Pages

Wednesday 30 September 2020

اسٽيبلشمينٽ ۽ نواز ليگ ٽڪراءُ، اڳتي ڇا ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي


ڪرپشن جو راڳ الاپي اقتدار حاصل ڪندڙ تحريڪ انصاف ملڪ کي  اهڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي، جتان واپس موٽڻ ناممڪن نظر اچي رهيوآهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو پنجاب ۾اسٽيبلشمينٽ خلاف نعرا لڳي رهيا آهن ۽ اهي نعرا  ملڪ جي وڏي جماعت جا ڪارڪن هڻي رهيا آهن، خيبرپختونخواهه، سنڌ۽ بلوچستان کانپوءِ پنجاب ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف نعرا ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ته آخر اهڙي صورتحال جو ذميوار ڪير آهي؟ آخر پنجاب جي وڏي جماعت نواز ليگ اسٽيبلشمينٽ جو سامهون ڇو ٿي آهي؟ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي به نوازشريف جيان جيل ۾ وڌو ويو هو، پر انهن ملڪ ڇڏڻ بدران ڄمي مقابلوڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ميان محمد نواز شريف  بيماري بهاني ملڪ مان هليو ويو ۽ لنڊن مان تقريرون ڪري جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اهڙي تقرير ڪري ها ته مٿس غداري جي فتويٰ لاڳو ٿي چڪي هجي، سندس سڄو ڪٽنب ۽پارٽي ڪارڪن جيل ۾ هجن، ايتري قدر جو  ڀٽو جيان کيس ڦاهي به چاڙهيو وڃي ها پر جيئن ته اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف جو تعلق پنجاب سان آهي، ته اهو ممڪن نظر نه ٿو اچي باقي ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته اهو پنجاب جي وڏي پارٽي ۽  اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هلندڙ پنهنجو ذاتي تڪرار آهي، جيئن گهر ۾ ٻه ڀائر پاڻ ۾ وڙهندا آهن، تئين اهي پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، ٿوري وقت کان پوءِ پاڻ ۾ ٺهي ويندا، باقي نواز ليگ جو ساٿ ڏيندڙ پارٽين سان تمام خراب حشر  ٿيندو.


بهرحال اهو ته وقت ئي ٻڌائندو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جيڪا اسٽيبلشمينٽ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي، ان کي ثابت قدم ٿي وڙهندو يا وري متحده سربراهه جيان پردي تان ئي غائب ٿي ويندو، تاريخ شاهد آهي ته ملڪ ۾ جنهن به اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪايو آهي، ان جو وجود ئي ناهي رهيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته بنگلاديش گوءِ انهن کان کٽي ويو، پر ميان محمد نواز شريف بنگلاديش جو بنگالي ناهي، هو پنجاب جي پارٽي مسلم ليگ ن جو قائد آهي، جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي آشيروارد سان ميدان ۾ لٿو هو، هاڻي ٻي ڳالهه اهي جو  جنگ جو اعلان ڪري رهيو آهي، هونئن ته اسان  اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهائيندڙن کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ملندي ڏٺا آهن پر اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ميان محمد نواز شريف کي اڃا تائين سرٽيفڪيٽ ناهي مليو، ان جو مطلب آهي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ناراض ڀاءُ کي پرچائڻ جي خواهش رکي ٿي، هاڻ اهو ڪهڙي وقت پرچي وڃي ٿو، اهو  ته وقت ئي ٻڌائندو پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ  جي حڪومت  وئي ته اسان کي اهڙن مقدس ماڻهن جي ملڪيت جا راز معلوم ٿي ويندا ، جن خلاف اسان ڪڏهن سوچيو ئي نه هوندو، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جون ملڪيتون به منظرعام تي اينديون، ڇاڪاڻ ته ملڪيتن تي سياست ڪرڻ واري پاليسي پي ٽي آءِ جي آهي، هن وقت ته پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، ان باوجود سندن اڳواڻن جون تازو خريد ڪيل ملڪيتون ظاهر ٿي رهيون آهن، جڏهن هي حڪومت گهر ڀيڙو ٿيندي ته ان وقت ڇا ٿيندو؟ ان جو سڀني کي يقين اندازو ضرور هوندو.


اسٽيبلشمنٽ ۽ پنجاب جي سڀ کان وڏي جماعت مسلم ليگ (ن) وچ  ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آهي، ٻئي ڌريون آمهون سامهون آهن، آل پارٽيز ڪانفرنس کان پوءِ ٻنهي ڌرين جي پڌرائي به جاري ٿي چڪي آهي، اي پي سي کانپوءِ جهڙي ريت  اپوزيشن خلاف ڪيس اٿليا ۽ گرفتاريون شروع ٿيون آهن، جنهن  مان اندازو لڳائي سگهجي ٿوته اسٽيبلشمينٽ جو رويو نواز ليگ لاءِ نرم آهي، جنهن سبب رڳو گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، پر  نواز شريف جنهن جنگ جو اعلان ڪيو آهي، اهو حقيقي جمهوريت ڏانهن وڃي ٿو پر  هو اها جنگ کٽي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته ميان محمد نوازشريف جڏهن به حالتون خراب ٿيندي ڏٺيون آهن معاهدي ڪري ملڪ ڇڏي هليو ويندو آهي، ماضي ۾ ڪيل سندس معاهدن جي ڪري پيپلزپارٽي توڙي ٻيون جماعتون  مٿس مڪمل اعتبار نه پيون ڪن پر پنجاب  مان اسٽيبلشمينٽ مخالف نعرن مان  لڳي ٿو ته  هاڻي ننڍن صوبن کي حق ضرور ملندا، اڳ ۾ رڳو هڪ پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ ننڍن صوبن جا حق غضب ڪيا ويندا هئا، پر هاڻ پنجاب مان به ساڳيا نعرا ٻڌڻ ۾ نظر اچي رهيا آهن، جيڪو جمهوريت لاءِ سٺو سنوڻ آهي، پر سوچڻ جي ڳالهه  آهي ته پنجاب مان هيل تائين ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو شروع ناهي  ٿيو پر جڏهن ٿيو ته  انهيءَ مخالف نعرن سان نواز ليگ کي اڃا وڌيڪ جياپو ملندو ، جمهوريت مضبوط ٿئي يا نه ٿئي پر  ننڍن صوبن جا حق کين ضرور ملندا. ريلوي وارو وزير شيخ رشيد ريلوي جي خراب صورتحال  تي ڳالهائڻ بدران پي ٽي آءِ جو  ترجمان ٿي  اپوزيشن کي جواب ڏيڻ ۾ لڳو پيو آهي، ايئن پيو لڳي ته شيخ رشيد ريلوي جو وزير گهٽ وزيراعظم عمران خان جو ترجمان وڌيڪ لڳي پيو.


جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ جون وڏيون توڙي ننڍيون جماعتون  ظاهري طور  هڪ نظر اچي رهيون آهن پر سمورين جماعتن جي ڳجهين ملاقاتن جا به راز فاش ٿي رهيا آهن، جنهن سان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته اپوزيشن متحد نه آهي، رڳو نواز شريف ۽  جي يو آءِ ف هڪ پيج تي آهن، انهيءَ ٻنهي جماعتن جو موقف به هڪ نظر اچي رهيو آهي، ڀلي نوازشريف وٽ وڙهڻ جي سگهه نه هجي پر  جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان وٽ ايتري طاقت آهي جو هو ڪنهن جو به مقابلو ڪري سگهي ٿو، جنهن جو اندازو ڪجهه عرصو اڳ ڪيل سندس لانگ مارچ  مان لڳائي سگهجي ٿو،  مولانا فضل الرحمان پاڻ ئي چئي ڇڏيو آهي ته اسان سان ڌرڻو  ختم ڪرڻ وقت جيڪي واعدا ڪيا ويا انهن کي پورو ناهي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي ۽ انهيءَ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نوازشريف جي تقرير ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو، عسڪري قيادت کي به پنهنجو موقف پيش ڪرڻو پئجي ويو ۽ چيو ويو ته فوج کي سياست کان پري رکيو وڃي، پي ٽي آءِ  جون ته ننڊون ئي حرام ٿي ويون ۽ وزيراعظم عمران خان قوم جو ڌيان هٽائڻ لاءِ سنڌ خلاف بيان ڏيڻ شروع ڪيا، ٿيڻ ايئن گهرجي ها ته عمران خان سڌي ريت پيپلزپارٽي جو نالو وٺي ها سنڌين سان پنهنجي نفرت جو اظهار نه ڪري ها، جيڪڏهن سنڌي قوم کيس ووٽ ناهي ڏنو ته ڇا  هو اسان جي مقدس ڌرتي خلاف ڳالهائيندو،  اهو عمل سنڌي قوم ڪڏهن به برادشت نه ڪندي، وزيراعظم عمران جا بيان غير  ذميواراڻا آهن، جيڪي ملڪ ۾ اندر بنگلاديش واري صورتحال پيدا ڪرڻ کي هٿي ڏئي رهيا آهن.


