Pages

Monday, 2 November 2020

آمريڪي چونڊون ۽ ڌانڌلي جو راڳ

صاحب خان ڀٽي

سڄي دنيا ۾ آمريڪا جي چونڊن تي بحث شروع ٿي ويو آهي ته  ريپبلڪن پارٽي جو اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کٽيندو يا وري ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو اميدوار جو بائيڊن ڪامياب ٿيندو، ٻنهي جي دنيا جي ٻين ملڪن بابت پاليسي ڪهڙي هوندي، ڇا ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ساڳي پوزيشن برقرار رکي سگهندو يا نه؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، ڪاميابيءَ لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جو بائيڊن ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهيا آهن، آمريڪي عوام طرفان هن ڀيري آمريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪا خاص دلچسپي نظر نه پئي اچي، هن ڀيري به آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن جو ووٽ انتهائي اهم آهي، ظاهر ڳالهه آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلمان مخالف پاليسين جي ڪري کيس مسلمانن جو ووٽ نه ملڻ جو امڪان آهي، ايتري قدر جو جڏهن 2016ع ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ڪاميابي ماڻي هئي ته ان وقت به عوام طرفان ڪو خاص خوشي جو اظهار نه ڪيو ويو هو، ڪجهه ماڻهن ته آمريڪي صدر  ٽرمپ خلاف احتجاج به ڪيو  هو  پر هاڻوڪي آمريڪي چونڊن جو مسلمان ملڪن تي ڪهڙو اثر پوندو اهو انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪو چونڊجي ايندو آهي، ان جون پاليسيون مختلف هونديون آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ئي اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ لاءِ مسلمان ملڪن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي، جنهن سبب آمريڪا ۾ سندس سپورٽر وڌي رهيا آهن، 2016ع واري اليڪشن ۾ وڪي ليڪس جي انڪشاف کانپوءِ  هيلري ڪلنٽن جون اي ميلز به جاري ڪرڻ جو چيو ويو هو، جڏهن ته انهيءَ معاملي سان ڊونلڊ ٽرمپ کي چونڊن دوران ڪاميابي ملي ۽ هيلري کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو، ڊونلڊ ٽرمپ 2016ع ۾ به ڊيموڪريٽڪ پارٽي تي الزام لڳايا هئا، هن ڀيري به صدارتي اميدوار تي الزام لڳائي رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته جوبائيڊن خاموش طبيعت جو مالڪ آهي، هو چين تي لڳايل ٽيرف کي هٽائي ڇڏيندو، جنهن سان آمريڪا کي نقصان ٿيندو ۽ نوڪريون به ختم ٿي وينديون، جيئن  ته اليڪشن شروع ٿي چڪي آهي ۽ ٻنهي اميدوارن پنهنجو پنهنجو موقف به پيش ڪري ڇڏيو آهي پر ان باوجود ڪاري نسل جا ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن، جيئن 2016ع جي چونڊن دوران احتجاج شروع ٿيا هئا، ايئن 2020 ۾ ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. گذريل چونڊن ۾ به ڪاري نسل جي ماڻهن جي قتل عام خلاف احتجاج ڪيا ويا هئا، هن ڀيري به احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ به هارائڻ جي خوف کان چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، جيئن جيئن پولز جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، جوبائيڊن اڳتي نظر اچي رهيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آمريڪي  چونڊن جا نتيجا پول تي ئي ڀاڙيا ويندا آهن ۽  جو بائيڊن ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جيئن ته صدارتي اميدوارن وچ ۾ مبحاثو به اهم موضوع  هوندو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جوبائيڊن  وچ ۾ به بحث ٿي چڪو آهي، ٻنهي  اميدوارن پنهنجو موقف  آمريڪي عوام آڏو رکي ڇڏيو آهي، هاڻ آمريڪي عوام جي مرضي آهي ته هو ڪنهن کي ملڪ جو صدر بڻائڻ جو فيصلو ڪن ٿا، هونئن ته آمريڪا ۾ صدارتي اميدوار کي کٽڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 270 اليڪٽرول ووٽن جي ضرورت هوندي آهي، پولز ۾ ظاهري طور تي ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن کي قومي سطح تي صدر  ٽرمپ تي 7 پوائنٽس سان سرسي حاصل آهي. 3نومبر تي ٿيندڙ چونڊن  تي ڪرونا کان بچڻ لاءِ  ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اڪثر ماڻهو  پوسٽ ذريعي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري چڪا آهن، خبرون آهن ته هن وقت تائين 9 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري چڪا آهن، پولز جي نتيجن موجب بائيڊن کي  سرسي حاصل آهي، پر ڊونلڊ ٽرمپ جا سپورٽر به پراميد نظر اچي رهيا آهن، پر آمريڪا ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جا ماڻهو آمريڪي صدر جي اميگريشن  سميت  ٻين پاليسين کان متفق ناهن، ٽيڪس معاملي تي به ماڻهو مايوسي جو اظهار ڪري رهيا آهن، ڪاري نسل سان تعلق رکندڙ به ڊيموڪريٽڪ  جي حمايت ڪري رهيا آهن، جنهن سبب هن ڀيري  جوبائيڊن  جي ڪاميابي جا امڪان وڌي ويا آهن، ٻنهي اميدوارن پاران هڪ ٻئي تي الزامن واري سياست جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، صدر ڊونلڊٽرمپ پنسلوانيا ۾ ريلي ۾ شريڪ ماڻهن کي خطاب دوران چيو نتيجن لاءِ تاريخ وڌايو ته جيئن ٻيا ماڻهو ووٽ وجهن.نتيجن جي تاريخ مايوس ڪندڙ آهي.

