Pages

Monday 25 June 2018

وچ اوڀر جي صورتحال ۽ گڏيل قومن جا انڪشاف

صاحب خان ڀٽي
سعودي عرب ۽ ايران جو وچ اوڀر  جي ملڪن جي موجوده صورتحال ۾ اهم ڪردار آهي، جنهن سبب عراق، شام ۽ افغانستان ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، انهن ٻنهي ملڪن جي ڪردار سان بهتر ٿي سگهن ٿيون پر ٻنهي ملڪن ۾ اختلاف سبب وچ اوڀر جي صورتحال ۾ بهتر نه اچي سگهي، آمريڪا به وچ اوڀر ملڪن تي پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ انهيءَ بنهي ملڪن کي استعمال ڪندو رهيو آهي. هن وقت ايران جا لاڳاپا آمريڪا سان بهتر نه آهن پر سعودي عرب ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تمام گهڻي بهتري آئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ نائن اليون واري صورتحال کان پوءِ پيدا ٿيل اختلاف به ختم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن پاران هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو سلسلو به بند ٿي ويو آهي پر سڀ کان وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته عراق، شام ۽ يمن ۾ جيڪي ڪاررواويون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ هزارين ماڻهن جون زيان ٿي چڪيون آهن.آمريڪا نائن اليون  کانپوءِ وچ اوڀر جي ملڪن ۾ جيڪي ڪارروايون ڪيون، اهي به ڪنهن کان لڪيل نه آهن.
نائن اليون کانپوءِ آمريڪا پاڪستان کي استعمال ڪندي افغانستان تي حملو ڪيو، جنهن جا پاڪستان تي تمام هاڃيڪار  اثر ٿيا، ايتري قدر جو دهشتگردن مهاجرن جو روپ اختيار ڪري پاڪستان ۾ اچي پنهنجا ٺڪاڻا ڪيا ۽ هن ملڪ جو امن ئي تباهه ڪري ڇڏيو، انهن دهشتگردن ڪڏهن مسجدن تي حملا ڪيا  ته ڪڏهن وري  امام بارگاهن ۾ داخل ٿي آپگهاتي ڌماڪا ڪري معصوم ٻارڙن کي به بخش نه ڪيو، اسڪولن تي به حملا ڪيا، جيڪڏهن آمريڪا جي ڪارروائي وقت سرحدن کي محفوظ ڪيو وڃي ها ۽ مهاجرن کي سرحدن وٽ ڪئمپن ۾ ترسايو وڃي ها ته ملڪ ۾ دهشتگرد ڪڏهن به داخل نه ٿي سگهن ها ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ معصوم شهرين جون جانيون ضايع نه ٿين ها. بهرحال جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو  پر آمريڪا عراق تي به ڪيميائي هٿيارن جو الزام هڻي ڪارروائي ڪئي ۽ اتي به هزارين ماڻهو مارجي ويا پر آمريڪا اهو به ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ته اتي ڪي ڪيميائي هٿيار هئا، ان کانپوءِ يمن،شام ۽ ٻين ملڪن ۾ اتحادي فوج جي ڪاررواين ۽  دهشتگردن جي جوابي ڪاررواين ۾ هزارين بي گناهه ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون به شامل هيون.
ڪجهه ڏينهن اڳ گڏيل قمن  جي ڪيمائي هيٿارن بابت نگراني ڪندڙ اداري  چيو هو ته گذريل سال شام تي حملي ڪيمائي هٿيار استعمال ڪيا ويا هيا،  انهي حملي ۾  استعمال ٿيندر هٿيارن ۾ انسانن  کي مفلو ڪندڙ ڪيمائي گيس ۽ ڪلورين جو استعمال ڪيو ويو هو. عالمي ادارري او بي سي ڊبليو کي حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ شام ۾ ڪيمائي حملن جي الزامن بعد جوڙيو ويو هو، ڪيميائي هيٿارن کان بچاءُ واري عالمي اداري  اهو به چيو  آهي ته نئين رپورٽ اهو ظاهر ڪري ٿي ته شامل جي ڏاکڻي علائقي الصامينا تي گذريل سال 24 مارچ امڪاني طور سرين گيس جو حملو ڪيو   ويو هو.      جڏهن ته انهيءَ ساڳي علائقي ۾ اسپتال ۽ ڀرپاسي ۾ ٻئي ڏينهن ڪلورين گيس جو استعمال ڪيو ويو هو. جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا هئا، جن جي جزن جي ٽيسٽ بعد اهو سڀ ڪجهه پتو پيو آهي.
بهرحال عراق، شام  ۽ يمن جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، عراق ۾ ڪافي بهتري اچي چڪي آهي پر شام ۽ يمن جي  صورتحال تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، عرب فوجي اتحاد به يمن جي حديده جي هوائي اڏي جو ڪنٽرول سنڀالڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جنهن  تي حوثيون باغين جو قبضو هو، عرب فوجي اتحاد جي ڪمانڊر عبدالسلام الشيهي اها دعويٰ ڪئي آهي ته هنن حوثين باغين جوڪنٽرول هوائي اڏي تان ختم ڪرائي ڇڏيوآهي. پرڏيهي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي ته سهر تي قبضي تي عرب فوجي اتحاد جي ڪوشش انساني حقن جي بحران کي جنم وٺڻ جو خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته  اهو شهر حوثي باغين جي داخل ٿيڻ  جو بنيادي هنڌ ۽ يمن جي لکين شهرين جو شهه رڳ آهي.
پرڏيهي خابرو اداري اهو به چيو آهي ته  سعودي قيادت واري فوجي اتحاد 2015ع ۾ يمن  ۾ گهرو ويڙهه ۾ مداخلت  ڪئي ته جئين شهر تان حوثي باغين جو ڪنٽرول ختم  ڪرائي سگهجي. يمن جي اختيارن جو چوڻ هو ته سعودي عرب جي  فوجي اتحاد سامونڊي شهر حديده جي هوائي  اڏي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، جيئن ته هن شهر جي آبادي لڳ ڀڳ ڇهه لڳ آهي، سعودي فوجي اتحاد جي ڪارروائي کانپوءِ حوثي باغين جي ويڙهه وڌي وڃڻ جو خطرو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت تائين اها ويڙهه اڃا شهر ۾ داخل نه ٿي آهي پر سعودي فوجي اتحاد جي ڪارواين کانپوءِ اها ويڙهه شهر جو امن وڌيڪ  تباهه ڪري سگهجي ٿي.  ڪجهه ڏينهن اڳ جنگي جهازن الحديده کي گادي واري شهر صنعا سان ملائيندڙ  مرڪزي رستي تي بمباري به ڪئي هئي ته جيئن حوثي باغين کي هٿيارن جي پهچ روڪي سگهجي.
الحديده سان گڏوگڏ يمن جي گادي واري شهر صنعا جي به مختلف هنڌن تي حوثي باغين جو قبضو آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب هن وقت تائين 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، جن ۾ وڌکان وڌ ماڻهو فوجي اتحاد  جي ڪاررواين ۾ مارجي ويا آهن،  اهو سڀ ڪجهه نقصان رڳو فضائي ڪاررواين جي ڪري ٿيو آهي.  ڪجهه ڏينهن اڳ بين الاقوامي اتحاد پنهنجي بيان چيو هو ته مئي جي مهيني ۾ شام ۽ عراق ۾ داعش جي ٺڪاڻن تي 225 حملا ڪيا ويا، جيڪي ٻن مهينن دوران ڪيل حملن کان 304 ڀيرا وڌيڪ هئا. هوڏانهن وري انٽرنيشنل ريڊ ڪراس ڪميٽي تشدد جي صورتحال ۽ ڌمڪين سبب يمن مان پنهنجا 71 ڪارڪن واپس گهرائي ورتا آهن، ريڊ ڪراس طرفان  جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويوآهي ته اسان جي امدادي ڪاررواين جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي ۽ اسان جي ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن کي سڌي ريت نشانو بڻايو پيو وڃي ،
جڏهن ته اسان جي تنظيم کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ريڊ ڪراس جي ترجمان ميري ڪليئر فيگالي چيو آهي ته يمن ۾ اسان جا 450 ڪارڪن بدستون پنهنجيون خدمتون سرانجام  ڏيندا رهندا، ڪارڪنن جي جزوي طور نيڪالي سان اسان جي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ واري امدادي سرگرميون متاثر ٿيون آهن. بهرحال هي صورتحال ته رڳو يمن جي آهي. جيڪڏهن اسان عراق، شام ۽ افغانستان  جي صورتحال کي ڏسنداسين ته اتي به فوجي اتحاد جون ڪارروايون هجن يا  وري دهشتگردن جون ڪاررواوين هجن نقصان عام ماڻهو جو ٿيندو آهي، زميني ڪارروايون نه ٿيڻ سبب سڀ کان وڏو نقصان عام ماڻهن کي ٿي رهيو آهي،
جيڪڏهن فوجي اتحاد فضائي ڪارروائي کان پاسو ڪن ته لکين بي گناهه ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن ٿيون پر افسوس هڪ دهشتگرد کي مارڻ جي سبب اتي موجود ڪيترائي بي گناهه ماڻهو به مارجي ويندا آهن، انهن جو سڀ کان وڏو مثال ڊرون حملا آهن ۽ شهري آبادي تي فضائي ڪارروايون آهن. گڏيل قومن جي اداري جو ڪم  هاڻ رڳو  دهشتگردن جي ڪاررواين ۽ فوجي اتحاد جي ڪاررواين تي بيان ڏيڻ تائين محدود ٿي ويو آهي. گڏيل قومون پنهنجي ٺهرائن تي به عمل نه ڪرائي سگهيون آهن، آبادي وارن علائقن تي حملن سبب  لکين بي گناهه ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. ڪيترائي معصوم ٻارڙا پنهنجي والدين جي شفقت کان محروم ٿي چڪا آهن. گڏيل قومن کي گهرجي ته عام ماڻهن جون حياتيون بچاڻ لاءِ قدم کڻي.  

