Pages

Saturday 15 July 2017

وڏي عدالت جو فيصلو، نااهل ڪير ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي

پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي حتمي رپورٽ  پيش ٿيڻ بعد ملڪ اندر سياستدانن جا هنگامي اجلاس سڏائڻ وارو سلسو تيز ٿي ويو  آهي. نواز ليگ اڳواڻ به اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن جن سان جي آءِ ٽي جي رپورٽ تڪراري بڻجي وئي آهي. ڪرپشن جو راڳ اپوزيشن به ڳائي رهي آهي ته حڪومتي نمائندا به ڳائي رهيا آهن پر هن وقت ڪرپشن جا صرف جيڪي ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، اهي نواز شريف جي ئي خلاف آهن، جنهن سبب هن ملڪ اندر جي آءِ ٽي جي رپورٽ بعد مختصر وقت ۾  نوازشريف جي ڪيل ترقياتي منصوبن جي افتتاحن واري محنت کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي ۽ هر هڪ  ماڻهو جي آڱر نوازشريف ۽ سندس پارٽي ڏانهن کڄي رهي آهي.

نواز ليگ جا مخالف به تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيا آهن، لڳي ٿو ته هن ڀيري ملڪ اندر ڪا وڏي تبديلي اچي رهي آهي ۽ نواز ليگ هن ڀيري اليڪشن کان اڳ ئي گهر ڀيڙو ٿي سگهي ٿي، ڪجهه سياستدان ته وزيراعظم نوازشريف کي اهو مشورو به ڏئي رهيا آهن ته استعيفيٰ ڏئي ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم بڻايو وڃي، هن وقت جيڪڏهن وزيراعظم نوازشريف استعيفيٰ ڏئي به ٿو ته سندس ڪٽنب ۾ اهڙو ڪو شخص نه بچيو آهي، جنهن جي خلاف پاناما ليڪس ۾ جاچ نه ٿي سگهي هجي.

 پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف به جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي چڪو آهي، پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جن به سياستدانن کي گهرايو هو، انهن کان پڇا ڳاڇا به ڪئي وئي هئي، وزيراعظم نوازشريف جي وڏي پٽ حسين نواز ۽ ننڍي پٽ حسن نواز کان به ڪيترن ئي ڪلاڪن تان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي، شهباز شريف به پنهنجو بيان رڪارد ڪرايو هو، اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جيڪو بيان رڪارڊ ڪرايو ان بابت اهو چيو ويو  ته اهو ڪوڙو شخص آهي، بهرحال رحمان ملڪ خلاف ته اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا به گهڻو ڪجهه ٻڌائي چڪو  آهي، جنهن سبب اهڙي بيان تي ڪنهن به شخص کي حيرت نه ٿي پر جڏهن جي آءِ ٽي ايس اي سي پي جي چيئرمين ظفر حجازي، اسحاق ڊار ۽ سعيد احمد کي ڏوهي قرار ڏنو ويو ته ان وقت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو هو ۽ اهي بيان به ڏنا ته وزيراعظم نوازشريف فوري طور استعيفيٰ ڏئي.

