Pages

Wednesday 16 December 2020

اپوزيشن جي ڊيڊ لائين، استعيفيٰ ڪير ڏيندو؟

صاحب خان ڀٽي

شهيد بينظير جي شهادت کان پوءِ وجود ۾ آيل جمهوريت جي ٻيڙي هڪ ڀيرو ٻيهر خطرناڪ لهرن جي ور چڙهندي نظر اچي رهي آهي، وفاقي حڪومت اپوزيشن کي شڪست ڏيڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪري رهي آهي ته مخالف ڌر جماعتون تبديلي سرڪار جي جلسن واري عمل جو ورجاءُ ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ جن شهرن ۾ جلسا ڪيا هئا، انهن ئي شهرن ۾ اپوزيشن جون جماعتون جلسا ڪندي نظر اچي رهيون آهن بس فرق ايترو آهي ته ان وقت ميڊيا تي سڌي ريت عمران خان جي تقرير ڏيکاري ويندي هئي پر هاڻ مخالف ڌر جي ڪجهه اڳواڻن جون تقريرون نشر ڪيون وينديون آهن، اڳ ۾ ماڻهو نه هئڻ باوجود ڪئمرا مين وڏي ڪمال سان ماڻهن جو هجوم ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو پر هاڻ لکين ماڻهو هئڻ باوجود پنڊال خالي ڏيکاريا ويندا آهن، سوشل ميڊيا تي هلندڙ اپوزيشن جي جلسن جي وڊيوز ۾ ماڻهن جو سمنڊ نظر ايندو آهي ته قومي ميڊيا ۾ ميدان خالي ڏيکاريا ويندا آهن، اهي وڊيوز جا ته جلسي جي شروع ٿيڻ کان اڳ جون هونديون آهن يا وري جلسو ختم ٿيڻ جي آخر واريون هونديون آهن ۽ حڪومت به وڏن جلسن کي جلسيون چئي ڇڏيندي آهي، عالمي ميڊيا تي  پي ڊي ايم جا جلسا ڪامياب ۽ قومي ميڊيا تي جلسن کي ناڪام ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر حقيقت اها ئي آهي ته هن وقت ملڪ جو عوام اپوزيشن سان گڏ آهي ۽ عوامي طاقت ئي اصل جمهوريت هوندي آهي، ماضي ۾ 126 ڏينهن ڌرڻو هڻندڙ پارٽي کي اپوزيشن جي جلسن مان خوف آهي، جنهن سبب جلسن کي روڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري عوام جون نظرون هاڻ رڳو اپوزيشن تي آهن.

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان 31 جنوري تي استعيفيٰ نه ڏني ته دما دم مست قلندر ٿيندو، هي اهو ئي جملو آهي جيڪو اڳ ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به ورجائي چڪو آهي، جڏهن هو دبئي هو، هن وقت ٻيهر دما دم مست قلندر واري جملي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي  پنهنجي سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اڳڪٿي ڪئي آهي ته نواز ليگ اڳواڻ شهباز شريف اهڙو ڪو به قدم نه کڻندو، پر نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز واضح طور تي چئي چڪي آهي ته سندن ميمبر استعيفائون ڏيندا. هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائيندو ته آخر استعيفائون ڪير ڏيندو؟ اپوزيشن ڏيندي، ظاهري طور تي اپوزيشن استعيفائون کيسي ۾ وجهي کڻي گهمي رهي آهي ۽ اپوزيشن کانسواءِ حڪومت نه هئڻ برابر آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اپوزيشن جماعتن جي اڪثريت به آهي پر ان باوجود اتحاد نه هئڻ ڪري اسيمبلين ۾ ناڪام رهيا آهن پر  موجود صورتحال ٻڌائي رهي آهي ته  مخالف ڌر متحد ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ وقت ڪو انتهائي قدم کڻڻ طرف وڃي رهي آهي، جيڪو هن ملڪ ۽ ملڪ جي عوام لاءِ بهتر ئي ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جن کي چور چئي رهي آهي، انهن جي ئي حڪومت ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو، ماڻهو روزگار سان لڳل هئا، معشيت بهتر ٿي رهي آهي، دهشتگرد قانون جي پڪڙ ۾ هئا پر موجوده حڪومت ۾ خطرناڪ دهشتگرد به ايئن فرار ٿي ويو،جئين زال مڙس کان پڇڻ بنا مائٽن  ڏي هلي ويندي آهي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عالمي صورتحال سان گڏ پاڪستان جي صورتحال به تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي،مهانگائي ۽بيروزگاري جي ڪري عوام جي برداشت واري سهپ به ختم ٿي وئي آهي ۽ اپوزيشن وٽ هي وقت انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو به هاڻ اهڙن ادارن جا نالا کڻي رهيو آهي جن جا نالا کڻڻ اڳ ممڪن نه هو، موجوده حڪومت جي ڪري ئي ادارن جي ساک به متاثر ٿي رهي آهي، اڳ ۾ اسٽيل ملز  جي نجڪاري خلاف پي ٽي آءِ احتجاج ڪندي هئي ۽ ملازمن سان يڪجهتي طور احتجاج به ڪندي هئي پر جڏهن کان اقتدار ۾ آئي آهي، تنهن  ڏينهن کان ملازمن سان ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه آهي، اسٽيل مل جي ملازمن کي به برطرف ڪيو ويو آهي ۽ ڪارڻ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ادارو نقصان ۾ پيو وڃي، هن ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا ادارا آهن، جن جي ڪري ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي، ڇا انهن  جي نجڪاري ڪئي ويندي؟ نه ته پوءِ اسٽيل مل جي نجڪاري بدران اهو ڪارڻ ڇو نه ٿو ڳوليو وڃي، جنهن سان خبر پئي ته ادارو کساري ۾ ڇو ٿو وڃي؟  اسٽيل مل اڳ ۾ ملڪ کي ڪمائي کرائيندي هئي هاڻ ان جي ڪري نقصان ڇو ٿيو، آخر  رٽائرڊ ماڻهن کي لکين روپيا پگهار ڏئي اداري کي نقصان ڇو پهچايو ويو؟ انهن ذميوارن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، تنهن کانپوءِ وڃي هي ادارو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندو.  بهرحال ملڪ ۾ معشيت ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهي آهي، حڪومتي ناقص پاليسين جي ڪري ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن، ان صورتحال ۾ عوام حڪومت جي سپورٽ ڪندو، اهو ناممڪن آهي، عوام سان گڏ اپوزيشن به موجوده حڪومت خلاف سراپا احتجاج آهن پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، موجوده حڪومت جيڪو قرض ورتو آهي، شايد تاريخ ۾ اهڙو قرض ڪنهن نه ورتو هوندو، ماضي ۾ جيڪڏهن ڪا حڪومت قرض وٺندي هئي ته ترقياتي ڪم ٿيندي ڏسڻ ۾ ايندا هئا پر ٻن سالن دوران قرض وٺڻ باوجود هن ملڪ ڪو به ترقياتي ڪم ٿيندي نظر نه آيو آهي، رهندو جيڪي صنعتي ادارا هلي رهيا هئا، اهي بند ٿي ويا ۽ ماڻهو بيروزگار ٿيڻ لڳا، ايتري قدر و رهيل ڪسر سرڪاري ادارن مان ماڻهن کي بيروزگار ڪري پوري ڪئي وئي، ، هن وقت ڪورونا وائرس جي ڪري سڄي دنيا ۾ معاشي بحران آيل آهي پر اسان جي ملڪ اهو بحران ٻن سالن کان آيل آهي، ملڪ جو عوام اهو بحران ٻن سالن کان برداشت ڪري رهيو آهي، ٻين ملڪن ۾ ڪورونا جي ڪري عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن پر اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري اسپتالن اندر مريض دربدر آهن، نه انهن کي دوائون ٿيون ملن ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر انهن جو صحيح نموني علاج ڪن ٿا.

