Pages

Tuesday, 10 November 2020

آءِ جي سنڌ جو اغوا، جاچ ۽ ذميوار؟

صاحب خان ڀٽي

پي ڊي ايم جي جلسن کانپوءِ وفاقي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن جو ثبوت تازو  سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ڪئپٽن رٽائر صفدر جي ڊرامائي انداز مان لڳائي سگهجي ٿو، هن وقت مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي اسٽيبلشمينٽ خلاف هڪ صف ۾ بيٺل نظر اچي رهيون آهن، انهيءَ  جو ڪريڊٽ به جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان ڏانهن ئي وڃي ٿو، جنهن جو شروعات کان ئي موقف رهيو آهي ته اسيمبلين مان استعيفائون ڏنيون وڃن پر پيپلزپارٽي استعيفائون ڏيڻ کان انڪاري رهي آهي،  پر هن ڀيري  پي ڊي ايم جي ڪامياب جلسن کانپوءِ پيپلزپارٽي چاهي به ته پي ڊي ايم جي موقف کان هٿ نه ٿي کڻي سگهي، ڇاڪاڻ ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به اعليٰ آفيسرن جا نالا کڻڻ جو حامي بڻجي ويو آهي، گلگت بلتستان ۾ به پيپلزپارٽي جي جلسن ۾ عوام گهٽ ۽ مسلم ليگ ن جي جلسن ۾ عوام جو سمنڊ نظر اچي رهيو آهي، حڪومت طرفان به جلسا ڪيا ويا پر ايتري تعداد ۾ ماڻهو نظر نه آيا جيئن مريم نواز جي جلسن ۾ نظر اچي رهيا آهن، پيپلزپارٽي جي جلسن ۾ عوام جو گهٽ هجڻ جو ڪارڻ  يوٽرن ئي آهي، جيڪڏهن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم جي موقف تان توٽرن نه  وٺي ها ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ سندس جلسن ۾ ايترو ئي عوام هجي ها جيئن مسلم ليگ ن جي جلسن ۾ نظر اچي رهيو آهي، مسلم ليگ ن به سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي پر هن وقت مسلم ليگ ن کي اهو اعتراف سنڌ ۾ ڪم نه ايندو، باقي رهي ڳالهه گلگت بلتستان چونڊن جي ته ان ۾ مسلم ليگ ن جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان آهن، ڇاڪاڻ ته اڄ پنجاب ۾ خوشحالي آهي ته اها رڳو مسلم ليگ ن جي ڪري ئي آهي، بهتر روڊ رستا، صنعتي علائقا رڳو مسلم ليگ ن جي ڪري ئي آهن پر سنڌ ۾ مسلم ليگ ن هيل تائين ڪجهه ناهي ڪيو، جنهن سبب سنڌ ۾ کين گهٽ اميد هئڻ گهرجي.

جيئن ته پي ڊي ايم پنهنجو موقف هيل تائين تبديل ناهي ڪيو ۽ ڪراچي ۾ جيڪو آءِ جي سنڌ جي اغوا وارو مامرو اٿيو، جنهن تي ڀارتي ميڊيا ڪوڙيون خبرون هلايون، جنهن سان دنيا ۾ ادارن جي ساک متاثر ٿي، ان جو ڪارڻ به وفاقي حڪومت آهي، جڏهن ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ٿي رهيو هو، ان وقت وفاقي وزير ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري جو مطالبا ڪري رهيا هئا، ايتري قدر جو پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ٿاڻي تي پهتا هئا، مزار تي ووٽ کي عزت ڏيڻ واري نعري تي سندن سخت بيان ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا، جڏهن  صبح  جي وقت ناليواري صحافي حامد مير ٽوئيٽ ڪري آءِ جي سنڌ جي اغوا  بابت عوام کي باخبر ڪيو ته ان وقت سنڌ سرڪار خاموش هئي، رڳو نواز ليگ وارا انهيءَ معاملي تي ڳالهائي رهيا هئا، جڏهن پوليس آفيسرن پاڻ ئي همٿ ڪري  استعيفيائون ڏيڻ بدران موڪلين جون درخواستون ڏنيون ته ان وقت اهو معاملو قومي ميڊيا تي به آيو ۽ مجبورن سنڌ جي وڏي وزير کي پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي ۽ ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري بابت آيل دٻاءُ بابت وضاحت پيش ڪرڻي پئي، جڏهن انهيءَ مان به ڪو مطئمن نه ٿيو ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي ۽ بلاول آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو، جنهن جو آرمي چيف نوٽيس  به ورتو ۽ جاچ جي به خاطري ڪرائي، جڏهن جاچ مڪمل ٿي ته سنڌ حڪومت کي خاطري ڪرائي ڪرائي وئي ته اهڙو واقعو ٻيهر نه ورجائيندو ويندو. گذريل ڏينهن  ڊي جي آءِ ايس پي آر بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته آءِ جي سنڌ جي اغوا واري واقعي جي فوج جي ڪورٽ آف انڪوائري مڪمل ڪري ڇڏي آهي، جيڪا آرمي چيف جي حڪم تي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪورٽ آف انڪوائري جي سفارشن تي لاڳاپيل آفيسرن کان ذميواريون واپس ورتيون ويون آهن ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جي ايڇ ڪيو ۾ ڪئي ويندي.