 بهرحال هن وقت حالتون به اهڙيون پيدا ٿي ويون آهن جو وزيراعظم نوازشريف کي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پوندي ۽سندس ڪٽنب مان هاڻ ڪير  سياست ڪندو اهو به چوڻ وقت کان اڳ ئي هوندو، جيستائين وڏي عدالت سڳوري جو فيصلو نه ٿو اچي. اپوزيشن پارٽين طرفان اهو واضح چيو  ويو آهي ته هو  پارلياماني نظام کي هلندي ڏسڻ چاهين ٿا، تحريڪ انصاف ته وقت کان اڳ ئي چونڊن جو مطالب ڪري رهي آهي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو ته کين نئون وزيراعظم نه کپي پر اليڪشن گهرجي. جيڪڏهن وقت کان اڳ نوازشريف چونڊون ڪرائي  به ٿو ته پوءِ آخر اها ڪهڙي پارٽي هوندي جيڪا سڄي ملڪ مان اڪثريت سان ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي. ظاهري طور تي ته پيپلزپارٽي به سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي ۽ تحريڪ انصاف به صرف ڪي پي تائين پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري سگهي آهي، ڪراچي ۾ ته شهري ان کي ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا، جيڪي مفاهمت جي نالي تي دهشتگردن سان هٿ نه ملائين ۽ نه انهن دهشتگردن، ٽارگيٽ ڪلرن سان واسطو هجي ۽ نه ئي انهن لاءِ ڪا ان پارٽي وٽ همدردي هجي، اها ئي سياسي پارٽي ڪراچي جي شهرين لاءِ وڏي اهميت جوڳي آهي پر افسوس جو هن وقت تائين اهڙي ڪا به پارٽي نظر نه اچي رهي آهي، جيڪي مفاهمت جي نالي تي عوامي حقن کي نظر انداز نه ڪندي هجي.

باقي رهي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي ته اسٽيبلشمينٽ جنهن کي چاهي ان کي ڪامياب ڪري سگهي ٿي، راتو رات ڪا به پارٽي ملڪي سطح جي پارٽي ٿي سگهي ٿي، جنهن جا مثال اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ به ملن ٿا، رهي ڳالهه وزيراعظم نوازشريف جي ته، جيڪڏهن  کيس نااهل قرار ڏنو ويو ته سندس ڪيريئر ڪٽنب سميت ئي ختم ٿي ويندو. جڏهن  پاناما ليڪس جي معاملي هن ملڪ ۾ ڪُر کنيو ته سڀ کان پهرين تحريڪ انصاف پارٽي وزيراعظم نوازشريف خلاف احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي هئي.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جڏهن وزيراعظم خلاف ڌرڻا هڻڻ شروع ڪيا ته ان وقت هن چيو هو ته اهو شخص ئي سندس ساٿ  ڏيندو جيڪو ڪرپٽ نه هوندو ۽ ڪرپٽ ماڻهو وزيراعظم جو ساٿ ڏيندا، شروعات ۾ ته پيپلزپارٽي نواز ليگ جي تمام گهڻي مدد ڪئي پئي جڏهن سندن ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا ۽ ڪجهه جيلن ۾ وڌا ويا ۽  انهن مٿان ڪيس هلايا ويا ته پيپلزپارٽي جون اکيون کليون ويون ۽ بيان ڏنا ويا ويا ته هنن وزيراعظم نوازشريف جو ساٿ ڪنهن لالچ نه پر جمهوريت کي بچائڻ لاءِ  ڏنو هو، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وچ ۾ به ڇڪتاڻ تمام گهڻو وڌي وئي هئي، اڄ به  پيپلزپارٽي ۽ وفاقي گهرو وزير ۾ ناراضي وارو سلسلو هلندڙ آهي، ڪڏهن  پيپلزپارٽي جي ماڻهن جي گمشدگي تي ڪڏهن وري ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري واري معاملي، مطلب ته پيپلزپاٽي کي ان وقت لوڊشيڊنگ ياد آئي جڏهن آصف زرداري جا ساٿي کنڀي گم ڪيا ويا هئا، ان کان اڳ پيپلزپارٽي کي نه ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جو فڪر هو ۽ نه ئي سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ ۽پاڻي جي کوٽ ياد اچي رهي آهي.

