Pages

Monday 28 September 2020

ڪمزور مخالف ڌر ۽ زوال پذير معيشت

صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ اپوزيشن هر ڀيري ورهايل نظر آئي آهي، ڀلي آمريتي دور هجي يا وري  جمهوري دور، هر دور ۾ مخالف ڌر اڳواڻ هڪٻئي خلاف بيان ڏيندي نظر آيا آهن، ظاهري طور ته هو پاڻ ۾ هٿ ملائيندا آهن پر جڏهن نالي ماتر جمهوريت اچي ويندي آهي ته وري هڪٻئي خلاف سازشون ڪرڻ لڳندا آهن، جڏهن 2007ع ۾ بينظير ڀٽو  کي راولپنڊي ۾ بم ڌماڪي ۾ شهيد ڪيو ويو ته  آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي اقتدار حاصل ڪيو، ان کان اڳ ڪراچي  ۾ جڏهن شهيد بينظير ڀٽو  ايئرپورٽ تي لٿي هئي ته ان وقت به دهشتگردن  سوين ماڻهن کي ڌماڪي ۾ شهيد ڪيو هو،  پر  بينظير ڀٽو دهشتگردن جي حملي ۾ بچي وئي هئي پر  محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ  همت نه هاري ۽ راولپنڊي ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هي اهو علائقو آهي، جتي دهشتگردن جو موجود هئڻ ملڪ لاءِ وڏو خطرو آهي، جنهن کي اسان حساس علائقو به چئي سگهون ٿا پر ان باوجود دهشتگردن بينظير ڀٽو سميت سوين ماڻهن کي شهيد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جاچ به اهڙي اداري کان ڪرائي وئي، جنهن رڳو ايترو ٻڌايو ته کيس گولي لڳي، جنهن کان پوءِ سندس مٿو گاڏي جي ليور سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جاچ کان خاص طور تي سنڌ جو عوام مطئمن نه هو ۽ پيپلزپارٽي سان محبت ڪندڙن جو صرف هڪ ئي مطالبو ڪري رهيا هئا ته بينظير ڀٽو جي قاتلن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، جيڪو ناممڪن نظر اچي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اڳ ئي نعرو هڻي چڪا هئا ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، انهيءَ نعري کان پوءِ سڀ ئي سمجهي ويا هئا ته هاڻي جمهوريت ته هلندي پر بينظير  ڀٽو جا قاتل قانون جا پڪڙ ۾ اچڻ ناممڪن آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل به شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جيان ڪڏهن به منظرعام تي نه آندا ويندا پر چوندا آهن ته سچ گهڻو دير تائين لڪائي نه ٿو سگهجي، هڪ نه هڪ ڏينهن شهيد بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل وائکا ضرور ٿيندا ۽ قاتلن کي سزا انشاءَ الله ضرور ملندي.

بهرحال شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي ۽ نواز شريف  پيپلزپارٽي حڪومت خلاف روڊن تي لهي پيو هو ۽ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ سميت مختلف مطالبا ڪندو رهيو، ڪڏهن وڪيلن جي آڙ ۾ حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪڏهن وري  اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو ۽ ڌرڻا هنيا، پيپلزپارٽي جي حڪومت ملڪ کي سنڀالي ها يا وري نواز ليگ کي، ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه پيو آيو جڏهن ته پيپلزپارٽي مفاهمت واري پاليسي اختيار ڪري ويٺو هئي، جڏهن  به شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ٿيندي هئي، ان وقت هر هڪ پارٽي ڪارڪن بينظير جي قاتلن لاءِ پڇندو هو، هڪ ڏينهن ڪنهن صحافي اڳوڻي صدر آصف علي زرداي کان سوال ڪيو ته بينظير جا قاتل ڪير آهن، جنهن تي هو ڪاوڙ ۾ اچي ويو هو، هن ڪاوڙ ۾ چيو ته مون کي خبر آهي قاتل ڪير آهن ؟ آصف علي زرداري جي ڪاوڙ کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اها پڇڻ جي جرئت ناهي ڪئي ته آخر بينظير جا قاتل ڪير آهن ۽ نه ئي پيپلزپارٽي جي قيادت بينظير جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ ڪا سنجيده نظر آئي، جيئن مير مرتضيٰ جي قتل ڪيس ۾ڪا اڳڀرائي نه ٿيندي هئي، ايئن پيپلزپارٽي جي پنج سالن واري اقتداري دور ۾ قتل ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي ڏسڻ ۾ نظر نه آئي.

