Pages

Thursday 26 November 2020

بي گهر ڪيل ڌرتي ڌڻين جي دانهن...!!

صاحب خان ڀٽي

چوندا آهن ته رياست کي ماءُ جو درجو حاصل آهي ۽ ماءُ جي ذميواري آهي ته پنهنجي ٻچن جي کاڌ خوراڪ، رهائش، تعليم ۽ بهتر پروش جو خيال رکي پر افسوس جو اسان جي رياست ماءُ پنهنجي ٻچن کي هنج ۾ رکڻ بدران غيرقانوني طور ترسيل افغانين، برمين،ڀارتين، بيهارين ۽ ايرانين کي پالي رهي آهي، جيڪي سندس اصل وارث آهن، انهن تي ڪجهه به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، اصل وارث بيروزگاري ۽ بک بدحالي جي ور چڙهيل آهن ۽ رياست ماءُ غيرقانوني طور ترسيلن کي پالڻ ۾ لڳي پئي آهي، دنيا ۾ شايد ئي اهڙي ڪا ماءُ هجي جنهن کي پنهنجي اولاد سان محبت نه هجي، ويڳي ماءُ به ويڳي اولاد جو خيال رکندي آهي، انهن جي ڏک سک جو ساٿي بڻجندي آهي پر اسان جي رياست ماءُ غيرقانوني طور ترسيلن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ واري مطالبي تي به ناراض ٿي وڃي ٿي، جيڪي سهولتون اصل وارثن کي ملڻ گهرجن، اهي سهولتون ڌارين کي ملي رهيون آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري هوندي آهي، نوڪريون، روزگار ۽ گهر ڏيڻ به رياست جو فرض آهي پر رياست غريبن کي گهر ته ناهن ڏنا، پر جن وٽ اجها آهن، انهن کي به بي گهر ڪيو پيو وڃي، ڪافي عرصي کان رياست کي ماءُ جو درجو ڏيندڙن کي بي گهر ڪرڻ لاءِ  هر ممڪن وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، اڳ ۾ بلڊر مافيا هڪ سازش تحت عوام کان ووٽ وٺي ايندڙن سان ڳٺ جوڙ ڪري اصلوڪن رهواسين جا اجها ڊهرائيندا هئا، پر هن ڀيري  سياستدانن بدران ڪجهه ٻيو طريقو  استعمال ڪيو پيو وڃي، هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن پر اسان جي رياست ماءُ کي پنهنجي ٻچن تي ڪو رحم نه پيو اچي. حڪمران پرڏيهين کي آباد ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا رهائشي منصوبا ٺاهي رهيا آهن، جنهن سبب  ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪرڻ لاءِ حددخليون ڄاڻائي بي گهر ڪرڻ جي ڪڌي سازش رٿي وئي آهي، جڏهن اڳوڻي آمر پرويز مشرف ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ان وقت پاڪستان کي ٺاهيندڙ سنڌي قوم جو سخت رد عمل آيو هو  پر ان باوجود سنڌ دشمنن جون سازشون ختم ناهن ٿيون، هن ڀيري  سنڌ جي گادي واري شهر کان علاوه سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ حددخلين جو جواز ڄاڻائي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ لاءِ  آپريشن ڪيو پيو وڃي. ڇا ڪنهن اهو سوچيو هوندو ماءُ پنهنجي ٻچن کي بي گهر ڪري، نه پر اسان جي ملڪ ۾ اهو ٿي رهيو آهي، اسان جي ماءُ افغانين، بنگالين، بيهارين،  برمين ۽ ڀارتي شهرين کي پنهنجي هنج ۾ پالي ڌرتي ڌڻين کان جيئڻ جو به حق کسي رهي آهي، اهڙو ورتاءُ ته ويڳي ماءُ به نه ڪندي هوندي، جيئن سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي، حددخلين جي آڙ ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن کي شهيد ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪري ته انهن مٿان ايئن ظلم ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي فلسطين يا  والاريل ڪشمير ۾ رهندا هجن، هڪ طرف لاڪ ڊائون جي ڪري غريب ماڻهو پريشان آهن ته مٿان وري رياستي ڏاڍ ۽ جبر جو استعمال ڪري لاڪ ڊائون متاثرن کان اجها به کسيا پيا وڃن، جتي سڄي دنيا ۾ غريب ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، اتي اسان جي پياري ملڪ ۾  ڌرتي ڌڻين کان اجها کسي انهن کي ويتر ٻٽي عذاب جو شڪار ڪيو پيو وڃي، ڪورونا وائرس  سبب لڳل لاڪ ڊائون جي سٽ اڃا ماڻهن برداشت ئي نه ڪئي هئي ته مٿان حڪم جاري ڪيو ويو ته حددخليون ڊاٿيون وڃن، ڇا غريبن جا گهر حددخليون آهن، جيڪڏهن غريبن جا اجها حددخليون آهن ته پوءِ ڪراچي ۾ افغانين، برمين ۽ ڀارتي شهرين جون بستيون ڪهڙي قانون تحت قانوني آهن، انهن کي ڇو نه ٿو ڊاٿو وڃي، آخر عدالتون ملڪ ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن  موڪلڻ جو حڪم ڇو نه ٿيون ڏين،  رڳو ڌرتي ڌڻين جا اجها ڊاهڻ ڪٿان جو انصاف آهي، جيڪڏهن غريبن جا اجها غيرقانوني هنڌن تي ٺهيل آهن ته پوءِ انهن کي متبادل جاءِ  فراهم ڪرڻ جو حڪم ڇو نه ڏنو وڃي، آخر بني گالا ۽ غريبن لاءِ ڏنل حڪمن ۾ ايترو  فرق ڇو آهي؟