جڏهن اڳوڻي آصف زرداري جا دوست گم ٿيا ته اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي انساني حقن جو قانون به ياد آيو هو ۽ اهو به چيو هو ته قانون ۾ آهي جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي پر خورشيد شاهه کي سنڌ ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن جي ڳڻتي ياد نه آئي هئي ۽نه ئي وري هاڻ پيپلزپارٽي کي سنڌ مان گم ٿيل نوجوانن  تي ڪا ڳڻتي آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي. بهرحال ماڻهن جو کنڀي گم ڪرڻ هڪ الڳ معاملو آهي، هن وقت ٻيو مسئلو وزيراعظم جي استعيفيٰ ڪرپشن جي مال تي هلندڙ جنگ جو آهي ۽ سياستدان اهو رڪارڊ قائم ڪرڻ چاهين ٿا ته سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪنهن ڪئي آهي ۽ ان جاچ ۾ جي آءِ ٽي 60 ڏينهن جي جاچ رپورٽ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي ۽ ٻيو پارٽيون حيران ٿي ويون آهن ته آخر ايتري ٿوري وقت ايڏي وڏي ڪرپشن ڪيئن ٿي آهي، وزيراعظم نوازشريف افتتاح به ڪري رهيو آهي ۽ پنجاب ۾ تمام گهڻا ترقياتي  منصوبا به مڪمل ڪيا ويا آهن.

ڪراچي جهڙي شهر ۾ جڏهن اڳوڻو صدر پرويز مشرف هو ته ان وقت به ڀتي خورن،  دهشتگردن جو راڄ هو ۽ امن قائم نه هو پر جڏهن کان وزيراعظم نوازشريف آيو آهي، ڪراچي ۾ به امن قائم آهي ۽ڪرپشن به ڪري رهيو آهي، سڀ خاموس به آهن ته پوءِ اهي پوئتي ڪئين رهجن، ان جي ڪري ئي وزيراعظم نوازشريف جي خلاف ڪرپشن جاچ شروع ٿي ۽ هاڻ ان حوالي سانن وڏي عدالت پاران فيصلو به اچڻ وارو آهي، جيڪڏهن نوازشريف نااهل ٿيو ته جمهوريت کي ڪجهه ٿيندو يا نه ٿيندو ، اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد آيل جمهوريت سياسي پارٽين لاءِ ته ڄڻ سوني جي جهرڪي بڻجي وئي آهي، هر هڪ پارٽيون جون آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿي رهيون آهن ته ڪجهه سياستدانن جا پرڏيهه ۾ فليٽس جو انڪشاف ٿي رهيو آهي،، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو سنڌ جي سرزمين تي پير رکيو هو ته ان وقت به دهشتگردن مٿس حملو ڪيو هو ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا، پر جڏهن بينظير ڀٽو پنجاب ۾ جلسو ڪيو ته ان وقت کيس دهشتگردن شهيد ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون جو هر طرف مخالف نعرا لڳي رهيا هئا ۽ هر طرف سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو هو،ايتري قدر جو سنڌ اندر جو ايترو رد عمل ظاهر ٿيو جو آصف علي زرداري کي پاڪستان کپي جو نعرو هڻڻو پيو هو. نيٺ بينظير  ڀٽو جي شهادت کانپوءِ جمهوريت ته  قائم ٿي پر سياسي پارٽين هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۽ ٽئين ڌر کي دعوت ڏيڻ وارا عمل ورجائينديون رهيون آهن، جيڪو سلسلو به اڄ جاري آهي.

هاڻ جيڪڏهن جمهوريت کي ڪجهه ٿيو ته ان جا ذميوار به سياستدان ئي هوندا، ان لاءِ سمورن پارٽين کي اهڙي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جيئن جمهوريت دشمنن کي ڪو فائدو نه پهچي ۽ جمهوريت جي ٽرين پٽڙي تان به نه لهي، باقي رهي ڳالهه وڏي عدالت جي فيصلي جي ته ان جو انتظار ڪرڻ گهرجي ۽ سپريم  ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪرڻ گهرجي ته جيئن پارلياماني نظام به هلندو رهي، وزيراعظم نوازشريف کي به پنهنجو ضد ختم ڪرڻو پوندو ۽ عدالتي حڪم کي قبول ڪرڻو پوندو.



No comments:

Post a Comment