جيئن ته آصف علي زرداري جي حڪومتي دور ۾ نوازشريف ڌرڻا هڻي رهيو هو، ايئن نوازشريف کي منهن ڏيڻو پيو، بس فرق ايترو هو جو  پيپلزپارٽي بدران پي ٽي آءِ وارا نوازشريف خلاف روڊن تي نظر اچي رهيا هئا، آصف علي زرداري ته پنج سال پورا ڪيا ۽ جمهوريت حڪومت  هڪ ٻي پارٽي حوالي ڪئي پر نوازشريف کي پنج سالن دوران گاريون ٻڌڻيون پيون، ڌرڻن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ٽي وي چينلن تي چور چور جا اشتهار به نشر ڪيا ويا، ايتري قدر جو کيس  ڌيءُ سميت جيل به ڏسڻي پئي، ان کانپوءِ  پي ٽي آءِ حڪومت اقتدار ۾ آئي، هڪ ڳالهه ته واضح  هئي ته نوازشريف جڏهن  وزيراعظم ٿيو ته ان وقت ڪراچي ۾ رت جون نديون  وهائيندڙ دهشتگرد سرگرم هئا، جن خلاف پيپلزپارٽي حڪومت  طرفان ڪارروائي ڪرڻ  ناممڪن هو پر نوازشريف ايندي ڪراچي ۾ دهشتگردن کي ڳولي ڳولي ختم ڪيو، ڪراچي جن دهشتگردن جي هڪ اشاري تي بند ٿي ويندو هو ۽ روڊن تي لاش پيل هوندا هئا، ان وقت جي وزيراعظم ميان محمد نوا شريف پنج منٽن ۾ ڪراچي مان دهشتگردن جو صفايو ڪيو ۽ امن امان جي صورتحال بحال ڪرائي ۽ملڪي معشيت کي پنهنجي پيرن  تي بيهاريو، اهو ئي سبب آهي، جو نوازشريف کي اڄ به ملڪ  جو عوام محبت ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪراچي مان دهشتگردن جو خاتمو نه ڪري ها ته اڄ اسان ڪراچي ۾ سک سان رهي نه سگهون ها.

بهرحال پي ٽي آءِ  جي حڪومت اچڻ کانپوءِ ڪروڙين ماڻهو بي روزگار ٿي ويا، ڪيتريون ئي فيڪٽريون بند ٿي ويون، سيڙپڪار ملڪ ڇڏي بنگلاديش طرف هليا ويا، رڳو بلڊر مافيا هن وقت به ملڪ ۾ سرگرم نظر اچي رهي آهي،  خاص طور تي سنڌ جي زمينن کي ايئن  قبضو ڪيو پيو وڃي ته جيئن  ڀارت کان فتح ٿيل هجي، سنڌ کي عالمي يتيم خانو سمجهي ترقي جي نالي تي سنڌ جي  زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ايتري قدر جو  سنڌ مان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙ تنظيم به وفاق جي سنڌ دشمن پاليسين تي حامي ڀري رهي آهي، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ قومپرست ڌريون  احتجاج ڪري رهيون آهن پر ان جو شايد ئي سنڌ سرڪار  تي ڪو اثر پوندو،

