صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي،
پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان شروع ڪيل جدوجهد وڃي گلگت بلتستان جي چونڊ تائين پهتي
آهي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جا اڳواڻ گلگت بلتستان ۾ موجود آهن، پيپلزپارٽي
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز پاران جلسا ڪري عوامي طاقت جو
مظاهرو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان به گلگت ۾ پنهنجو خطاب ڪري چڪو آهي، جنهن
تي اپوزيشن جو سخت رد عمل سامهون آهي، گلگت بلتستان جي چيف ڪورٽ سمورن وفاقي وزيرن
توڙي حڪومتي عهديدارن کي گلگت بلتستان ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو، جيئن جيئن چونڊون ويجهو
اچي رهيون آهن، اپوزيشن جماعتن جو هڪٻئي خلاف ڳالهائڻ بدران پنهنجن توپن جو رخ
حڪومتي جماعت ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جا ڪامياب جلسا ٿي رهيا
آهن، نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اليڪشن
کٽڻ لاءِ پراميد نظر اچي رهيا آهن پر ان باوجود ڌانڌلي جو خدشو به ظاهر ڪري رهيا
آهن ۽ حڪومتي جماعت طرفان اپوزيشن کي ملڪ دشمن قرار ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ٿي رهي آهي،
سنڌ ۽ پنجاب ۾ به جلسيون ڪڍيون پيون وڃن پر ان جو اپوزيشن تي ڪو به اثر
نه پئجي رهيو آهي، حڪمرانن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جي جلسن ۾ فوجي قيادت جا نالا
کڻڻ ملڪ دشمني آهي ۽ مودي سان ياري نڀائي پئي وڃي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ڊي ايم جي گجرانوالا وري جلسي کانپوءِ
ملڪ اندر ٻڙڌڪ متل آهي ۽ حڪمران ادارن جي توهين جو راڳ ڳائندا نظر اچي رهيا آهن،
ايتري قدر جو پي ڊي ايم جي اتحاد جي ٽٽڻ جون افواهون به پکڙجي رهيون آهن، تازو ئي
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو هڪ غير ملڪي اداري کي ڏنل انٽرويو کي پي
ڊي ايم کان لاتعلقي جو اظهار چيو پيو وڃي پر پيپلزپارٽي پاران پي ڊي ايم پليٽ فارم
سان گڏ هجڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته کيس
سڌي ريت فوجي قيادت جا نالا کڻڻ تي اعتراض آهي پر
هو ڪنهن ٻئي ڪنهن کي روڪي نه ٿو سگهي، نوازشريف ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو
آهي، ظاهر ڳالهه آهي ته هن بنا ڪنهن ثبوتن جي اهڙو وڏو بيان نه ڏنو هوندو. هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي
زرداري به چئي ڇڏيو آهي ته پ پ جو اهو ئي فيصلو هوندو، جيڪو پي ڊي ايم جي پليٽ
فارم تان ڪيو ويندو.
جيئن ته حڪومتي جماعت جي مسلسل ڪوشش آهي ته ڪهڙي ريت به پي
ڊي ايم جي جلسن کي روڪيو وڃي، ان حوالي سان ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد به
پنهنجا بيان ڏئي چڪو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي ٿي سگهي پي ان باوجود پي ڊي ايم پنهنجا
ٽي ڪامياب جلسا ڪري چڪي آهي، سڀ کان وڏو جلسو پنجاب جي شهر
گجرانوالا ، ٻيو جلسو سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۽ ٽيون جلسو بلوچستان جي گادي
واري شهر ڪوئيٽا ۾ ڪيو آهي، رڳو ڪراچي واري جلسي ۾ ادارن خلاف نه ڳالهايو ويو، صرف
حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ انهيءَ جلسي ۾ نوازشريف به ڪا تقرير نه ڪئي، جڏهن
ڪوئيٽا ۾ جلسو ٿيو ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شرڪت نه ڪئي ۽ هو گلگت
بلتستان جي چونڊ ۾ لڳي ويو، رڳو وڊيو لنڪ خطاب ڪيائين،
انهيءَ جلسي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي وزيراعظم ميان
محمد نوازشريف خطاب ڪيو ۽ نالا وٺي جواب گهريو،
جيئن گجرانوالا واري جلسي کي ميڊيا تي نشر نه ڪيو ويو هو، ايئن ڪوئيٽا وارو نوازشريف جو خطاب به ميڊيا تي نه
ڏيکاريو ويو، حڪومتي وزيرن مختلف ٽي وي چينلن تي
ويهي نوازشريف جي تقرير تي ڳالهايو ته هو
مودي جي دڳ تي هلي رهيو آهي. کيس ادارن خلاف نه ڳالهائڻ گهرجي، ايتري قدر جو
پاڪستاني ٽي وي چينلن تي ڀارتي چينلن جو وڊيو ڪلپس به ڏيکاريون ويون، جنهن سان
ادارن جي وڌيڪ تضحيڪ ٿي آهي.
