Pages

Thursday 30 January 2020

سنڌ ۾وڌندڙ اغوا جون وارداتون ۽ هلندڙ ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي
تاريخ ۾ پهريون سنڌ جي آءِ جي کي هٽائڻ لاءِ سنڌ سرڪار ننهن چوٽي جو زور لڳايو آهي، ايتري قدر جو پي ٽي آءِ سرڪار جي هر بل جي اعليٰ ايوان ۾ حمايت به ڪئي آهي پر  حڪومت کي ڪڏهن عدالتي حڪمن ته ڪڏهن وري وفاقي سرڪار جي حڪمن آڏو گوڏا کوڙڻا پيا ۽ چيو ويو ته اسلام آباد جو آءِ جي هٽي سگهي ٿو ته پوءِ سنڌ سرڪار آءِ جي کي ڇو نٿي هٽائي سگهي،؟  جڏهن ڇڪتاڻ حد کان وڌي وئي ۽ سنڌ سرڪار پنهنجي ضد  ته نه لٿي ته پوءِ آءِ جي سنڌ جي بدلي جو اختيار وفاقي ڪابينا حوالي ڪيو ويو، ان کان اڳ سنڌ ڪابينا به آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ چيو ويو هو ته اسان کي آءِ جي ڪليم امام نه کپي ۽ سندس ذميواريون وفاق حوالي ڪيون وينديون.بهرحال اهو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو آءِ جي سنڌ جي بدلي جو اختيار وفاقي ڪابينا حوالي ڪيو ويو آهي، اپوزيشن طرفان به انهيءَ فيصلي جي ڀرپور حمايت ۽ واکاڻ ڪئي وئي آهي،  پر سنڌ سرڪار طرفان آءِ جي تبديل ڪرڻ جي منظوري وفاقي ڪابينا مان ٿيڻ تي اعتراض واريو آهي. جيڪڏهن چئني صوبن جي آءِ جي تبديلي وفاقي ڪابينا ۾  ٿيندي ته ان تي سنڌ سرڪار کي اعتراض ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن رڳو سنڌ جي آءِ جي تبديلي وفاقي ڪابينا ٿيندي ته اها سراسر ننڍي صوبي سان زيادتي ٿيندي.
پيپلزپارٽي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته صوبي جي حق حاڪميت کان انڪار سٺو عمل نه آھي، پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي پيپلز پارٽي جي اوطاق ناهي، سمورن ميمبرن جو هڪ جيترو حق آهي.پر حقيقت ۾ هر هڪ ماڻهو اهو پڇڻ به چاهي پيو ته آخر سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ ڇو ٿي چاهي؟ ۽ جواب مليو ته آءِ جي سنڌ ڪليم امام پي ٽي آءِ جو آءِ جي آهي، جنهن کي کيس هٽايو وڃي، پر  آءِ جي تبديلي واري معاملي تي ڪجهه پارٽين اعتراض به ڪيا پر هاڻ خبرون آهن ته وزيراعظم عمران خان آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ کيس سيڪريٽري نارڪو ٽيڪس ڊويزن ۾ مقرر ڪيو ويندو.
جيئن ته سنڌ سرڪار پنهنجو فيصلو مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي پر هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته سنڌ اندر امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي يا نه؟ ڇاڪاڻ ته جڏهن کان وفاق ۽ سنڌ سرڪار ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي آهي، انهيءَ ڏينهن کان سنڌ مان نياڻين جي اغوائن جي وارداتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، اهو سنڌ اندر گهٽ ئي ٿيو آهي ته ڏوهارين ڪڏهن نياڻين کي اغوا ڪيو هجي، ڪراچي جهڙي شهر مان به 2 نياڻين کي اغوا ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ڀُنگ وٺي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي ملڪ جا ادارا  انهن ڏوهارين جو پتو لڳائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويا يا وري ايئن کڻي چئجي ته اسان جي ملڪ اندر عوام جو تحفظ ڪندڙ ادارن وٽ عوام جي تحفظ لاءِ وقت ئي نه آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌ مان نياڻيون اغوا نه ٿين ها، اهو به ڪراچي جهڙي شهر مان، جتي ادارا وڏا متحرڪ نظر ايندا آهن، شايد ئي اهڙوڪو علائقو هجي جتي سيڪيورٽي ادارن جون آفيسون نه هجن، ان باجود به ڏوهاري ايڏا طاقتو آهن جو ڪراچي جي ڊفينس جهڙي علائقي مان دعا منگي توڙي ٻين کي اغوا ڪري هليا وڃن ٿا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نياڻين جي اغوا جون وارداتون اسان جي ملڪ جي محافظ جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن پر انهن کان آخر پڇي به ڪير سگهي ٿو؟