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  جڏهن  پي ٽي آءِ حڪومت قائم ٿي ته ان وقت  اپوزيشن الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ  کي ڌانڌلي ڪري اقتدار ۾ آندو ويو ۽ چيو ويو ته  عمران خان سليڪٽيڊ وزيراعظم آهي، پر ان باوجود اپوزيشن  استعيفائون نه ڏنيون، ايتري قدر جو جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان  به اپوزيشن کي چئي چڪوآهي ته اسيمبلين مان استعيفائون ڏنيون وڃن پر  پيپلزپارٽي توڙي نواز ليگ اهڙي تجويز  کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن،  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي به ڪرپشن  ڪيسن ۾ به جيل وڃڻو پيو،   نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي به جيل ۾ وڌو ويو، مطلب ته ڪو به اپوزيشن اڳواڻ ڪرپشن ڪيسن کان پاڪ نه هو، ها پر اهي ماڻهو پاڪ ٿي ويا، جن پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي، انهن خلاف نه ڪيس هليا نه ئي انهن تي ڪو به ڪرپشن جو الزام آهي، وزيراعظم عمران  خان پاڻ به چيو هو ته جيڪو به پي ٽي آءِ ۾ اچي رهيو آهي، صاف  ۽ پاڪ ٿي پوءِ ايندو آهي، مطلب ته انهن خلاف ڪيس کولڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.

بهرحال  هن ڀيري  آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوءِ متحد نظر آئي پر جڏهن ڪانفرنس ختم ٿي ته اپوزيشن  اڳواڻن جا بيان مختلف نظر آيا، مطلب ته اهي پي ٽي آءِ حڪومت خلاف  متحد نه آهن، مولانا فضل الرحمان چاهي ٿو ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو  وڃي پر پيپلزپارٽي جمهوري طريقي  تي يقين رکي ٿي، نوازشريف جي تازي بيان ته رياست کي ئي لڏائي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ  عسڪري قيادت کي به بيان ڏيڻو پئجي ويو ته اسان جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي، اسان کي سياست کان پري رکيو وڃي، پر ان  باوجود نوازشريف چئي رهيو آهي ته اسان جي ويڙهه عمران خان سان نه پر عمران خان کي آڻيندڙن سان آهي،  اهڙي بيان کانپوءِ لڳي نه ٿو ته هاڻ نوازشريف جي تقرير ميڊيا تي نشر ٿيندي، نوازشريف جي اهڙي تقرير کانپوءِ نوازليگ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر تر تپايو ويو آهي، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي عبوري ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نواز ليگ اڳواڻن تي حراسان ڪرڻ جا به الزام لڳي رهياآهن، مطلب  ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرائيندڙ تنظيم خلاف واويلا شروع ٿي وئي آهي، اپوزيشن جي ڪانفرنس کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ  فريال ٽالپر تي ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو  ڪئي وئي آهي، انهن ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو  ٻيهر  تيزي ان وقت آئي آهي، جڏهن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نواز شريف پنهنجو موقف بيان ڪيو آهي، نوازشريف جي بيان کانپوءِ اپوزيشن تي دٻاءُ ته اچڻو هو، هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڇا اپوزيشن رڳو ڪيسن کي منهن ڏيندي يا وري ڪا حڪمت عملي جوڙي متحد ٿيندا، هونئن به ملڪ جو عوام اڳ ئي معشيت جي تباهه ٿيڻ ۽ مهانگائي وڌي وڃڻ جي ڪري تمام گهڻو پريشان نظر اچي رهيو آهي، حڪومت وري  رڳو ڀنگ پوکڻ جي اجازت  ڏيڻ ۽ تماڪ کي فصل جو درجو ڏيارڻ ۾ لڳي پئي آهي، جيڪڏهن هن وقت اپوزيشن متحد ٿي وئي ته عوام کي به مهانگائي مان ڇٽڪارو ملي ويندو ۽  مٿن وڌندڙ دٻاءُ به گهٽجي ويندو.

No comments:

Post a Comment