سياريءَ جي موسم ۽ لاڪ ڊائون دوران بي گهر ٿيلن جي واهر ڪرڻ آخر ڪنهن جي ذميواري آهي، سنڌ مان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙ  پيپلزپارٽي به بي گهرن ڪيلن جي سار ناهي لڌي، نه ئي وري ڪنهن ٻي سياسي پارٽي بي گهر ٿيلن لاءِ آواز اٿاريو آهي، اهو رڳو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو اهو حڪم عدالت سڳوري طرفان آيو آهي، جنهن خلاف ڪا به سياسي پارٽي آواز اٿارڻ نه ٿي چاهي، آخر سياري جي موسم ۾ کليل آسمان ويٺل غريبن جي ڪير دانهن ٻڌندو يا وري لاڙڪاڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي اجهن کي بچائڻ لاءِ نڪتل معصوم ٻارڙن جي ڪير فرياد ٻڌندو؟، آخر  رياست ايتري بي حس ڇو ٿي وئي آهي؟ آخر رياست ماءُ کي معصوم ٻارڙن جي مٿن تي رکيل پاڪ ڪتاب ڇو نه ٿا نظر اچن، جيڪڏهن انهن جا گهر غيرقانوني آهن ته پوءِ انهن کي قانوني گهر ڏيڻ ذميواري به ته رياست جي آهي نه، آمريڪا اچي ته انهن کي گهر ٺهرائي نه ڏيندو نه؟ جيڪڏهن رياست انهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي سگهه نه ٿي رکي ته پوءِ انهن کان جيئڻ جو حق ته نه کسي، غريبن جا اجها ڊاهڻ ۽ مسجدن کي شهيد ڪرڻ وارا حڪم ڇا عوام جي دلين ۾ محبت پيدا ڪندو يا نفرتيون؟، اهڙا فيصلا ڏيندڙن کي به سوچڻ گهرجي.

