صاحب خان ڀٽي
ملڪ
۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي کانپوءِ عوام موجوده حڪمرانن کان تنگ اچي
چڪو آهي، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عوام کي ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ ترقي ڪري
رهيو آهي ۽ ماڻهو خوشحال ٿي رهيا آهن پر افسوس جو ملڪ جي معشيت تباهه ٿي چڪي آهي،
مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، پر ان باوجود حڪومت اپوزيشن جماعتن کي منهن ڏيڻ لاءِ
ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي، حڪومت ملڪ ۾ معشيت بهتر ڪرڻ بدران جمهوريت جي دعويدارن
کي چٿڻ ۾ لڳي پئي آهي، اهڙي عمل سان نه ملڪ ترقي ڪندو ۽ نه ئي وري حڪومت پنهنجي
ارادن ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جڏهن حڪومت ويٺل وزير ئي ملڪ جي وڏين جماعتن تي الزام
لڳائن ته ان سان ملڪ ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿيندو، نه ڪي ڪا امن امان جي صورتحال
بهتر ٿي سگهي، گجرانوالا واري ڪامياب جلسي کانپوءِ جهڙي ريت اپوزيشن کي سرعام ٽي وي
چينلن تي تنقيد ٿي رهي آهي ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙ به سرگرم ٿي ويا آهن،
حڪومت ۾ ويٺل وزير به اپوزيشن جماعتن جي موقف کي ملڪ دشمن قرار ڏئي رهيا آهن، ڇا
ووٽ کي عزت ڏيڻ واري جدوجهد ملڪ دشمن آهي؟ ڇا ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ آواز بلند
ڪرڻ ملڪ دشمني آهي؟
ملڪ
ٺهڻ کان هيل تائين اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سياستدان چور ۽ ڪرپٽ آهن پر جڏهن به جمهوري حڪومت ايندي آهي
اسان کي ملڪ ۾ ترقياتي ڪم ٿيندي نظر ايندا آهن،
معشيت کي هٿي ملندي آهي، دنيا ۾ پاڪستان پاڻ مڃرائڻ لڳندو آهي پر جڏهن آئين کي ٽوڙي راتاهون هنيو ويندو آهي ته سڄي دنيا ۾ ملڪ جي ساک متاثر ٿيندي آهي ۽ عوام
جي ووٽ جي بي حرمتي ٿيندي آهي. هن وقت مسلم ليگ ن به اهو ئي چئي رهي آهي ته هنن کي
سليڪٽيڊ حڪومت قبول نه آهي ۽ عوام جي ووٽ کي عزت ڏيڻي پوندي، جڏهن اڳوڻي وزيراعظم
نوازشريف خلاف ڪيس هلي رهيا هئا ته ان وقت به نواز ليگ خلاف پروپيگينڊا ڪئي وئي ۽ هاڻ ملڪ جي وڏين جماعتن خلاف پروپيگينڊا ٿي
رهي آهي پر ان وقت به ڪنهن به ادارن خلاف نه ڳالهايو هو پر
هاڻ عوامي طاقت اپوزيشن سان گڏ آهي، جڏهن کان پي ڊي ايم جي جلسن جي شروعات ٿي آهي،
ڪرونا به پکڙجڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ دهشتگرد به ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا آهن، جن
پهرين ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو ڪري بي گناهه ماڻهن جو رت وهائي اپوزيشن کي ڊڄرائڻ جي ڪوشش
ڪئي وري، هاڻي وري پشاور ۾ دهشتگردن مدرسي تي حملو ڪري
معصوم بي گناهه ٻارڙن تي حملو ڪيو، انهن دهشتگردن کي انسان چئي نه ٿو سگهجي، جيڪي
معصومن تي حملو ڪن، انهن دهشتگردن کي ته ڪافر چوڻ به ڪافر جي توهين هوندي، جن کي
معصوم ٻارڙن تي حملو ڪرڻ وقت خدا جو خوف به نه آيو.
بهرحال
امن امان جي صورتحال بحال رکڻ اسان جي سيڪيورٽي ادارن جي ذميواري آهي، ريلوي واري
وزير شيخ رشيد گجرانوالا واري جلسي کان چئي ڇڏيو آهي، هاڻي ڪرونا وائرس به پکڙجندو، دهشتگردي به ٿيندي ۽ گرفتاريون
به ڪيون وينديون، هن وقت ڪورنا پکڙجي رهيو آهي ۽ دهشتگردي به ٿي چڪي آهي، هاڻي وڃي وڏيون گرفتاريون بچيون
آهن، ڏسڻو اهو آهي ته آخر ڪهڙي وڏي شخصيت کي گرفتار ڪيو ويندو، جيڪڏهن اهو بيان
دفاع وارو وزير يا پرڏيهي وزير ڏئي ها ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي پئي پر ريلوي وارو
وزير جنهن کان ريلوي جي وزارت به سهي نه پئي هلي اهو اهڙو بيان ڏئي ته ماڻهو حيران
ته ٿيندا ۽ اهو بيان وري سچ ثابت ٿئي ته پوءِ کانئس پڇاڻو ضرور ٿيڻ گهرجي، صوبائي
وزير سعيد غني به ڪراچي ۾ تازو ٿيل دهشتگردي واري واقعي جي جاچ ۾ شيخ رشيد کان به پڇا ڳاڇا جو مطالبو ڪيو هو.