Sunday 24 June 2018

اميدوارن جا اثاثا، هلندڙ ڇڪتاڻ: چونڊون ٿينديون؟

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ فوج جي نگراني ۾ آدمشماري کانپوءِ هاڻ 2018ع جون چونڊون به فوج جي نگراني ۾ ٿي رهيون آهن، اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن ڏهاڙي فوج جا جوان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ بچاءُ واري وزارت اليڪشن ڪميشن جي درخواست  به منظور ڪري چڪي آهي، پاڪ فوج جا ساڍا ٽي لک اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ پاڪ فوج جا جوان چونڊن کان 4 ڏينهن اڳ طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اميدوارن سيڪيورٽي ادارن ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن لاءِ هڪ چونڊ ضابطه  به تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تي سڀني کي عمل ڪرڻو آهي. جڏهن ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم به فوج جي نگراني ڪيو ويندو ۽ پاڪ فوج جا جوان 27 جون تي پرنٽنگ پريس جي سيڪيورٽي سنڀاليندا ۽ پاڪ فوج جا جوان پولنگ اسٽيشنن اندر ۽ ٻاهر  مقرر هوندا، نهايت حساس پولنگ اسٽيشنن تي اهلڪارن جي اضافي نفري مقرر ڪئي ويندي، جيڪو اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪيو آهي،
هڪ ڳالهه سٺي آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڀيري لاڏلن ۾ وڏو جهيڙو ٿي سگهي ٿو، جن جي مٿي تي آشيردوارد آهي، اهي ته ٽي وي چينلز تي ويهي گاريون به ڏين ٿا ته گهلڻ جون ڳالهيون به ڪن ٿا، پر جن مٿان  هاڻ ڪو هٿ نه رهيو آهي، اهي پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن، مطلب ته هي جنگ جمهوريت کي بچائڻ لاءِ نه پر پنهنجي مٿي تي نامعلوم ماڻهن جو آشير وارد برقرار رکڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي ۽ پيپلزپارٽي  کي ان  سياسي رڌڻي کان تمام گهڻو پري رکيو آهي. هاڻ  جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته خبر پئجي ويندي ته ڪنهن جي مٿي تي آشيروارد آهي،  مون جيڪڏهن جو لفظ انهيءَ جي ڪري استعمال ڪيو جو ملڪ جون جيڪي حالتون آهن ان مان نه پيو لڳي ته چونڊ وقت تي ٿي سگهن ٿيون.  اڃا چونڊ ڪجهه  ڏينهن آهن ۽ فيصل آباد جي نشاط آباد ٿاڻي واري علائقي ۾ مخالفن جي فائرنگ ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ 109 جو اميدوار وقار احمد مارجي ويو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هو چونڊ مهم ۾ سرگرم هو ته کيس فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. جئين ته آدمشماري به فوج جي نگراني ۾ ٿي هئي، ان وقت به صوبن آدمشماري کي رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو وڏو مثال سنڌ ۽  خيبرپختونخواهه آهي، پر جيئن ته چونڊون به هن ملڪ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، جيڪڏهن چونڊون نه ٿيون ته پوءِ ملڪ ۾ جمهوريت تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويندي،
هونئن ته هن ملڪ ۾ ڪڏهن جمهوريت مضبوط نه رهي آهي ۽ نه   ئي جمهوريت کي هن ملڪ ۾ مضبوط ٿيندي  ڏسي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته شهيد بينظير ڀٽي جي شهادت کانپوءِ جيڪا جمهوريت آئي آهي، ان ۾ خبر ئي نه پئجي رهي آهي ته آخر هن ملڪ تي ڪهڙيون قوتون ڪم ڪري رهيون آهن، حڪمرانن کي خبر ئي نه آهي ته ڪهڙا ڪهڙا  معاهدي ٿي رهيا آهن ، حڪمرانن ته عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ کان لاچار آهن، ان جو سڀ کان وڏو مثال نگران حڪومت جو  به آهي، جيڪا چونڊون ڪرائڻ لاءِ آئي آهي پر چونڊون موجوده حالتن ۾ مقرر تي ٿيڻ تمام گهڻو ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته هڪڙن کي تڪڙو انصاف ملي رهيو آهي ته هڪڙا انصاف لاءِ در بدر ڀٽڪي رهيا آهن، جڏهن انصاف ئي دير ٿئي ته پوءِ آخر هن ملڪ ۾ چونڊون وقت تي ڪئين  ٿيندي اسين ڏسي سگهون ٿا.  ڪجهه سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو خيال آهي ته ڪجهه به ٿئي پئي پر هو چونڊن ۾ دير برداشت نه ڪندا،  انهن جو اهو به خيال آهي ته جيڪڏهن چونڊون دير ٿيون ته اهو جمهوريت لاءِ وڏو خطرو آهي.
جيڪي  سياستدان جمهوريت جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جڏهن  اهي حڪومت ۾ هئا ته اهي احتجاج ڪندڙن تي لٺيون  ۽ تشدد ڪرائيندا هئا، ايتري قدر جو استادن، نياڻين کي روڊن تي گيهلڻ  وارو ڪڌو عمل به انهن  سياستدانن جي حڪومت ۾ ٿيو، جيڪي سڀ ڪجهه ڏسندا به انڌا بڻيل رهيا. انهن جي وات مان هڪ لفظ به نه نڪتو. ايتري قدر جو پنهنجن پيارن  جي ڳولا لاءِ نڪتل ماڻهو به کنڀي گم ڪيل جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندا رهيا  پر انهن کي سندن احتجاج نظر نه آيو. بهرحال هن وقت سياستدان پاڻ  ئي سياڻي ڪانءُ وانگي ٻه ٽنيا ڦاٿا آهن ، پنهنجي ئي دولت ئي پاڻ ظاهر ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو سندن گهڻيون زالون آهن ۽ ڪيترا ٻار آهن،  ان جا تفصيل به ظاهر ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سڀ اچرج ۾ پئجي ويا آهن، ڪن جا والد امير آهن ته ڪن جا وري پٽ امير آهن، ڪن سياستدان جون گهرواريون امير آهن ته پاڻ وٽ گهٽ پئسو اٿن، ڪن سياستدانن جون ڌيئرون امير آهن ته پنهنجي وري دولت گهٽ ڏيکاري اٿن
. اليڪشن ڪميشن جي انهيءَ فيصلي کانپوءِ سياستدانن جا پٽڪا به لهي رهيا آهن پر بهتر آهي ته جن سياستدانن وٽ دولت آهي، اها ڪٿان آئي ۽ ان جي آمدني جو ذريعو ڪهڙو آهي، اهو پڇڻ جو ڪم هتان جي ادارن ۽ عوام جو حق آهي، جيڪو انهن کي  هرحال ۾ ٻڌائڻو پوندو. پر جيئن ته اسان گذريل حڪومت ۾ اهي خبرون به پڙهيون ته ڪجهه سياستدانن ڪاررواين کان بچڻ لاءِ پيسا ساڙي ڇڏيا هئا، ايتري قدر جو  بلوچستان جي ان وقت جي هڪ وزير جي گهر ۾ ٻورين ۾ ڀريل پيسا به هٿ آيا. ان مان صاف ظاهر آهي ته سياستدانن وٽ تمام گهڻو پيسو آهي، پر هي ته رڳو سياستدانن آهن، اسان جي ملڪ ۾ اڃا  ٻيا به ادارا آهن، جيڪڏهن انهن جي خلاف به جاچ ڪئي وڃي ته انهن وٽان به ملڪ  جي لٽيل وڏي دولت هٿ اچي سگهي ٿي، اسان ته اهو چاهينداسين ته جيڪي به وڏن عهدن تي آهن، انهن سڀني  عملدارن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي ڀلي اهو ڪهڙي به اداري سان آهي، گڊ ۽ بيڊ پرسن جو ڪو به خيال نه رکيو وڃي، سياستدان  هجي يا ڪو سرڪاري  آفيسر سڀني کي هڪ ئي نظر ۾ ڏسندي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته انهن وٽان به ڪجهه نه ڪجهه نڪري ايندو ۽ انهن جا پرڏيهه ۾ پيل پيسا به ڏيهه گهرايا ويندا، اهو ڪم سياستدانن سان تمام جلد ٿيندي نظر اچي رهيو آهي،
ڇاڪاڻ ته سياستدانن پنهنجي پير تي پاڻ ئي  ڪهاڙي رهيا آهن، جن سياستدانن پنهنجا تفصيل ظاهر ڪيا آهن،  انهن ۾ تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ سميت مختلف اميدوار شامل آهن. تحريڪ انصاف  ۾ به ڏڦيڙ پکڙجي ويو آهي. ڪارڪن به ٽڪيٽن جي معاملي تي پريشان ٿي ويا آهن ته عمران خان به خاطري ڪرائڻ ۾ لڳو پيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته شاهه محمودقريشي کي ٻين تي الزام هڻڻ بدران پنهنجي تڪ جي ماڻهن جا خدشا ختم ڪرڻ گهرجن. ڏکڻ پنجاب مان ڪنهن عورت کي ٽڪيٽ نه ملڻ ناانصافي آهي. هر تڪ مان ڪامياب ٿي عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ چاهيون ٿا. ٽڪيٽن جي ورڇ تي خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جڏهن ته شاهه محمود سندس الزامن جي ترديد ڪندي کيس ڀرپور جواب ڏنو آهي.
هوڏانهن تحريڪ انصاف  جي اڳواڻ زرتاج  گل الزام لڳايو آهي ته  پاڪستان مسلم ليگ ن جو اميدوار  جمال خان لغاري هن کي سري عام  سنگين ڌمڪيون  ڏئي رهيو آهي  ۽ جيڪڏهن  هن کي ڪجهه ٿيو ته ان جو ذميوار جمال لغاري آهي . کيس ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته هو اين اي 191 تان نالو واپس وٺي .جيڪڏهن هن ائين نه ڪيو ته  ۽ علائقي ۾  پنهنجي چونڊ مهم  جاري رکي ته  سمورا نتيجن جي ذميواري  هن تي هوندي .بهرحال چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ به اها صورتحال پيدا ٿيڻ واري آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جو هن ڀيري  نئين جڙندڙ اتحادسان ٿيڻ وارو آهي ۽ هاڻ سنڌين کي پنهنجي قست جو فيصلو ڪرڻ جو وقت اچي ويوآهي ته اهي سنڌ مان جبري گمشدگين، پاڻي جي کوٽ، ڌارين جي لوڌ ۽ سنڌ جي وسيلن تان قبضو ختم ڪرائڻ چاهي ٿي ته ساڳي ريت مورثي سياست جو ڏئي سنڌ کي تباهه ٿي ڪري. بهرحال  اميدوارن پاران جمع ڪرايل اثاثن جا تفصيل به منظر عام تي اچي رهيا آهن، جن کي ٻڌي ڪا حيرت نه ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته عوام انهن اميدوارن وٽ ان کان وڌيڪ ملڪيت جي اميد ڪري رهيو هو  پر لڳي ٿو سياستدان پنهنجي ملڪيت جا انگ اکر گهٽ ٻڌايا آهن.
جئين ته چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياستدانن  تي پنهنجي ۽ پنهنجي گهروارن جي اثاثن  جا تفصيل  جمع ڪرائڻ جي پابندي  کانپوءِ  سياستدانن جا اثاثا سامهون اچي رهيا آهن، مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جا اثاثا به منظر عام تي اچي ويا آهن، دستاويزن ۾ظاهر ڪي ويو آهي ته خورشيد شاهه جا مجموعي اثاثا 3 ڪروڙ 59 لک، 15 هزار 359 ارب رپين جا آهن، وٽس ريجنٽ جي علائقي ۾ 3 لک 10 هزار رپين جو گهر آهي، جڏهن ته هو ميمڻ سوسائٽي ۾ ٽن لک رپين جي پلاٽ جو مالڪ به آهي.   سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثن جي مد ۾ 21 ڪروڙ 39 لک 18 هزار 499 رپيه ظاهر ڪيا آهن. مراد علي شاهه ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 15 لک رپين جي بنگالي جو مالڪ آهي، جڏهن ته هن اثاثن ۾ مختلف هنڌن تي 51 ايڪڙ زمين به ظاهر ڪئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. عمران خان جي آمدني جو ذريعو، زراعت، پگهار ۽ بينڪ جو منافعو ظاهر ڪيو ويو آهي . دستاويزن موجب عمران خان 168 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي،
جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا، دستاويزن موجب مولانا فضل الرحمان طرفان ظاهر ڪيل اثاثن ۾ سندس بينڪ بيلنس 20 لک رپيا ڄاڻايو ويو آهي، هن وٽ ساڍن 9 لک رپين جا زيور، 15 لک رپين جي ماليت جو پلاٽ آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل دستاويزن موجب، ڪئپٽن صفدر جي راجن پور ۾ 2922 ڪينال ايراضي ۽ مانسهره ۾ 172 ڪينال ايراضي جو مالڪ آهي، جڏهن ته مانسهره ئي ۾ سندس پٽ جنيد جي نالي تي 16 ڪينال جي ملڪيت آهي.اڳوڻي ي بچاءُ واري وزير خرم دستگير جا اثاثا به منظر عام تي اچي ويا آهن، دستاويزن موجب، خرم دستگير هڪ ڪروڙ 28 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي.خرم دستگير وٽ هڪ ڪار ۽ 200 گرام سون جو به مالڪ آهي.عابد شير علي جا به اثاثا منظر عام تي اچي ويا آهن، عابد شير علي پنهنجي اثاثن جي ماليت 9 ڪروڙ 4 لک رپيا ظاهر ڪئي آهي، سندس اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ 45 لک رپيا آهن.  سندس گهرواري بينڪ اڪائونٽ بيلنس سميت 2 ڪروڙ 30 لک 54 هزار جي مالڪ آهي.
مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز جي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي اثاثن جي ماليت 15 ڪروڙ رپيه ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته سندس بئنڪ اڪائونٽس ۾ مجموعي طور هڪ ڪروڙ 14 لک رپيه ظاهر ڪيا ويا آهن. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزا شهباز پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ 43 لک 70 هزار رپين جو بئنڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته هو 155 ڪنال ايراضي جو مالڪ آهي، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي ٻن سالن جا اثاثا به سامهون اچي ويا آهن، نصرت شهباز مڙس کان به وڌيڪ امير نڪتي.  دستاويزن موجب نصرت شهباز جي ڪل اثاثن جي ماليت 22 ڪروڙ رپيا آهي، شهباز شريف جي ٻئي گهر واري تهمينه دراني رڳو 57 لک رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي، سندس گوادر ۾ 4 ڪنال جو پلاٽ، 5 لک ماليت جي گاڏي، 5 لک رپين جو بئنڪ بيلنس آهي ۽ 15 لک رپين جا زيوار آهن.
تحريڪ انصاف پنجاب جي صدر عليم خان جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جنهن موجب سندس اثاثن جي ماليت 91 ڪروڙ 82 لک کان وڌيڪ آهي جڏهن ته هو هڪ ارب رپين جو قرضي آهي سنڌ جي اڳوڻي بلديات واري وزير ڄام خان شوري 5 ڪروڙ 63 لک 3 هزار 566  رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن . ڄام خان شوري 262 ايڪڙ زمين  جو مالڪ آهي جنهن جي ماليت 37 لک  50 هزار آهي  ۽ سندس  گهرواري  جي نالي  15 لک رپين جي زمين آهي پر ڄام خان شوري وٽ  هڪ سائيڪل به ناهي .   پي ايس 62 تي ڄام خان شوري جو ننڍو ڀاءُ ڪاشف شورو  چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، سندس اثاثا29 ڪروڙ جا آهن  جيڪي گذريل  سال 30 ڪروڙ  کان وڌيڪ هيا .  پي ايس 59 تي  مٽيار جو اميدوار مخدوم جميل الزمان 16 ڪروڙ  کان وڌيڪ  اثاثا ظاهر ڪيا آهن .  مخدوم رفيق الزمان 30 لک  رپين جون ٽي گاڏيون  ظاهر ڪيون آهن . سندس پرڏيهي اڪائونٽ ۾ 1 لک پائونڊ پيل آهن
بهرحال اهي اثاثن جا تفصيل ڪيترا صحيح ۽ ڪيترا غلط آهن، اهو ته وقت ئي ٻڌائندو پر تمام جلد اهي سمورا سياستدان جن به  پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا آهن ۽ قرض ورتا آهن ۽ قرض معاف ڪرايا آهن، تمام جلد قانون جي پڪڙ ۾ اچي رهيا  آهن، جن سياستدانن تمام جلد ترقي ڪئي ۽ سندن بينڪ اڪائونٽس جلد ڀرجي ويا، انهن جو به احتساب ٿيندو، جن پنهنجي ملڪيت ظاهر ڪئي انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، ته جن سياستدان پنهنجي ملڪيت جا تفصيل ظاهر ناهي ڪئي اهي به ڪارروائي کان بچي نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ ۾ پرڏيهه ۾ رکيل پاڪستانين جي ملڪيتن جو ڪيس به هلي رهيو آهي ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته جن وٽ ٻٽي شهريت هوندي انهن جا انهن ملڪن ۾ بينڪ اڪائونٽ به هوندا ۽ اها پئسا ڏيهه کڻي اچڻ لاءِ ڪو به وڏو فيصلو اچي سگهي ٿو. مطلب ته هي اليڪشن سياستدانن لاءِ تمام گهڻي ڏکئي ثابت ٿيندي، جنهن کان بچڻ هاڻ شايد ممڪن نه آهي. هونئن ته به اليڪشن ڪميشن چئي چڪي آهي ته 2013 ع جي ڀيٽ هن ڀيري چونڊن ۾ حصو وٺڻندڙ اميدوارن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. 

