صاحب خان ڀٽي
آمريڪا ۽ اترڪوريا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سڄي دنيا کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو
آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا اهو واحد ملڪ آهي
جيڪو ماضي ۾ هزارين ماڻهن تي ايٽم بم
ڪرائي چڪو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا، هن وقت به آمريڪا
ڪيترن ئي ملڪن ۾ مداخلت به ڪري رهيو آهي، ڪجهه ملڪن ۾ اتان جي عوام
جي مدد لاءِ داخل ٿيو آهي ته ڪٿي وري نام نهاد دهشتگرد ٽولن کي چٿڻ جو جواز
ٺاهي پنهنجا پير ڄمائي رهيو آهي،
ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آمريڪا جو ئي حڪم هلي رهيو آهي، سندس فوج به ڪيترن ئي ملڪن ۾
ڪارروايون به ڪري رهي آهي، ايران سان به آمريڪا جا ڪي سٺا لاڳاپا نه رهيا آهن،
پاڪستان کان به ڊومور جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، هن وقت آمريڪا، ايران کانپوءِ اتر
ڪوريا ڏانهن به قدم وڌائي رهيو آهي ۽ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن، ڪجهه
عرصو اڳ آمريڪا طرفان اترڪوريا تي دٻاءُ
وجهڻ لاءِ چين سان به ڳالهيون ٿيون هيون
پر ان جو به ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي، ظاهر طور اتر ڪوريا تمام ننڍڙو ملڪ آهي پر ان
باوجود اتر ڪوريا جا حڪمران آمريڪا سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن، جيڪي آمريڪا جي هڪ به ٻڌي رهيا آهن،
اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا جو مثال به اسان جي پاڙيسري ملڪ جهڙو آهي،
جيئن ايشيا ۾ ٻن ملڪن ۾ هميشه ڇڪتاڻ هلندي رهي آهي، ايئن ڏکڻ ڪوريا ۽ اترڪوريا وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندي رهي
آهي، هن وقت آمريڪا اتر ڪوريا کي ڌمڪيون ڏئي
رهيو آهي ته اتر ڪوريا طرفان کيس ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي پر ان باوجود ڪو به ملڪ ٻنهي ملڪن ۾ ٽياڪڙي لاءِ
تيار نه آهي، اتر ڪوريا بيلسٽڪ ميزائل سميت ٻين ڪيترن ئي ميزائلن جا تجربا به ڪري
چڪو آهي، جڏهن به اترڪوريا طرفان ميزائل تجربا ڪندو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي
ڪائونسل ۾ اجلاس به طلب ڪيا ويندا آهن ۽ مٿس پابنديون به لڳايون وينديون آهن، اهڙي ريت ايران ۽
آمريڪا وچ ۾ به ساڳيون حالتون برقرار آهن، اڳ ۾ هڪ ملڪ آمريڪا سان مهاڏو اٽڪائڻ جي
ڳالهه ڪندو هو ته هاڻ وري اتر ڪوريا بهادري
جو مظاهرو ڪندي آمريڪا کي وارننگ جاري ڪري
رهيو آهي، جنهن جو اتر ڪوريا کي نقصان ٿئي يا نه ٿئي پر ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ هن خطي تمام تباهي آڻيندو، جنهن سان لکين ماڻهو اجل جو شڪار
ٿي سگهن ٿا. ان جي ڪري چين، جاپان ۽ ٻين سپر پاور ملڪن کي فوري طور ٻنهي ملڪن وچ ۾
ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ عملي طور قدم کڻڻ گهرجن
ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ايٽمي هٿيارن بابت معاهدو ٿئي ۽ ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽
اهو ممڪن تڏهن ئي ٿيندو،
جڏهن سپر پاور اترڪوريا ۽ آمريڪا جي معاملي کي سنجيدگي سان وٺن. هڪ ٻه ڏينهن اڳ جون خبرون آهن ته اتر ڪوريا جي
صدر ڪم جونگ ان آمريڪي ٻيٽ تي حملي جون تياريون ڪري رهيون آهي ۽ ان حوالي سان تيارين جو جائزو به ورتو آهي ۽
ميزائل حملي جي تيارين جون تصويرون به جاري ڪيون ويون آهن. اترڪوريا جي ڌمڪي بعد
آمريڪا پاران قبضو ڪيل ٻيٽ گوام جي رهواسين ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي. آمريڪي
صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن اترڪوريا ڪو به اهڙو قدم کنيو ته مٿس حملو ڪيو
ويندو. آمريڪي ڊفينس سڪيريٽري جم ميٽيس به اترڪوريا کي ڀرپور جواب ڏنو آهي ۽ چيو
آهي ته اتر ڪوريا کان 21 سئو ڪلو ميٽر فاصلي تي قائم ٻيٽ آمريڪا جو حصو آهي، هر هڪ
اڳرائي جو جواب ڏنو ويندو، آمريڪي صدر چيو آهي ته ڪجهه به ٿيو ته اترڪوريا وڏي
مشڪلاتن ۾ پئجي ويندو. اوسان ايئر بيس پهچڻ بعد جنرل ڊنفرڊ خطي جي جائزو وٺڻ لاءِ
ڪمانڊرن سان ملاقات به ڪئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڳ جڏهن اترڪوريا طرفان ميزائل
تجربا ڪيا ويندا هئا ته آمريڪا سفارتي يا وري پابنديون لڳائيندو هو پر هاڻ اتر
ڪوريا ايترا ته ميزائل تجربا ڪيا آهن جو لڳي ٿو