جيئن
ته ملڪ ۾ پي ڊي ايم جي جلسن کانپوءِ سياسي هلچل جو شروع ٿي چڪوآهي ۽ عوام وڏي انگ ۾
اهڙن جلسن ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، پر انهيءَ اتحاد حڪومت جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون
آهن، ملڪ ۾ واپاري توڙي پورهيت مهانگائي جي ڪري پريشان نظر اچي رهيو آهي، واپار به ٺپ
ٿي ويو آهي، مهانگائي به غريب ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جي يو آءِ سربرهه
مولانا فضل الرحمان عوام جي موجوده حڪمرانن مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ پرعزم نظر اچي
رهيوآهي پر پيپلزپارٽي هن اتحاد کان ٿوري فاصلي تي نظر اچي رهي آهي، ظاهري طور تي
بيان ڏنا پيا وڃن ته هو پي ڊي ايم سان گڏ آهن پر پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوئيٽا
واري جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ کانپوءِ انهيءَ اتحاد تي ڪيترائي
سوال اٿيا آهن ۽ ظاهري ڳالهه آهي ته اتحاد تي به اثر پيو هوندو.
هونئن
به جڏهن کانپوءِ پي ڊي ايم جا جلسا شروع ٿيا آهن، تڏهن کان غداري جا سرٽيفڪيٽ
ورهائيندڙ نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، حڪومت ۾ ويٺل پاڻ کي محب وطن ۽ اپوزيشن وارن
کي ملڪ دشمن سمجهڻ لڳا آهن، ايئن ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته اوهان ملڪ جي محب وطنن کي
غدار چئو ۽ جڏهن برو وقت اچي ته اوهان انهن آڏو هٿ ٽنگيا بيٺا هجو، جڏهن به
قومي اسيملي ۾ ملڪي سلامتي جي ڳالهه ٿي، اپوزيشن حڪومت جبر، ناانصافي، جيل ۽ غداري
وارن لقبن کي وساري انهن بلز جي حمايت ڪئي ۽ انهن کي
پاس ڪيو، جيڪڏهن حڪومت محب وطن پارٽين کي ئي غدار قرار ڏيڻ لڳندي ته ملڪ ته ڪمزور ٿيندو پر پوءِ جيڪي اصل غدار آهن، اهي به سامهون اچي ويندا ۽ اهي به بي ڏوهي قرار ڏنا ويندا، انتقام جي
سياست ۾ ڪنهن کي به ملڪ دشمن قرار ڏيڻ سمجهداري نه پر بي عقلي آهي، جنهن سان ملڪ
ڪمزور ٿيندو، هن وقت جيڪو به ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي، ان جو فائدو سڌي ريت ڀارت کي ٿي
رهيو آهي، اپوزيشن کي جلسن ڪرڻ جو مڪمل حق آهي، جيڪڏهن موجوده حڪمران انهن جي آواز کي غدار قرار ڏئي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا ته ظاهر
ڳالهه آهي ڪو به محبت وطن پاڻ کي غدار قرار ڏيڻ ڪيئن برداشت ڪندو، جيڪڏهن اوهان انهن کي
غدار چوندا ته هو به اوهان کي غدار قرار ڏيندا، ايئن هي ملڪ غدارن جو سڏرائيندو ويندو، جڏهن کان اهي
غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي، ڀارتي ميڊيا ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي
۽ اسان جي ملڪ ۾ حڪومت ڏاڏ ۽ ڪرپشن ڪيسن ذريعي اپوزيشن کي دٻائڻ ۾ لڳي پئي
آهي، ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ رات جي اونداهي ۾ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙن بينر به
لڳائي ڇڏيا آهن.
