Pages

Friday 24 March 2017

ڊيمن سان پاڻي کوٽ مسئلو ختم ٿي ويندو؟

صاحب خان ڀٽي
ملڪ اندر پاڻي جو هڪ ڀيرو ٻيهر بحران  ٿي ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به  چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا گهٽ ڪئي وئي آهي پر ارسا طرفان چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ کي صوبن ۾ برابر ورهايو آهي، جڏهن ته سنڌ کي ڪوٽا کان وڌيڪ پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن جو اندازو اسان دريائن ۾ موجود پاڻي مان لڳائي سگهون ٿا ۽ ارسا جي اهڙي دعويٰ جو اندازو سنڌ جي آباد ٿيندڙ زمينن مان به لڳائي سگهجي ٿو، هن وقت وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به چئي رهيو آهي ته سنڌ کي پاڻي گهٽ ڏنو پيو وڃي پر اڳ ۾ اهڙيون دانهون سنڌ جا آبادگار به ڪندا هئا ۽ انهن جي دانهن تي ڪير به ڌيان نه ڏيندو هو. هن وقت ارسا ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ کي ڪوٽا کان وڌيڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي ۽ خريف ۾ پاڻي جي 50 سيڪڙو جون ڳالهيون وقت اڳ هونديون. مطلب ته جيڪي ماڻهو هن وقت  پاڻي جي کوٽ جون دانهون ڪري رهيا آهن ۽ اهي درست آهن پر خريف ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختار ڪندي يا نه ، ان بابت شايد ارسا کي به ڄاڻ نه آهي، هن وقت ڀارت سان سنڌ طاس معاهدي بابت به ڳالهيون شروع  ٿي ويون آهن  ۽ ڀارت طرفان به خاطري ڪرائي وئي آهي ته اهي پاڪستان جي خدشن کي دور ڪندا، بهرحال هاڻ سنڌطاس معاهدي بابت ڳالهيون ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿينديون، اهو ته وقت ئي ٻڌائندو پر هڪ ڳالهه واضع آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ غير آباد بڻجي چڪي آهي، ايتري قدر جو ڊيلٽا به زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي ۽ اهي دانهون هاڻ اسيمبلي ۾ اندر به ٿي رهيون آهن پر وزيراعظم نوازشريف صرف هڪ  اعلان ڪري ئي خاموش ٿي ويو آهي،
هن وقت به سنڌ اندر پاڻي جي حساس معاملي تي مختلف شهرن ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، خاص طور تي آبادگار اهي دانهون ڪندا رهندا آهن ته کين پاڻي نه ملڻ سبب سندن فصل نه پيا ٿين پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ٻين صوبن ۾ ڪڏهن به آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج نه ڪيو آهي، جهڙي ريت  سنڌ اندر آبادگار  احتجاج ڪندي نظر ايندا آهن، اهو ڪو ڏينهن خالي نه هوندو، جڏهن ڪنهن به هڪ شهر احتجاج نه ٿيو هجي، پر افسوس جو نه ته صوبائي سرڪار انهن جي ڪي مسئلا حل ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي وري وفاق انهن جي ڪا دانهن ٻڌڻ پسند ٿو ڪري، جنهن سبب اهي پريشانين ۾ مبتلا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به پاڻي بحران تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته خريف ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته ارسا ترجمان خالد رانا طرفان چيو ويو آهي ته تربيلا ڊيم ۽ منگلا ڊيم جي ڊيڊ ليول تي وڃڻ نئين ڳالهه نه آهي، ٻئي ڊيم 2000 کان 2013ع تائين هر سال ڊيڊ لويل تي ويا هئا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماضي ۾ اگر ڊيم ڊيڊ ليويل تي ويا هئا ته پوءِ ان وقت پاڻي جي کوٽ ايتري نه ٿي هئي جيتري هن وقت محسوس ٿي رهي آهي، اها ته وفاقي حڪومت جي ئي ذميواري هوندي آهي ته ملڪ ۾ پاڻي سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن پر افسوس جو هن ملڪ نه ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري بهتر پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جيڪو پاڻي بابت بيان ڏنو ان جي رد عمل ۾ ارسا ترجمان چيو آهي ته خريف جي فصل جي لاءِ ارسا ايڊوائزري ڪميٽيءَ جو اجلاس ئي ناهي ٿيو، خريف جي فصل ۾ پاني جي 50 سيڪڙو کوٽ جون ڳالهيون وقت کان اڳ هونديون.  