Pages

Saturday 15 July 2017

پاناما، ڪاسائي ۽ جمهوريت

صاحب خان ڀٽي
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اڳ قرباني کان اڳ ڪاسائي ڀڄي ويو هو پر هاڻ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، جنهن تي نواز ليگ به تمام گهڻو ٻڙڌڪ مچايو آهي  پر هن وقت تائين ٻنهي پارٽين اهو واضح نه ڪيو آهي ته آخر اهو ڪاسائي آهي ڪير؟ بهرحال ڪاسائي ڪير آهي ۽ اهو ڪڏهن ظاهر ٿيندو، ان بابت ٻنهي پارٽين کي ضرور خبر هوندي جو اڄ ڪلهه ڪاسائي جو ذڪر عام ٿي ويو آهي.
جيتوڻيڪ هن وقت تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين پاران وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ٿي رهيو آهي، ته ساڳي وقت ئي  اي اين پي ۽ هڪ ٻي جماعت پاران وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهن جو موقف آهي ته وزيراعظم نوازشريف کان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ استعيفيٰ جو مطالبو ڪرڻ درست عمل نه آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت دهشتگردي به ملڪ جي اندر  وڌي رهي آهي ته سياست ۾ گرما گرمي اچي وئي آهي. اپوزيشن ميمبرن پاران به پارلياماني پارٽين جو اجلاس سڏايو ويو هو پر ان ۾ به سياسي پارٽين طرفان اهو اتفاق نه ٿي سگهيو ته آخر وزيراعظم کان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي يا نه، البته اپوزيشن ليڊر خورشيد، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار ۽ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاران وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، اهڙي مطالبي جي رد عمل ۾ وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته هو انهن سياستدانن جو مطالبو نه مڃيندو  جن کي عوام  رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن بيانن کان پوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن پارٽين طرفان حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اجلاس به ٿي رهيا آهن، ڪجهه سياستدان چئي رهيا آهن ته پاناما ڊرامو هاڻ ختم ٿي رهيو آهي، اڄ ڪلهه ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ته سنڌ ۾ وري پيپلزپارٽي ڪو چيئرمين آصف زرداري سنڌ جا دورا ڪري رهي آهي.
ريلوي واري وفاقي خواجا سعد رفيق چيو آهي ته پاناما ذريعي پاڪستان کي نشانو بڻايو ويو آهي، هاڻ خبر نه ٿي پئي ته پاناما ذريعي پنهنجي سياست چمڪائي يا وري پاڪستان کي نشانو بڻايو ويو؟ اهو ته اهي سياستدان ئي ڄاڻين.ڪجهه ساڃاهه وندن جو خيال آهي ته هن ڀيري هڪ ٻيو بحران جمهوري بحران جنم وٺڻ وارو آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي به پنهنجي واري وٺي چڪي آهي ۽ نواز ليگ به پنهنجو مدو پورو ڪرڻ واري آهي.
 هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هن ڀيري ٽئين واري ڪنهن جي ٿي ٿئي؟ جڏهن اڳوڻي يوسف رضا گيلاني کي عدالت پاران نااهل ڪيو ويو ته ان وقت پيپلزپارٽي صبر ۽ تحمل کان ڪم ورتو هو ۽ عدالت جي فيصلي کي تسليم ڪندي هڪ ٻئي پارٽي اڳواڻ کي وزيراعظم چونڊرايو هو پر هن ڀيري پنجاب جي شينهن سنڌ جي تير کي مات ڏئي ڇڏي آهي،