Thursday 21 June 2018

پاناما جا نوان دستاويز: اڃا ڪنهن جون اڳڙيون لهنديون؟

صاحب خان ڀٽي
پاناما پيپرز کانپوءِ نوان آيل دستاويز جي انڪشافن کانپوءِ سڄي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٿرٿلو مچي ويو آهي، ايتري قدر جو ناليوارو اداڪار اميتاڀ بچن به ڳڻتي ۾ وٺجي ويو آهي، جنهن سبب ٻيا سيڙپڪار پريشان ٿي ويا آهن. اڳ جڏهن پاناما پيپرز جو ٻڙڌڪ مچيو هو ته ان وقت ان جا سڀ کان وڌيڪ پاڪستان تي  پيا هئا ۽ نوازشريف کي مختلف ڪيسن کي منهن ڏيڻو پيو، هاڻ جيئن ته ڪيترن ئي سياستدانن جون آف شور ڪمپنيون آهن ته ان ڳالهه کان به منهن نٿو موڙي سگهجي ته دنيا ۾ ٻين ادارن سان لاڳاپيل شخصيتن جا به نالا به ان ۾ شامل هوندا، جيئن ته پاناما پيپرز ليڪ ڪندڙ انهن ماڻهن هٿ نه ٿا وجهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي خطرو آهي، باقي رهي ڳالهه اداڪارن، فنڪارن جي ته  انهن بابت جيڪو چاهين انڪشاف ڪن، اهي رڳو عدالتن کي ئي منهن ڏئي سگهن ٿا.
بهرحال  پاناما ۾ آف شور ڪمنيون ٺاهڻ ۾ مدد ڪندڙ فرم موزيڪ فانسيڪا جا نوان دستاويز منظر عام تي اچي ويا، دستاويزن ۾ انڪشاف  ٿيو آهي ته پاڪستانين سوڌو سميت ڪمپني جي ڪيترن ئي ماڻهن پاناما ليڪس بعد خوف مان آف شور ڪمپنيز ٺاهڻ جو ارادو ختم ڪري ڇڏيو، پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين ۽ تهمينه دُراني جي والده ثمينه دُراني پاناما پيپرز جي خوف مان پٽ عاصم الله کي ڪمپني منتقل ڪرڻ ۾ دير ڪئي، حيرت ڏياريندڙ پاناما پيپرز جا نوان دستاويز منظر عام تي اچي ويا، آءِ سي آءِ جي نون دستاويز انڪشاف ڪيو آهي ته عالمي سطح تي جاچ پڙتال بعد موزيڪ فانسيڪا جي حڪمت عملي ۾ 2 تبديليون آيون، هڪ اصيلن کان تعلق لڪائڻ لاءِ ساموا ۾ سينٽرل ڪارپوريٽ سروسز جو نالو اختيار ڪيو، ٻيو پنهنجي اصيلن کي آربس ليگل سروسز ڪمپني ۾ منتقل ڪيو.
دستاويز منظر عام تي اچڻ بعد ڀارتي سيڙپڪارن موزيڪ فانسيڪا ڪمپني کي بندر ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اميتاب بچن نوان دستاويز سامهون اچڻ بعد ڀارتي ميڊيا کي سوالن جا جواب نه ڏنو. رپورٽ موجب، 2016ع ۾ پاناما ليڪس جي انڪشاف بعد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي سربراهه ٻن سوئس بينڪن ۾ کاتا کولڻ جو منصوبو ختم ڪيو پاناما پيپرز ذڙيعي سندس ٻه بي نامي شيل ڪمپنيون سامهون آيون هيون پر انهن جي ملڪيت نامعلوم هئي. رپورٽ موجب، اڳوڻي اٽارني جنرل جسٽس ريٽائرڊ ملڪ عبدالقيوم پاڻ کي بي نامي ڪمپني سان لاتعلقي ظاهر ڪئي. ، رپورٽ موجب، ملڪ قيوم ٻن نامعلوم ڪمپنين، چيمبر ويل فنانشل ۽ فرن برج ريسورسز جي قانوني طور تي نمائندگي ڪئي ۽ ٻنهي کي سوئس بينڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، جنهن تي سندس گهر واري جي صحيحي به موجود آهي. ملڪ قيوم چيو ته فرن برج سندس اصيل رهي آهي ۽ هو انهي ڪمپني جي مالڪ جي تفصيلن کان آگاهه نٿو ڪري سگهي.  
آءِ سي آءِ جي پاناما کانپوءِ نوان دستاويز جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ حيرت ڏيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. پاناما ۾ آف شور ڪمپنين ٺاهڻ ۾ مدد ڪندڙ موزيڪ فانسيڪا جي نوان دستاويزن ۾ انڪاشف ٿيو آهي ته پاناما ليڪس بعد موزيڪ فونسيڪا جا اصيل خوف ۾ مبتلا ٿي ويا هئا. جنهن ۾ ڪيترائي پاڪستاني به شامل آهن. جن پرڏيهه ۾ لڪايل ملڪيت جو راز فاش ٿيڻ جي خدشي سبب پنهنجا منصوبا ختم ڪري ڇڏيا. سينير صحافي ۽ پاناما پيپرز شايع ڪندڙ تنظيم انٽرنيشنل ڪنسورشيم آف انويسٽي گيٽو جرنلسٽس موجب، پاڪستان انهن 21 ملڪن ۾ شامل آهي، جن کي اپريل 2017ع ۾ ڪاروبار لاءِ بي وي آءِ منع ڪيو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪويت جي سوشل سيڪيورٽِ جي اڳوڻي سربراهه فهد الرجان جون به آفشور ڪمپنيون آهن، بي ايف آفشور ڪمپني ماڪري جي ڀاءُ جي ملڪيت هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب، الرجان ٽاوني ريئل اسٽيٽ جو مالڪ آهي، جنهن جو سوئيس اڪائونٽ ۽ مڪائو ۾ اپارٽمنٽ آهي، الرجان تي 47 ارب 40 ڪروڙ گهوٻين جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، موزيڪ فانسيڪا 2016ع ۾ انڪشافن جي نتيجن کي جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ پنهنجي اصيلن جي سڃاڻپ ۾ به رڌل رهي.
رپورٽ موجب، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي گهر واري تهمينا دراني جي والده ثمينا دراني پاناما پيپرز سبب پنهنجي پٽ عاصم الله دراني کي ڪمپني منتقل ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪئي، جڏهن ته ارماني ريور ڪمپني اسد کي تحفي ۾ ڏني وئي جيڪو برطانيا ۾ ملڪيت جو مالڪ آهي. جنهن جي لاڳت 10 لک پائونڊ اسٽرلنگ ٻڌائي وئي اهي. جنهن جو ذريعو مرحوم والد اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر شاڪر الله دراني طرفان بچت ٻڌائي وئي، ثمينا دراني جون وڌيڪ ٻه آف شور ڪمپنيون اسٽار پريشيشن ۽ رين بو آهن. پاڪستاني بينڪار سليم شيخ مستقبل ۾ ڪنهن ليڪ ٿيڻ جي خطري سبب بچاءُ لاءِ فرم کان وضاحت گهري، جنهن جو جواب ڏيڻ بدران موزيڪ فونسيڪا اپريل 2017 ۾ برٽش ورجن آءِ لينڊز ۾ ڪمپنين جو مالڪ پاڪستاني پاسپورٽ هولڊر سميت کيس به نوٽيس جاري ڪيو. شريف ڪٽنب جي نيلسن ۽ نيسڪول ڪمپنيز 2014ع ۾ پنهنجو ايجنٽ تبديل ڪيو، جنهن جا تازا انڪشاف هن ۾ شامل نه آهن. نون دستاويزن ۾ راندين جي ناليوارين شخصيتن جا نالا به سامهون آيا آهن، جن ۾ ارجنٽائن جي اسٽار فٽبالر ليونل ميسي جو نالو به شامل آهي. ان کانسواءِ ارجنٽائن جي صدر جي ڪٽنب ۽ اڳوڻي ڪويتي آفيسر تي ملڪ جي سوشل سيڪيورٽي سسٽم ۾ گهوٻين جو الزام آهي.

موزيڪ فانسيڪا موزيڪ عالمي سطح تي جاچ پڙتال جي خوف سبب موڪلن کي اي ميلز موڪلڻ شروع ڪري ڏني، دستاويز منظر عام اچڻ بعد ڪيترن ئي ڀارتي سيڙپڪارن موزيڪ فانسيڪا ڪمپني بند جي درخواست ڪري ڇڏي، نون دستاويزن موجب، موزيڪ فانسيڪا 2016 ۾ ليڪ ٿيل پنهنجي اصيلن جون ساڍا 11 ملين فائلز ڏٺيون، رڪارڊ ظاهر ٿيڻ جي ٻن مهينن بعد فانسيڪا برٽش ورجن آءِ لينڊز جي 70 سيڪڙو ڪمپنينن جي مالڪن جي سڃاڻپ نه ڪري سگهي، سوئس مينجر چيو آهي ته 11 لک 60 هزار ٻين دستاويزن جيان هي دستاويز به منظر عام تي اچي سگهن ٿا نون دستاويزن موجب، فانسيڪا لازم هئڻ باجود آفشور ڪمپنين جي لکين مالڪن جي سڃاڻپ نه ڪري سگهي، اهي سموريون خبرون ميڊيا تي به هلي رهيون آهن پر هاڻ جيڪي  نوان دستاويز ظاهر ٿيا آهن، انهن کانپوءِ لڳي ٿو ته آف شور ڪمپنين  وارو سلسلو به ختم ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته  موزيڪ فانسيڪا کي به پنهنجي گراهڪن جي ڳولا ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن ۽ ڪيترن گراهڪن جي سڃاڻپ به ڪري نه سگهي  آهي. پر هڪ ڳالهه ته ظاهر ٿي وئي آهي ته جيڪي اثر پهرين ڌڪ ۾ پيا، هاڻ اهڙا اثر نٿا پئجي سگهن.  

