي، هڪ طرف نوازشريف جي پارٽي جو مستقبل تي داءُ تي لڳي ويو آهي ته ٻي طرف سندس ڪٽنب جي خلاف جاچ به سندن لاءِ ڏکيائون پيد ڪري ڇڏيون آهن. ماضي ۾ جڏهن به نوازشريف تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته پيپلزپارٽي سندس تمام گهڻو ساٿ ڏنو هو پر افسوس جو اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي رويي سبب  پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ڇڪتاڻ تمام گهڻي وڌي وئي هئي، ايتري قدر جو ڪيترائي ڀيرا نواز شريف پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي پرچائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي پر مختلف وقتن تي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اينديون رهيون،
جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ويجها دوست اغوا ٿي ويا هئا ته ان وقت به ايوانن ۾ماڻهن جي گم ٿيڻ جو آواز اٿاريو ويو هو ۽ سنڌ جي ڪامورن کي قانون به ياد آيو هو ، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ته ايوان ۾ تمام گهڻو آواز به اٿاريو ويو هو، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي کي آصف زرداري جي ويجهي ساٿين جي اغوا تي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافيون به ياد اچي ويون هيون، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف به سڄي سنڌ ۾ احتجاج شروع ڪيا ويا هئا پر هاڻ لڳي ٿو ته سنڌ کي سمورا حق ملي رهيا آهن جنهن سبب هاڻ ڪو به احتجاج  نه ٿي رهيو آهي. بهرحال هن وقت ٻنهي پارٽين ۾ وچ ۾ ويڇا ساڳي ريت موجود آهن ۽ پيپلزپارٽي واضح طور چئي چڪي آهي ته هو نوازشريف جو جمهوريت خاطر ساٿ ڏيندا هئا پر هاڻ هو نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا.