تازو
ئي قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پي ڊي ايم کي ملڪ دشمن قرار ڏيڻ
جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي جواب ۾ نواز ليگ ميمبر احسن اقبال احتجاج ڪندي چيو ته ڪو به محب وطن اهڙا لفظ برداشت نه ٿو ڪري سگهي، شاهه محمود
قريشي کي معافي وٺڻي پوندي پر ڪجهه نه ٿيو، پاڪستاني ميڊيا تي به پي ڊي ايم جي
جلسن جون اهي جهلڪيون ڏيکاريون ويون، جن جي انهن کي اجازت ڏني وئي، پر هاڻ ڳالهه
وڌي وئي آهي، جڏهن نواز ليگ اڳواڻ اياز صادق شاهه محمود قريشي کي مخاطب ٿيندي اڀي
نندن بابت ڳالهيو، هن پنهنجي وضاحت به پيش ڪري ڇڏي آهي ته سندس اشارو شاهه محمود قريشي ڏي
آهي ۽ اهو به چئو آهي ته وٽس ڪيترائي راز آهن پر هو خاموش آهي، اياز صادق جي بيان تي وزيراعظم
عمران خان کي به پنهنجو موقف ڏيڻ گهرجي ته آخر اڀي نندن واري حساس معاملي واري اجلاس ۾ هن شرڪت ڇو نه ڪئي هئي؟ حڪومت کي ان جو
جواب ڏيڻو پوندو ته آخر وزيراعظم عمران خان ڪهڙن سبب جي ڪري اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو،
اياز صادق ته چئي رهيو آهي ته هو پنهنجي موقف تي قائم آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نواز ليگ اڳواڻ اياز صادق جي بيان تي انڊيا جي ميڊيا ٻڙڌڪ مچايو ۽ توپن جو رخ اسان جي ادارن ڏانهن موڙي ڇڏيو، اپوزيشن جي جدوجهد حڪومت خلاف هئي پر ڀارتي ميڊيا ان کي نئون رنگ ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ادارن ۽ جماعتن ۾ ويڇا وڌي ويا، رهيل ڪسر وفاقي وزير فواد چوڌري پلواما جو ذڪر ڪري ڪڍي ڇڏي، اياز صادق ۽ فواد چوڌري جي بيانن کي ڀارتي ميڊيا اهڙو رخ ڏنو جو اڄ ٻنهي طرفن کان رڳو ڀارت کي ئي فائدو پهتو آهي. اياز صادق شاهه محمود قريشي خلاف ڳالهايو ته ان جو رخ ادارن ڏانهن موڙي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جو اندازو جاري ڪيل رد عمل مان لڳائي سگهجي ٿو. پاڪستان ته ڀارتي وزيراعظم طرفان پلواما حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ واري اشاري کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر فواد چوڌري جو بيان ڀارتي ميڊيا تي بار بار ڏيکاريو پيو وڃي، اياز صادق جو بيان ته رڳو شاهه محمود قريشي لاءِ هو پر فواد چوڌري جي بيان تي ته پلواما واري معاملي تي ٻن ملڪن کي آمهون سامهون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جهڙي ريت اياز صادق جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪيو ويو هو، اهڙي ريت فواد چوڌري تي به ظاهر ڪيو وڃي ها ته مامرا صحيح دڳ تي هلڻ شروع ٿي وڃن ها پر جلد بازي ۾ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙن محب وطنن جي جذبن کي ڇيهو رسايو آهي، جيڪڏهن فواد چوڌري جو بيان ٽوڙي مروڙي ڀارتي ميڊيا ڏيکاري سگهي ٿي ته پوءِ اياز صادق جي بيان کي ڇو نه ٿي ڏيکاري سگهي، اياز صادق جي بيان رڙيون ۽ فواد چوڌري جي بيان تي ترديد اهو ڪٿان جو انصاف آهي، ڀارتي ميڊيا جي ويڊيوز کي پاڪستان ۾ هلائي اسان جي مقدس ادارن جي توهين ڪئي وئي آهي، اها توهين موجوده حڪمرانن ڪئي آهي،ڀارتي ميڊيا ته فواد چوڌري جي بيان تي به پنهنجا مفاد حاصل ڪري ورتا آهن،جيڪڏهن هن وقت اپوزيشن، حڪومت ۽اسان جي ادارن ۾ هلندڙ تڪرار ختم نه ٿيو ته ملڪ ڪمزور ٿيندو، جنهن جو سڌي ريت فائدو ڀارت کي ئي ٿيندو. رهي ڳالهه پي ڊي ايم جي ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان هن اتحاد کي قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيندي به نظر اچي رهيو آهي، هڪ پارٽي ئي ٿورو فاصلو رکندي پئي اچي، جيڪڏهن پي ڊي ايم ثابت قدم رهي ته ملڪ ۾ ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو نعرو بلند ٿيندو ۽ حقيقي طور عوام جي ووٽ کي عزت ملندي، جيئن عوام ٻين ادارن جي عزت ڪندو آهي
No comments:
Post a Comment