Tuesday 19 June 2018

عام چونڊون ملتوي ٿيڻ واريون ڳالهيون ۽ خدشا

صاحب خان ڀٽي
خيريت سان 2013ع ۾ چونڊجي آيل هڪ ٻي جمهوري حڪومت پنهنجو مدو  پورو ڪري  گهر هلي وئي پر  ٻنهي جمهوري دورن ۾ ڪو به اهو ڏينهن نه بچيو هو، جنهن ڏينهن اسان نه ٻڌو هو ته حڪومت تمام جلد ختم ٿي ويندي، اهڙيون ڳالهيون پيپلزپارٽي جي  حڪومتي دور ۾ ٿينديون هيون، جڏهن نوازشريف روڊن تي هوندو هو پر جڏهن مسلم ليگ ن جي حڪومت آئي ته اُن وقت پيپلزپارٽي ، مسلم ليگ ن جيان ورتاءُ نه ڪيو پر پيپلزپارٽي مفاهمت وارو دڳ اختيار ڪيو، جيڪو مسلم ليگ  استعمال نه ڪيو هو. بهرحال مسلم ليگ ن جي اچڻ کان پوءِ ملڪ امن قائم ٿيو پر ماڻهن جي گم ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، جنهن جون دانهون نوازشريف به ڪندو رهيو ته سندس ڪارڪنن کي گم ڪيو پيو وڃي. هاڻ جڏهن مسلم ليگ ن پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ نگران سيٽ اپ به اچي چڪو آهي ته اليڪشن ڪميشن جا اجلاس  به ٿي رهيا آهن ته اميدوارن پاران پنهنجن پنهنجن تڪن جي  ماڻهن ڏانهن اچ وڃ جو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي.
پيپلزپارٽي پارٽي پاران به اميدوار بيهاريا ويا آهن پر   هن ڀيري لڳي نٿو ته پيپلزپارٽي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ به سنڌ ۾ تمام گهڻو سرگرم ٿي وئي آهي ۽ مٿان وري مسلم ليگ ن به تمام گهڻو ايڪٽو ٿي وئي آهي ۽ ذوالفقار مرزا به بدين  ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي آهي ۽ فنڪشنل ليگ به پنهنجا پنهنجا پير ڄمائي رهي آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي به هن ڀيري ميدان ۾ اچي ٻين پارٽين کي پريشان ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو موقف سنڌ دوست موقف آهي ۽  هن ڀيري سنڌ جا ساڃاهه وند قومپرستن کي  ئي ووٽ ڏيندا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي ۽ سنڌ مان اقتدار  ۾ ايندڙ پارٽي خاموش آهي ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند قومپرست تنظيمن جي ئي سپورٽ ڪندا.
جڏهن مسلم ليگ ن جي حڪومت آئي ته اُن وقت دهشتگردي به عروج تي هئي ۽ بجلي جو بحران به تمام گهڻو هو پر نوازشريف ايندي ئي دهشتگردن جو صفايو ڪيو، سڀ کان پهرين ڪراچي ۾ دهشتگردن جي صفائي جو سلسلو شروع ٿيو، اهي دهشتگرد جيڪي ضياءُ الحق جي پيدوار هئا ۽ حڪومت جي هٿن مان نڪري ويا هئا پر مسلم ليگ  ايندي انهن جي ڳچي ۾ پٽو وڌو ۽ عدالتن لنڊن جي شخص  تي ملڪ جي حساس ادارن  جي توهين ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. اهي دهشتگرد اڄ به سوشل ميڊيا تي پنهنجا بيان جاري ڪري رهيا آهن ۽  کلي عام ملڪ  سان گڏ  حساس ادارن خلاف ڪنيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن پر حڪومت  وٽ اهڙن کي جواب ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهي،  ڀلو ٿيو لاهور هاءِ ڪورٽ جو جنهن هڪ لنڊن  واري شخص تي پابندي لڳائي ۽ ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو، اها ته سڀني کي خبر  آهي ته اهو امن ڪافي دير تائين نه رهي سگهندو، ڇاڪاڻ ته رڳو هڪ شخص  کي  نه ڏيکارڻ جو حڪم ڏئي  ڪراچي جو امن قائم نٿو رکي سگهجي، جيڪا تنظيم ڪراچي ۾ ڀتاخوري، فيڪٽرين کي باهه ڏئي ماڻهن کي ساڙي مارڻ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث هئي،  اُن تي پابندي نه لڳائي و ئي ۽ نه ئي ان جي رجسٽريشن رد ڪئي وئي، جنهن سبب ڪراچي  جي عوام جون هن وقت به ننڊون حرام آهن ۽ انهن کي اها ڳڻتي آهي ته متان وري  اسان جي ملڪ جا واڳ ڌڻي انهن دهشتگردن جو پٽو کولي نه  ڇڏي،
جيڪڏهن انهن دهشتگردن جو پٽو کلي ويو ته پوءِ وري هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جو راڄ هوندو ۽ هي روشنين جو شهر ٻيهر اونداهي ۾ هليو ويندو.  ڪراچي ۾ بدامني جو ٻيو سڀ کان وڏو غير ملڪي آهن، جن کي مذهب جي نالي تي ترسائي انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ  هتان جو  رهواسي قرار ڏنو پيو وڃي، اها دنيا به ڄاڻي ٿي ته ڪهڙي ريت  حڪمرانن ۽ ادارن  غيرملڪين کي آباد ڪري سنڌين جي وسيلن تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن وقت به سنڌ جي وسيلن تي قابض آهي. پر چوندا آهن ته ڪوڙ جي ديوار هڪ ڏينهن ضرور ڊهندي ۽ سنڌين کي پنهنجا حق ملندا،  پر اهي حق تڏهن ئي ملي سگهن ٿا، جڏهن سنڌ جا ماڻهو تبديلي پسندن کي ووٽ ڏين ۽ اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏين، جيڪي سنڌ ۾ انقلاب ۽ تبديلي جو نعرو  هڻن ۽ جن جي دلين ۾ سنڌي قوم جي لاءِ محبت هجي ۽ انهن جو ڏک محسوس ڪرڻ جي سگهه هجي،
جيڪڏهن  هن ڀيري به  سنڌ جو عوام سجاڳ نه ٿيو ته سنڌ  کي فلسطين ٿيڻ کان ڪير به بچائي نه سگهندو،جنهن جي ڪري سنڌ جي ماڻهن کي اهڙن اميدوارن کي چونڊجڻ گهرجي، جيڪي ايوانن ۾ سنڌ جو ڪيس درست نموني کڻي وڃن، ايئن نه ٿئي، جيئن ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي. جيڪڏهن  هن ڀيري به سنڌ جي ماڻهن تبديلي نه آندي ته آبادگار ايئن روڊن تي   ذليل ٿيندا رهندا ۽ اهلڪارن هٿان تشدد جو نشانو بڻجندا رهندا، جيئن ڪراچي  ۾ آبادگارن تي پوليس اهلڪارن لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، تنهن ڪري استاد ڪراچي ۾ ٿيل تشدد کي نه وسارين ۽ نه ئي ليڊي هيلٿ ورڪر پاڻ سان ٿيل ڏاڍ کي وسارين، جيڪڏهن هن ڀيري به  شهيدن جي نالي تي ووٽ ڏنو ويو ۽ سڌ جي حقيقي قيادت کي ووٽ نه ڏنو ويو ته سنڌ جا دشمن تمام گهڻو سگهارو ٿي ويندا، اُن ڪري سنڌ جي عوام کي سوچي سمجهي ووٽ جو حق ادا ڪرڻ گهرجي. رهي ڳالهه بدين جي ته، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جهڙي ريت ڪراچي دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايو، اها سگهه پيپلزپارٽي جي ڪنهن ٻئي ورڪر ۾ نه هئي، هي واحد بهادر ماڻهو هو، جنهن ڪراچي ۾ دهشتگردن کي ميڊيا تي ويهي جواب ڏنو ۽  سنڌ جي دشمنن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون ۽ هاڻ هڪ وڏو جلسو به ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته عوام ساڻس گڏ آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ ٻيون پارٽيون به جلسا ڪنديون آهن پر جهڙي ريت عوام ذوالفقار مرزا جي جلسي ۾ گڏ ٿيو، ان جو ويجهڙ ۾ نه ٿو ملي. 
بهرحال مختلف تنظيمن جي خواهش آهي ته چونڊون ملتوي ڪيون وڄن،  پر مسلم ليگ ن نٿي چاهي ته چونڊن ۾ دير ٿئي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته نوازشريف تاحيات نااهل ٿي چڪو آهي ۽ ٻيو مٿان وري مسلم ليگ ن جي اڳواڻن تي ڪيس به هلي رهيا آهن ۽ هاڻ اها جماعت اقتدار ۾ به نه آهي، ڪنهن به اڳواڻ جي گرفتاري به ٿي سگهي ٿي. اهو ئي خوف مسلم ليگ ن کي اڏوهي جيان کائي رهيو آهي، جنهن سبب مسلم ليگ نه ٿي چاهي ته  چونڊن ۾ دير ٿئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ٻئي حڪومت هئي، جنهن پنهنجو مدو پورو ڪيو پر  مخدوم جاويد هاشمي جو چوڻ آهي ته حڪومت ته مدو پورو ڪيو پر نوازشريف کي  مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو.

بهرحال اسان ته اهو ئي چاهيون ٿا ته چونڊن ٿين ۽ اهڙي جماعت اچي، جيڪا ملڪ ۾ دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي ۽ جيڪي دهشتگرد سنڌ جي امن کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، انهن خلاف ڪارروائي ڪري ۽  ڌارين جي لوڌ کي ملڪ مان ڪڍڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي ۽ جن به غير ملڪين کي هن ملڪ جا مذهب جي نالي تي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، انهن کي رد ڪيو وڃي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت نه ٿي ڪري سگهي ته سنڌ  پوليس کي اختيار ڏنا وڃن ته جئين  سنڌ ۾ موجود پرڏيهين کي هتان تڙي ڪڍي سگهجي. جيڪڏهن چونڊن کان اڳ ڌارين کي ڪڍڻ جي حڪمت عملي جوڙي نه وئي ته اهي هن ملڪ ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو وڏو سبب بڻجي سگهجن ٿا. 

نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ دوران رد ٿيل اميدوارن جو آيل رد عمل

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ نامزدگزي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ وارو سلسلو به مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جن اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ٿيا آهن، انهن پاران مختلف  بيان جاري ڪيا پيا وڃن، ڪجهه اميدوارن ته اليڪشن ڪميشن پاران جوڙيل ٽربيونل ۾ اپيلون به داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جا اين اي 131 تان نامزدگي فارم منظور ڪيا وي  آهن ۽ اين اي 53 تي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي،  عائشه گلالئي ۽ عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ اعتراضن بعد رد ڪيا ويا آهن، جن طرفان به ايترو ڪو خاص رد عمل نه آيو آهي. ايتري قدر جو مختلف  درخواستگذارن پاران  اعتراض به واپس ورتا ويا آهن.  نامزدگي فارمز جي ڇنڊڇاڻ جو گذريل ڏينهن آخري هيو، ڪراچي ۾ فاروق ستار پاران ٻن ڪيسز ۾ مفرور ڄاڻائي اين اي 245 تي نامزدگي فارم رد ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ايم ايم اي اميدوار اسد الله ڀٽو ۽ سجاول ۾ پ پ اميدوار شفقت شاهه شيرازي بئنڪ جا قرضي هجڻ تي سندن نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آهن. نواب شاهه ۾ اين اي 213 تي آصف زرداري خلاف شهري پاران اعتراض واپس وٺڻ بعد سندس نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن. ساڳئي تڪ تي قادر مگسي جو به نامزدگي فارم منظور ڪيو ويو آهي،
سانگهڙ جي اين اين 216 تي شازيا مري جو نامزدگي فارم منظور ڪيو ويو، جڏهن ته سکر ۾ پي ايس 24 تي نصرت سحر عباسي، محمد علي شيخ ۽ يار محمد شيخ جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن، ٽنڊو الهيار پي ايس 60 تي ويرو ڪولهڻ جو نامزدگي فارم منظور ڪيو ويو. ان سان گڏوگڏ تحريڪ انصاف کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.  بني گالا ٻاهران ٽڪيٽس جي ورڇ واري معاملي تي احتجاج ڪندڙ پشاور کان پهتل ڪارڪن پاڻ ۾ وڙهي پيا هئا ۽ لٺين، لَتُن ۽ مُڪن جو وسڪارو ڪيو ويو هو ،عمران خان چيو آهي ته ٽڪيٽس ميرٽ ۽ اهليت جي بنياد تي ڏنيون، ڪنهن جي چوڻ سان فيصلو تبديل نه ٿيندو. جئين ته ملڪ ۾ 25 جولاءِ  تي چونڊون ٿي رهيون آهن، مختلف پارٽين ۽ آزاد اميدوارن پاران نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن، جن جي ڇنڊ ڇاڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي. ۽ ان حوالي سان نامزدگي فارم منظور ۽ رد ڪرڻ جو سلسلوجاري آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا نامزدگي ڪاغذ اين اي 246 لياري ڪراچي جي سيٽ لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اين اي 240 لاءِ تحريڪ انصاف جي خان زمان خٽڪ جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏنا ويا آهن. اين اي 132 لاهور لاءِ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، جنهن تي ريٽرننگ آفيسر اسلم پنجوتا 14 جون تي فيصلو محفوط ڪيو هو. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جا اين اي 131 تان نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اين اي 53 تي عمران خان جا نامزدگي فارم رد ڪيا وا آهن، رٽرننگ آفيسر پاران اين اي 131 تي سندس نامزدگي خلاف داخل اعتراض رد ڪري ڇڏيا  آهن، جڏهن ته اين اي 213 نوابشاهه تي اڳوڻي صدر آصف علي زردار جو نامزدگي فارم منظور ڪيو ويو آهي، رٽرننگ آفيسر پاران سندس نامزدگي خلاف داخل اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن.
اسلام آباد ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ نارووال ۾ احسن اقبال جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا  آهن. تحريڪ انصاف سربراهه خان جا به اين اي 131 لاءِ نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن. پشاور ۾ اين اي 31 لاءِ الحاج غلام بلور  ۽ پي ڪي 78 تان هارو بشير جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. بلوچستان جي تڪ بي پي 16 لاءِ پ پ جي اميدوار مير فرحان حسين مگسي جا نامزدگي ڪاغذ منظور  ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اين اي 260 ڪڇي جهل مگسي تان بي اين پي اميدوار پروفيسر ڊاڪٽر شهناز بلوچ جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. ملتان جي صورتحال ٿوري دلچسپ آهي، ڇاڪاڻ ته جاويد هاشمي جا نامزدگي ڪاعذ رد ٿيڻ بعد درخواستگذار پاران احتجاج ڪيو ويو هو. جئين ته ملتان ۾ اين اي 155 لاءِ جاويد هاشمي جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض ختم ٿيڻ بعد فارم منظور ڪيا ويا  هئا. پي پي 217 ملتان تان  پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا، جڏهن ته اين اي 156 تان راڻا شاهد الحسن، پي پي 217 تان راڻا عبدالجبار ۽ سلمان نعيم جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. عامر ڊوگر چيو آهي ته عمران خان ملڪ جو وزيراعظم ۽ شاهه محمود قريشي وڏو وزير ٿيندو.
تڪ اين اي 53 اسلام آباد تان پ پ اڳواڻ نامزد اميدوار سيد سبط الحيدر بخاري جا ڪاغذ منظور  ڪيا ويا، تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ جا اعتراض رد ٿيڻ بعد اين اي 53 لاءِ عائشه گلالئي جي اعتراض منظور ڪيا ويا آهن، مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز جا پي پي 173 تي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. آر او دليل ٻڌڻ بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ سرفراز کوکر جي اعتراضن کي رد ڪيو هو.  پشاور ۾عورتن جي قومي سيٽن لاءِ 88 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 262 عورتن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ستاره آفرين ۽ اي اين پي اڳواڻ رابعا ضيا جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال مڪمل ڪئي وئي آهي. جمعيت علماءَ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جا ڊيرا اسماعيل خان جي تڪ اين اي 38 لاءِ نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.  اين اي 124 لاهور ٽو تان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، جنهن تي ريٽرننگ آفيسر اسلم پنجوتا محفوط ڪيل فيصلو ٻڌايو. اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) پرويز مشرف جا نامزدگي ڪاغذ اين اي هڪ چترال تان رد ڪيا ويا آهن. ريٽرننگ آفيسر محمد خان پرويز مشرف جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا، عدالت پرويز مشرف کي فارم جمع ڪرائڻ وارو حڪم واپس ورتو هو. جيڪو فيصلو واپس ورتو ويو هو.
اين اي 53 لاءِ آل پاڪستان مسلم ليگ جي اميدوار ڊاڪٽر امجد جا نامزدگي ڪاعذ درست قرار ڏنا ويا آهن. جڏهن ته ڊاڪٽر امجد 3 سال ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرايا ويا آهن. ڊاڪٽر امجد چيو آهي ته اسان چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺنداسين، هن ڀيري ڪو به بائيڪاٽ نه ڪيو ويندو. اين اي 127 لاءِ جمشيد چيما، اين اي 128 لاءِ اعجاز ڊيال جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. اين اي 125 لاءِ سمعيا ناز، محمد رياض، وسيم خان، پرويز ملڪ، زعيم قادري جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. اين اي 123 لاءِ ملڪ رياض ۽ واجد عظيم سميت 14 اميدوارن جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز، ياسيمن راشد، سعيد رفيق جا به نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن. هاڻ ڏسڻو آهي ته   25 جولاءِ تي ڪهڙي حڪومت ٿي کٽي ۽ ڪهڙي پارٽي اقتدار ۾ ٿي اچي، جيئن ته هڪ ڳالهه واضح ٿي وئي  آهي ته هن ڀيري ڪا به پارٽي  اڪثريت ۾ نه ايندي ۽  جيڪڏهن چونڊون وقت تي ٿين ٿيون پارٽين کي  گڏجي حڪومت ٺاهڻي پوندي.


Friday 15 June 2018

ملا فضل الله جي مارجڻ بعد پاڪ افغان لاڳاپن ۾ بهتري جو امڪان


صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ دهشتگردي جو سلسلو ڪجهه عرصي کان جاري آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ بدامني وڌندي پئي آهي، ايتري قدر جو ملڪ ۾ دهشتگردي سبب هزارين ماڻهن جانيون قربانيون ڪري ڇڏيون آهن، دهشتگردن ڪڏهن اسڪولن تي حملا ڪيا ته ڪڏهن وري دهشتگردن مسجدن، امام بارگاهن تي حملو ڪيو،  پر دهشتگردن جو اڄ تائين خاتمو نه اچي سگهيوآهي پر ايترو ضرور ٿيو آهي جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل آپريشن بعد ڪجهه دهشتگرد پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويا آهن، جيڪي وقتن به وقتن ضاهر ٿيندا رهيا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزاري سيڪيورٽي اهلڪار به شهيد ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترا زخمي به ٿيا آهن.

ڪجهه سال اڳ دهشتگردي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري معصوم ٻارڙن سميت  150 کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، ايتري قدر جو دهشتگردن ڪڏهن مسجدن کي نشانو بڻايو ته ڪڏهن وري گرجا گهرن ۾ داخل معصوم ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو، اهو سلسلو اڃا رڪجي نه سگهيو، اهو  سلسلو اڄ به ملڪ ۾ هلي رهيو آهي، جنهن سيڪيورٽي اهلڪارن جي قربانين ۽ عوام جي ڏنل قربانين سبب ٿوري ماٺ ضرور آئي آهي، جنهن کانپوءِ اهو محسوس ٿي رهيو  آهي ته دهشتگرد اسان جو ملڪ ڇڏي هليا ويا آهن، جيڪي حالتون بهتر ٿيڻ جي آسري ۾ ويٺا آهن، جيڪي ڪڏهن به وري هن ملڪ داخل حملا ڪري سگهن ٿا. هونئن به وفاقي گهرو  وازارت اهو چوندي رهي آهي ته ملڪ ۾ جيڪي به حملا ٿيندا آهن، انهن جون ڪڙيون پاڙيسري ملڪن سان ملندي آهي ۽ پاڪستان هميشه پاڙيسري ملڪن کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، پر  هاڻ ان ۾ هڪ وڏي اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

افغانستان جي بچاءُ واري وزارت آمريڪي ڊرون حملي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه ملا فضل الله جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ اها اميد ظاهر ڪري  سگهجي ٿي ته  ملا فضل الله جي مارجڻ کانپوءِ هن ملڪ ۾ ڪافي حد تائين امن ممڪن ٿي سگهي ٿو، افغانستان جي بچاءُ واري وزارت به گذريل ڏينهن اها تصديق ڪندي چيو ته ملا فضل الله صوبي ڪُنـَڙ ۾ ڊرون حملي ۾ چئن ساٿين سميت مارجي ويو  آهي، جڏهن ته آمريڪي فوجي ترجمان ليفٽيننٽ ڪرنل مارٽن اوڊونل جو چوڻ هو ته ڊرون حملي جو هدف دهشتگرد ڪمانڊر هو، 27 رمضان کانپوءِ جنگبندي جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي وئي. افغان  بچاءُ واري وزرارت جي ترجمان محمد رد منيش جو چوڻ هو ته ملا فضل الله 13 جون تي آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو. افغانستان ۾ مقرر آمريڪي فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ ڪرنل مارٽن اوڊونل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو  ويو ته 13 ۽ 14 جون جي واري رات آمريڪي فوج پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي. جنهن جو هدف دهشتگرد ڪمانڊر هو، حملي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراهه ملا فضل الله چئن ساٿين سميت مارجي ويو.

واضح رهي ته ملا فضل الله حڪيم الله محسود جي مارجڻ بعد ٽي ٽي پي جو سربراهه بڻيو هو، هو 2014ع ۾ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل حملي ۽ ملالا يوسف زئي جو ماسٽر مائينڊ هو. آمريڪا ملا فضل الله کي انتهائي گهربل دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو ۽ سندس زنده گرفتاري توڙي مارڻ تي 50 لک ڊالر انعام جو به اعلان ڪيو هو. ان کان اڳ به ملا فضل الله جي مارجڻ جون خبرون هلنديون رهيون آهن پر انهن جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي پر هن ڀيري تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪمانڊر عبدالرشيد  تصديق ڪندي چيو آهي ته ملا فضل الله ڪنڙ ۾ هڪ گهر اندر موجود هو ته   حملي ۾ مارجي ويو.

اهڙي  تصديق کان پوءِ اهو واضح طور چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان به افغانستان حڪومت کان  اهو مطالبو ڪندو رهيو  آهي، جيڪي دهشتگرد  پاڪستان فرار ٿي افغانستان هليا ويا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهڙي ڪارروائي کان پوءِ افغاستان ۽ پاڪستان جي لاڳاپن  ۾ بهتري اچي سگهي ٿي،  پر لڳي ٿو ته  آمريڪا جي اهڙي ڪارروائي بعد دهشتگرد ڪا نه ڪا ڪارروائي ضرور ڪندا، ڇاڪاڻ ته ملا فضل الله تحريڪ طالبان پاڪستان جو هڪ رڪن هو ۽  ملا فضل الله جي مارجڻ سان پاڪستان ۾ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي ويندي  ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان  کي  سنڀالڻ تمام گهڻو طالبانن لاءِ ڏکيو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته  ملا فضل الله پاڪستان مان اُن وقت فرار ٿيو هو،  جڏهن ملڪ اندر دهشتگردن خلاف تمام گهڻيون ڪارروايون شروع ٿي ويون  پر جيئن ته کوڙ سارا دهشتگرد هن وقت ملڪ کان فرار ٿي ويا آهن، جيڪي افغانستان  سميت سرحدي علائقن ۾ لڪيل آهن، جن بابت  پرڏيهي کاتو به انڪشاف ڪندو رهيو آهي ته   پاڙيسري ملڪن مان دهشتگرد اچي ڪارروايون ڪن ٿا پر هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ پاڪستان جي دانهن نه  ٻڌي آهي.

