صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ اندر تعليم کي تباهه ڪرڻ جو
سلسلو جاري آهي، پر ان ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏئي رهيو آهي، سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا
اسڪول آهن، جن جون عمارتون زبون حال بڻجي ويون آهن ته ڪن اسڪولن ۾ ٻارڙا پٽ تي
ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، ڪراچي جي سنڌي وسندين کان ويندي سکر تائين ڪو اهڙو
شهر نه بچيو هوندو جتي اسڪولن جي اڻهوند يا سهولتن جي کوٽ بابت احتجاج نه ٿيا هجن،
گهوٽڪي، دادو، نوابشاهه ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن مان روزاني ڪٿان نه ڪٿان اسڪولن جي
ڇتن جا چاپڙ ڪرڻ جون خبرون به رپورٽ ٿينديون آهن پر انهن علائقن مان چونڊيل نمائندا انهن جا مسئلا حل ڪرڻ
لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهيو آهي.
هن وقت سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا اسڪول به آهن جن جون عمارتون ڪاغذي
ڪارروائي ۾ ته تيار ڏيکاريون ويون آهن پر انهن تي به ڪو ڪم ٿيندي، نظر نه اچي رهيو
آهي. هڪ ته ڪاپي ڪلچر جي ڪري سنڌ اندر تعليم جو نظام تباهه ٿي رهيو آهي ته ٻي طرف
وري خانگي اسڪولن به نصاب پنهنجا آڻي رهيل
ڪسر پوري ڪري ڇڏي آهي. هونئن ته ملڪ جي
ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر تعليم بيروزگاري
تمام گهڻي آهي ۽ هتان جي تعليم نظام کي سڌارڻ لاءِ ڪا به سياسي پارٽي اڳتي
قدم نه وڌائي رهي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سنڌ جي تعليم جو نظام تباهه ٿيڻ
جا به ڪيترائي ڪارڻ آهن، هڪ ته سنڌ اندر ڪاپي
ڪلچر کي هٿي وٺرائي وئي آهي، جنهن سان سنڌ اندر تعليم ۾ سڌارا اچڻ مشڪل ٿي ويوآهي.
سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چئي رهيو آهي ته سنڌ جي تعليم ادارن کي به فوج
پنهنجي هنج ۾ وٺي ته جيئن سڌارا اچي سگهن.
جيڪڏهن فوج کي ئي سمورا ادارا سنڀالڻا آهن ته وڏي وزير سيد
مراد علي شاهه کي سڀ کان پهرين سياسي پارٽيون سنڀالڻ جو مشورو فوج کي ڏيڻ گهرجي،
ڇاڪاڻ ته هنن سياسي پارٽين هن ملڪ جو جيڪو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، شايد ڪنهن ٻئي نه ٻوڙيو
هوندو. جيڪڏهن سنڌ سرڪار تعليمي ادارا نه ٿي سنڀالي سگهي ته پوءِ هن ملڪ ۾ جمهوريت
جي به ڪا ضرورت نه آهي، بهرحال اها وڏي وزير جي صلاح هئي يا پنهنجي راءِ، ان تي هن
وقت بحث ڪرڻ فضول هوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ مان ڪامياب ٿي ايوان جون واڳون سنڀالندڙ
پارٽي سنڌ صوبي اندر نه ته تعليم جي بهتري لاءِ ڪي خاص قدم کڻي سگهي آهي ۽ نه ئي
وري صحت کاتي ۾ ڪي سڌارا ايندا آهن.
بهرحال هن وقت سنڌ ۾ اڄ جي جديد دور ۾ اسڪول وڏيرن ۽ سياسي
پارٽين جي واٺن جون اوطاقون بڻيل آهن، جنهن بابت اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽
سوشل ميڊيا تي انڪشاف ٿيندا رهيا آهن، ايتري قدر جو سياسي پارٽيون پنهنجي مٽ مائٽن
جي شادين لاءِ اسڪولن کي شادي حال طور به استعمال ڪنديون آهن، مطلب ته سنڌ جي
تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران سنڌ جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهه ڪيو پيو وڃي.
جيڪڏهن اڄ جي جديد دور ۾ اسڪولن اندر
فرنيچر نه هجي ته پوءِ آخر هن جمهوريت جي هئڻ جو ڪهڙو فائدو؟
جيڪڏهن عوام کي بنيادي حقن کان محروم رکيو وڃي ته پوءِ سنڌ
جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ آخر ڇو صرف قومپرست پارٽيون ئي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي آواز
اٿارينديون؟ آخر اهي سياسي پارٽيون جيڪي اقتدار جو مزو وٺي پنهنجو ڌن ملڪ اندر ۽
ٻاهر وڌائي رهيون آهن، انهن کي سنڌ جي معصوم ٻارڙن جو خيال ڇو نه ٿو اچي، آخر ڇو سنڌ
اندر پيل اسڪول کولرايا نه ٿا وڃن، سنڌ جا حڪمران چئي رهيا آهن ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻ
سنڌ جي تعليم ۾ سڌارو آيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو
وڃي ته سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن جتي سنڌ ٻولي نه پڙهائي وڃي ۽ ان جو سڀ کان
وڏو سبب خانگي اسڪول آهن، ڇاڪاڻ ته خانگي اسڪولن سنڌي پڙهائڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو
آهي، جيڪڏهن سنڌ جي سمورن اسڪولن سنڌي لازمي قرار ڏني وڃي ته هتي رهندڙ ڌارين جي لوڌ
کي به سنڌي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ مجبوري ٿي ويندي ۽ ان سان خانگي اسڪولن ۾ تعليم جو
نظام به بهتر ٿيندو،
جيڪڏهن هن وقت به سنڌ سرڪار صرف نعرن ۽ اعلانن تائين محدود
رهندي ته ان جو سڀ کان وڏو نقصان جي معصوم ٻارڙن جو ئي ٿيندو، ان جي لاءِ سنڌ
سرڪار کي سنڌ اندر تعليم جي سڌارن لاءِ سنجيده ٿيڻو پوندو ته جيئن سنڌ جي ٻارڙن جو
مستقبل محفوظ ٿي سگهي. خاص طور ڳچ عرصو اقتدار ۾ رهندڙ پيپلزپارٽي کي سنڌ جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ جن اسڪولن
جون عمارتون زبون حال ٿي ويون آهن، انهن کي فوري طور مرمت ڪرائي وڃي ۽ جيڪي اسڪول وڏيرن ۽ سياسي
پارٽين جون اوطاقون بڻجي ويون آهن، انهن
خلاف ڪارروائي ڪري سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ڪاپي ڪلچر
واري نظام جو به خاتمو آڻڻ گهرجي ۽ سنڌ جي
تعليمي ادارن کي ننڌڻڪو سمجهي ڪنهن ٻئي
اداري کي هنج ۾ ڏيڻ جي اعلانن کان پاسو ڪيو وڃي.
No comments:
Post a Comment