بهرحال آءِ جي سنڌ جي اغوا واري معاملي جي جاچ به مڪمل ٿي وئي ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر تي داخل ڪيس به ڪوڙو قرار ڏنو ويو آهي پر اهو سموري راند ڪنهن کيڏي ۽ ڪوڙو  ڪيس ڪنهن داخل ڪرايو، انهن خلاف هيل تائين ڪا ڪارروائي ٿيندي نظر نه آئي آهي،  جڏهن ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر گرفتار ٿيو هو ته  ان وقت وفاقي حڪومت جي وزيرن سنڌ پوليس کي شاباش ڏني هئي ته سنڌ پوليس سٺو  ڪم ڪيو آهي، پر جڏهن پوليس آفيسر موڪلن تي ويا ته پوءِ  وفاقي حڪومتي وزيرن سنڌ پوليس خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ چيو ويو ته اهو سڀ ڪجهه پيپلزپارٽي جي چوڻ تي ٿيو آهي پر حقيقت اها ئي آهي ته ڪنهن اداري جي سربراهه کي ڪير کنڀي وڃي ته پوءِ ننڍن آفيسرن  سان ڇا گذري هوندو، اهو انهن جي موڪلن واري درخواستن مان ئي محسوس ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن پوليس آفيسر  پنهنجو احتجاج رڪارڊ نه ڪرائن ها ته آرمي چيف به نوٽيس نه وٺي ها ۽ سنڌ پوليس جي آفيسرن کي کنڀڻ وارو سلسلو معمول بڻجي وڃي ها ۽ پوليس کاتي جي بدنامي به ٿئي ها، پوليس آفيسرن پنهنجي اداري جي ساک بحال ڪرائڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا اهي واکاڻ جوڳا آهن ۽ آرمي چيف پاران ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم به  اداري جي ساک بحال ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن سان اصل ذميوارن خلاف ڪارروائي ممڪن بڻجي سگهجي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن پي ٽي آءِ  جي حڪومت آئي هئي ته وزيراعظم عمران خان چيو هو ته هو پوليس ۾ سڌارا آندا  ويندا پر ڏٺو وڃي ته ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، پوليس تي سياسي گرفتارين لاءِ زبردستي دٻاءُ وجهڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، آخر اپوزيشن ته پوليس تي دٻاءُ نه ٿي وجهي سگهي، جيڪڏهن ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري کانپوءِ پوليس آفيسر احتجاج نه ڪن ها ته ڪنهن کي خبر ئي نه پئي ها ته اهو سموري ڪارروائي ڪنهن جي چوڻ ٿي ۽ نواز ليگ به پيپلزپارٽي کي ذميوار قرار ڏئي ها پر هاڻ سڀني کي خبر پئجي وئي ته  پوليس کي ڪهڙي ريت مجبور ڪيو ويندو آهي.

جيئن ته  پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو مطالبو منظور ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ واقعي جي جاچ به مڪمل ٿي وئي ۽ ذميوارن کان ذميواريون به واپس ورتيون ويون  آهن پر انهيءَ سڄي معاملي ۾ ادارن جي ساک متاثر ٿي آهي،  ان معاملي تي جن وزيرن ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري  جو مطالبو ڪيو هو ۽ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڪو اڳتي پوليس کي  ڪو پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪري سگهي ۽  مستقبل ۾ اهڙو  واقعو پيش اچي نه سگهي. جڏهن آءِ جي سنڌ جي اغوا جو واقعو پيش آيو هو ته سڄي سنڌ پوليس سان گڏ بيٺل هئي ۽ مختلف شهرن م پوليس سان يڪجهتي طور مظاهرا ڪيا ويا ۽ سنڌ پوليس زنده باد جا نعرا هنيا ويا، هونئن ته سنڌ پوليس کان عوام کي گهڻيون شڪايتون آهن پر ان باوجود آءِ جي سنڌ واري معاملي تي کين اڪيلو نه ڇڏيو،  جيئن ته هاڻ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي، پوليس کي به امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون وڌنديون پيون وڃن، انهن تي ضابطو آندو وڃي ته  جيڪا سنڌ پوليس لاءِ عوام ۾ محبت پيدا ٿي آهي، اها برقرار رهي سگهي.


No comments:

Post a Comment