صاحب خان ڀٽي
سپريم ڪورٽ پاران تاحيات
نااهل قرار ڏنل اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پرجوش نموني روالپنڊي کان لاهور تائين سفر
۾ عوام کي ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪيترائي
ماڻهو ساڻس گڏ به آهن ته ڪجهه وري هاڻ کانئنس دور به ٿي رهيا آهن، خبر ناهي تي
اڳتي هلي نوازشريف کان ڪيترائي ماڻهو ڇڏي هليا ٿا وڃن، هن وقت ظاهري طور چوڌري
نثار نوازشريف کان تمام گهڻو پري ٿي ويو آهي. هي
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو نوازشريف ڪنهن اداري خلاف روڊن تي نڪتو
هجي، اڳ ۾ ته نوازشريف عدليا جي بحالي لاءِ جمهوريت خلاف روڊن تي نڪرندو هو ۽ هاڻ
هو پنهنجي نااهلي جي ڪري ادارن خلاف روڊن تي نڪتو آهي ۽ اڪيلو ٿي ويو آهي، ڪا به
پارٽي ظاهري طور سندس حمايت نه ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن سياستدانن کي خبر آهي
ته جيڪڏهن اهي نوازشريف جو هن وقت ساٿ ڏيندا ته هو به نااهل ٿي ويندا، تنهن جي ڪي
هر هڪ ماڻهو نوازشريف کان پاسو ڪري رهيو آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته
نوازشريف جي ريلي ۾ جيڪي ماڻهو شريڪ هئا، اهي ٿورو خوف زده به هئا، اسلام آباد جي پنجاب هائوس کان شروع ٿيل
سندس قافلي ۾ ماڻهن جي گهٽ هجڻ وارو بحث
به ميڊيا تي ٿيندو رهيو آهي، ايتري قدر جو
سندس قافلي ۾ هڪ ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري واقعي کي به سندس مخالف به تمام گهڻو اجاڳر
ڪري رهيا آهن ۽ سندن چوڻ آهي ته نواز ليگ
پنهنجي قافلي ۾ ماڻهن کي چيڀاٽي ماري رهي آهي پر ان باوجود نواز ليگ اهو فخر سان
چئي رهي آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت هزارين ماڻهن جانيون قربان ڪيون هيون هاڻ نوازشريف
نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ نڪتو آهي ۽ حادثي
فوت ٿيل نينگر به ان جي هڪ ڪڙي آهي،
بهرحال هي تاريخ ۾
پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو پنجاب ۾ انقلاب
جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ وڏي عدالت جي فيصلي کي قبولڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي ۽
اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي دعويٰ آهي ته عوام ساڻس گڏ آهي، جيڪڏهن ميڊيا تي ڏسجي
ته ماڻهو ته آهن پر ان انگ ۾ ناهن، جن جي اميد ڪئي پئي وئي، هن وقت پنجاب ۾
نوازشريف جو نڪرڻ ۽ انقلاب جون ڳالهيون ڪرڻ وڏي اهميت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته هونئن ٻين
صوبن سان ناانصافيون ٿينديون رهيون آهن ۽ ذوالفقار ڀٽي جي ڦاهي کان وٺي سنڌ جي
وسيلن جي ڦرلٽ، ماڻهن کي کنڀي گم ڪري چچريل لاش ڏيڻ ۽ ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ
تائين سنڌ جو عوام سراپا احتجاج رهيو آهي، بلوچستان ۾ احساس محرومي پيدا ٿي چڪي آهي،