هن وقت سنڌ مان ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿي چڪا آهن، خاص طور تي شڪارپور ۾ هن وقت اغوا جي وارداتن جون خبرون نشر ٿي رهيون آهن، ڪجهه ماڻهو ڀُنگ ڀري واپس به اچي ويا آهن، ڪجهه اڃا به ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن، اغوا ٿيل نوجوانن جي وارثن کان 30 کان 50 لک روپيا ڀُنگ به طلب ڪيو وڃي ٿو پر سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار وٽ سنڌ مان اغوا ٿيندڙ ماڻهن جي ڪا ڳڻتي نه آهي، وفاق توڙي سنڌ سرڪار کي پنهنجن پنهنجن ماڻهن جي مقرري جي ڳڻتي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبو وڌيڪ غير محفوظ بڻجي ويو آهي، جتي ڌارين جي لوڌ آهي ۽ اهي اغوا نه پيا ٿين پر ڌرتي ڌڻي اغوا ٿي رهيا آهن، ڪراچي هجي يا سکر يا وري شڪارپور گهوٽڪي رڳو ڌرتي ڌڻي اغوا ٿي رهيا آهن ۽ سياسي پارٽيون سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪري سياست چمڪائي رهيون آهن ۽ سنڌ سرڪار ۾ ويٺل وزير وفاق تي تنقيد ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهيا آهن، جن ماڻهن جا پيارا ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن، انهن جي گهرن ۾ ماتم ڇانيل آهي پر اسان جي حڪمرانن وٽ ايترو وقت ئي نه آهي ته اهي وڃي انهن متاثرن جي ڪا سار لهن، نه ئي وري ننڍي عمر ۾ مذهب مٽائڻ خلاف بل تي عمل ٿي رهيو آهي، هن وقت به هندو نياڻيون اغوا ٿي رهيون آهن، جيڪي نابالغ آهن، پر هن وقت تائين انهن ماڻهن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي، جيڪي ننڍي عمر وارين نياڻين کي ورغلائي کڻي هليا وڃن ٿا ۽ عدالتن ۾ فخر سان پيش ٿين ٿا، جيڪڏهن انهن مان ڪنهن به هڪ کي سزا ملي  ته شايد پوءِ ڪو ننڍي عمر ڇوڪري کي ورغلائڻ جي همت نه ڪندو، انهيءَ فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪابينا سميت سمورن ادارن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جيڪا به هندو نياڻي اغوا ٿئي ٿي ته ان کي پوءِ مذهب مٽائڻ وارو مامرو قرار ڏئي دٻايو ويندو آهي، جنهن سان اصل حقيقتون لڪي وينديون آهن.
سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ٿورو وقت سياست چمڪائڻ کان پاسو ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ اغوا جي وارداتن تي به ڌيان ڏنو وڃي، هن وقت ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿيل آهن، جن جي بازيابي لاءِ اسپيشل ٽيم جوڙي وڃي ۽ ڏوهارين خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن خلاف سخت ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ايس ايس پي شڪارپور جي انڪشافن کانپوءِ سياستدانن تي به سوال اٿي رهيا آهن ۽ اغوا جي وڌندڙ وارداتن تي سنڌ حڪومت پاران اکيون  بند ڪرڻ به مناسب نه آهي، تنهن جي ڪري جيترو جلد ٿي سگهي اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪري جوابدارن پٺيان لڪيل هٿن کي وائکو ڪيو وڃي ته انهن ماڻهن جو اصل چهرو سامهون اچي سگهي، وفاقي حڪومت ۽ اسان جي محافظ ادارن کي به سنڌ ۾ ٿيندڙ اغوا جي وارداتن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي، ماڻهن جو اعتماد ادارن تان کڄندو پيو وڃي، دهشتگردي کانپوءِ اغوا جون وارداتون شروع ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهن،جيئن حڪومت دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ ضرب عضب ۽ آپريشن ردالفساد شروع ڪيو، ايئن اغوا جي وارداتن ۽ ماڻهن کي کنڀي گم ڪندڙن خلاف به آپريشن شروع ڪيو وڃي ته اغوا ۽لاپتا ٿي ويل پنهنجن پيارن سان ملي سگهن ۽ سنڌ جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهن، هن وقت تائين ڪنهن به ٻئي صوبي مان اغوا جي وارداتن جون خبرون رپورٽ نه ٿيون آهن پر سنڌ صوبي مان پوڙها توڙي نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي رهيا آهن، ايتري قدر جو سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازم بلال ميمڻ کي به اغوا کان پوءِ بيدري سان قتل ڪيو ويو، جنهن جو لاش ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هٿ آيو پر پوليس نه ته قاتلن کي گرفتار ڪري سگهي ۽ نه ئي وري انهيءَ ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ڪئي آهي، مطلب ته پوليس کي اغوا جي وارداتن  تي ڪا ڳڻتي نه آهي، هن وقت سنڌ جا ماڻهو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي پيارن کان وڇڙي ويا آهن ۽ وارث احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، حڪومت کي گهرجي ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ نياڻين سميت پوڙهن ۽ نوجوانن جي اغوائن جي وارداتن تي ضابطو آڻي  سنڌ جي ماڻهن ۾ پکڙيل خوف کي ختم ڪن.

No comments:

Post a Comment