بهرحال هن وقت خريف اڃا وقت پيو آهي ۽ پر هن وقت ئي پاڻي جي کوٽ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته خريف ۾ پاڻي کوٽ ضرور ٿيندي پر اها صرف سنڌ ۾ ئي ٿيندي ڇاڪاڻ ته ارسا پاران چيو ويو آهي ته چشمه لنڪ ڪئنال سڄي ربيع سيزن ۾ بند رهيو، هاڻي به بند آهي،
جيڪڏهن صوبن کي سوڪهڙي کان بچڻو آهي ته وڌيڪ ڊئم ٺاهڻا پوندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي جيڪي به هن وقت ڊيم آهن انهن کي ڀرڻ لاءِ هن ملڪ ۾ پاڻي موجود نه آهي ته مٿان وري نوان ڊيم ٺاهڻ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ماضي ۾ سنڌ جي دريا جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو جنهن سان ڊيلٽا به تباهه نه ٿيندي هئي پر جڏهن کان ڊيم ٺهيا آهن انهن ڏينهن کان سنڌ جا آبادگار به پاڻي جي لاءِ ترسڻ لڳا آهن ته سمنڊ ۾ به مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ زمين ڳڙڪائي رهيوآهي.  ارسا ترجمان طرفان چيو ويو آهي ته ڊيم ٺاهڻ سان ئي مسئلو حل ٿيندو، جيڪڏهن ڊيم ٺاهڻ ئي پاڻي جي کوٽ جو حل آهي ته پوءِ صرف پنجاب ۾ ڊيم نه ٺهڻ گهرجن سنڌ، بلوچستان ۽ ٻين صوبن ۾ ٺهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ ٻيا صوبا گذريل ڪيتري ئي عرصي کان دانهون ڪري رهيا آهن ته کين پاڻي نه پيو ملي پر ان باوجود وفاق صوبن جي هڪ به نه ٻڌي آهي. اڄ به جڏهن پاڻي جي کوٽ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي  تڌهن به ڊيمن جو ذڪر ٿي رهيو آهي، ارسا ترجمان ڊيمن جو ذڪر ته ڪيو پر هن وقت اهو ناهي ٻڌايو ته ڊيم ڪهڙي صوبي اندر ٺهندا، اڳ جيڪي به وڏا وڏا ڊيم آهن اهي به صرف هڪ ئي صوبي اندر آهن،
1947ع کان وٺي هن وقت جيڪڏهن هن ملڪ جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته  ڪڏهن به ملڪ جي حڪمرانن زراعت  جي واڌاري لاءِ ڪي به اهم قدم نه کنيا آهن جنهن سبب هتان جي ڪڻڪ، ڪمند ۽ ٻيا فصل صرف پاڪستان اندر ئي وڪرو ٿي رهيا آهن ۽ نه ئي هن وقت تائين سنڌ جي واهن ۽ شاخن کي پڪو ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن حڪمران چاهين ها ته انهن کي ٻاهرن ملڪن ڏانهن موڪلي سٺو ناڻو ڪمائي سگهجي پيو، بهرحال هن وقت ڳالهه هلي رهي آهي، ملڪ اندرپاڻي جي کوٽ، جيڪڏهن اهي شڪايتون دور نه ڪيون ويون ته ملڪ جو عوام ويتر پريشان ٿي ويندو،وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ته انتظاميه کي هدايت به ڪري چڪو آهي ته صوبي اندر پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. ارسا ترجمان چئي رهيو آهي ته پاڻي جي کوٽ جو واحد حل نوان ڊيم ٺاهڻ آهي، جيڪڏهن واقعي ڊيمن سان مسئلو حل ٿئي ٿو ته پوءِ ڀلي ٺاهڻ گهرجن  ۽ جيڪي ڊيم اڳ ٺهيل آهن انهن جي نگراني جا اختيار به صوبن کي ڏنا وڃن ته جئين جڏهن به پاڻي جي کوٽ ٿئي ته صوبا پنهنجي حصي جو پاڻي حاصل ڪري سگهن، جيڪڏهن اڳ ئي اهي اختيار صوبن کي ڏنا وڃن ها ته اڄ نون ڊيمن کان ماڻهو خوفزده نه ٿي وڃن ها ۽ نه ئي  حصي جو پاڻي ڦرڻ جون دانهون ٿين ها، هاڻ اها وفاق جي ئي ذميواري آهي ته ملڪ اندر پيدا ٿيل پاڻي جي بحران تي ضابطو آندو وڃي..........
 sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment