Pages

Sunday 13 December 2020

پي ڊي ايم جي جدوجهد ۽ حڪومتي بوکلاهٽ

صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فنڪارن توڙي عام ماڻهن وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ تباهه ٿيل معشيت جي ڪري پي ڊي ايم جي جلسن ۾ شرڪت جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، هزارين رنڊڪن ۽ ٿريٽ الرٽ باوجود سياسي قيادت ۽ عام شهري جلسن ۾ پهچي وڃن ٿا، پر جڏهن مسلم ليگ ن جي حڪومتي دور ۾ تبديلي پسندن جي جلسن، ڌرڻن ۽ ريلين تي ڪا به پابندي نه لڳائي ويندي هئي، ايتري قدر جو تبديلي پسندن جي ڌرڻن جي ڪري ججز، وڪيلن توڙي عام شهرين کي پنهنجن ڪم ڪارن لاءِ ٻاهر نڪرڻ ڏکيو لڳندو هو پر ان باوجود تبديلي پسندن کي احتجاج جو حق ڏنو ويو هو، ڇاڪاڻ ته جمهوريت ۾ هر هڪ شخص کي پنهنجو موقف بيان ڪرڻ جو حق هوندو آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي به چور چور جا اشتهار هلندا هئا پر ان باوجود نواز ليگ حڪومت توڙي پيپلزپارٽي ڪو به رد عمل نه ڏيکاريو هو پر نئين پاڪستان ۾ اپوزيشن جي اڳواڻن جي تقريرن ۽ بيانن کي ايڊٽ ڪري هلايو ويندو آهي، جڏهن کان پي ڊي ايم جي جدوجهد شروع ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙ به  ميدان تي لٿل آهن، جيڪي اپوزيشن اڳواڻن  کي غدار قرار ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙ عوام کي پي ڊي ايم جي جلسن کان ناهن روڪي سگهيا پر ماضي ۾ جيڪڏهن ڪنهن  کي غدار چيو ويندو هو ته عوام اوڏانهن وڃڻ کان لنوائيندو هو، پر هن ڀيري ٽي وي چينلز توڙي اخبارن ۾ وفاقي وزير اپوزيشن تي ملڪ دشمني ايجنڊا تي هلڻ جا الزام لڳائي رهيا آهن پر  ان باوجود عوام جو سمنڊ حڪومتي رنڊڪن کي پار ڪندي پي ڊي ايم جي جلسن ۾ پهچي وڃي ٿو، سڀ کان پهرين گجرانوالا ۾ ڪامياب جلسو ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ به هزارين رنڊڪن باوجود عوام پي ڊي ايم جي جلسن ۾ شرڪت ڪئي، پي ڊي ايم جي سياسي سگهه ڏسندي ئي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته ملتان واري جلسي کي روڪڻ جون ڪوششون نه ڪيون وڃن ها ۽  نه ئي وري جي يو آءِ جي ڪارڪنن تي تشدد ڪيو وڃي ها، جڏهن حڪومت کي سموري طاقت استعمال ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه حاصل نه ٿيو ته آخر وقت ۾ جلسي جي اجازت ڏني وئي. لاهور واري جلسي ۾ پي ڊي ايم سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو، ان کي به حڪومت روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر ان باوجود کين ڪجهه به حاصل نه ٿي سگهيو.

تبديلي پسندن جي حڪومت ۾ جهڙي ريت وزيرن جون وزارتون تبديل ٿيون آهن، شايد ئي تاريخ ۾ ڪڏهن ايئن ٿيو هجي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ته جيڪو ڪم نه ڪندو، ان کي گهر وڃڻو پوندو، کيس به ڪجهه ڏينهن  گهر وڃڻو پئجي ويو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر کيس وري موقعو ڏنو ويو آهي پر سندس اچڻ کانپوءِ وزيرن جون وزارتون تبديل ڪيون ويون آهن، شيخ رشيد جهڙي ريت ريلوي واري وزارت هلائي، اها به ڪنهن کان لڪيل ڳالهه نه آهي ۽ هاڻ کيس ٻي وزارت ڏني وئي آهي. وزارتن جي تبديلي سان اپوزيشن تي ڪو اثر پوندو يا نه پر حڪومتي ڪارڪردگي سامهون ضرور ايندي، هڪ طرف ملڪ اندر مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ته ٻئي طرف وري حڪومت جو سڄو ڌيان اپوزيشن کي جلسن کان روڪڻ تي کتو  پيو آهي، ايئن لڳي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت اپوزيشن جي جلسن کان تمام گهڻي خوفزده آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي اپوزيشن تي الزام لڳائڻو نه پئي هئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن پرڏيهي قوتن جي چرچ تي ملڪ ۾ افرا تفري پکيڙي رهي آهي، جيڪڏهن جلسا ڪرڻ ملڪ ۾ افرا تفري پکيڙڻ آهي ته اها افرا تفري سندس پارٽي اڳ ۾ ڪري چڪي آهي.

بهرحال جمهوري ملڪ ۾ سياسي پارٽين کي پنهنجا پنهنجا جلسا ڪرڻ جو حق هوندو آهي ۽ عوام جي آواز  کي بلند ڪرڻ جي به کين اجازت هوندي آهي، جلسا ڪرڻ اپوزيشن جو جمهوري حق آهي، جنهن کي حڪومت روڪي نه ٿي سگهي، نه ئي هڪ جمهوري پارٽي کي ايئن ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي نواز ليگ جي حڪومت ۾ احتجاج ۽ جلسا ڪرڻ جو حق هو ته پوءِ پي ڊي ايم جو به حق آهي ته اهي پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪن  پر حڪومت کي به سوچڻو پوندو ته آخر پي ڊي ايم جي جلسن ۾عوام جو سمنڊ ڇو ٿو گڏ ٿئي، آخر اهڙا ڪهڙا ڪارڻ آهن جو ملڪ جي عوام پي ڊي ايم جي جلسن ڏانهن رخ ڪيو آهي، صاف ظاهر ڳالهه آهي ته ٻن سالن دوران ملڪ ۾ مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، غريبن جا اجها ڊاهيا ويا آهن، ايتري قدر جو مسجدن کي به شهيد ڪيو ويو آهي، ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران تبديلي سرڪار انهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي،اسٽيل ملز جي ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ سان گڏ مختلف کاتن مان ماڻهن کي نوڪرين تان بيدخل ڪيو ويو آهي، سرڪاري نوڪرين سان لڳل آهن، انهن کي به خوف ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن هي حڪومت رهي ته سندن نوڪري به نه بچي سگهندي.  ملڪ ۾ افرا تفري وارو ماحول اپوزيشن نه پر حڪومت پکيڙي رهي آهي.

جيڪڏهن تبديلي پسند سرڪار غريبن جا اجها نه ڊاهي ها ۽ ماڻهن کي بيروزگار نه ڪري ها ته شايد عوام ماضي جي سياستدانن ڏانهن نه وڃن ها، ڇاڪاڻ ته جن کي تبديلي سرڪار چور چئي رهي آهي، انهن جي حڪومت ۾ ملڪ خوشحال ۽ غريب ماڻهو روزگار سان لڳل هو ۽ سندن گهر به بچيل هئا پر جڏهن کان تبديلي پسند سرڪار آئي آهي، ماڻهو پنهنجا اجها بچائڻ لاءِ به پريشان ٿي ويا آهن، غريب ماڻهو ٽيڪسز جو بار به برداشت نه پيا ڪري سگهن، هر طرف مهانگائي سٽيل ماڻهن جون دانهون آهن ته کين هن ڏکئي وقت ڪڏهن ڇٽڪارو ملندو، جيڪڏهن اپوزيشن پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته ملڪ ۾ حالتون بهتر ٿيڻ جي اميد پيدا ٿيندي، حڪومت جيترو زور پي ڊي ايم جي جلسن کي روڪڻ لاءِ لڳايو آهي، اوترو زور اگر مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ لڳائي ها ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائي ختم ٿي چڪي هجي ها،هن وقت پي ڊي ايم جي جلسن جي هاڪ هر طرف ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي، ڪورونا جهڙي خطرناڪ صورتحال دوران به عوام پنهنجي صحت جي پرواهه ڪرڻ بدران جلسن ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته عوام هاڻ ملڪ اندر حقيقي تبديلي ڏسڻ چاهي ٿو، موجوده حڪمرانن کان ڇٽڪارو  حاصل ڪرڻ لاءِ پي ڊي ايم پٺيان لڳل آهي. اڄ اپوزيشن متحد آهي، ته ان جو ڪريڊٽ جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان ڏانهن ئي وڃي ٿو، جنهن ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي هڪ ميز تي آڻي عملي جدوجهد جي شروعات ڪئي آهي.پي ڊي ايم جي جلسن کان اڳ احتساب جو عمل زور شروع سان هلي رهيو هو پر جڏهن کان پي ڊي ايم جا جلسا شروع ٿيا آهن، ان ڏينهن کان احتساب ڪندڙن جي رفتار سست ٿي وئي آهي، ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪومت تي پي ڊي ايم جي جلسن جو وڏو دٻاءُ آهي جو احتساب عمل به رڪجي ويو آهي.

اپوزيشن پاران استعيفائن وارو فيصلو به حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي، حڪومت چئي رهي آهي ته اپوزيشن ڀلي استعيفائون ڏئي ڇڏي، هو نئين سر چونڊون ڪرائيندا، ڀلا  اهو ڪم ايترو سولو آهي؟ بلڪل نه، جيڪڏهن ايئن هجي ها ته وزيراعظم عمران خان اپوزيشن کي ڳالهائين جي آڇ نه ڪري ها پر پي ڊي ايم جي قيادت جو چوڻ آهي ته هو حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ڪندا، سندن ڳالهيون هاڻ سليڪٽر سان ٿينديون، هاڻ اهي ڳالهيون ڪڏهن ڪامياب ٿينديون، اهو نئين سال جو اڀرندڙ سج ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته هي حڪومت اپوزيشن کي ڳالهين لاءِ راضي ڪري وٺندي يا وري حڪومت کي اپوزيشن کي دٻائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا آهن،  جيڪڏهن حڪومت  اپوزيشن خلاف سخت حڪمت عملي اپنائيندي ته به ڪاميابي اپوزيشن جماعتن جي ئي ٿيندي، جيڪڏهن ڳالهيون ڪندي ته به سرخرو  اپوزيشن وار ئي ٿيندا.

No comments:

Post a Comment