بهرحال نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز  هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن کي ميڊيا نشر ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچي رهي هئي ته نشر ڪجي يا نه؟ جنهن کانپوءِ مريم نواز  جتي به حڪومت خلاف ڳالهائي رهي هئي، ان جو آواز بند ڪيو پئي ويو، لڳي ايئن پيو ته مريم نواز هن ملڪ جي شهري نه پر ڀارت جي شهريت رکندڙ هئي، جنهن جو بيان نشر ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪيا ويا، پر جيئن ته سوشل ميڊيا تي مريم نواز، رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر ۽ ٻين نواز ليگ اڳواڻن جا بيان سڌي ريت شيئر ڪيا ويا، جن کي ٻڌي خبر پئي ته آخر هن ملڪ ۾ ميڊيا ڪيترو آزاد آهي؟ جيئن ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنجاب ۾ بغاوت ٿي آهي ۽ نعرا لڳي رهيا آهن ته  اسٽيبلشمينٽ  کي به سوچڻو پوندو ته آخر اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ آخر  نوازشريف سان اهڙو ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو جو هو باغي ٿي بيهي رهيو آهي؟   اهو رڳو اقتدار تان هٽائڻ جي ڪري ٿيو يا وري ان پٺيان ڪا ٻي ڳالهه آهي، اهو ته نوازشريف پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جمهوريت ته ڪيترائي ڀيرا راتاهو هنيو ويو آهي پر ان نالي ماتر جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ سياستي جماعتن جون نظرون سگهاري ڌرين ڏانهن ڇو هونديون آهن؟ ان جو به جواب اي پي سي مان ملي ويو آهي ته آخر انهن جي ڪهڙي مجبور هوندي آهي جو اهي سگهاري طاقتن سان رابطي ۾ رهندا آهن.


جيئن ته هاڻي پنجاب  جو عوام سجاڳ ٿي رهيوآهي، ان مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته رڳو  غداري جا سرٽيفڪيٽ سنڌ ۽ بلوچستان نه پر پنجاب وارن کي ملندا،  پر اهي حالتون ملڪ کي ڪهڙي طرف وٺي وينديون، شايد سگهاري قوتن کي ان جو اندازو نه آهي ڇاڪاڻ ته وزيراعظم عمران خان  وڏي عهدي تي ويهي سڄي ملڪ جي  ترجماني ڪرڻ بدران نفرتون پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سنڌ ته 1971ع کان  اڳ ظلم ۽ نانصافيون برادشت ڪري رهيو آهي، ان جو ڪارڻ به عمران خان جهڙا سياسي ليڊر آهن، جيڪي پيپلزپارٽي جي  مقبوليت برادشت ناهن ڪري سگهندا ۽ سنڌين خلاف ڳالهائي ويهي رهندا آهن، سياسي ليڊر اهي   هوندا آهن جيڪي ڪنهن قوم تي ڳالهائڻ بدران پنهنجي سياسي مخالف خلاف ڳالهائيندا آهن پر هتي گنگا ئي ابتي وهي پئي، جيڪو به  پ پ کان ڪاوڙجي ٿو، سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڄڻ  سنڌي قوم رڳو پ پ کي ووٽ ٿا ڏين. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ خلاف سڌي ريت ڳالهائڻ ڪنهن جي وس ڳالهه نه آهي، پر نواز ليگ سربراهه ميان محمد نوازشريف پرڏيهه آهي ۽ اتان بيان ڏئي پيو ته اهو پيغام رڳو ملڪ نه  پر سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي ته  آخر اسان جي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ جيڪڏهن ملڪ ۾ نوازشريف ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ نه گهٽي ته ِضرور ملڪ ۾ هڪ اهڙي باهه ٻرندي، جنهن کي وسائڻ ڪنهن جي وس ۾ نه هوندي، تنهن جي ڪري ضروري آهي ته عوام جي ووٽ کي عزت ڏئي عوامي مينڊيٽ ماڻيندڙن کي اقتدار ڏنو وڃي، باقي رهي ڳالهه ڪرپشن جي ته اها سڀني کي خبر آهي، ته ڪنهن سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي آهي، جيڪا ملڪيتون ظاهر ڪرڻ واري راند شروع ڪئي وئي آهي، انهيءَ راند ۾ تمام جلد وڏا وڏا بت وائکا ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته نوازشريف ڪو سنڌ  ڄائو ناهي جو اوهان ان کي سولائي سان ڦاهي چاڙهي ڇڏيندا.

No comments:

Post a Comment