ايتري قدر جو ڪي پي جو
عوام به وفاق کان خوش نه آهي، اهڙي ريت
پنجاب جنهن کي ٻين صوبن تي حاڪم سمجهيو ويندو هو، اڄ ان صوبي جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي
پارٽِي ۽ ٽي ڀيرا اقتدار ۾ آيل پارٽي بغاوت ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهي آئي آهي، سندس
پٺيان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف کي لڳايو
ويو آهي ۽ اهي کانئس اهو سوال به ڪري رهيا آهن ته آخر اهو احتجاج ڪنهن جي خلاف
آهي، اها ڳالهه ته ننڍي ٻار کي سمجهه ۾ اچي ويندي ته جنهن شخص کي ڪو سزا ڏئي ته
آخر اهو متاثر شخص ان جي خلاف ئي احتجاج ڪندو پر ان باوجود اهي سموريون پارٽيون
نوازشريف کان هڪ ئي سوال ڪري رهيون آهن، جيتوڻيڪ نوازشريف پنهنجي جلسي اهو صاف صاف
چئي چڪو آهي ته کيس عدليا جو فيصلو منظور نه آهي پر ان باوجود ڪجهه ماڻهو ان
احتجاج کي ملڪ جي سلامتي خلاف قرار ڏئي رهيا آهن،
بهرحال هن وقت پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي،
ان سان يا ته ملڪ ۾ انقلاب ايندو يا وري اهڙيون حالتون پيدا ٿي وينديون جو هن ملڪ
۾ جمهوريت جو نالو ئي ختم ٿي ويندو. جيڪڏهن نوازشريف جي اقتدار ڏانهن هڪ نظر
ڦيرائينداسين ته ماضي جي ڀيٽ سندس حڪومتي دور ۾ تمام گهڻو امن ٿيو، سڀ کان وڌيڪ
امن ڪراچي ۾ مشرف جي ساٿين خلاف شروع ٿيل آپريشن کان پوءِ ٿيو، جن کي هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ مضبوط ڪيو
هو ۽ ڪراچي جي شهرين سک جو ساهه کنيو هو، هن عالمي يتيم خاني ۾ امن امان جي
صورتحال بحال ٿي هئي، جڏهن کان نوازشريف کي وڏي عدالت نااهل قرار ڏنو آهي، تنهن
ڏينهن کان ڪراچي ۾ هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن پنهنجيون ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، پوليس
اهلڪارن کان ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي نشانو به بڻايو پيو وڃي
، ايتري قدر جو هاڻ ڏينهن ڏٺي به ڦرن جون
وارداتون ٿي رهيون آهن، جن جون سي سي ٽي وي فوٽيجز هر هڪ چينل ڏيکاري رهيو آهي، هاڻ کڻي چوڌري
نثار گهرو وزير نه رهيو آهي پر سندس جڳهه تي آيل گهرو وزير الائي ته ڪٿي آهي جو ڏسڻ ۾ به نه اچي رهيو آهي. هن وقت ڪراچي جون حالتون
ٻيهر خراب ٿيڻ طرف وڃي رهيون آهن ته ٻي
طرف وري اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف عوام کان
وچن وٺي رهيو آهي ته هو سندس ساٿ ڏيندا يا نه؟ هاڻ ته اهو وقت ئي ٻڌائندو ته عوام
ساڻس گڏ آهي يا نه ؟ پر هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته نوازليگ جڏهن به حڪومت ۾ آئي آهي
پنهنجي صوبي جي خوشحالي رڪارڊ ڪم ڪرايا
آهن، سنڌ جي حڪمرانن جيان نه آهن جو مفاهمت جي نالي تي سنڌ ۾ بدامني کي ختم ڪرڻ بدران انهن اکيون ٻوٽي
سُمهي پون ۽ نه ئي عوام کي روزگار فراهم ڪن.