پر هاڻ جيڪي افغانستان ۾ ڪارروائي ٿي  آهي، جنهن کان پوءِ لڳي پيو ته پاڙيسري ملڪن ۾ پيدا ٿيل اختلاف ختم ٿي ويندا ۽ سرحدي صورتحال بهتر ٿي ويندي. بهرحال افغان صدر اشرف غني به چيو آهي ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري آهي ۽ هو دهشتگردن کي انجام تائين  پهچائيندا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دهشتگردي رڳو  پاڪستان جو مسئلو نه آهي پر اهو سڄي خطي جو مسئلو آهي، جيڪڏهن ٻئي ملڪ گڏجي دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ڪندا ته دهشتگرد  معصوم ماڻهن کي قتل ڪندا رهندا.  هونئن ته آمريڪا به  پاڪستان کان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندو  رهيو آهي پر پاڪستان  جو واضح موقف آهي ته  هو بنا فرق جي دهشتگردن خلاف  ڪارروائي ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي پئي آهي.

عيد ڏهاڙي پنهنجن پيارن لاءِ احتجاج ڪندڙن سان انصاف ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
صوفين جي هي سرزمين قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، هتي پيٽرول، گيس  ۽ ڪاري سون ( ڪوئلو ) جا وڏا ذخيرا  موجود آهن ۽ سڄي دنيا جون نظرون صوفين جي سرزمين  تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو اڄ بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن. سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جو قبضو  آهي ۽ مذهب جي نالي تي سنڌين کي اقليت ڪرڻ لاءِ حڪمران سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري رهيا آهن ته جيئن اهي پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿي سگهن، جڏهن به سنڌ خلاف سازش ٿيندي آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ ڌاري لوڌ انهن ڌرين سان سهڪار  ڪندي آهي، جيڪي سنڌ جي وسيلن تي قابض آهن، جنهن جو چٽو ثبوت ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد پرڏيهي آهن، جن کي هن ملڪ جي حڪمرانن سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري انهن کي هتان جو  رهواسي تسليم ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي ۽ سنڌ جا دشمن انهيءَ فارمولي ۾ ڪامياب ويا آهن پر سنڌ مان ڪامياب ٿيندڙ نمائندا ڪڏهن به ڌارين جي لوڌ  جي آبادڪاري خلاف ايوانن ۾ ناهي ڳالهايو ۽ نه ئي انهن ۾ ايڏي جرئت آهي جو اهي سنڌ جي حقن بابت جاکوڙ ڪري سگهن..
جيئن جيئن ڏينهن گذري رهيا آهن، تيئن تيئن سنڌ جون حالتون به تبديل ٿي رهيون آهن، هڪ طرف بلڊر مافيا سنڌ جي سون واري زمين کي ڀڳڙن مٺ وٺي ڌارين کي آباد ڪرڻ جا وڏا وڏا منصوبا جوڙي رهيا آهن ۽ اهي بلڊر مافيا به سنڌ جي دشمنن جو ساٿ ڏيندا آهن. ڪالا باغ ڊيم هجي يا وري سنڌ جي پاڻي واري حصو جو معاملو  اهي هميشه سنڌ جي مخالفن سان ئي گڏ هوندا آهن. ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ ساڃاهه وندن جي احتجاج کان پوءِ سنڌ جي نوجوان نسل ۾ هڪ اتساهه پيدا ٿيو آهي ۽ اهي پنهنجي وطن جي حفاظت ۽  سنڌ جي غريب ماڻهن جي حقن لاءِ روڊن تي نڪتا آهن پر  ڪجهه ڌرين کي اهو احتجاج پسند نه آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ سنڌي نوجوانن  کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو تيز ٿي  ويو، ڪيترائي سنڌي نوجوان پنهنجن پيارن کان جدا ٿي ويا آهن، جنهن سبب انهن جا وارث نياڻين سميت روڊن تي اچي ويا آهن ۽ اهو روڊن تي اچڻ به انهن ڌرين کي پسند نه آيو آهي، جنهن سبب احتجاج ڪندڙن کي احتجاج کان روڪيو پيو وڃي۽  احتجاج ڪندڙن کي الائي جي ڪهڙا ڪهڙا لقب ڏنا پيا وڃن، 
ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي نياڻين کي تشدد جو نشانو بڻائي سندن لٽا به ليڙون ليڙون ڪيا ويا . هونئن ته کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان احتجاج جاري هو پر اُن احتجاج ۾ شدت  ڪراچي واري احتجاج کان  ٿي آهي، جڏهن ڪراچي پريس ڪلب ويجهو سنڌ جون نياڻيو پنهنجن پيارن جي بازيابي لاءِ بک هڙتال ڪئمپ تي ويٺيون هيون ته اتي انهن مٿان حملو ڪيو ويو ۽ پنجن نوجوانن کي کنڀيو ويو پر جيئن ته اهي ماڻهو ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿي ويا هئا، جنهن سبب انهن کي صبح ٿيندي ڇڏيو ويو پر انهن ماڻهن کي هن وقت تائين نه ته عدالتن ۾ آندو ويو آهي ۽ نه ئي وري انهن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. جنهن سبب سڄي سنڌ ڳڻتي ۾ ورتل آهي ته اهي سنڌي ڪٿي آهن، ڪهڙي اداري وٽ آهن،ڪراچي ۾ سنڌ جي نياڻين سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويو، اُن تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، جيڪي چينل سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جون خبرون نه هلائي رهيا هئا، اهي به خبرون هلائڻ لاءِ مجبور ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ جون نياڻيون يڪجهتي طور روڊن تي نڪري آيون هيون، ليکڪ، اديب، ڏاها، ساڃاهه وند، سول سوسائيٽي ۽ وڪيل به احتجاج ۾ شريڪ ٿيا ۽ هڪ سگهارو آواز اٿيو، جنهن تي حڪمرانن  کنڀي گم ڪيلن ماڻهن کي بازياب ڪرڻ بدران  اهو چيو ته سنڌ جا ماڻهو انهن احتجاجن ۾ شريڪ نه ٿين، 
مطلب ته هاڻ سنڌين کان ووٽ وٺي اقتدار ايندڙن کي سنڌ جي ماڻهن جي ڪا به پرواهه نه آهي ۽ نه اهي سنڌ  جي نوجوانن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ سنجيده نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن سنڌ جي حڪمرانن جو اهو حال هجي ته پوءِ ڌارين مان اها ئي اميد ڪري سگهجي ٿي، اهي ڪنهن به ريت سنڌ جي ماڻهن تي رحم نه ڪندا ۽ اهو ظلم جاري ۽ ساري رکندا،  جيڪڏهن اهڙي صورتحال ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجي ته عالمي ميڊيا ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ها پر جيئن ته سنڌين کي غلام سمجهي انهن جا حق غضب ڪيا پيا وڃن انهن جي وسيلن تي قبضو آهي ۽ پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ احتجاج ڪرڻ سان حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه چرندي آهي. 
متاثر خاندانن جو ته اهو ئي مطالبو آهي ته سندن پيارن کي بازياب ڪيو وڃي، جيڪڏهن انهن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته پوءِ هن ملڪ ۾ عدالتون به موجود آهي، جيڪي انهن کي جيڪا سزا ڏين، انهن کي قبول آهي، گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ظاهر ته ڪيو وڃي ته جيئن کين تسلي ٿئي ته اهي زندهه به آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو به مثال نه ٿو ملي جتي اهڙي ريت ڏينهن ڏٺي جو  ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا هجن ۽ ڪو به ادارو انهن بابت ٻڌائڻ لاءِ تيار به نه هجي، اتي انسان جو ڪو به قدر نه هوندو آهي،  ڪراچي واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪا احتجاج جي لهر اٿي اها رڳو سوشل ميڊيا جي ڪري ئي اٿي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ احتجاج ڪندڙن جو احتجاج به ميڊيا تي ڏيکارڻ وڏو گناهه ٿي ويو آهي، جنهن سبب  ڪنهن به ميڊيائي چينل ڪراچي واقعي سميت کنڀي گم ڪيلن ماڻهن بابت خبر نه هلائي. پر احتجاج ڪندڙن بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ احتجاج جاري رکيو، 
ايتري قدر جو بي بي سي جهڙي اداري به سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ ڪيل احتجاج کي ڪا  خاص ڪوريج نه ڏني ۽ نه ئي قومي ميڊيا  احتجاج جون خبرون هلايون، ميڊيا تي کنڀي گم ڪيلن بابت جيڪي خبرون هليون آهن، انهن موجب، اعجاز تونيو، هدايت لوهار، خادم حسين آريجو ، سرويچ نوحاڻي، قيوم ناريجو، امجد شاھ، سهيل رضا ڀٽي، حيدر کوسو، اصغر بروهي، آصف بليدي،) مير سڪندر، دلدار جوڻيجو، انعام الله عباسي، ننگر چنا، ديدار امرت، ڪليم تونيو، نميل عرف گورو  ۽ ٻيا شامل آهن، جن جا وارث در در ڀٽڪي رهيا آهن، جن جون دانهون ڪير به نه ٻڌي رهيو آهي. عيد جي موقعي تي به اهي پنهنجن پيارن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪمرانن ۽ شهيدن جي نالي  تي سياست ڪندڙ حڪمرانن جون اکيون بلڪل بند آهن، جن کي سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن ماڻهن جي وارثن جي تڪليف محسوس نه ٿي رهي آهي. انهن ماڻهن کي ته اها به خبر نه آهي ته اهي آخر آهن ڪٿي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته شهرين جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي پر افسوس جو حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويا آهن. روز روز احتجاج ڪرڻ باوجود ڪنهن به بيان ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي آهي. آخر اسان انهن حڪمرانن ڪهڙي اميد ڪري سگهون ٿا، جن جي هوندي ماڻهو کنڀجي وڃن ۽ انهن بابت ڪو به ادارو نه ٻڌائي ته اهو سان لاءِ  وڏو الميو آهي. 
سڀ کان وڏي اهم ڳالهه اها ته جيڪي ماڻهو گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن کي به کنڀي گم ڪيلن جي فهرست ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، احتجاج کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر  ماڻهن کي کنڀڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. احتجاج ڪندڙ گڏيل قومن  جي اداري کي اپيل ڪري رهيا آهن ته سندن پيارن کي بازياب ڪرايو وڃي يا وري انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن  سچ دنيا آڏو اچي سگهي. 

Wednesday 13 June 2018

آمريڪي صدر ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه وچ ۾ ٿيل تاريخي ملاقات