ته هن وقت اترڪوريا پنهنجي دفاعي صلاحيت مضبوط ڪري چڪو آهي ۽ اها دفاعي
صلاحيت شايد آمريڪا کي پسند نه آهي،
اترڪوريا جي صدر ڪم جونگ ان
چيو آهي ته اسان وٽ هڪ اهڙو جوهري ميزائل آهي جيڪو آمريڪا تائين پهچڻ جي
صلاحيت رکي ٿو.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اتر ڪوريا جڏهن به ميزائل تجربو ڪيو آهي ته
آمريڪا طرفان ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ گڏيل قومن ۾ به آواز اٿاريو آهي، ايتري قدر
جو چين جهڙي ملڪ کي به ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي هئي ۽ پنهنجي وس آهر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اتر ڪوريا تي
پابنديون به لڳرايون هيون ۽ اڄ به اتر ڪوريا تي پابنديون موجود آهن، هن وقت ايران
تي به آمريڪا پابنديون هنيون آهن، مطلب ته ٻئي ملڪ آمريڪا کي ڪنڊي جيان چڀي رهيا آهن ۽ ڪنهن به وقت آمريڪا ماضي واري
غلط ورجائي به سگهي ٿو.ڇاڪاڻ ته آمريڪا هڪ ته دنيا جو طاقتور ملڪ آهي ته ٻي طرف
ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻيا ملڪ چاهين ٿا اتر ڪوريا پنهنجي دفاعي صلاحيت گهٽائي پر اهو شايد
هاڻ اڳتي هلي ممڪن نه ٿيندو، ان جو واحد سبب اهو اهي ته اتر ڪوريا به آمريڪا جيان
سپر پاور ملڪن ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو۽ انهن ٻنهي ملڪن جي ڪري ڪڏهن به حالتون خراب ٿينديون،
جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ڇتڪاڻ وڌي وئي ته ان جو فائدو ڏکڻ ڪوريا کي پوندو
۽ نقصان سڄي خطي کي ٿيندو ۽ ڪيترائي ملڪ انهن ٻنهي ملڪن جي جنگ جي لپيٽ ۾ اچي
ويندا ۽ ان جو ذميوار ٻيو ڪير نه پر آمريڪا ۽ اتر ڪوريا ئي هوندو. جڏهن آمريڪا اترڪوريا جي ميزائل تجربن واري
معاملي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو هو ته ان وقت چين ۽ روس پاران اترڪوريا جو ساٿ
نه ڏنو ويو هو ۽ اتر ڪوريا تي پابندين تحت ڪوئي سميت تقريبن هڪ ارب ڊالرز جي برآمد
نه پيو ڪري سگهي. جنهن سبب کي تمام وڏو مالي نقصان پهتو هو، اڄ به مٿس ڪيتريون ئي
پابنديون لڳل آهن. ڪجهه عرصو اتر ڪوريا جي ميزائل تجربن سبب آمريڪا پاران
پنهنجو جنگي ٻيڙو ڪوريا جي ٻيٽ ڏانهن
روانو ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي
وئي هئي، پر هاڻ ته ڳالهه ئي ٽئين
آهي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ حملي جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
ڏٺو وڃي اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ ماضي ۾ به حالتون بهتر نه رهيون
آهن، 1950ع ڌاري اتر ڪوريا جي فوج ڏکڻ ڪوريا ۾ داخل ٿي هئي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ ڇڙي
وئي هئي، جنهن بعد ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪميونسٽ ڪوريا جي فوج قبضو ڪري ورتو هو ۽ اها جنگ
اٽڪل ٽن سالن تائين جاري رهي هئي، جنهن ۾ لکين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا، جڏهن ته ڪوريا 1910ع کان ويندي 1945ع تائين جاپان جي
قبضي هيٺ رهيو آهي ۽ هي اهو ئي ملڪ آهي
جنهن تي آمريڪا حملو ڪري چڪو آهي. ٻي
مهاڀاري جنگ کان پوءِ اتر ڪوريا سوويت
يونين جي ڪنٽرول ۾ هليو ويو ۽ ڏکڻ ڪوريا
جي حصي تي آمريڪا جي حاڪميت قائم ٿي وئي. هاڻ ته اتر ڪوريا ماضي جي ڀيٽ تمام گهڻو
مضوط نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ کي به للڪاري رهيو
آهي ۽ ايٽمي ميزائل تجربا ڪري دنيا کي حيريت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ سندس اها
دعويٰ ته هو آمريڪا تي به حملو ڪري سگهن
ٿا. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي،
هونئن ته جڏهن به اتر ڪوريا ميزائل تجربا ڪيا آهن، تڏهن مٿس پابنديون
ضرور لڳيون آهن پر ان باوجود هن همت نه هاري آهي، سندس ڪيترائي ميزائل تجربا ناڪام
ٿيا آهن. جنهن جو اترڪوريا اعتراف به ڪندو رهيو آهي. 2016ع ۾ ته اتر ڪوريا
هائيڊروجن بم جي ڪامياب تجربي جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن جي آمريڪا، جاپان ۽ ڏکڻ
ڪوريا پاران مذمت به ڪئي وئي هئي. هاڻ ڏسڻو آهي ته ڇا آمريڪا ۽ اترڪوريا وچ ۾ ٺاهه
لاءِ ڪا ٽي ڌر پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي يا وري ٻنهي ملڪن جي هوڏ جي ڪري هن خطي ۾
هڪ ڀيرو ٻيهر هيروشيما وارو سانحو ورجايو
ٿو وڃي.
No comments:
Post a Comment