جيڪڏهن ڊيموڪريٽڪ جو اميدوار جو بائيڊن ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته ان جي پاليسي ٿوري مختلف هوندي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسلامي فوبيا کي هٿي ڏياري ۽ عرب ملڪن کي اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ لاءِ زور وڌو، ايتري قدر جو ايران تي به سخت پابنديون لڳايون چين سان به آمريڪا جا لاڳاپا بهتر نه رهيا، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ئي رهيا، ايتري قدر جو ڪورونا معاملي تي به هڪٻئي کي ذميوار قرار ڏنو. پر هاڻ آمريڪي عوام ئي فيصلو ڪندو ته ايندڙ چئن سالن لاءِ هو ڪنهن کي صدر چونڊڻ چاهين ٿا، هن ڀيري آمريڪا ۾ ٿوري تبديلي نظر اچي رهي آهي، ٽرمپ  به سرڪاري مشينري هجڻ باوجود  ڌانڌلي جو خدشو ظاهر ڪري رهيو آهي. پر 3 نومبر تي ٿيندڙ چونڊن کان اڳ ئي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي، ايندڙ آمريڪي صدر ڊيموريڪٽڪ پارٽي جو اميدوار جو بائيڊن ئي ٿيندو پر ٽرمپ چئي رهيو آهي ته آمريڪي عوام کانئس مطئمن آهي، هُن ملڪ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو آهي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اميگريشن معاملن کان وٺي مسلمان ملڪن بابت سندس پاليسيون ڏاڍيون سخت ئي رهيون آهن، ڊونلڊ ٽرمپ ايندي ايران تي سخت پابنديون لڳايون، افغانستان مان فوج ڪڍڻ  جو اعلان ڪري يوٽرن ورتو ۽ طالبان سان ڳالهيون ڪيون پر اهي به چار سال گذرڻ باوجود ڪامياب ٿي نه سگهيون آهن.

هونئن به جڏهن به آمريڪا ۾ اليڪشن ٿيندي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت  تي ان جا اثر ضرور پوندا آهن، ظاهر ڳالهه آهي هن ڀيري به ان جا اثر پوندا، ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ئي پاڪستان ۽ ڀارت بابت ڪيترائي بيان ڏئي چڪا آهن، ڪڏهن پاڪستان تي دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جا الزام لڳايا ته ڪڏهن وري پاڪستان جي ڪارروائن کي دهشتگردن خلاف ڪارروائن جي واکاڻ ڪئي، ايتري قدر جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشميرمسئلي تي ٽِياڪڙي جي آڇ به ڪئي هئي پر ڀارت ان کان انڪار ڪيو هو، جنهن سبب ڀارت به آمريڪا کان ٿورو ناراضگي جو اظهار ڪندي نظر ايندو رهندو آهي پر هن ڀيري جو بائيڊن جي ڪاميابي جا امڪان وڌي ويا آهن، جيڪڏهن ٽرمپ ٻيهر  صدر بڻجي وڃي ٿو  ته اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ لاءِ  هو ڪنهن حد تائين به وڃي سگهي ٿو، ايتري قدر جو چين سان واپار جي حوالي سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ به تيار ٿي ويندو ۽ سندس واپار کي ڪاپاري ڌڪ رسائڻ  لاءِ  پاليسي به جوڙيندو پر  ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي پاليسي سندن بيانن مان ئي مختلف نظر اچي رهي آهي. جنهن سان  اها اميد ظاهر ڪري  سگهجي ٿي ته سپر پاور ملڪ جي  مسلمان ملڪن لاءِ پاليسي ۾ ٿوري نرمي ايندي ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي

No comments:

Post a Comment