جڏهن  بحريا ٽائون جو ڪيس هلي رهيو هو ته ان وقت ان کي ڊاهڻ بدران پئسا ورتا ويا، ڇاڪاڻ ته هو ناليوارو بلڊر هو ۽ غريب جا اجها ڊاهڻ لاءِ ته انتظاميا تيار ويٺي هئي، جيئن حڪم ٿيو، ڳريون مشينريون ساڻ ڪري غريبن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، جڏهن ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن افغانين جا گهر ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت ڌارين انهن کي ڊوڙائي ڀڄايو ۽ پٿراءُ به ڪيو پر سکر ۾ ته عبادتگاهن کي شهيد ڪيو ويو پر  اهلڪارن کي ڪجهه به نه ٿيو،  ان مان صاف ظاهر آهي ته دهشتگرد ڪير آهن؟ جن خلاف  انتظاميا ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي  آهي،  جيڪڏهن اوهان کي ڪارروائي ڪرڻي ئي آهي ته سنڌ ۾ ترسيل افغانين، بنگالين ۽ ڀارتين خلاف ڪارروائي ڪريو، جيڪي سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو ذميوار آهن، جيڪي سنڌ ۽ پاڪستان تي بار بڻيل آهن، رڳو ڌرتي ڌڻين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ  انهن جا اجها ڊاهي رهيا آهيو، اهو درست عمل نه آهي. جيڪي غريب ماڻهو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ ئي مشڪل سان ٿا پالين انهن کي اوهان بي گهر ڪري ڇا حاصل ڪندا؟. انهن جي اندر مان اوهان لاءِ رڳو بددعائون ئي نڪرنديون هونديون پر اوهان کي ڪهڙو فرق پوندو.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن کان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان سنڌي قوم کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، ڪڏهن ٻيٽن  تي قبضي خلاف آواز اٿاريندڙن کي شهيد ڪيو پيو وڃي ته ڪڏهن وري سنڌين کي بي گهر ڪرڻ جا فيصلا ڏنا پيا وڃن، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته جيئن سنڌي قوم جو ڌيان ٻيٽن تان هٽي وڃي ۽ هو پنهنجا اجها بچائڻ ۾ لڳا پيا هجن، اڄ سکر، پوءِ لاڙڪاڻو، دادو جو وارو به ايندو، آخر ۾ سنڌ دشمنن جي پراڻي سازش ڪراچي مان سنڌي وسندين کي ڊاهڻ ئي آهي، سنڌ جي حڪمرانن 10 سال کان وڌيڪ عرصو اقتدار جو مزو ماڻيو پر  ڪراچي جي سنڌي وسندين کي ليز نه ڪيو، ان مان صاف ظاهر  آهي ته سنڌ دشمن ڪيڏو نه طاقتور آهي، جن کي اسان ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻيندا آهيون،  انهن وٽ به سنڌي وسندين کي ليز ڪرڻ جو به اختيار نه آهي. هونئن ته پيپلزپارٽي جو نعرو  اٽو، لٽو ۽ اجهو آهي، پر افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه انهن جي حڪومت ۾ کسيو پيو وڃي، پيپلزپارٽي کي پنهنجي نعري کي بچائڻو پوندو، بي گهر ڪيلن کي اجها ڏيڻا پوڻندا، رڳو سنڌين جا گهر ئي غيرقانوني نه آهن، وڏيون وڏيون چوديواريون هڻي وڏا وڏا محل تيار ڪندڙ، شاپنگ مال، شادي حال ۽ سينيما گهر ٺاهيندڙ به غيرقانوني  ٿي سگهن ٿا. رڳو ڪارروائي غريبن خلاف  نه هجڻ گهرجي، جنهن ڏينهن کان ملڪ ۾ تبديلي جو سج اڀريو آهي، ان ڏينهن کان انصاف جو سج لهي ويو آهي، غريبن سان جيڪو حشر ٿي رهيو آهي، اهو ان جو چٽو مثال آهي. فيڪٽريون بند ٿي ويون آهن، ماڻهو لاڪ ڊائون جي ڪري پريشان آهن، مٿان وري سندن اجهن کي به ڊاهڻ جو سلسلو جاري آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ غريبن جا اجها ڊاهڻ واري سازش ٻيٽن تي قبضن خلاف جدوجهد کان پوءِ شروع ٿي آهي، طاقتور ڌريون ثابت ڪرڻ چاهين ٿيون ته اوهان پنهنجا گهر ئي نه ٿا بچائي سگهو ته ٻيٽن کي ڪيئن بچائيندا؟. سنڌ جي قومپرستن ۽ خاص طور اقتدار جا مزا وٺندڙ پيپلزپارٽي جي قيادت کي غريبن جا اجها بچائڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. ٻي صورت ۾ اڄ سکر ۾ غريبن جا اجها ڊاٿيا ويا آهن، پوءِ وري ڪراچي ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون جيڪي سنڌي وسنديون بچيون آهن، انهن کي ڊاٿيو ويندو. اڳ ئي  پنجاب جو بلڊر ڪيترن ئي ڳوٺن کي ڊاهي چڪو آهي،باقي جيڪي بچيل آهن، انهن تي به سندس نظريون آهن.

Tuesday 24 November 2020

Sahib Khan Bhatti in Daily Ekta Newspaper office

Sahib Khan Bhatti With Singer Zahid Shaikh

Sahib Khan Bhatti With Singer Zahid Shaikh

Sahib Khan Bhatti With Singer Zahid Shaikh

Sahib Khan Bhatti With Singer Zahid Shaikh and Ali Murtaza Khokhar in Daily Ekta Newspaper office