بهرحال سنڌ جي سياستدانن
کي عوام تڏهن ياد ايندو آهي جڏهن اهي سياسي شهيد بڻجي ويندا آهن
يا وري کين زبردستي هن ملڪ مان ٻاهر ڪڍيو
ويندو آهي ۽ پوءِ اهي سنڌ ڪارڊ جو استعمال ڪندا آهن ۽ هتان جو اٻوجهه عوام انهن جي
سياسي ڳالهين تي يقين ڪري ويهي رهندو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت پنجاب ۾ روڊن، رستن، تعليم ۽ صحت جي
حوالي سان سڀني صوبن کان اڳتي آهي پر هن
ڀيري نوازشريف جي مشرف کان بدلو وٺڻ واري ضد کيس نااهل تائين پهچائي ڇڏيو آهي،
جيتوڻيڪ اڳوڻي آمر مشرف تي به غداري ۽ شهيد بينظير وارو ڪيس هلي رهيو آهي پر اهو
ڪيس اڃا عدالت ۾ ئي آهي پر جيترو جلدي نوازشريف جو فيصلو آيو، اهو ڪنهن ٻي ڪيس جو
اڄ تائين نه اچي سگهيو آهي. مشرف تي ڪيس ختم ٿين يا نه ٿين پر نوازشريف اهو
ٻيو سياستدان آهي جنهن جي خلاف
تمام تڪڙو فيصلو عدليا طرفان ڏنو ويو آهي،
جڏهن عدليا جو فيصلو نه آيو هو، تڏهن نوازشريف چئي رهيو هو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڏيندي هن کي قبول هوندو ۽
کيس اها پڪ به هئي ته کيس ڪجهه به نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن پنجاب ۾ رڪارڊ ڪم ڪرايا
هئا ۽ هو هڪ پنجابي هو ، جنهن سبب کيس ڪجهه به نه ٿيندو پر کيس نااهل قرار ڏيڻ کان
پوءِ نوازليگ ان فيصلي کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي.
اڳوڻي وزير اعظم نواز
شريف چيو آهي ته هو ڪنهن به ڊڄڻ وارو ناهي، پنهنجي حياتي ۽ اقتدار جي به کيس پرواهه ناهي ۽ نه ئي هو حڪمراني چاهي ٿو.
نوازشريف ته اهو به چيو آهي ته هو صرف عوام جي حڪمراني چاهي. جيستائين هن ملڪ جي
تقدير تبديل نٿي ٿئي، هو سڪون سان نه ويهندو. پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير پنهنجي بيان
۾ چيو آهي ته نواز شريف جي ريلي قاتل ريلي بڻجي چڪي آهي، ڪرپشن خلاف اسان جي جنگ
جاري رهندي. نواز شريف عدالتي فيصلي کانپوءِ تاحيات نااهل ٿي ويو آهي، هو ادارن تي
دٻاءُ وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. هڪ طرف
تحريڪ انصاف ته ٻي طرف پيپلزپارٽي جا اڳواڻ به نوازشريف خلاف ئي بيان ڏئي
رهيا آهن، پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته نااهل شخص ڏينهن رات عدالت کي چئلينج ڪري
رهيو آهي، سند يافته ڏوهاري به انقلاب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي،
نواز ليگ اڳواڻ اڳوڻي
وزيراعظم جو ڀرپور دفاع ڪري رهيا آهن، مريم اورنگزيب، عابد شير علي، احسن اقبال،
اسحاق ڊار ۽ ٻي کوڙ سارا پارٽي اڳواڻ نوازشريف
جي حمايت ۾ ميدال ۾ لٿل آهن. ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نواز شريف
خوني نه آئيني انقلاب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ججن جي فيصلي کي عوام تسليم ناهي
ڪيو، سازش ڀِت تي لکيل نظر اچي رهي آهي. بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڪا سياسي
پارٽي هن ڏکئي وقت ۾ نوازشريف جو ساٿ ڏيندي يا
ڪنهن خوف سبب سندس ظاهري طور ساٿ
نه ڏيندي. هونئن ته نوازشريف نه پيپلزپارٽي سان ڪا رعايت ڪئي آهي ، نه ئي وري ڪنهن
ٻي پارٽي سان سٺو ورتاءُ رکيو آهي، جيڪڏهن
چوڌري نثار جي ڪري پيپلزپارٽي سان نه
ڦٽائي ها ته اڄ شايد پيپلزپارٽي ماضي جيان هن ڀيري به جمهوريت کي بچائڻ لاءِ ساٿ
ضرور ڏئي ها پر هاڻ هو پاڻ اڪيلو ٿي ويو
آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازشريف جو انقلاب ملڪ کي ڪڏهن ٿو وڃي.
No comments:
Post a Comment