ماضي ۾ نوازشريف سان ڇا ٿيو هو ۽ ڪهڙي ريت کيس ملڪ مان نيڪالي ڏني وئي اهو سڀ ڪجهه ڪنهن به ماڻهو کان اڃا وسريو نه آهي، جڏهن رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف نواز ليگ جو تختو اونڌو ڪيو هو ان وقت حالتون تبديل هو، ان وقت نه ته پرڏيهي ميڊيا هن ملڪ جون سياسي خبرون ڏيکاريندي هئي ۽ نه ئي سوشل ميڊيا جو سهارو هوندو هو، اهو ئي سبب هو جو ان وقت پرويز مشرف هڪ جمهوريت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو  هو پر هن وقت پرڏيهي ميڊيا جون نظرون به پاڪستان جي سياسي صورتحال تي آهن ته سوشل ميڊيا تي به باهه ٻريل آهي، جنهن سبب سوشل ميڊيا تي پابندي هڻڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ڇاڪاڻ ته انهن ادارن جي تمام گهڻي بي عزتي به ٿي رهي آهي، جيڪي ملڪ ۽ قوم جي خلاف فيصلا ڪري رهيا آهن ۽ انهن جا ڪرتوت سوشل ميڊيا تي وائکا ٿي رهيا آهن، جنهن سبب نه ته سياستدانن کي سوشل ميڊيا  تي اظهار جي آزدي جو حق پسند آهي ۽ نه ئي وري اهي ادارا چاهين ٿا سندن خلاف ڪا به پوسٽ شيئر ٿئي، جنهن سبب نوان نوان قانون جوڙيا پيا وڃن.
هن ملڪ ڪنهن ڪرپشن ڪئي ۽ ڪنهن نه ڪئي، اهو ايڏو مسئلو نه آهي پر سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته آخر ڪرپشن ختم ڪيئن ڪجي؟ ۽ ان جو علاج ڪهڙو آهي، ان ڏانهن ڪير به ڌيان نه ڏئي رهيوآهي. هن وقت سياستدانن جمهوريت کي لوڏي ڇڏيو آهي، صرف پنهنجي انا ۽ پنهنجي ضد جي خاطر جمهوريت کي هڪ ڀيرو ٻيهر داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.
هن ڀيري جيڪڏهن جمهوريت کي ڪجهه ٿيو ته ان جا ذميوار به سياستدان ئي هوندا، هن وقت عالمي منظرنامو به تبديل ٿي رهيو آهي، آمريڪا جون نظرون به سي پيڪ منصوبي تي آهن، جنهن بابت اسٽيبلشمنٽ مختلف اسڪولن ۾ جاڳرتا مهم به هلائي هئي ۽ ريليون به ڪڍيون ويون هيون ته هن منصوبي سان خطي ۾ ترقي ٿيندي، جيڪڏهن جمهوريت کي نقصان ٿيو ته ان منصوبي جا به خواب به اڌورا رهجي ويندا، ڀلي کڻي ان منصوبي سان ڪنهن کي به فائدو ٿيو پر جمهوريت کي بچائڻ هر هڪ سياستدان جي ذميواري آهي، ڇاڪاڻ ته هن جمهوريت خاطر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو ۽ هن جمهوريت جي ڪري ئي شهيد مير مرتضيٰ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو  ۽ هن جمهوريت جي ڪري ئي جمهوريت جي دشمنن محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جا قاتل اڄ به وائکا نه ٿي سگهيا آهن.

مسلم ليگ نون جي سربراهه نوازشريف کي ته صرف جيل ۾ وڌو هو، جيڪو اڄ به چئي رهيو آهي ته ساڻس نا انصافي ٿي آهي، جيڪڏهن جيل ۾ ڪجهه ڏينهن قيد ڪاٽڻ وزيراعظم نوازشريف کان ناهن وسريا ته آخر لاڙڪاڻي جي  شهيدن جيڪي جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، اهي عوام ان ڪيئن وسري سگهن ٿيون. ان لاءِ سمورن سياسي پارٽين کي گڏجي اهڙي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي جو پاناما ليڪس ۾ شامل نالن کي سزا به ملي وڃي ۽ جمهوريت به بچي وڃي ۽ جيڪي ڪاسائي جو ذڪر ڪري رهيا آهن، انهن کي اهو واضح ٿئي ها عوام جي ئي حڪمراني هلندي ۽ ڪو به شخص چور دروازي کان اقتدار ۾ نه ايندو.

No comments:

Post a Comment