Sunday 10 December 2017

ٽرمپ جي اعلان کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال

صاحب خان ڀٽي
عرب ليگ بيت المقدس کي اسرائيل جي راڄڌاني بڻائڻ واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي سان خطي ۾ تشدد وارا واقعا وڌندا، آمريڪا جو فيصلو عالمي قانون خلاف آهي، عالمي برادري فلسطين ۽ اسرائيل مسئلو پُرامن طريقي سان حل ڪري. قاهره ۾ عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سعودي عرب، اردن،  مصر ۽ فلسطين جي پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. عرب ليگ جي اجلاس کان پوءِ  گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي فيصلو عالمي قانون جي ڀڃڪڙِي آهي، دنيا هاڻي ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي تي خاموش ويهي نه ٿي سگهي. عرب ليگ جي پرڏيهي سيڪريٽري احمد ابو لغيط جو چوڻ هو ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي سان خطي ۾ تشدد وارا واقعا وڌندا، آمريڪا کي هاڻي اهو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي. فلسطين جي پرڏيهي وزير رياض المالڪي چيو ته امريڪا خطي اندر پنهنجو  اعتبار ختم ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي فيصلي اسان کي ٻين آپشنز تي غور ڪرڻ تي مجبور ڪيو. مصر جي پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت فلسطين ۽ خطي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، آمريڪي فيصلو دنيا کي مذهبي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي. اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي جو چوڻ هو ته فلسطينين جي اطمينان کان سواءِ خطي ۾ امن ممڪن ناهي، موجوده صورتحال ۾ دهشتگردن ۽ شرپسندن کي فائدو ٿيندووچ اوڀر ۾ امن جي قيام واري ڪوششن ۾ حصو وٺندڙ فلسطيني اڳواڻ صائب ارڪات ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان کي قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ان سان وچ اوڀر ۾ تشدد ۽ بدامني جو نئون دور شروع ٿي سگهي ٿو،  اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو آمريڪي صدر جي اعلان کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته فسلطينين سان ڪو به معاهدو رڳو ان  صورت ۾ قبول ڪيو ويندو، جنهن ۾ يروشلم کي اسرائيل جو حصو تسليم ڪيو وڃي، هن ٻين ملڪن کان به پنهنجا سفارتخانا يروشلم منتقل ڪرڻ جي اپيل ڪئي...  نيويارڪ جي يهودي آبادي به صدر ٽرمپ جي اعلان تي خوشِيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي قدم سان کين آٿت ملي آهي، مستقبل ۾ هو به پنهنجي مقدس علائقي ۾ رهائش اختيار ڪري سگهنداآمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران اسرائيل جي 1967 ۾ فلسطيني علائقي يروشلم تي ڪيل قبضي کي تسليم ڪرڻ تي مهذب دنيا سميت مسلمان ۽ عيسائي ڳڻتي ۾ ورتل آهن.صدر ٽرمپ جي اعلان کانپوءِ اسرائيل جي عيسائي برادري بيت الهم ۽ رَم الله ۾ ڪرسمس جون سموريون روشنيون بند ڪري ڇڏيون، ڪرسمس ٽري به اونداهو ٿي ويو، هي ٻئي اهڙا هنڌ آهن، عيسائين جو عقيدو آهي ته حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي پيدائش بيت اللهم ۾ ٿي هئي.اولهندي ڪناري ۽ غزا جي پٽي ۾ به مظاهرين ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو، جنهن دوران اسرائيلي فوجين ۽ فلسطيني مظاهرين وچ ۾ چڪريون به ٿيون. اسرائيلي يهودين ڊونلڊ ٽرمپ جي حق ۾ نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته هو آمريڪي صدر جي اهڙي قدمن جي ڀرپور آجيان ڪن ٿا..ٻئي پاسي يروشلم ۽ تل ابيب جا شهري هن اعلان کانپوءِ ڳڻتي ۾ وٺٺجي ويا آهن. شامي سرڪار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙو قدم عالمي قانون جي توهين برابر آهي، حڪومتي ترجمان فيصل مقداد موجب آمريڪا عالمي ذميوارين کان منهن موڙِ بين الاقوامي سطح تي قانون جي حڪمراني کان انحراف ڪري رهيو آهي. اهڙي قدم جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.. لبنان ۾ پناهه ورتل فلسطينين آمريڪي صدر جي اعلان خلاف احتجاج ڪندي چيو ته امريڪا جي اهڙي قدمن سان نفرت جي باهه ڀڙڪي پوندي، لبنان جي صدر مشل عون به ٽرمپ جي اعلان کي خطرنام سڏيندي چيو ته هن فيصلي سان نه رڳو وچ اوڀر پر دنيا جو امن خطري ۾ پئجي سگهي ٿو لبنان جي وزيراعظم سعد حريري به ٽوئٽ ۾ اهڙي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته سندن ملڪ فلسطينين جي موقف جي حمايت ڪري ٿو. صدر ٽرمپ جي اعلان سان ئي ترڪي جي شهر انقره ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ استنبول ۾ قونصل خاني آڏو هزارين ماڻهن احتجاج ڪيو، جن اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، مظاهرين اسرائيل جي جهنڊن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ قونصل خاني جي عمارت تي “فلسطين کي آزاد ڪريو” جي چاڪنگ ڪئي.. ترڪ پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ به صدر ٽرمپ جي قدم کي غير ذميواراڻو قرار ڏيندي فيصلي تي نظر ثاني جي گهر ڪئي آهي. اردن سرڪار جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر جي اعلان کي رد ڪندي چيو ويو آهي ته ان فيصلي جو مقصد دنيا 1967 واري جنگ جي والاريل علائقن کي اسرائيل جو حصو تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن کي مهذب دنيا ڪڏهن به تسليم نه ڪندي..اردن جي بقا ڪئمپ ۾ ترسيل فلسطيني پناهگيرن به ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سندن اباڻو علائقو اسرائيل حوالي ٿيڻ ڪنهن هاڃي کان گهٽ ناهي.. بقا ڪئمپ ۾ 1967 ڌاري اسرائيل جي قبضي ۾ آيل فسلطيني علائقن  جي متاثرن کي ترسايو ويو آهي، هن وقت انهن پناهگيرن جو انگ هڪ لک 19 هزار کان وڌيڪ آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪراري اعلان کانپوءِ عالمي برادري به شديد رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته والاريل يروشلم کي اسرائيل جو حصو تسليم ڪرڻ سان دنيا ۾ تشدد ۽ بدامني جي نئين لهر شروع ٿيندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس چيو ته وچ اوڀر ۾ ڪنهن به هڪ طرفي قدم جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي، خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ٻن رياستن جو قيام لازمي آهي، هن مشڪل صورتحال ۾ ڪو به ٻيو رستو ناهي، هو فلسطين-اسرائيل  تڪرار جي نبيري لاءِ ٻنهي ڌرين کي امن ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.فرانس جي صدر عمانويل ميڪرون ٽرمپ جي بيان کي افسوس جوڳو سڏيندي واضح ڪيو آهي ته سندس ملڪ آمريڪي صدر جي ڪنهن تڪراري قدم جي حمايت نه ٿو ڪري سگهي، نه ئي هو ڪنهن عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جو حصو بڻجندا.هن چيو ته اڃا تائين اسرائيل جو وجود هڪ سوال بڻيل آهي، جيستائين اسرائيل ۽ فلسطيني گڏجي ان حوالي سان ڪنهن نتيجي تي نه ٿا پهچن، ڪنهن به ٻئي ملڪ کي ان معاملي ۾ پوڻ جو حق ناهي. آسٽريليا صدر ٽرمپ جي اعلان کي نامناسب سڏيندي چيو آهي ته ان سان خطي ۾ ٻن رياستن جي قيام واريون سموريون ڪوششون برباد ٿي ويندوين، ڪينبرا ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير جولي بشپ جو چوڻ هو ته آسٽريلوي سفارتخاني کي کي يروشلم منتقل نه ڪيو ويندو، اهو بدستور تل ابيب ۾ ئي رهندو.انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو صدر ٽرمپ جي اعلان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪ طرفي فيصلي سان سڄي دنيا ٻيهر بدامني جي ورچڙهي سگهي ٿي، آمريڪا جو اهڙو قدم سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي، صدر ٽرمپ کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.گڏيل قومن ۾ بوليويا جي سفير جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جا اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هن خطرناڪ فيصلي سان دنيا ۾ امن جي قيام واريون سموريون ڪوششون تباهه ٿي وينديون