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا دنيا جو سپر پاور ملڪ آهي، جيڪو سڄي دنيا پنهنجا هٿيار سپلاءِ ڪري رهيو آهي ۽ ان سان گڏ آمريڪا پنهنجيون شيون سڄي دينا ۾ وڪرو ڪري رهيو آهي،  مطلب ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو انسانن تي جوهري هٿيار استعمال ڪرڻ وارو ملڪ به آمريڪا به آهي، جنهن سبب سڄي دنيا سندس خوف ڇانيل آهي. جاپان، چين، اترڪوريا ۽ ايران سميت ڪيترائي ملڪ سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿا ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته جوهري هٿيارن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪنالاجي آمريڪا وٽ ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جهاز ۽ هٿيار ڏيڻ آمريڪا جو سڀ کان وڏو ڪاروبار  آهي. 
عراق، شام ۽ افغانستان ۾ جيڪي تباهي آئي آهي، اها به آمريڪا جي ڪري ئي آهي، هوئن ته آمريڪا جو ايشيا تي تمام گهڻو ڪنٽرول رهيو آهي پر آمريڪا سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ چين به ميدان تي لهي آيو آهي ۽ ان سان گڏ روس، ايران سميت ٻيا ملڪ گڏ آهن. اتر ڪوريا ۽ جاپان سان به چين جا سٺا لاڳاپا آهن ۽ گڏيل قومن ۾ به چين، روس ۽ ٻيا ملڪ آمريڪا سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا آهن.
 جيئن ته هن وقت سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرو دهشتگردي کان آهي، جنهن سبب آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي جو جواب بڻائي افغانستان، عراق ۽ شام  تي حملا ڪري رهيو آهي جنهن سان لکين معصوم شهرين جون جانيون زيان ٿي چڪيون آهن، مطلب ته ڪڏگهن آمريڪا آبادي وارن علائقن ۾ تي حملا تي ڪري ٿو ته ڪڏهن اسپتالن مٿان بم ڪيرايا وڃن ٿا، اهڙي ريت پاڪستان ۾ ڪجهه عرصو اڳ ڊرون حملا ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته انهن ڊرون حملن ۾ دهشتگرد ماريا ويا 
بهرحال آمريڪا طاقتور ملڪ آهي، جتي چاهي ٿو ته ان ملڪ تي پنهنجو حڪم هلائي رهيو آهي. پر اڄ ڪلهه اتر ڪوريا، چين ۽ روس سندس رستي آڏو رنڊڪ بڻجي رهيا آهن ۽ ڪجهه ملڪ هاڻ پنهنجا جوهري هٿيار تيار ڪري رهيا آهن، جنهن سبب آمريڪا کي ڳڻتي ٿي وئي آهي ته متان سندس ڪاروبار کي ڌڪ رسي. ان جو اندازو اسان اتر ڪوريا جي سربراهه جي بيانن مان لڳائي سگهون ٿا. هن وقت آمريڪا، ايران ۽ اترڪوريا کان تمام گهڻو ڪاوڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ملڪ آمريڪا جي حڪمن کي نه مڃي رهيا آهن ۽ ايران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽  اتر ڪوريا  روز روز تجربا ڪري دنيا کي حيران ڪري رهي آهي. جيڪو آمريڪا لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهيو آهي. 
اهو ئي سبب آهي جو هاڻ آمريڪا اتر ڪوريا سان ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويوآهي ۽ ٻنهي ملڪن طرفان جيڪي ماضي ۾ هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون، هاڻ اهو سلسلو آهستي آهستي بند ٿي رهيو آهي.  گذريل اڱاري ڏهاڙي امريڪا ۽ اتر ڪوريا پاران گڏجي  ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق  ڪيو ويو هو. ،  امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اترڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اُن سموريون غلط فهميون ۽ ڌمڪيون هڪ پاسي تي رکي هڪ ٻئي سان هٿ ملائي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو هو. 12 جون تي سنگاپور ۾ هڪ هوٽل  تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان ۾ نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي هئي. 
ميڊيا جي رپورٽن موجب، سنگاپور جي سينٽوسا آئي لينڊ ۾ ٿيندڙ هن تاريخي ملاقات لاءِ ڪم جونگ اُن پنهنجي وفد سان گڏ هوٽل پهتو هو ۽ ڪجهه گهڙين کان پوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ قافلي سميت هوٽل پهتو هو. جنهن کان پوءِ ٻنهي ۾ هٿ ملائي ملاقات جي شروع ٿي هئي، جنهن دوران ٻئي اڳواڻ سنجيده نظر اچي رهيا هئا، ايتري قدر جو روايتي طور ڊونلڊ ٽرمپ خوش نظر اچي رهيو آهي، اهڙي ملاقات کانپوءِ دنيا تمام گهڻو حيران ٿي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ملڪ ماضي ۾ هڪ ٻئي خلاف تمام سخت جملا استعمال ڪندا رهيا آهن پر سٺو ٿيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو، نه ته ان جا به دنيا تي تمام گهڻا خراب اثر پون ها. ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه وچ ۾ 45 منٽن تائين ملاقات جاري رهي، جنهن ۾ اتر ڪوريا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو معاملو سرفهرست هو. ملاقات دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هي ملاقات سندس لاءِ اعزاز آهي ۽ هو گڏجي وڏي ڪاميابي حاصل ڪندا، جڏهن ته صدر ڪم جونگ ان جو چوڻ هو ته انهي ملاقات کانپوءِ خدشا ۽ اڳڪٿيون رد ٿي ويون آهن ۽کيس يقين آهي ته هي ملاقات امن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.اتر ڪوريا جي صدر اهو به چيو ته سموري دنيا جون نظرون هنن لمحن تي لڳل آهن، ڪيترائي ماڻهو هن کي خيالي ۽ سائنس فڪشن فلم جو سِين سمجهي رهيا هوندا. 
جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته هو اتر ڪوريائي هم منصب سان ملاقات بابت بهتر محسوس ڪري رهيو آهي ۽  سنگاپور ۾ ماحول ۾ جوش ۽ خروش آهي.ڊونلڊ ٽرمپ ملاقات کانپوءِ اهو واضح چيو ته اترڪوريا تي پابنديون برقرار رهنديون. ٻئي طرف وري  اترڪوريا جي سرڪاري نيوز ايجنسي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ ڪوريائي خطي ۾ امن جي مستقل ۽ ديرپا طريقي ڪار تي ڳالهه ٻول ٿي. سٺو ٿيو ته انهن ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿي ۽دنيا  ڏٺو ته سپر پاور  ملڪ به هڪ ننڍڙي ملڪ سان ڳالهين لاءِ تيار ٿي ويو، ان جو سبب اهو هو جو اتر ڪوريا وٽ جوهري هٿيار هئا ۽ اهو آمريڪا جهڙي ملڪ سان مقابلو ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. بهرحال هاڻ جيڪو ٿئي پر دنيا تي هڪ پيغام ويوآهي ته مسئلن جو حل جنگ ڪرڻ سان نه پر انهن جو حل ڳالهين ذريعي کي ڪڍي سگهجي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا جهڙو ملڪ اتر ڪوريا سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪري سگهي ٿو. ٻيا ملڪ به  اهڙيون حالتون پيدا ڪن جو   ڪنهن جنگ  ڪرڻ کان بدران ڳالهين وارو دڳ اختيار ڪيو وڃي. 

عيد جي موقعي تي آيل مهانگائي جو طوفان

صاحب خان ڀٽي
ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد جي موقعي تي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ عوام جون خوشيون ئي ختم ٿي ويون آهن.  هونئن ته ٻين ملڪن ۾ مذهبي ڏهاڙن تي حڪومت عوام کي رليف ڏيندي آهي پر اسان جي ملڪ جي حڪمرانن عوام کي رليف ڏيڻ ته ٺهيو، رهندو مهانگائي جو  بم ڪيرائي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته حڪومت کي عوام جي ڪا به پرواهه نه آهي ۽ نه حڪومت عوام کي ڪو رليف ڏيڻ چاهي ٿي، مهانگائي سبب عوام ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.  
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ مهانگائي جو طوفان اچڻ کان نئين ڳالهه نه آهي پر هن ڀيري  مسلم ليگ ن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ اوچتو مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي، جنهن سبب ملڪي معيشت تي تمام گهڻا خراب اثر پئجي رهيا آهن، عيد جي موقعي سبب واپارين، ٽرانسپورٽرن ۽ دڪاندارن به مهانگائي کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، ايتري قدر جو عيد جي موقعي تي نگران حڪومت پاران پيٽرول جو بم ڪرايو ويو آهي، اڳ ۾ جڏهن به حڪومت بم ڪيرائيندي هئي ته عوام جي چيلهه چٻي ٿي ويندي هئي پر هن ڀيري نگران حڪومت جي اچڻ کان پوءِ جيڪي مهانگائي ٿي آهي، انهيءَ ته عوام جو ڳاٽو ئي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هاڻ سندن جيئڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويو آهي. 
مسلم ليگ ن جو موقف آهي ته اها مهانگائي سندن وڃڻ کانپوءِ آئي آهي ۽ ان جي ذميوار نگران حڪومت آهي. نگران حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ عيد جي موقعي کي ڏسندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته هڪ ته منافعي خورن هٿرادو اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏيندا آهن مٿان وري جڏهن حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪندي آهي ته  ان جا عام ماڻهو جي زندگي تي تمام گهڻا اثر پوندا  آهن. حڪومت طرفان جيڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي،  ان موجب، پيٽرول  جي اگهه ۾ 4 رپيا 26 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول في ليٽر 91 رپيا 96 پيسن جو ٿي ويو  آهي. جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 6 رپيا 14 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئون اگهه 74 رپيا 99 پيسا آهي.  گاسليٽ جي اگهه ۾ 4 رپيا 46 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد گاسليٽ 84 رپيا 34 رپيا في  ليٽر ٿي ويو آهي. جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 55 پيسا واڌ ڪرڻ بعد نئون اگهه 105 رپيا 31 پيسا ٿي  ويو آهي. 
مطلب ته  نگران حڪومت عوام جي عيد جي خوشين کي مهانگائي جي طوفان ۾  ختم ڪري ڇڏيو آهي. هونئن به هن ملڪ ۾ ايتري ته مهانگائي آهي جو غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجا ٿي ويو آهي. حڪمرانن قرض کڻي پنهنجا پيٽ ڀريا ۽ ان قرض جو عوام کي ڪو به لاڀ نه مليو، رڳو پيسو خرچ ٿيندي نظر آيو ته اهو رڳو پنجاب ۾ آيو. بهرحال هي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو هڪ طرف هڪ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي ته ٻئي طرف وري انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾  ڊالر 2 رپيا 66 پيسا مهانگو ٿي 122 رپيا 50 پيسن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، فاريڪس ڊيلرز موجب، گذريل ڪجهه ڏينهن کان انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 6 رپيا 88 پيسا مهانگو ٿي چڪو  آهي
. پيٽرول مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٽرانسپورٽرن به ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ ريلوي نظام اسان جو ايترو ڀلو آهي جو ٽڪيٽون ئي نه ٿيون ملن، هر طرف رڳو ماڻهن جو رش لڳل آهي ۽ ٽرانسپورٽر  عيد جي موقعي جو فائدو کڻندي ماڻهن کان وڌيڪ ڀاڙو وٺي رهيا آهن، پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي چري، موٽر وي پوليس پاران ڪجهه  مسافرن ڪوچز خلاف ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي مسافرن کي وڌيڪ ورتل ڀاڙو واپس ڏياريو ويو، پر اهو مسئلي جو حل نه آهي، جيستائين حڪومت ٽرانسپورٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون نه ڪندي ته ٽرانسپورٽرن کي ڏسندي ٻيا ماڻهو به اُن جو فائدو حاصل ڪندا، مطلب ته حڪومت پيٽروليم جو اگهه وڌائي، تڏهن عوام کي بار برداشت ڪرڻو پوندو  آهي، 
جيڪڏهن ٽرانسپورٽر ڀاڙن ۾ واڌ ڪن ته اهو به عوام کي ئي لوڙڻو پوندو آهي. بهرحال اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڊالر جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهتو آهي، اهو به عيد جي موقعي تي واڌ ٿي آهي، جيڪا سمجهه کان بلڪل ٻاهر  آهي، جيڪڏهن حڪومت ڊالر جي اگهه ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ قدم نه کنيا ته رپئي جو ملهه تمام گهڻو گهٽجي ويندو ۽ اسان جو ملڪ وڌيڪ قرضن ۾ دٻجي ويندو، جنهن سان اسان جي ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچندو، تنهن جي ڪري حڪومت کي گهرجي ته تمام جلد تڪڙا قدم کڻي عوام کي رليف مُهيا ڪرڻ سان گڏ  پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيل واڌ واري فيصلي کي واپس ورتو وڃي.  ڇاڪاڻ ته رپئي جي ڀيٽ ۾ پرڏيهي قرضن ۾ واڌ سان عوام تي ٽيڪسن جو نئون بار ۽ مهانگائي جو خدشو وڌي ويو آهي. 
پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ واڌ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي نگران حڪومت کان قيمتون وڌائڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته رپئي جي قدر ۾ سخت گهٽتائي سان اڳوڻي حڪومت جي هٿرادو معاشي ترقي جا پول کلي ويا آهن، گذريل حڪومت ٽيڪس نيٽ وڌائڻ بدران عوام کي سزا ڏيڻ تي يقين رکندي هئي. پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ واڌ سان مهانگائي جو نئون طوفان اٿندو ۽ عيد کان اڳ ئي مهانگائي جو اهڙو طوفان عوام لاءِ ناقابل برداشت آهي. 
بهرحال سياسي بيان پنهنجي جاءِ ته آهن پر هڪ ڳالهه ته بلڪل واضح آهي ته جيڪڏهن ڊالر جو اگهه نه گهٽيو ته رپئي جي مُلهه ۾  لاڳيتو لاٿ ٿيندي رهي  آهي ته ملڪ قرضن جو دٻاءُ برداشت نه ڪندو.  حڪمران ته قرض کڻي هليا ويندا آهن ۽ مهانگائي کي برداشت ڪرڻو عوام کي پوندو آهي. جيڪي به هن وقت تائين قرض کنيا ويا آهن، انهن کي لاهڻ لاءِ حڪومت ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي آهي، جنهن سبب جڏهن آءِ ايم ايف چاهي ملڪ ۾مهانگائي آڻي سگهي ٿي. اڄ ڪلهه جيڪا اسان جي ملڪ ۾ مهانگائي آهي، اهو به ان جو چتو ثبوت آهي. جيڪڏهن اسان جا حڪمران قرض نه وٺن ها ته اڄ هر هڪ ملڪ جو شهري قرضي نه هجي ها ۽ نه ئي دنيا جي ڀيٽ اسان هر شئي ته سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڀريون ها. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ پيٽرول سستو آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ به ڪيس هليو هو. 
بهرحال قرض لهي يا نه لهي پر لڳي ٿو عوام جي کل ضرور لهي ويندي، ڇاڪاڻ ته حڪومت جيڪو هن ڀيري بم ڪيرايو  آهي. ان بم سان هاڻ عوام ڪڏهن به سنئون سڌو نه ٿي سگهندو. عوام تمام گهڻو خوش هو ته عيد جي موقعي تي  حڪمران عوام کي تحفو ڏيندا پر انهن کي اها خبر نه هئي ته حڪمران کين مهانگائي جو تحفو ڏيندا. هڪ طرف کائڻ، پيئڻ جون شيون مهانگيون آهن ته مٿان وري  ٽرانسپورٽرن جي ملي ڀڳت سبب ڀاڙن ۾ واڌ  عوام کي ٻٽي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي. 