31 جنوري تي ڇا ٿيندو، اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو، پر هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته اپوزيشن جي ڊيڊ لائن کانپوءِ احتساب وارو عمل به تيز ٿيندو ۽ حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان هن حڪومت جي خاتمي لاءِ پرعزم نظر اچي رهيو آهي، اهو ئي واحد شخص آهي، جنهن پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي هڪ ميز تي آندو آهي ۽ انهن ٽنهي پارٽين ئي سياسي اختلا ف ختم ڪري حقيقي جمهوريت لاءِ جدوجهد شروع ڪئي آهي، جيڪا جدوجهد شهيد بينظير ڀٽو ڪئي هئي، انهيءَ جمهوريت جي ڪري کيس جان جو نظرانو به ڏيڻو پيو هو. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حقيقي جمهوريت لاءِ سگهاري قوتن کي للڪاري رهيو آهي. هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو اپوزيشن عمران خان جي حڪومت کي سليڪٽيڊ قرار ڏئي ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اپوزيشن متحد رهي ته استعيفيٰ حڪومت کي ڏيڻي پوندي، جيڪڏهن اپوزيشن جماعتن جي ٽن وڏين پارٽين پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ مان ڪنهن به هڪ پارٽي اتحاد کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ  اپوزيشن کي ئي گهر وڃڻو پوندو ۽ سڄو  بار جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحان جي ڪلهن تي اچي ويندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان تبديلي پسندن جي حڪومت آهي، تنهن ڏينهن کان جي يو آءِ ئي حڪومت خلاف سرگرم آهي، ايتري قدر جو احتساب ڪندڙن پنهنجي توپن جو رخ جي يو آءِ ڏانهن ڪرڻ کان لنوائيندا آهن، اها واحد جماعت آهي، جنهن تي ڪرپشن جو الزام لڳائڻ حڪومت لاءِ سولو نه آهي. اپوزيشن جڏهن کان جلسن جي شروعات ڪئي آهي، تنهن ڏينهن کان ڳالهيون هلي رهيون آهن ته حڪومت  وئي ته ڪا ٽين قوت ايندي، پر بينظير جي شهادت کانپوءِ ٽين قوت جو اچڻ ايترو سولو ناهي رهيو، هن وقت ملڪ جي معشيت تباهه آهي ۽ ٽين قوت تڏهن ايندي آهي، جڏهن ملڪ خوشحال هوندو آهي، هن وقت ملڪ جو ڏيوالو نڪتل آهي ۽ ملڪ جون واڳون جمهوريت پسندن کي ملنديون. 

No comments:

Post a Comment