بهرحال ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊن بابت خبرون نشر ٿي رهيون
آهن ته ملڪ ۾ حقيقي تبديلي اچڻ واري آهي ۽ پي ڊي ايم طرفان به دعويٰ ڪئي وئي آهي
ته جنوري تائين حڪومت هلي ويندي، هاڻ اهو وقت ٻڌائيندو ته حڪومت وڃي ٿي يا وري
حڪومت ساڳي ئي رهندي پر هڪ ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته
اپوزيشن جماعتن هڪ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هو هاڻ هن حڪومت کي وڌيڪ هلڻ نه ڏيندا ۽
نه ئي وري موجوده حڪومت سان ڪي ڳالهيون ڪرڻ جو سندن ڪو ارادو آهي، ڇاڪاڻ ته
اپوزيشن جماعتن واضح طور چئي ڇڏيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ حڪومت سان ڳالهيون نه
ڪندا، جيڪڏهن سندن ڪي ڳالهيون ٿينديون ته سڌي ريت اسٽيبلشمينٽ سان ٿينديون، اهو به پي ڊي ايم جي
اتحادين سان صلاح مشوري سان ڪيون وينديون، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ حڪومت هن
وقت تائين اهڙو ڪو بيان جاري ناهي ڪيو، جنهن سان لڳي حڪومت وڃڻ واري آهي، جيڪڏهن
حڪومت وڃڻ جو ڪو خطرو هجي ها ته پي ٽي آءِ هن وقت پريشان نظر اچي ها ۽ وزير سخت
کان سخت بيان ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃي ها، پر حالتون معمول واريون لڳن ٿيون، اڄ پي ڊي
ايم وارن اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين تي راضي ٿيا آهن، سڀاڻي پي ٽي آءِ سان به ڳالهين
لاءِ راضي ٿي ويندا، باقي رهي ڳالهه پي ڊي ايم جي جلسن جي ته جڏهن کان پي ڊي ايم
جا جلسا شروع ٿيا آهن، احتساب جو عمل رڪجندو نظر اچي رهيو آهي، هڪ
خانگي ٽي وي چينل جو مالڪ به احتساب مان جند آجي ڪري آزاد ٿي ويو آهي ٻيا سياستدان
به ضمانتن تي آزاد ٿي رهيا آهن، لڳي ٿو ته جلد شهباز شريف ۽ سندس پٽ به آزاد ٿي
ويندا، جڏهن به احتساب جو عمل تيز ٿيندو آهي ته اپوزيشن کي عوام تي ٿيندڙ ظلم ياد اچي ويندو،
مهانگائي به ياد اچي ويندي آهي، جڏهن احتساب عمل رڪجندو آهي ته وري خاموشي اختيار ٿي
ويندي آهي ۽ اپوزيشن کي ملڪ ۾ وڌندڙ
مهانگائي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي نظر ناهي ايندي.
15 نومبر تي ٿيندڙ گلگت بلتستان جون چونڊون ئي ٻڌائندو ته ملڪ ۾ واقعي تبديلي اچڻ واري آهي يا وري ملڪ ۾ ساڳيو ئي معاشي بحران برقرار رهندو، جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري چڪا آهن، پر هن ڀيري چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي يا نه ؟ ان بابت چوڻ وقت کان اڳ ئي هوندو، ڇاڪاڻ ته سياسي پارٽين هن ملڪ ۾ ٿيل چونڊن جي رازن تان پردو کڻي ڇڏيو آهي، ڪهڙي ريت حڪومتون اينديون آهن ۽ وينديون آهن، ان بابت سڀ ڪجهه انهن سياسي پارٽين ٻڌائي ڇڏيو آهي پر هن ڀيري ٿوري تبديلي نظر اچڻ اميد آهي ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جو مقصد ئي اهو هو ته ملڪ ۾ عوام جي ووٽ کي عزت ڏني وڃي، ڪنهن کي به اختيار نه هجي ته هو عوامي ميڊيٽ کي لت هڻي پوئتي ڪري ڇڏي، جيڪڏهن گلگت بلتستان ۾ نواز ليگ يا وري پيپلزپارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته ان مان صاف ظاهر ٿي ويندو ته ملڪ ۾ حقيقي تبديلي اچڻ واري آهي ۽ عوام جي ووٽ کي عزت ملڻ واري آهي، هن وقت پي ڊي ايم سان عوام جو سمنڊ آهي، اهو رڳو ان ڪري آهي جو ملڪ جو عوام مهانگائي، بيرروزگاري کان تنگ ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ روز نوان نوان ٽيڪس نه لاڳو ڪيا وڃن ها ته اڄ ايتري مهانگائي نه اچي ها ۽ نه ئي ملڪي قرض ايترو وڌي وڃي ها. غريب ماڻهن لاءِ ته بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌايا وياآهن، جنهن سبب سندن گهرن جو گاڏو هلڻ ناممڪن ٿي ويو آهي، پنج سئو روپيا ڏهاڙي ڪمائندڙ هزارين روپن جا بجلي ۽ گئس جا بل ڀريندو يا پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو
No comments:
Post a Comment