Tuesday 12 June 2018

سعودي عرب ۾ هيفا بنت عبدالله السعود جي تصوير تي ٿيل هنگامو

صاحب خان ڀٽي
سعودي عرب اهو واحد ملڪ آهي، جتي عورتن کي اڪيلو گهمڻ ۽ ڦرڻ جي اجازت نه هوندي ۽ نه ئي انهيءَ ملڪ ۾ عورتن  کي گاڏي هلائڻ جي اجازت هوندي هئي، عورت نه ته اڪيلي بازار وڃي سگهندي هئي ۽ نه ئي عورتن کي ڪي ٻيا حق حاصل هوندا هئا، هي اهو واحد ملڪ آهي، جتي چور ي ڪندڙ جو هٿ ڪٽيو ويندو  هو ۽ منشيات اسمگلنگ ڪندڙ کي  سخت سزا ڏني ويندي هئي ۽ سينيمائن تي پابندي لڳل هوندي هئي پر ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي کنيل قدمن کان پوءِ تمام گهڻي تبديلي اچي رهي آهي، جنهن سبب ڪجهه ڌريون وائڙائپ جو شڪار ٿي ويون آهن.
جيئن ته سعودي عرب جي ولي عهد جي کنيل قدمن سان سعودي عرب جا ڪجهه عرب خوش نه آهن ۽ ان سان گڏ اسان جي ملڪ مان به ڪجهه ماڻهو ٿورو پريشان نظر اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته نئين شهزادي ايندي فنڊ جو بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهڙا قانون آڻي رهيو آهي، جنهن کي هتان جا ڪجهه ماڻهو سعودي عرب جي قانون جو مثال ڏئي ماڻهن کي پريشان ڪندا هئا پر جيئن ته هاڻ سعودي عرب ۾ عورتن  کي حق ملي ويا آهن ۽ سعودي عرب ۾ به عورتن  کي  آزادي ملي رهي آهي ته موجوده حڪمرانن تي ٿوري تنقيد به ٿي رهي آهي پر اهڙي تنقيد کي  هو منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪي انتهاپسند آهن، اهي سوشل ميڊيا تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان  خلاف واويلا ڪري رهيا آهن ۽  سندس خلاف هڪ پروپيگينڊا ڪئي پئي وڃي ته عورتن کي حق ڏيڻ ۽ قانون ۾ نرم ڪرڻ واري عمل سان سعودي عرب جي ڪلچر کي نقصان پهچندو پر اُن باوجود سعودي عرب جو شهزادو پنهنجي فيصلي تي قائم آهي،
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سعودي عرب ۾ شهزادن کي بدعنواني ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار  ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو هو ته اُن وقت چيو ويو هو ته اهو سڀ ڪجهه شاهي خاندان جو جهيڙو آهي پر ان کان پوءِ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ انساني حقن جي تنظيمن خلاف به ڪارروائي ڪئي هئي پر اُن وقت هيفا بنت عبدالله خلاف ڪارروائي نه ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته هوءِ سعودي عرب جي شهزادي هئي ۽ ان سان گڏ عورتن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ  انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ هئي پر اُن وقت کيس گرفتار  نه ڪيو ويو هو،
اهڙي عمل خلاف سعودي ولي محمد بن سلمان خلاف سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي هئي. بهرحال  پوءِ آهستي آهستي سعودي عرب ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي، اها تبديلي آمريڪي صدر  ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڪٽنب سميت سعودي عرب ۾ دوري ڪرڻ کانپوءِ آئي. هن وقت جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سعودي عرب  سعودي عرب ۾ سينيمائن تان پابندي ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رياض ۾ پهرين سينيما جو لائسنس آمريڪي ڪمپني کي ڏنو ويو آهي. ايتري قدر جو آمريڪي سينيما ڪمپني اي ايم سي جي ترجمان پاران چيو ويو آهي ته آمريڪي ڪمپني ايندڙ پنج سالن دوران سعودي عرب جي 15 شهرن ۾ 40 سينيما گهر کوليندي، جنهن سان سعودي عرب جي سينيما جو سالياني ڪمائي هڪ ارب ڊالر ٿي ويندي ۽ سينيما جي حوالي سان وڏي مارڪيٽ هوندي. ان کانپوءِ سعودي عرب ۾ ڪلب کولڻ جو به اعلان ڪيو ويو، سعودي عرب جي معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪلب،  سينيما گهر کولڻ  سان  سعودي عرب جي معيشيت ۾ واڌ ايندي ۽ معيشيت مضبوط ٿيندي، اُن سان گڏ سعودي عرب ۾ روزگار جا ذريعا به وڌندا.
ڏٺو وڃي ته هن وقت سعودي عرب ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو روزگار سانگي ڪم ڪري رهيا آهن پر  ڪجهه عرصو اڳ  سعودي عرب جي معيشيت کي تمام گهڻو ڌڪ رسيو هو ۽ ڪيترائي ماڻهو بي روزگار ٿي ويا هئا، اُن سان گڏ جن ڪمپنين  کي نقصان پهتو  هو، انهن ملازمن کي پگهارون به نه ڏنيون هيون، ايتري قدر جو اهي ملازم بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا هئا ۽ انهن وٽ ڏيهه اچڻ لاءِ به پيسا نه بچيا هئا، اهڙيون خبرون ميڊيا تي به نشر ٿيون هيون پوءِ وڃي مختلف ملڪن جون حڪومتون جاڳيون هيون ۽ انهن ملازمن جي واهر ڪئي وئي هئي. پر سعودي شهزادي  ملڪي معيشيت کي مضبوط ڪرڻ ۽ انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ته پوءِ وڃي سعودي عرب ۾ تبديلي آئي. جيئن ته هن وقت سعودي عرب نوان نوان قانون  ٺاهيا پيا وڃن، جيڪي انتهاپسندن کي پسند نه پيا اچن،
عورتن کي  نوڪرين جي اجازت ڏيڻ، بازارن ۾ اڪيلي وڃڻ ۽ گاڏيون هلاڻ جي اجازت سان گڏ کين حراسان ڪندڙ کي سزا ڏيڻ وارا قانون انهن انتهاپسندن کي بلڪل به پسند نه آهن، گذريل سال سعودي ٽريفڪ واري کاتي عورتن کي ڊرائيونگ لائسنس ڏيڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ بعد ۾ نئين فرمان موجب جون 2018ع کان عورتون لائسنس حاصل ڪري موٽر سائيڪل ۽ ٽرڪ به هلائينديون. اهو ئي سبب آهي جو تبديل ٿيل سعودي عرب انهن کي پسند نه آهي ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪي سعودي ولي عهد خلاف پروپيگنڊا هلي رهي آهي، اها به انهيءَ جي هڪ ڪڙي آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته جو سعودي شهزادي هڪ اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته هنن مدرسن کي فنڊ ڏنا پر هاڻ نه ڏيندا،  جئين ته سعودي عرب ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان عورتن کي حق ڏيڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽پراڻن قانون ۾ تبديلي به ڪئي پئي وڃي. سعودي عرب ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لاڳو سخت گارجين سسٽم ۾ تبديليون ڪندي عورتن کي خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا ويا ۽ عورتن کي واپار شروع ڪرڻ لاءِ مڙس، محرم يا ولي کان اجازت وٺڻ جي پابندي ختم ڪري ڇڏي.  
جئين ته  سعودي عرب ۾ عورتن کي گاڏيون هلائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، اُن اعلان کان پوءِ  سعودي عرب جي شوريٰ ڪونسل جي 2 ميمبرن ميجر جنرل عبدالله سعدون ۽ فيصل الفاضل واضح ڪيو ته ٽريفڪ واري کاتي ۽ پوليس ۾ عورتن جو مقرري هڪ سماجي ضرورت آهي ۽ عورتن کي ڊرائيونگ جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ ٽريفڪ عدالتن ۾ به عورتن جي مقرري لازمي ٿئي وئي آهي. بهرحال سعودي عرب ۾ سينيمائن ۽ عورتن کي حق ڏيڻ کان پوءِ هڪ  وڏي تبديلي اها آئي  جو سعودي عرب جون شهزاديون  به آزادي کان تمام گهڻو خوش ٿي ويون ۽ انهن پنهنجي آزادي کي ڀرپور نموني ملهايو ۽ ملهائي به رهيون آهن،
ڪجهه ڏينهن اڳ  سعودي عرب جي شهزادي هيفا بنت عبدالله السعود جي فيشن ميگزين جي پهرئين ورق تي تصوير ڇپي هئي، جنهن تي سعودي عرب ۾ هنگامو شروع ٿي ويو هو ۽ سڄي دنيا حيران ٿي وئي هئي ته ڇا سعودي عرب ايڏو تبديل ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو، هونئن ته سعودي شهزادي . محمد بن سلمان اشارو ڏئي ڇڏيو هو پر اها خبر نه ئي هئي ته عورتن کي حق ڏيڻ واري مهم جي شروعات  سعودي جي شاهي خاندان کان شروع ٿيندي. بهرحال سعودي شهزادي هيفا بنت عبدالله السعود جي تصوير رسالي ووگ Vogue جي سعودي عرب جي ايڊيشن ۾ شايع ٿي هئي، جڏهن ته انهيءَ رسالي جي ٽائيٽل تصوير ۾ شهزادي هيفا اڇن ڪپڙن ۾ وڏي هيل جا جوتا پهري هڪ گاڏي ۾ ويٺل نظر  اچي رهي آهي ۽ سندس چهرو  کليل آهي، جڏهن ته انهيءَ رسالي ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان  کينل قدمن جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي وئي آهي.
ايتري قدر جو انهيءَ رسالي کي سعودي عرب جي عورتن جي نانءُ ڪيو ويو آهي.  سعودي عرب جي ڪجهه شهزادن جو خيال آهي ته شهزادي هيفا جي اهڙي عمل سان سندن ڪلچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي پر سعودي عرب جي سڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته شهزادي هيفا جي اهڙي قدم سان سعودي عرب جي گهريلو عورتن کي  به همت ٿيندي ۽  اهي پنهنجي  حقن ۽ آزادي جي گهرُ ڪري سگهنديون. بهرحال هاڻ ڏسڻو آهي ته آخر جيت ڪنهن جي ٿي ٿئي؟ ڇاڪاڻ ته هڪ طرف انتهاپسند ٽولو عورتن جي حقن خلاف آهي ته ٻئي طرف وري سعودي عرب جي ولي عهد جي نئين قانون خلاف واويلا  ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اڄ سعودي عرب تبديلي  آئي آهي ته  ولي عهد محمد بن سلمان جي ڪري ئي آئي آهي، جنهن جي جيتري واکاڻ ڪجهي اها گهٽ آهي.   



Sunday 10 June 2018

Daily Ulko Sahib Khan bhatti article


Sahib Khan bhatti with Ali Gul Mallah


Sahib Khan bhatti with Ali Gul Mallah


Sahib Khan bhatti with Ali Gul Mallah


Daily Waka karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Kalyan karachi Sahib khan bhatti Article


Daily Ulko Sahib khan bhatti Article


Sahib khan bhatti Article Daily jeejal karahi


Daily Waka karachi, Sahib khan bhatti article